تاريخ، فلسفو ۽ سياست

مها ٻوڏ 2010 (جيڪي سنڌ سان ٿيو)

ڪتاب ” مها ٻوڏ 2010 (جيڪي سنڌ سان ٿيو) “ اوهان اڳيان حاضر آهي. هن ڪتاب جو ليکڪ عزيز رانجهاڻي آهي. 07 آگسٽ 2010 تي سنڌوءَ جي ساڄي ڪپ تي ٽوڙيءَ واري هنڌ تان سنڌوءَ جي بچاءُ بند کي گهارو ڇا لڳو، ڄڻ سنڌ ۾ قيامت اچي وئي. شير درياهه سنڌو مستيءَ ۾ اچي سنڌ جي ميدانن شهرن ۽ ڳوٺن ۾ ڪاهجي پيو ۽ ٻوڙان ٻوڙ ڪري ڇڏي ۽ ڏسندي ئي ڏسندي بلوچستان جي حدن کان وٺي سنڌي سمونڊ تائين هڪ ٻيو سمونڊ ڪري ڇڏيو. جتي 10 کان وٺي 16 فوٽن تائين ڪيترائي ڏينهن اڌ سنڌ پاڻيءَ هيٺ رهي ۽ اڌ سنڌ جي آبادي سر ۽ مال متاع بچائڻ لاءِ سرگردان رهي ۽ پنهنجي ئي ڌرتيءَ تي صدين کان آباد هي ڌرتي ڌڻي بي گهر ٿي ڪسمپرسيءَ جي حالت ۾ ڪئمپن جي حوالي ٿيا. سنڌوءَ جو پاڻي سندن پويان ائين پئجي ويو جيئن ڪو حمله آور لشڪر اوچتو ڪنهن علائقي ۾ ڪاهجي پوي ۽ ماڻهن ۾ ڀاڄ پئجي وڃي ۽ هو ساهه بچائڻ لاءِ برمنهن ڪندا هجن. ڪٿي جيڪب آباد، ڪشمور، ٺل، شهدادڪوٽ، ڳڙهي خيرو ۽ ڪٿي ڪراچي، سانگهڙ، ٽنڊو باگو، نئون ڪوٽ ۽ حيدرآباد، ساهه بچائڻ لاءِ هي ڌرتي ڌڻي، سنڌ جي هڪ ڪنڊ کي ڇڏي ٻئي ڪنڊ تي وڃي ڪئمپن ۾ پهتا ۽ دربدر ٿي مصيبتن ۽ عذاب ۾ اچي ويا.
Title Cover of book مها ٻوڏ 2010 (جيڪي سنڌ سان ٿيو)

ڪراچي پهتل ٻوڏ سٽيلن جي آبادڪاري لاءِ ڇا ٿيڻ گهرجي؟…اختيار کوکر

ڪراچي شهري حڪومت پاران 24 آگسٽ 2010ع تي جاري ڪيل انگن اکرن موجب حڪومت پاران شهر جي مختلف علائقن ۾ ٻوڏ ستايلن لاءِ قائم ڪيل 29 امدادي ڪئمپن ۾ 32 هزار متاثرين رجسٽر ٿي چڪا آهن. جڏهن ته اي ڊي او روينيو ڪراچي جو چوڻ آهي ته ڪراچي پهتل اٽڪل 15 هزار متاثرين اهڙا آهن، جيڪي شهر اندر پنهنجي مٽن مائٽن يا مختلف خانگي تنظيمن پاران قائم ڪيل امدادي ڪئمپن ۾ ترسيل آهن، مطلب ته اٽڪل 10 هزار خاندان ڪراچي پهچي ويا آهن. شهر اندر ٻوڏ ستايلن جي آمد جو سلسلو اڃا جاري آهي. جيڪو سلسلو هاڻي اڃا ان ڪري به وڌندو، جو ٺٽو ضلعو به خالي ٿي رهيو آهي. پاڪستان پيپلزپارٽي جي قيادت پڻ پارٽي جي صوبائي جنرل سيڪريٽري تاج حيدر جي اڳواڻيءَ ۾ پيپلزپارٽي ڪراچي جي اڳوڻن جي هڪ ڪاميٽي جوڙي ڇڏي آهي. انهي کانسواءِ شهر جي مختلف علائقن لاءِ پارٽي جي مقامي اڳواڻن ۽ چونڊيل نمائندن تي ٻڌل ڪاميٽيون پڻ جوڙيون ويون آهن. انهن ڪاميٽين جي ذميواري آهي ته هو امدادي ڪئمپن جا معاملا ڏسندڙ انتظاميه جي ان ڏس ۾ رهنمائي ڪن. ڪراچي ايندڙ ٻوڏ ستايلن کي سرڪاري ڪئمپن ۾ ضروري سهولتون ڏيارڻ کي يقيني بڻائن، شايد صوبي جي ٻين علائقن کان صوبي جي راڄڌاني ڏانهن سنڌي ماڻهن جي هيءَ پهرين وڏي ۽ تاريخي لڏ پلاڻ آهي. جيڪڏهن سنڌي ماڻهن ڪراچي ۾ رهڻ ۽ آباد ٿيڻ جو گر سکي ورتو ته ڪراچي شهر اندر روزگار جا موجود وسيع ذريعا يقينن صوبي جي معاشي تباهي جو شڪار ٿيل وڌيڪ آبادي کي پاڻ ڏانهن ڇڪيندا.
