سنڌو ندي ڇو نه سنڀالجي سگهي…...علي گوهر تنيو
1923ع ۾ پنجاب گورنمينٽ آزمائشي طور ٿيل ڪئنال واسطي صرف 750 ڪيوسڪ پاڻي جي گهر ڪئي، جيڪا به لارڊ ڍينگا جيڪو ان وقت انڊيا جو وائسراءِ هو، تنهن پنجاب حڪومت جي اها رٿ نهايت اهم دليلن سان رد ڪري ڇڏي ۽ چيو ته ٿل پراجيڪٽ منظور ڪرڻ سان سنڌ سان نهايت سنگين بي انصافي ٿيندي، پنجاب سنڌوندي مان جيڪو پاڻي پاڪستان ٿيڻ کان 80 سال اڳ حاصل ڪري نه سگهيو، سو پاڪستان ٿيڻ کان پوءِ ٿورن سالن جي اندر پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب ٿي ويو. هن وقت هنن 43 ڪئنال ۽ 12 انٽر لنڪ ڪئنال، 2 وڏيون ڊيمون ٺاهي سنڌ جي پاڻي تي مڪمل ڪنٽرول ڪري ورتو آهي. انگريزن جي وقت ۾ هڪ ننڍو ڪينال تونسا براج مان ڪڍڻ ڪري سنڌ- پنجاب پاڻي جي ورهاست لاءِ 1945ع ۾ هڪ ايگريمينٽ ڪئي ويئي جنهن مطابق اهو فيصلو ڪيو ويو ته پنجاب سنڌو ندي مان 25 سيڪڙو پاڻي کڻي ۽ سنڌ کي 75 سيڪڙو پاڻي سنڌوندي مان ڏنو وڃي. ساڳي وقت پنجاب پنهنجن ندين مان 25 سيڪڙو پاڻي سنڌ کي ڏئي ۽ باقي 75 سيڪڙو پاڻي پاڻ کڻي. اها ايگريمينٽ اڃا تائين قائم آهي. پر 1991ع وارو رڪارڊ بنائڻ سبب انهيءَ 45 واري ايگريمينٽ تي عمل نه ٿيڻ لڳو. 1945ع واري ايگريمينٽ جي فقره 8 ۾ اهو به ڄاڻايو ويو ته پنجاب ڪو به ايريگيشن اسٽرڪچر سنڌ جي مرضي کان سواءِ نه ٺاهيندو. اهڙن واعدن هوندي به پنجاب واهن ۽ لنڪ ڪئنالن جو ڄار وڇائي، سنڌ کي آگاهه ڪرڻ کانسواءِ سنڌوندي جي پاڻي تي قابض ٿي ويو، ان وقت جيڪي سنڌو جا ايريگيشن آفيسر هئا، تن نه پاڻ ڪو اعتراض اٿاريو ۽ نه سنڌ جي ماڻهن جو انهيءَ طرف ڌيان ڇڪايو، نتيجتا سنڌوندي جو پاڻي ڏينهون ڏينهن گهٽبو ويو ۽ گهٽ ڊسچارج وهڻ ڪري سنڌو ندي جو پيٽ لٽبو ويو، ايتري قدر جو ڪوٽڙي بئراج کان هيٺ واريءَ جا دڙا ٺهي ويا. سنڌ ۾ پاڻي جو بحران شروع ٿيو ۽ هزارين ايڪڙ زرخيز زمين بنجر بڻجي وئي. شاخن جون پڇڙيون ميلن ۾ سڪي ويون.