سنڌ جي زراعت کاتي پاران تيار ڪيل ابتدائي رپورٽ موجب ٻوڏ سبب 16 لک 22 هزار ايڪر آباد زمين پاڻي هيٺ اچي وئي آهي ۽ زراعت جي شعبي کي اٽڪل 76 ارب رپين جو نقصان ٿيو آهي. هن سال 15 لک ايڪڙ زمين تي چانور پوکيا ويا. جن مان ساڍا 8 لک ايڪڙ فصل ٻوڏ تباهه ڪري ڇڏيو آهي. صوبي جي چئن اترين علائقن جي روڊن رستن، آبپاشي، پبلڪ هيلٿ، صحت، تعليم جو تقريبن سڄو بنيادي ڍانچو تباهه ٿي ويو آهي. ٻوڏ سبب صرف هائوسنگ واري شعبي يعني ماڻهن جي گهرن جو اٽڪل 200 ارب رپين جو نقصان ٿيو آهي. چاليهه لکن کان وڌيڪ آبادي متاثر ٿي آهي. صوبائي حڪومت جو اندازو آهي ته اٽڪل 500 ارب رپين کان وڌيڪ جو نقصان ٿيو آهي. هاڻي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته ان ڀيانڪ تباهي جي بحالي ڪڏهن ۽ ڪيئن ٿيندي؟ ملڪ ۽ سنڌ ۾ ماضي ۾ زلزلي ۽ سامونڊي طوفان جهڙين قدرتي آفتن وارو تجربو ته اهو ٿو ٻڌائي ته آفتن جي ستايلن جي بحالي جا صرف اعلان ٿيندا آهن يا چند هزار سندن هٿ ۾ ڏئي حڪومت پنهنجي ذميواري پوري ڪري ڇڏيندي آهي. سوچ چوڻ جو مطلب اهو آهي ته تازي ٻوڏ کان پوءِ سنڌ جي ٻهراڙي جي ماڻهو لاءِ جيئڻ مسئلو بڻجي ويو آهي. صوبي جي ٻين ضلعن ۾ صنعتڪاري يا وڻج واپار جي به اهڙي صورت نظر نٿي اچي، جو ماڻهن کي پيٽ گذر ڪرڻ لاءِ ڪنهن ٻئي هنڌ روزگار جا ذريعا ملي سگهن.

ڪراچي جي ٻوڏ ستايلن جي ڪئمپن جي حالت:
ڪراچي جي امدادي ڪئمپن جي دوري دوران اهو ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته ڪراچي پهتل اڪثريت انهن ماڻهن جي آهي، جن جو ٻوڏ ۾ الهه تلهه چٽ ٿي ويو آهي، انهن م وڏو تعداد ، ننڍن شهرن ۽ ڳوٺن ۾ ننڍو ڪاروبار ڪري گذر سفر ڪندڙ يا محنت مزدوري ڪري پيٽ پاليندڙن جو شامل آهي. جڏهن ته ڪجهه ننڍا آبادگار يا مالوند ماڻهو پڻ انهن متاثرين ۾ شامل آهن. هتي پهتل 80 سيڪڙو ماڻهو اهڙا آهن جن جون پوئتي سڀ ٻيڙيون ٻوڏ ٻوڙي ڇڏيون آهن. انهن ماڻهن مان اڪثريت جي ڪل ملڪيت سندن ڪجهه گهر يا چند ڍور هئا. سندن ڍور مري ويا ۽ گهر مٽي جو ڍير بڻجي چڪا آهن. هنن وٽ ايتري طاقت ڪونهي. جو واپس وڃي اهو اڏائي سگهن. ان ڪري جيڪڏهن سندن ٻڏي ويل ڳوٺ يا شهر مان پاڻي سڪي به ويو ته پوءِ به هنن جي واپسي جو رستو في الحال بند ٿيل نظر اچي ٿو. ڪراچي شهر سڄي ملڪ جي ماڻهن کانسواءِ لکين غيرقانوني پرڏيهين کي پالي رهيو آهي. ملڪ جهان جا لکين ماڻهو هتي اچي آباد ٿين ٿا پر تڪليف ۽ معاشي بدحالي جي باوجود ڌرتي ڌڻي پنهنجي راڄڌاني واري شهر کي پنهنجو ڇو نه ڪري سگهيا آهن. اهو هڪ الڳ بحث آهي. جيڪو پڻ ٿيڻ گهرجي پر جيستائين مو کي سمجهه ۾ اچي ٿو ته ڪراچي ۾ سنڌي ماڻهو جي ٽڪي رهڻ ۾ هڪ وڏي رڪاوٽ اسان جي ماڻهن جو مزاج آهي. جيڪو هن شهر جي مزاج سان نٿو ملي ۽ ظاهر آهي ٻهراڙيءَ ۾ پلجندڙ ماڻهو شهري زندگي ۾ ايترو آساني سان ايڊجسٽ نٿو ڪري سگهي، پر حالتن جو جبر انسانن کان گهڻو ڪجهه ڪرائي ٿو وٺي. ٻوڏ کان سٽجي ڪراچي پهتل تقريبن سڀني ماڻهن کي يقين آهي ته ڪراچي پهچڻ تي حڪومت سندن واهر ڪندي. 80 سيڪڙو ماڻهو اهو بيان ٿا ڏين ته هو هتي هميشه لاءِ رهڻ آيا آهن .تقريبن سڀني ماڻهن جو هڪ جهڙو مطالبو آهي ته حڪومت کين روزگار ۽ رهڻ جي سهولت ڏي، باقي هو پاڻ سنڀالي وٺندا. ٿي سگهي ٿو ڪراچي ۾ مستقل آباد ٿيڻ جي حقيقي خواهش رکندڙن جو انگ 80 سيڪڙو بدران 50 سيڪڙو هجي. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته سرڪار سنجيده ڪوششون وٺي. ڪراچي ۾ مستقل رهائش جي خواهش رکندڙ کي روزگار ڏياري سگهي ٿي. خانگي شعبي ۾ انهن ماڻهن کي کپائڻ لاءِ هڪ وڏي فيسلٽيٽر جو پڻ ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي. ڪراچي جي امدادي ڪئمپن جو انتظام سنڀاليندڙ آفيسرن ۽ پ پ اڳواڻ تاج حيدر ان جي تصديق ڪئي آهي ته ڪراچي جي امدادي ڪئمپن مان ماڻهو واپس پنهنجي علائقن ڏانهن وڃڻ شروع ٿيا آهن. هو چوي ٿو ته، سندس خيال آهي ته ايندڙ هڪ ٻن هفتن اندر جيئن ئي ٻوڏ وارن علائقن م پاڻي هيٺ لهڻ شروع ٿيندو، ڪراچي پناهه لاءِ پهتل ماڻهن جو وڏو تعداد واپس روانو ٿي ويندو، هاڻي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته پوئتي سڀ ڪجهه پاڻي ۾ ٻڏي وڃڻ جي باوجود ۽ ڪراچي ۾ مستقل رهائش اختيار ڪرڻ جي ارادي سان آيل ماڻهو پاڻي سڪڻ کان پهرين ئي واپس ڪيئن پيا وڃن؟
ڏٺو وڃي ته اها واپسي ماڻهن جي مايوسي جو اهڃاڻ پڻ آهي. ڪراچي ۾ قائم ڪيل امدادي ڪئمپن جي حالت اهڙي آهي. جو ٻارن ٻچن واري ڪنهن خاندان لاءِ انهن ڪئمپن ۾ هڪ هفتو به رهڻ مشڪل آهي. مون ڪراچي جي اڪثر ڪئمپن ۾ پاڻ وڃي حالتون ڏٺيون آهن. مختلف اسڪولن، سرڪاري عمارتن ۽ فليٽن ۾ قائم ڪيل ڪئمپن جي حالت جيڪڏهن اهڙي هجي، جو هڪ ئي وقت هڪ ڪمري ۾ مختلف خاندانن جا چاليهه پنجاهه ماڻهو رهايا وڃن، جن ۾ نوجوان عورتون ۽ مرد، ٻار ٻچا، ٻڍا ۽ بيمار به شامل هجن ته تصور ڪيو ته اهڙي حالت ۾ ڪو شريف خاندان ماڻهو ڪيترا ڏينهن رهي سگهي ٿو. اڪثر ماڻهن کي ڪئمپن ۾ پنهنجي نياڻين جي پردي، عزت جو خيال رهجي ٿو، حڪومت جي امدادي ڪئمپن ۾ ڪا به ڪئمپ اهڙي ڪونهي، جنهن ۾ هڪ ڪمري اندر 25 کان 30 ماڻهن کان گهٽ ماڻهو ترسيل هجن. انهي کانسواءِ ڪئمپن ۾ غسل خانن ۽ بيت الخلا جي اڻاٺ هڪ وڏو مسئلو آهي. وچڙندڙ بيمارين ۾ واڌ اچي رهي آهي. اهڙين حالتن ۾ ماڻهن جي ننڊ آرام حرام ٿيل آهي. کاڌو به وقت ته نٿو ملي.رات جو ماني ملڻ کان پوءِ ٻئي ڏينهن ٽئين چئين وڳي ماني ملي ٿي. ڪڏهن ڪڏهن ته صرف هڪ ويلو ماني ملي ٿي. ڪڏهن ڪڏهن ته صرف هڪ ويلو ماني تي کين گذارو ڪرڻو پئجي ٿو وڃي. اهو ممڪن ئي ناهي ته ماڻهو گهڻا ڏينهن اهڙي حالت ۾ امدادي ڪئمپن ۾ ترسي رهي سگهن. اها ڳالهه جڏهن مون اڳوڻي سيينٽر تاج حيدر کان پڇي ته اوهان کي اندازو آهي ته جن حالتن ۾ ماڻهن کي امدادي ڪئمپن ۾ رهايو ويو آهي. انهن حالتن ۾ هو گهڻا ڏينهن ترسي سگهن ٿا. هو پڻ مڃي ٿو ته انهن حالت ۾ ماڻهو گهڻا ڏينهن نٿا رهي سگهن. ان ڪري وري نئون فيصلو ٿيو آهي ته اسڪولن، ڪاليجن، ٻين سرڪاري عمارتن ۾ ورڪرز ويلفيئر بورڊ وارن فليٽن ۾ ترسايل ماڻهن کي پڪين عمارتن مان ٻاهر ڪڍي کليل ميدانن تي ٽينٽ ۽ پال هڻي انهن ۾ رهايو ويندو، هو چوي ٿو ته اهو ڪم جلد شروع ٿيڻ وارو آهي. پر ٽينٽ ۽ پالن ۾ ٻوڏ ستايل هزارين ماڻهن کي ترسائڻ سان ڇا هو محفوظ ٿي ويندا، چوماسي جي برساتن جي موسم هلندڙ آهي. ان صورت ۾ ماڻهو ڪيڏانهن ويندا؟

ٻوڏ سٽيلن جي روزگار جو مسئلو:
حڪومت کي ان معاملي تي سنجيده ٿيندي مسئلي جي اصل حل طرف اچڻ گهرجي. ان لاءِ ضروري آهي ته جيترو جلد ٿي سگهي. ڪراچي پهتل ماڻهن کي روزگار سان لڳائڻ جي ڪوشش ڪجي ۽ سندن مستقل رهائش جو بندوبست ڪرڻ لاءِ اپاءَ وٺڻ گهرجن. جيڪڏهن اهي ماڻهو ڪراچي ۾ ڪنهن ڌنڌي سان لڳندا ويندا ته شهر جي زمين تي سندن پير ڄمڻ شروع ٿيندا. ظاهر آهي هزارين ماڻهن کي حڪومت هڪ ئي وقت سرڪاري کاتن ۾ نٿي کپائي سگهي. صنعتن واري صوبائي کاتن جي رڪارڊ موجب ڪراچي شهر اندر 10 هزارن کان وڌيڪ صنعتون آهن. انهن ڪارخانن جا ڪيترائي معاملا صنعتن ۽ محنت وارن کاتن جي ڪنٽرول هيٺ اچن ٿا، جيڪڏهن هر ڪارخاني واري کي پابند بڻايو وڃي ته هو پنهنجي ڪارخاني ۾ گهٽ ۾ گهٽ پنجن ٻوڏ ستايلن کي نوڪري ڏيندا ته هزار ماڻهن کي روزگار ملي سگهي ٿو، حڪومت جو پنهنجو هڪ روپيو به خرچ نه ٿيندو، انهي کانسواءِ ڪراچي سٽي پوليس، جنهن ۾ صوبي جي ٻين علائقن جي نوجوانن جي ڀرتي جا دروازا بند ڪيا ويا آهن. اهي دروازا کولي، شهري پوليس ۾ خالي ست هزار جاين مان شهري ٻهراڙي واري ڪوٽا موجب گهٽ ۾ گهٽ چار هزار نوجوان ڀرتي ڪري سگهجن ٿا. اهو ڪم جيڪڏهن ڪرڻ چاهي ته ڪراچي ۾ ٻه ڪروڙ سنڌين کي آباد ڪرڻ جا اعلان ڪندڙ گهرو کاتي وارو وزير ڪري سگهي ٿو، انهي کانسواءِ بينظير يوٿ ڊيولپيمنٽ پروجيڪٽ هيٺ چئن پنجن هزار نوجوانن کي تربيت ڏئي کين سٺي روزگار جي لائق بڻائي سگهجي ٿو. انهيءَ سان نوجوانن کي ماهوار ست هزار رپيا ملندڙ وظيفي سان سندن خاندان جي مالي سهائتا به ٿي پوندي. انهيءَ کانسوءِ مختلف هنر ڄاڻيندڙن جهڙوڪ موچين، حجامن، درزين، ڊکڻن وغيره کي پنهنجا ڌنڌا کولي ڏئي سگهجن ٿا. ٻيو نه ته ڪراچي ۾ سبزي ۽ فروٽ جي ريڙهي هلائيندڙ به روزانو پنج سئو کان هزار رپيا ڪمائي ٿو. جيڪي ماڻهو ٻيو ڪو ڪم نٿا ڪري سگهن ۽ سخت پورهيو ڪرڻ کان به لاچار آهن. حڪومت انهن جي ٿوري مالي ۽ رابطي واري مدد ڪري کين اهڙا ڌنڌا کولي ڏئي سگهي ٿي. اهو ڪم هاڻي کان ئي شروع ٿيڻ گهرجي ته پهرين فرصت ۾ وڏي وزير کي ڪراچي جي صنعتڪارن جي نمائندن سان گڏجاڻي ڪري کين ٻوڏ سٽيل ماڻهن کي شهر جي ڪارخانن ۾ روزگار ڏيارڻ لاءِ ڪوششون وٺن گهرجن. ان لاءِ حڪومت جي نمائندن کي جيڪڏهن صنعتڪارن جي تنظيمن جي دفترن فيڊريشن هائوس ۽ ڪراچي چيمبر ۾ به وڃڻو پوي ته پير ڀري وڃن. ٻيو اهو ته امدادي ڪئمپن ۾ ويٺل ماڻهن کي روزگار ڏيارڻ ۽ انهن کي ڪراچي ۾ ترسائڻ ۾ دلچسپي وٺندڙ يا سرگرمي ڪندڙ ٻيون سياسي ۽ سماجي تنظيمون ۽ فرد پڻ پنهنجي سطح تي ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. ڪراچي ۾ رهندڙ هر سنڌي انهيءَ ڪم ۾ ڪردار ادا ڪري ته گهڻا ماڻهو روزگار سان لڳي سگهن ٿا. هي شهر ملڪ جهان جي ماڻهن کي پالي رهيو آهي. چاليهه پنجاهه هزار ماڻهن کي ايڊجسٽ ڪرڻ ڪو ايڏو وڏو مسئلو به ڪونهي، جو سڀ ڪجهه لٽائي صرف اميد ۽ آسرو کڻي هتي پهتل ڌرتي ڌڻي بي يارو مددگار بڻجي واپس هليا وڃن ۽ ڳوٺ واپس وڃي به هو ڇا ڪندا؟ جيڪڏهن کين پيٽ پالڻ لاءِ جائز روزگار نه مليو ته پوءِ ناجائز رستو اختيار ڪندا.

ٻوڏ سٽيلن جي اجهي جو مسئلو:
پنهنجي اجهي کانسواءِ ڪو ماڻهو پليٽ فارم تي ويٺل مسافر مثل آهي. پنهنجي اجهي جو صرف احساس ئي ڪنهن هنڌ تي ماڻهو جي ٽڪي پوڻ لاءِ ڪافي ٿئي ٿو. سنڌ جي وڏي وزير ٻوڏ ستايلن کي ٻن ڪمرن وارا گهر ٺهرائي ڏيڻ جو اعلان ڪري، ماڻهن کي هڪ ڀلو دلاسو ڏنو آهي. پر جيڪڏهن حڪومت ڪراچي ۾ ٻوڏ ستايلن لاءِ صرف فوري طور تي زمين الاٽ ڪري ڇڏي ته دلاسو ماڻهن جي يقين ۾ تبديل ٿي ويندو. ماڻهن کي روزگار ڏيارڻ ۾ مدد ڪرڻ سان گڏ جيڪڏهن کين گهر ملڻ جو يقين ٿي وڃي ته ضمانت سان چئي سگهجي ٿو ته ٻوڏ ستايل ڪراچي مان واپس وڃڻ بدران وڌيڪ متاثرين ماڻهو ڪراچي اچڻ کي ترجيح ڏيندا. اچو ته سوچون ته اهو ڪم ڪيئن ٿي سگهي ٿو. سنڌ حڪومت سنڌ ڳوٺ آباد اسڪيم هيٺ ڪوآپريٽو سوسائٽين کي رهائشي مقصدن لاءِ زمين ڏئي سگهي ٿي. سرڪاري رپورٽ موجب ڪراچي ۾ 40 هزار ايڪڙ زمين تي لينڊ مافيا جا ناجائز قبضا آهن. اهي قبضا ڇڏائڻ لاءِ ڪجهه ڏينهن اڳ حڪومت پاران اينٽي انڪروچمينٽ مهم پڻ شروع ڪئي وئي ته ڇا ڪراچي ۾ 240 چورس والن وارا پنج ڇهه هزار پلاٽ ڪڍڻ حڪومت لاءِ ڪو مسئلو آهي؟ ڪراچي جي سٺي شهري رٿابندي واري علائقي گلشن حديد جي رٿابندي ۽ لي آئوٽ پلان موجب 240 گزن جي ڇهه هزار پلاٽن لاءِ صرف 500 ايڪڙ زمين گهربل آهي. ان ۾ روڊن رستن ۽ راندين جي ميدانن، تعليمي ادارن ۽ ڪميونٽي سينٽرن جي زمين به شامل آهي. 500 ايڪڙ زمين حڪومت لاءِ ڪو مسئلو ناهي. ٻيو نه ته شهري حڪومت تازو هلايل اينٽي انڪروچمينٽ مهم دوران لينڊ مافيا 800 ايڪڙ زمين ڇڏائي ورتي آهي،. اها موجود آهي. جيڪڏهن دلچسپي وٺي هنگامي بنيادن تي ڪم ڪيو وڃي ته زمين جي الاٽمينٽ ۽ ڊيمارڪيشن لاءِ صرف هڪ هفتو گهربل ٿئي ٿو. انهي زمين تي ٻن ڪمرن وارو هڪ گهر اڏائي ڏيڻ جو اٽڪل خرچ ٻه لک رپيا ٿئي ٿو. اهڙي طرح سان پنج هزار گهرن جي اڏاوت جو ڪل خرچ هڪ ارب رپيا بڻجي ٿو. هاڻي اچو ته اوهان کي ٻڌايون ته اهي پئسا ڪٿان اچي سگهن ٿا؟
سنڌ حڪومت جا مختلف تجارتي بئنڪن ۾ مختلف فنڊن جي مد ۾ هن وقت به 45 ارب رپين کان وڌيڪ پئسا پيا آهن انهن پئسن ۾ اٽڪل ڏهه ارب رپيا سنڌ سوشل رليف فنڊ جا پڻ شامل آهن. پيپلزپارٽي هائوسنگ فنڊ جي اڪائونٽ ۾ هڪ ارب رپيا پيل آهن. جڏهن ته ڊزاسٽر مئنيجمينٽ فنڊ جي اڪائونٽ ۾ پڻ اٽڪل ڏيڍ ارب رپيا، سنڌ بئنڪ واري فنڊ ۾ پنج ارب رپيا پيل آهن. انهي کانسواءِ ملازمن جي پينشن ۽ جي پي فنڊ جي اڪائونٽن ۾ حڪومت جون رقمون رکيل آهن. انهن رقمن مان سوشل رليف فنڊ جا 10 ارب رپيا اهڙي رقم آهي، جيڪا گذريل ڪيترن ئي سالن کان هر سال صوبائي بجيٽ مان ٻه ٽي ارب رپيا بچائي قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ لاءِ انهي فنڊ ۾ رکي گڏ ڪيا ويا آهن. پر وڏي حيرت ۽ ڏک جهڙي ڳالهه اها آهي ته گذريل سالن دوران صوبي ۾ ٻوڏ ۽ سمونڊي طوفان جهڙيون وڏيون آفتون اچڻ ۽ لکين ماڻهن جي متاثر ٿيڻ جي باوجود انهيءَ فنڊ کي ماڻهن جي سهائتا لاءِ استعمال نه ڪيو ويو آهي. جيڪڏهن ماڻهن جي امداد لاءِ بئنڪ اڪائونٽن ۾ رکيل اها رقم اڄ به استعمال نه ٿي ته پوءِ ڪڏهن استعمال ٿيندي. بئنڪ ۾ رکيل ان رقم مان صوبائي حڪومت کي هر سال اٽڪل هڪ ارب رپيا نفعو ملي رهيو آهي. جيڪڏهن سوشل رليف فنڊ جي هڪ سال جي منافعي واري رقم به استعمال هيٺ آندي وڃي ته ڪراچي ۾ ٻوڏ ستايلن جا پنج هزار گهر اڏجي ويندا. اسان ان بحث ۾ ڪو نه ٿا وڃون ته 45 ارب رپين جي فنڊ واريون اهي رقمون ڪهڙين تجارتي بئنڪن ۾ ڪهڙن شرطن تي رکيون ويون آهن ۽ ناڻي کاتي جا ڪامورا ۽ ٻيا انهن اڪائونٽن جي بدلي بئنڪن کان ٻيون ڪهڙيون مراعتون وٺندا رهيا آهن، پر جڏهن اڌ صوبو ٻڏي ويو آهي. لکين ماڻهو دربدري جي زندگي گذاري رهيا آهن. هاڻي ته گهٽ ۾ گهٽ ان سماجي فنڊ تي ويٺل واسينگ نانگ کي ڀڄائڻ گهرجي. هن وقت سنڌ حڪومت اهڙي مالي پوزيشن ۾ آهي. جو سوشل رليف فنڊ، پيپلز هائوسنگ فنڊ، ڊزاسٽر مئنجمينٽ فنڊ ۽ سنڌ بئنڪ قائم ڪرڻ لاءِ رکيل فنڊ جا بئنڪن ۾ پيل ساڍا سترنهن ارب رپيا هڪ ڏينهن اندر اڪائونٽن مان ڪڍرائي ٻوڏ متاثرين جي واهر ۽ بحالي تي خرچ ڪري سگهي ٿي. پر جيڪڏهن اڃا به ماڻهن کي صرف آسرن ۽ دلاسن تي رکيو ويو ته شايد ان کان وڏي بي حسي ۽ ظلم ٻيو نه ٿيندو.





ٻوڏ، امدادي ڪيمپون ۽ عزت نفس

نثار کوکر

ان ڏينهن ڪراچي جي علائقي رزاق آباد ۾ سرڪاري سرپرستيءَ هيٺ قائم امدادي ڪئمپ ۾ داخل ٿيس ته ٻوڏ متاثرين جو هڪ ٽولو چوگرد ڦري آيو. گاڏيءَ جو شيشو هيٺ ڪرڻ سان ئي هنن جا ڪجهه ڏينهن کان رٿيل سنڌي گاڏڙ اردو وارا جملا ٻڌڻ ۾ آيا.“ سائين هماري کو ڪجهه ديدو، همارا تو سڀ ڪجهه ٻوڏ ۾ لڙهه گيا هي.“ گاڏيءَ ۾ ئي ويٺي مون کين سمجهايو ته بابا مون وٽ امدادي سامان ناهي. مان صرف توهان جون ڳالهيون ٻڌڻ ۽ فوٽو ڪڍڻ آيو آهيان. سنڌيءَ ۾ اهڙي ورندي ٻڌي، ٻوڏ متاثر ٽولي جا نوجوان مايوس ٿي ۽ ٺٺوليون ڪندي پوئتي هليا ويا، باقي ٻارڙن ضد ڪيو ته ”ماما اسان جا فوٽو ڪڍ.“ انهن کي ريجهائي انهن جا فوٽو ڪڍي اڃا واندو ئي ٿيو هئس ته ان ”حملي آور“ ٽولي ۾ شامل هڪ اڌڙوٽ عورت چيو، ”جيڪو ٿو ماريو اچي فوٽو ڪڍي هليو ٿو وڃي. امداد ڏي نه ته ڀڃانءِ نه ڪئميرا.“ عورت جي اهڙي ڪاوڙ ڏسي فوٽو ڪڍڻ بند ڪيم ۽ خاموشيءَ سان گاڏي کڻي پوليس جي گاڏين وچ ۾ بيهاريم. رزاق آباد ڪيمپ ۾ ٻوڏ متاثرين جو هڪ مخصوص انداز آهي. امداد وٺڻ جو امداد کڻي ايندڙ گاڏيءَ مان امدادي سامان يا ته ڇني وٺن ٿا يا پني وٺن ٿا. امدادي ڪئمپ هلائيندڙ سرڪاري ڪاموري مهدي علي شاهه ٻڌايو ته امداد کڻي ايندڙن کي هو چون ٿا ته سرڪاري عملدارن وٽ جمع ڪرايو ته جيئن سرڪار انهن کي منظم انداز ۾ سامان ورهائي ڏيئي. پر مخير حضرات جي اڪثريت ائين ڪرڻ کان لنوائي رهي آهي ۽ هو پنهنجي هٿن سان پاڻ امداد ورهائڻ کي ترجيح ڏين ٿا.
رزاق آباد ڪيمپ جي انچارج سان ڳالهيون ڪري اڃان سندس ڪيمپ آآفيس کان ٻاهر آيس ته هڪ مزدا گاڏيءَ تي ٻوڏ سٽيلن جو هڪ هجوم نظر آيو، مزدا ٽرڪ مان مزدور بريانيءَ جون ٿيلهيون کڻي ان هجوم طرف اڇلي رهيا هئا ۽ هجوم هڪٻئي کي ڌڪا ڏئي گهڻي کان گهڻيون بريانيءَ جون ٿيلهيون کڻڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو. ان مزدا ٽرڪ واري بريانيءَ جي امداد کڻي ايندڙ برگر، پر ”مخير حضرات“ جي نوجوان اولاد پري کان پنهنجي گاڏيءَ وٽ بيهي اهو لقاءُ ڏسي رهيو هو، ۽ جيڪب آباد نه پر هنن جي لفظن مان سنڌ کان آيل ٻوڏ سٽيلن جي غربت ۽ بدنظميءَ تي افسوس ڪري رهي هئي. انهن ويچارن کي ته کائڻ جي به تميز به ناهي.“ برگر مخير حضرات مان هڪ ڀڻڪيو. رزاق آباد ۾ ست هزار ۽ ڪجهه سئو ماڻهن کي سرڪاري انتظام هيٺ ترسايو ويو آهي. سنڌ سرڪار جنهن جي سموري ساک پت درياهه جي ٻوڏ ۽ بندن کي پيل گهارن سان گڏ لڙهي وئي آهي. تنهن رزاق آباد ڪيمپ ۾ ٻن ڏينهن کان پوءِ متاثرين کي مانيءَ کان جواب ڏئي ڇڏيو هو. ڪراچي جي هڪ تاجر عقيل ڪريم ڊيڊيءَ ۽ سيلاني ٽرسٽ ان ڪيمپ کي سرڪاري ناڪاميءَ کان پوءِ کاڌ خوراڪ جي حساب سان اپنايو. ڪئمپ انچارج موجب سحري افطاري جو کاڌو عقيل ڪريم طرفان اچي ٿو. پاڻي ڪنهن ٻئي اداري طرفان اچي ٿو. باقي سموريون ضرورتون سرڪار پوريون ڪري ٿي. باقي ڪهڙيون ضرورتون آهن. جيڪي سرڪار پوريون ڪري ٿي؟ تنهن جي ورنديءَ ۾ هنن صرف دوا درمل جو نالو ورتو. سنڌ سرڪار ۾ شامل ڪجهه وزيرن جا اهي بيان ته ٻوڏ سٽيلن کي ڪراچيءَ ۾ آباد ڪيو. امداد ڏبي. انهن جي مالڪي ڪبي. سي نعره ته کوکلا ۽ خالي نظر اچن ٿا. جڏهن تين تلوار ٽريفڪ چوراهي تي جيڪب آباد جي گگهي پاتل ”آئي“ هر رڪندڙ ڪار جو شيشو کڙڪائي، ٻاڏائيندڙ آواز ۾ چوي ٿي ”ابا هم ني تو ڪراچي ڏٺا هي نه ٿا، ٻوڏ تباهه ڪر ديا هي.“ پاڻي ته سنڌو ۾ گهڻو اچي ويو آهي. پر سنڌ جي نام نهاد ايليٽ ڪلاس جي اکين جو پاڻي ايترو سڪي ويو آهي. جو هو آرامده گاڏين ۾ انهن چوراهن تان ”ڪال گرلز کي ته لفٽ ڏين ٿا. پر ٻوڏ سٽيل عورت کي ڏهه رپيا به نٿا آڇين.