بند:
سنڌو جي پاڻي تي قبضي کان اڳ سنڌو ندي موج ۾ وهندي هئي ۽ جيڏانهن مرضي پوندي هوس هئس رخ رکندي هئي. انگريزن هندستان تي حڪومت ڪرڻ کان پوءِ انهن سڀني ڳالهين جو نوٽيس ورتو، سنڌو درياءَ کي ڪنٽرول ۾ آڻڻ لاءِ سنه 1898ع ۾ مسٽر ڊاسن کي آمريڪا موڪليو ته مسيسپي نديءَ جو جائزو وٺي اچي ته ڪهڙي نموني رور کي ڪنٽرول ۾ رکيو ويو آهي. هن سنڌو نديءَ سان ٻنهي ڪنارن تي بندن ٻڌڻ جي تجويز ٻڌايو، ان کان پوءِ انڊس رور ڪميشن بنائي ويئي جيڪا بندن جي باري ۾ وقتن فوقتن ملي پنهنجون سفارشون پيش ڪندي رهي. سنه 1930ع ۾ سکر بيگاري بند ۾ کنڊ پيو، جنهن جي نتيجي ۾ بند مينوئل 1936ع ۾ ٺاهيو ويو، جيڪو ڪم (K.K framji) آفيسر ان سپيشل ڊيوٽي کي سونپيو ويو. سنه 1942ع سکر بيگاري بند ۾ کنڊ پوڻ کان پوءِ مسٽر انجلس وڌيڪ سفارشون پيش ڪيون، جيڪي بند مينوئل ۾ درج ڪيون ويون. مسٽر ڪي فريمجي جو بند مينوئل اڃا تائين موجود آهي جنهن جي ڪاپي هر انجيئر وٽ هجڻ کپي. بند مينوئل تي عمل ڪرڻ سان بند ۾ کنڊ پوڻ جو سوال ئي نٿو پيدا ٿئي. هن کن اڳ ڪئين سپر فلڊس خير خوبي سان پاس ٿي ويون آهن پر ههڙا راڱا ڪڏهن نه ٿيا، بندن ۾ روڻيون به پونديون رهنديون هيون. پر آسانيءَ سان انهن تي ڪنٽرول ڪيو ويندو هو. چون ٿا ته پاڻيءَ جي ڊسچارج تمام گهڻي هئي. پر ڏيکاري گهٽ ويئي آهي. اهو چوڻ بلڪل غلط آهي. ڇاڪاڻ جو درياءَ جو پيٽ درياءَ ۾ مسلسل پاڻي گهٽ وهڻ ڪري، تمام گهڻو لٽجي مٿي ٿي آيو آهي ۽ جيڪا گيج پڙهي ڊسچارج ٻڌائي پئي ويئي. اها اصل ڊسچارج کان گهڻو گهٽ هئي. جيئن ڪئنال ۾ پراڻيون گيجز لڳل 12 فوٽ پاڻي ٻڌائينديون آهن. پر پاڻي جو عميق وٺڻ سان خبر پوندي آهي ته پنج فوٽ به پاڻي نه هوندو آهي. ڪانءُ ۽ دکيءَ جو سبق پڙهندا هئاسين ته دکيءَ ۾ پاڻي ايترو هيٺ هو جو ڪانءُ جي چهنب ان کي رسي نه ٿي سگهي ۽ هو ان مان پاڻي پي نه پئي سگهيو، ڪانءُ کي خيال ۾ آيو ته دکيءَ مان پٿريون وجهڻ سان پاڻي مٿي ايندو، پوءِ آئون پاڻي پي ڍئو ڪري ويندس. هن اها حڪمت عملي آزمائي ۽ دکي ۾ پٿريون وجهڻ لڳو. پٿريون وجهڻ سان پاڻي مٿي آيو ۽ ڪانءُ آساني سان پاڻي پي هليو ويو. ساڳي دستور تحت درياءَ جو پيٽ مٿي اچڻ کي چئبو آهي جيڪو درياءَ جي سلٽنگ ڪري مٿي ٿي آيو آهي. ڪوٽڙي ۾ هڪ سبب ڊويزن هئي. جنهن جو ڪم رور سروي جو هوندو هو. اهي هر سال ندي جي پاڻي جو وهڪرو ۽ ان جي صورتحال نوٽ ڪندا هئا ۽ اهڙا نقشا ٺاهي اڳئين نقشن سان ڀيٽا ڪئي ويندي هئي ته هن سال ندي جو ڇا رهيو. هاڻي اهي سڀ طريقا ختم ٿي چڪا آهن. انهيءَ ڪري ڪا خبر ڪا نه ٿي پوي ته ندي جو رخ ڇا آهي ۽ ان جو پيٽ ڪيترو مٿي چڙهي آيو آهي.
اڳي ڊسچارج وٺڻ جو اهو طريقو به هو جو درياءَ جي پيٽ جي مٿان هڪ ڪيبل لڳل هوندي هئي. انهيءَ جي ٿوري ٿوري مفاصلي تي ويلاسٽي ميٽر لڳل هوندا هئا. جيڪي انهيءَ پاڪيٽ جي پاڻي جي رفتار ٻڌائيندا هئا ۽ ساڳي وقت سائو ڊنگر ذريعو پاڻي جو اصل صحيح عميق به ماپيو ويندو هو، جنهن مان صحيح ڊسچارج جي خبر پوندي آهي. پر اهي سڀ ڳالهيون ختم ٿي وينديون آهن ۽ پاڻي جي گيج پڙهي ڊسچارج ٻڌائي پئي وڃي، جيڪا ساڍا 12 لک ڪيوسڪ نه پر ست لک ڪيوسڪ مس هئي. بند ۾ بريچ ٻن سببن جي ڪري پوندي آهي. هڪ روڻ پوڻ ڪري، جيڪا ڪئن جي ٻرڙن مان ٿئي يا مينهن جي گهارن کي بند نه رکڻ ڪري پاڻي گهارن ۾ وڃڻ سان بريچ ڪري وجهي ٿو. ڪا به روڻ جنهن جو جيڪو به ڪو سبب هجي. گهٽ کان گهٽ 24 ڪلاڪ وهندي آهي. انهيءَ وچ ۾ جيڪڏهن اها روڻ ڪنهن جي نوٽيس ۾ نه آئي ته کلي بريچ ٿي ويندي، بريچ پوڻ جو ٻيو ڪارڻ اوور ٽاپنگ ٿئي ٿي. پر پاڻي جي اوور ٽاپنگ ورلي ٿيندي آهي. ڇاڪاڻ جو فل سپلاءِ ليول جنهن تي اڳ ۾ سپر فلڊ جو پاڻي پهتل هجي. ان کان 4 کان 6 فوٽ فري بورڊ ڏنو ويندو آهي. ٻنهي حالتن ۾ جيڪڏهن ماڻهو 24 ئي ڪلاڪ چوڪسي ڪندڙ آهن ته بريچ روڪي سگهن ٿا. پر ٿوري ئي غفلت ڪرڻ سان بند م بريچ پئجي ويندي ۽ Havoc مچي ويندو. ان کي ڪنٽرول ڪرڻ ڪو آسان نه آهي. درياهه سڄو انهيءَ پاسي اٿلي پوندو. ڪن جي چوڻ مطابق ته اها قدرتي آفت هئي. اسان پنهنجي غفلت کي قدرتي آفت سڏيون، سو نامناسب آهي. قدرتي آفت ائين هئي. جيئن حضرت نوح عليه السلام جي زماني ۾ پاڻي هيٺان زمين مان به ۽ آسان کان به ايترو آيو جو جبلن جي چوٽين کان به مٿي هليو ويو. زلزلن جو قدرتي آفت آهي. جو انسان ۾ ان جي روڪڻ جي طاقت نه آهي. پر بند ۾ بريچ پوڻ اها سان جي غفلت آهي. سکر بيگاري بند ۾ جيڪو 1942ع ۾ کنڊ پيو. ان ۾ ايس اي کان وٺي هيٺيون اسٽاف گهر موڪليو ويو. يعني نوڪرين تان فارغ.
هاڻي گهڻو ڪري بندن جون جدا سب ڊويزنس آهن. جن جو ڪم رڳو اهو آهي ته سارو سال بند جي ديک ڀال ڪن ۽ آبڪلاڻي جي موسم ۾ بندن تي جوڳو بندوبست رکن. جيئن ڪٿي به بريچ نه پوي. اڳي بندن لاءِ ڪي خاص فنڊس ڪو نه ڏنا. ويندا هئا. پر هاڻي ڪروڙن ۾ بندن جي بچاءَ لاءِ فنڊس ڏنا وڃن ٿا. جيڪڏهن 1978ع کان وٺي حساب ڪبو ته ڪيترا فنڊس بندن تي منظور ڪيا ويا آهن ۽ ڪهڙا ڪهڙا ڪم بندن تي ٿيا آهن. انڪوائري ڪرڻ سان سموري خبر پئجي ويندي. سنه 2008ع ۾ ليفٽ بئنڪ ڪئنال ايريا واٽر بورڊ جي ميٽنگ ٿي، جنهن ۾ ٻڌايو ويو ته ڄامشوري بند لاءِ پچنگ ۽ اسپرس لاءِ ڪروڙن ۾ فنڊ منظور ٿيل آهن. بورڊ جي منظوريءَ سان اهي فنڊس استعمال ڪيا ويندا. سڀني ميمبرن فيصلو ڪيو ته بند جو معائنو ڪري پوءِ فيصلو ڪيو وڃي ته آيا انهن فنڊس جي ڪٿي ڪٿي استعمال ڪرڻ جي ضرورت آهي. بند جي معائني ڪرڻ سان ڏٺو ويو ته سمورو بند پٿر جي پچنگ ٿيل هو ۽ ان جي اڳيان ايترو گهاٽو جهنگ هو، جو ويو واش ٿيڻ جو سوال ئي پيدا نه پئي ٿيو. سر زمين تي اهو فيصلو ڪيو ويو ته هن بند تي ڪنهن قسم جي پٿر جي ڪم ڪرائڻ جي ضرورت نه آهي. پر ان فيصلي باوجود وقت جي آفيسرن اهي فنڊس اتي استعمال ڏيکاريا. جيڪڏهن بندن جي صحيح سار سنڀال ٿئي ته 14 يا 15 لک ڊسچارج آسانيءَ سان پاس ڪري سگهجن ٿا.