ان ڏينهن فيس بڪ تي هڪ اهل دل سنڌيءَ پنهنجو درد روئيندي چيو ته ”جيڪڏهن ڪراچي رزاق آباد ۾ عقيل ڪريم جهڙو سيٺ ست هزار ماڻهن کي ٻه ويلا ماني کارائي سگهي ٿو ته انهن ماڻهن کان هر سال ووٽ وٺندڙ ڀوتار ڪٿي گم آهي؟ سنڌي امدادي ڪم به اهڙي غير منظم ۽ ذلت آميز طريقي سان ڇو پيا ڪن.“ ان وقت مون کي ڪجهه ڪاوڙ آئي ۽ ان جي ڳالهه سان به آئون سهمت نه هيس. پر ڪالهه ڄامشوري پهچي امدادي ڪيمپن جا حال احوال وٺي لڳو ته ان اهل دل سنڌيءَ جي ڳالهه هروڀرو سئو سيڪڙو غلط به ناهي. ڄامشوري پهچڻ کان پوءِ رزاق آباد ڪراچي ڪيمپ جو اهو جهونو مڙس بار بار ياد آيو. جنهن موڪلائ مهل روايتي سنڌي انداز ۾ هٿ ٻڌندي چيو هو. ”ابا هڪ ڳالهه چوانءِ ڪاوڙ ته ڪا نه لڳندءِ“. مون وراڻيو ”نه نه سائين حڪم ڪريو.“ ڳاڙهي ٽوپي مٿي تي ۽ اڇو رومال ڪلهي تي رکيل همراهه جو ننڍو پٽ ڪيمپ جي خيمي اندر برياني واري ٿيلهي مان چانور ڪڍي کائي رهيو هو جهوني مڙس ان ڏانهن اشارو ڪندي چيو ”ابا هي امداد ائين ورهائيندا ته مون کي هڪ ڊپ ٿو لڳي اسان جو نئون نسل هتي مهينو ٻه ترسڻ کان پوءِ يا ته ڦورو ٿيندو يا فقير ٿيندو.... ابا سرڪار کي چئه ته ائين فقيرن وانگي امداد نه اڇلائين.“ جيڪب آبادي ٻوڏ متاثر جهوني جي اها التجا ڄامشوريءَ ۾ پهچي منهنجي ڪنن ۾ گونجڻ لڳي. سرڪاري امداد جا اهي حال ڏسي ڪجهه ٻوڏ متاثرين ته ڄامشورو ٽول پلازه وٽ امدادي نه، پر فقيراڻيون ڪيمپون هڻي ڇڏيون آهن ۽ هر ايندڙ ويندڙ کان هٿ جهلي خيرات گهرن ٿا. انهن ڪيمپن ۾ نه ته خيما ملن ٿا. نه منظم امداد. ”ڄامشوري ضلعي حڪومت سمورين امدادي ڪيمپن جو انچارج حڪمران جماعت جي يوٿ ونگ جي هڪ عهديدار کي بڻايو آهي. جنهن کي هڪ پوٽوهار گاڏي به مليل آهي. روزانو ڏيڍ سئو لٽر پيٽرول سميت ان ماڻهوءَ جي مرضي آهي ته پندرهن سئو ماڻهن لاءِ ٻه ديڳيون ڏئي يا ٽي...“ ڄامشورو ۾ هڪ امدادي ڪئمپ ۾ رضاڪارانه ڪم ڪندڙ هڪ نوجوان ٻڌايو، ”حيدرآباد ۾ امير ڀوتارن يا سيٺين جي ڪا ڪمي ته ڪونهي، پوءِ اهي ڪراچيءَ جي سيٺين جيان متاثرن جي ڪيمپن کي خوراڪ جي حساب سان ڇو نٿا اپنائين؟“ هڪ حساس دل دوست اهڙو سوال پڇيو، جنهن جو سچ پچ ته مون وٽ ڪو به جواب نه هو، سنڌ هڪ طرف پنهنجي تاريخ ۾ ورهاڱي کان پوءِ ٿيل وڏي ۾ وڏي لڏپلاڻ کي منهن ڏئي رهي آهي ته ٻئي طرف ڏهاڪن کان پوءِ آيل وڏي ۾ وڏي ٻوڏ يا قدرتي آفت کي منهن ڏئي رهي آهي. هڪٻئي منجهان جنم وٺندڙ انهن ٻنهي آفتن کي منهن ڏيڻ سنڌ سرڪار يا ڪنهن نجي اداري جي وس جي ڳالهه ناهي. پر ڇا سنڌي سماج اندر چند اهڙا فرد به ناهن، جيڪي منظم انداز ۾ ”هنن ڌرتي ڌڪاڻن“ جون مهاجر ڪيمپون هلائي سگهن؟ اهي ڌرتي ڌڪاڻا، جيڪي ڪيترن نسلن کان صرف ڀوتار جون اوطاقون ۽ جيل ٿاڻا ڏسي چڪا آهن، پر هاڻي شهرن ۾ هو هيسيل، ڊنل، ذلت واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهن. جتي مدد خان جو اولاد به هنن کي ٽيڏي اک سان ڏسي ٿو ۽ يو پي سي پي وار ڪلچرڊ ذهن به انهن جي موجودگيءَ کان خائف آهن. اهڙي ڏکي گهڙيءَ ۾ حڪمران جماعت جو نيٽ ورڪ ڪٿي آهي؟ حڪمران جماعت جي ڳالهه بار بار ان ڪري به ٿئي ٿي. جو سنڌي ماڻهو نسلن کان ان جو ووٽر رهيو آهي، هن ڪڏهن به اليڪشني ڀوتارن جو ڳلو پڪڙي ڳوٺ لاءِ اسڪول ۽ اسپتال جي گهر ناهي ڪئي.