مٿي جيئن ذڪر ڪري چڪو آهيان ته درياءَ جو پيٽ تمام گهٽ سلٽ ٿي چڪو آهي. ان مان ڊريجر ذريع سلٽ ڪڍي وڃي. درياءَ جي سڄي پيٽ مان سلٽ ڪڍڻ شايد ممڪن نه ٿئي ته گهٽ ۾ گهٽ وڏا وڏا دڙا ڊاٿا وڃن. جيئن درياءَ ۾ پاڻي چڙهي ته آسانيءَ سان پنهنجو وهڪرو ٺاهي هلي. اسان وٽ ڪي اهڙا انجنيئر صاحب به آهن. جن کي واهه وهائڻ يا بندن کي سنڀالڻ جو ڪو تجربو نه آهي. اهي بيڪ ڊور کان اچي پنهنجي سينيئرز کان به اڳ ايس اي ۽ چيف ٿيو وڃن. اهڙن صاحبن کي ڪا چنتا نه آهي ته ڪو سڪي ٿو يا ڪو ٻڏي ٿو.
هٿ سان بندن يا واهن کي ڪٽ هڻي ملڪ کي بچائڻ هڪ نئين ٽيڪنالاجي آهي، جيڪا اڃا آمريڪا يا ٻين ڊولپڊ ملڪن ۾ نه آئي آهي. بند ۾ بريچ پوڻ يا بريچ وجهڻ هڪ وڏي بدناموسي آهي. اها لاڳاپيل آفيسر جي غير ذميواري ليکڻ گهرجي. بندن جي کنڊن کي هر حالت ۾ بچائڻ، اڻ ڄاڻائي ۽ لاعلمي ڪري لکن ماڻهن کي دربدر ڪرڻ، انهن جا مال ۽ ٻار پاڻي ۾ لڙهي وڃڻ وڏو گناهه آهي. بند مينوئل ته فريمجيءَ 1936ع ۾ جوڙيو، پر هن ماڊرن سائنسي دور ۾ سائنس آف سائل مڪينڪس ايتري ترقي ڪئي. آهي جو ڪنهن به بند، ليوي، بئنڪ، ڊيم ۾ بريچ پوڻ جو سوال ئي نٿو پيدا ٿئي. اسان ايتري چنتا ڪري ڇو نوان نوان طريقا اختيار ڪيون، چوندا آهن ته ”ابي گهر مهمان، مون کي لوڏو ئي نه“ ٻڏن ته غريب ٿا، اسان ڇو ايترو فڪر ڪريون. ڪنهن هنڌ سوڪ ٿي ٿئي ته ڪنهن هنڌ کنڊ پيا پون. ڪروڙين اربين رپيا واهن تي خرچ ڪيا ويا آهن، پر حال ته اهي ئي خراب اٿن.