ڄامشوري ۾ هڪ امدادي ڪيمپ اهڙي به نظر آئي.“ جتي ”ڇنڻ يا پنڻ“ وارو تصور نظر نه آيو. سنڌ يونيورسٽيءَ ڪالونيءَ جي گرلز هاءِ اسڪول واري ڪيمپ تي اسان جيئن پهتاسين ته ان جو ٻاهريون دروازو بند نظر آيو. ڪجهه مردن آڌر ڀاءُ ڪيو ۽ اسڪول جي بينچن تي وڃي ويٺاسون. جيڪو امدادي سامان هو. سو ڪنهن گاڏيءَ يا ه هٿن مان نه ڦريو، پاڻ کڻي وڃي اسٽور ۾ جمع ڪرايائون. اها ڪيمپ ڳڙهي خيرو جي ارڙهن سو ماڻهن تي مشتمل آهي. ڪئمپ سرڪار وٽ رجسٽر ٿي آهي. پر سرڪار انهن کي ڪو خيمو به نه ڏنو آهي ۽ نه وري ڪو راشن. ان ڪيمپ کي سنڌ يونيوسٽيءَ جو هڪ آفيسر حبيب بروهي پنهنجي پٽن ۽ محمود مغل جهڙن ساٿين جي مدد سان هلائي رهيو آهي. حبيب بروهي ۽ ان جا پٽ 24 ڪلاڪ واري واري سان ڪيمپ ۾ موجود رهن ٿا. انهن اسڪول اندر هڪ ننڍڙي ڪمري کي اسٽور بڻائي رکيو آهي. جتي کير، او آر ايس، منرل پاڻي ۽ اٽي جو ڪجهه ڏينهن وارو اسٽاڪ رکيل اٿن. هنن ڪيمپ منجهان ئي ڪجهه پڙهيل لکيل نوجوانن کي رضاڪار بڻائي ڇڏيو آهي. ڳڙهي خيرو جي انهن ٻوڏ متاثرين ۾ ڪجهه پڙهيل لکيل ماڻهو ۽ ڊسپينسر يا ڪمپائونڊر به شامل آهن. جيڪي ٻارڙن کي دوائون ڏيڻ جي ذميواري کڻن ٿا. سنڌ يونيورسٽي جا ڪجهه نوجوان استاد به شام جو ڪيمپ تي اچي رضاڪارانه ڪم ڪن ٿا. ان ڪيمپ ۾ هنن هڪ ننڍڙو رجسٽر به رکيو آهي. جنهن ۾ جمع ٿيندڙ شيون ۽ روزانو استعمال ۾ ايندڙ شيون لکيون وڃن ٿيون. سرڪاري خوراڪ هنن کي ڪڏهن ملي ٿي ته ڪڏهن نه ( ۽ خدا ڄاڻي سرڪاري وزيرن ۽ ڪامورن لاءِ ڪنهن ٻڌايو آهي ته ٻوڏ متاثر صرف چانور يا ڀت کائيندا آهن) ان ڏينهن ڪنهن پڇيو ته جڏهن ٽوڙي بند کي گهارو پوڻ نه پوڻ جو اعليٰ سطحي غور پئي ٿيو ته ان ڏينهن وزيرن ۽ ڪامورن جي لنچ سکر جي واحد ڪي ايف سي تان آئي هئي. پر ان گهاري جي پاڻيءَ ۾ جيڪي لڙهي. مري ۽ بچي نڪتا آهن. انهن جي عورتن، ٻارڙن ۽ مردن کي خيرات جي مانيءَ جهڙو ڀت يا چانور ڏنا ٿا وڃن. ڄامشورو جي سنڌ يونيورسٽي ڪالوني ڪيمپ ۾ ان شام اسان داخل ٿياسين ته ڄڻ ڳڙهي خيرو جي ڪنهن ويڙهي ۾ داخل ٿيا هجون. مرد پنهنجي روايتي ڪچهرين، سرٻاٽن ۽ سگريٽ ڦوڪڻ ۾ پورا هئا، ته عورتون ڪاٺين واري چلهه ٻاري چانورن ۽ ڪڻڪ جون مانيون پچائڻ ۾ رڌل هيون.
ڪيمپ انچارج حبيب بروهي ٻڌايو ته چوويهه ڪلاڪ چانورن وارو هڏو ڀت ماڻهن کي ڪو نه ٿو وڻي. ان ڪري ڪجهه راشن ڏيئي هو سندن وات جو ذائقو تبديل ڪن ٿا. ڄامشورو ڪمپ ۾ ارڙهن ماڻهو رهن ٿا. پر ايڌي هجي يا عمران خان، يا وري دنيا جهان ۾ ٻوڏ متاثرين جي نالي ۾ چندو گڏ ڪندڙ گرهه، هنن جي در تائين ڪو به نه پهتو آهي. امدادي ڪيمپ جي اسٽور واري ڪمري ۾ ڪچهري ڪندي سهڻو رائيٽر، ڪمپير ۽ استاد محمود مغل به اچي اسان جي ڪچهريءَ ۾ شامل ٿيو. محمود ٻڌايو ته سڀ ڪجهه هو پنهنجي مدد پاڻ تحت ڪن ٿا. ان دوران حبيب کيس دريءَ ۾ پيل تيل جي ٻن ٿيلهين ڏانهن اشارو ڪندي چيو ته ”سائين تيل ختم ٿي ويو اٿوَ.“ محمود پنهنجي موبائيل تان ڪنهن ڄاڻ سڃاڻ واري کي فون ڪيو. حجت به ڪيائين. گذارش به ته سڀاڻي تيل پهچڻ کپي درياهه جي دهشت کان متاثر ٿي لڏ پلاڻ ڪندڙ لکين سنڌين جي دربدريءَ ۾ ڄامشوري جي هڪ اسڪول واري هيءَ ڪيمپ برابر ته اٽي ۾ لوڻ برابر آهي. بيشڪ محدود آهي. پر منهنجي هڪ دوست چواڻي ”منظم انداز ته آهي. ماڻهن کي اعتماد ته آهي. متاثرين ڦرين يا پنن ته نٿا.“ ٻوڏ متاثرن جي نالي ۾ سياست ۽ قبضا گيريون به اڃا گهڻو قت هلنديون پر هي وقت حبيب بروهي ۽ محمود مغل جيان منظم ڪيمپون هلائيندڙن جا هٿ مضبو ط ڪرڻ جو آهي. انهن کي دل کولي ڏيو ته جيئن هو ٻين ڪيمپن ۾ به هٿ وجهي سگهن.“ سنڌي سرنديءَ وارا ڪٿي آهن. اهي اڳتي اچي متاثرن جي ڪيمپن کي منظم انداز ۾ ڇو نٿا کاڌ خوراڪ پهچائين.“ ڪيمپ کان واپسيءَ تي حساس دل دوست چيو. ان وقت اسان دهشت واري درياهه جي ڄامشورو پل ٽپي رهيا هئاسين. مان خاموش رهيس. پر اهو احساس ضرور ٿيو ته هن ٻوڏ سان گڏ سنڌي سماج جو گهڻو ڪجهه لڙهي ويو.