منڇر ڍنڍ
وڏي ۾ وڏي هن ملڪ جي مٺي پاڻيءَ جي ڍنڍ جيڪا اٽڪل 12 ميل سيوهڻ شريف کان مفاصلي تي آهي. هن جي چوڌاري وارو بند بوبڪ جي ويجهو پورو ٿئي ٿو. هيءُ هڪ قدرتي ڍورو آهي. جيڪو کيرٿر جبلن جي واهن سان ڀرجي ٿو. سنڌ صوبي جو هڪ تمام سٺي پاڻيءَ جو ذخيرو آهي. هن ڍنڍ مان تمام گهڻي مڇي مرندي هئي ۽ ڪافي آبادي ٿيندڙ هئي. سياري جي موسم ۾ تمام گهڻا پري کان پکي اچي مڙندا هئا، پري پري جا شڪاري شوق ڪرڻ لاءِ اتي ايندا هئا. سياري ۾ ڪڏهن ڪڏهن سڪي ويندي هئي ۽ اونهاري ۾ اٽڪل 100 چورس ميلن تائين پکڙيل هوندي هئي. شروع ۾ هيءَ ڍنڍ آر ايل 116 تائين پاڻي جهلڻ جي گنجائش رکندي هئي. منڇر ۾ پاڻي ٽن جدا جدا ذريعن کان ايندڙ هو، هڪ جبلن تي پوندڙ مينهن جي پاڻيءَ جو ذريعو، ٻيو سکر بئراج جي سڄي پاسي آباد ٿيندڙ زمينن جو بچتو پاڻي، ۽ ٽيون ذريعو هو درياهه کان ايندڙ پاڻي، سڀ کان وڌيڪ منڇر ۾ پاڻي آڻيندڙ ذريعو هو جبلن تي پوندڙ مينهن جو پاڻي، جنهن ۾ گاج نئين جي پاڻي جو ڏو حصو هو، گاج نئين کان مينهن جو پاڻي اٽڪل 170000 ڪيوسڪ اچي ٿو، ان کان علاوه ٻين نئن جو پاڻي به منڇر ۾ اچي پوي پيو، انهيءَ کان علاوه ڪوئيٽا جي جبلن تان لهندڙ پاڻي ۽ سبي کان ايندڙ پاڻي به منڇر ۾ اچي پوي ٿو.
اسان جي سنڌ آبپاشي کاتي کي پنهنجا ايترا فنڊس ڪو نه آهن، جو ڪئنالس کي ماڊرنائيز ڪن ۽ سڌارين. انهيءَ ڪري هو ورلڊ بئنڪ کان ملندڙ فنڊس تي ڀاڙين ٿا. ورلڊ بئنڪ وارا پنهنجن شرطن تي فنڊس ڏين پيا. هڪ ته جيڪي ڪم ڪرايا ويندا، اهي ڪنسلٽنٽس جي معرفت ڪرايا ويندا. آبپاشي کاتي وارا صرف نگراني ڪندا. ڪمن جي رٿابندي توڙي ڊزائين به ڪنسلٽنٽس جي معرفت ٿيندي. سڀ ڪنسلٽنٽس ڪمپنيون گهڻو ڪري پنجاب سان واسطو رکن ٿيون. انهن جي انجنيئرن کي گهڻو ڪري سنڌ جي حالتن ۽ ڪئنالس جي ڪا خبر نه آهي. ڪنسلٽنٽس جيڪي به اسڪيمون هن وقت تائين پيش ڪيون آهن ۽ مڪمل ڪيون آهن. انهن مان هڪڙي اسڪيم به ڪامياب نه ويئي آهي. آر بي او ڊي اسڪيم به ڪنسلٽنٽس کان پيش ٿيل آهي. جيڪا بلڪل فيل ويئي آهي. انهن ڪنسلٽنٽس جو چوڻ آهي ته بلوچستان کان جيڪو پاڻي منڇر ۾ پوي ٿو، اهو زهريلو ۽ کارو آهي. دراصل آر بي او ڊي اسڪيم جي ڪاميابي ڏيکارڻ لاءِ منڇر جو پاڻي کارو ڪيو ويو. ڊيرا اسماعيل کان پنجاب جو کارو زهريلو پاڻي بلوچستان جي جبلن کان وهائي منڇر ۾ آندو ويو ته جيئن منڇر جي پاڻي کي بلوچستان کان ايندڙ پاڻي ڏيکاري. زهريلو ثابت ڪيو وڃي ان کان علاوه سوين ٽرڪون چني جو منڇر جي پاڻي ۾ وجهي پاڻي کي کارو ڪيو ويو. جيڪو به وزيٽر منڇر تي آيو پئي. ان کي منڇر جي پاڻي مان گلاس ڀري چکايو پئي ويو ۽ هو پاڻي چکي چوندو رهيو ته واقعي به منڇر جو پاڻي کارو ۽ زهريلو آهي. اهو ڪنهن ڪو نه پئي سوچيو ته جيڪو صدين کان بلوچستان جي جبلن کان ايندڙ پاڻي کارو ڪو نه هو، هاڻي آر بي او ڊي اسڪيم هٿ ۾ کڻڻ کان پوءِ ڪيئن کارو ٿي ويو؟ ڪنسلٽنس جي وسيلي اربن ۽ ڪروڙن جا ڪم ٿيا آهن، پر هڪ ڪم به ڪامياب نه ويو آهي، انهن لاءِ آئون ثبوت پيش ڪري سگهان ٿو.