سنڌ ۾ ٻوڏ جا هاڃا….. محمد ادريس راجپوت
کنڊن جو اثر:
ٽنهي کنڊن جو پهريون اثر ته ٺٽي شهر تي ٿيندو، جيڪو ٻڏي ويندو، آر ڊي 12 کنڊ جي ڪري جيڪڏهن قومي شاهراهه ٽٽي پوي ٿو ته هڪ ته ڪراچي ۽ حيدرآباد وايا ٺٽي واري ٽريفڪ بند ٿي ويندي ۽ ٻيو اهو پاڻي هاليجي ڍنڍ ڏانهن رخ ڪري سگهي ٿو، رستي ۾ ڪراچي جي واٽر سپلاءِ واري لائين به آهي. جيڪا ڪينجهر ڍنڍ مان پاڻي ڪراچي کڻي وڃي ٿي، يعني ڪينجهر- گجو ڪينال، جيتوڻيڪ اهو پڪو واهه آهي ۽ ليول به مٿي آهي. پر ٻوڏ واري پاڻي جي اثر جو ڪجهه چئي نٿو سگهجي. جيڪڏهن ڪينجهر- گجو ڪينال کي ڪجهه ٿيو ته ڪراچي وارن کي پيئڻ جي پاڻي جي سپلائي تي اثر پئجي سگهي ٿو. آر ڊي 22 جي کنڊ جي پاڻي سڌو ٺٽي شهر ۾ داخل ٿيندو، آر ڊي 54 جو پاڻي ٺٽي ڏي به ايندو، پر مڪلي کان هيٺ پير پٺو، وَر، غلام الله کان لگهندو، ڪيٽي بندر ڏي رخ ڪندو، رستي تي آيل شهرن، ڳوٺن ۽ فصلن کي ٻوڙيندو، غريب ماڻهن جي تمام گهڻي لڏ پلاڻ ٿيندي.
تجزيو:
ٽن بيراجن جي ڪري سنڌو درياهه ٽن حصن ۾ ورهايل آهي. پهريون حصو گڊو بيراج کان سکر تائين اٽڪل 100 ميل ٻيو حصو سکر بيراج کان ڪوٽڙي بيراج تائين اٽڪل 200 ميل ۽ ٽيون حصو ڪوٽڙي بيراج کان سمنڊ تائين اٽڪل 100 ميل سنڌو درياهه جي پهرين ۽ پڇاڙي وارن حصن ۾ کنڊ پيا ۽ وچون حصو، جيڪو ٻنهي باقي حصن جي برابر آهي خير ٿيو جيتوڻيڪ درياهه جو مارو اڃا آگاڻي عاقل ۽ ٻين هنڌن تي جاري آهي. پاڻي ته سڀني هنڌن تي سکر فلڊ وارو هو، پوءِ ڪهڙو سبب هو. جو وچون حصو بچيو ۽ مٿيون ۽ هيٺيون حصو ٻڏو؟ اهو ٻڌائيندو هلان ته سڀني هنڌن تي بند جي ٽاپ وڌ ۾ وڌ آيل پاڻيءَ جي ليول کان 6 فوٽ مٿي ٺاهي وئي هئي. چون ٿا ته ٽوڙي تي بند اوور ٽاپ ٿيو، پر اهو اڃا ثابت ڪرڻو آهي. معنيٰ ڪٿي به بند اوور ٽاپ نه ٿيو آهي. ٻيو ته کنڊ پوڻ جو مکيه سبب روڻ آهي. ڏينهن شينهن آهي. ڏينهن جي ٽائيم ۾ پيل روڻ جو پتو پئجي وڃي ٿو ۽ اها ڪنٽرول ٿي وڃي ٿي. رات جو ٽائيم اهڙو آهي. جڏهن عملو غفلت ڪري ٿو يا گشت نٿو ڪري يا سمهي پوي ٿو، جنهن ڪري روڻ جي وقت سر خبر نٿي پوي جيڪا وڏي کنڊ ۾ مٽجي وڃي ٿي. گڊو بيراج جي ليفٽ مارجينل بند، مولچند شاهبندر ۽ بگهار بند کي کنڊ رات جي وقت لڳا آهن. معنيٰ اتي روڻ پئي. جيڪا وقت سربند نه ٿي ۽ کنڊ ۾ مٽجي وئي. معنيٰ انهي هنڌن تي غفلت ٿي، جنهن ڪري کنڊ پئجي ويا. هاڻي اچو ٽوڙي بند تي. اتي ڏينهن جو ٽين وڳي کنڊ لڳو، جيڪو چون ٿا ته اوور ٽاپ ٿيڻ ڪري پيو، چون ٿا انهيءَ بند جي اوور ٽاپ ٿيڻ جي خبر هنن کي ٻه ڏينهن اڳ ۾ هئي. جنهن جو بندوبست ڪري سگهجي ها. منهنجي حساب ۾ چئني کنڊن ۾ عملي جي غفلت ۽ لاپرواهي کي نظر انداز نٿو ڪري سگهجي.
سکر کان ڪوٽري واري ٻن سئو ميلن جي حصي ۾ به مسئلا اٿيا. ساڄي پاسي راڌڻ ڀرسان هڪ زبردست بلو آئوٽ ٿيو ۽ رات جو ٿيو، پر ماڻهو هوشيار هئا ۽ صورتحال کي منهن ڏئي ويا، سڳيون- مٽياري بند تي به روڻيون پيون. پر ماڻهو الرٽ هئا ۽ زميندارن مدد ڪئي. مون سان پاڻ هڪڙي ڏينهن درٻيلي جي ايم اين اي ظفر علي شاهه بند تان ڳالهايو. خيرپور ۾ پير پاڳاري صاحب پنهنجي حرن کي بند سنڀالڻ جي هدايت ڪئي. هالا ۽ مٽياري ۾ مخدوم صاحبن پنج سئو کن ماڻهو ڏنا. جن ڪيتريون روڻيون بند ڪيون ۽ ڪيترن هنڌن تي کاڌ کي روڪيو خاص طرح پاڻوٽ بند وٽ، بدقسمتيءَ سان اهي ڳالهيون گڊو سکر حصي ۽ ڪوٽري کان سمنڊ واري حصي ۾ زوردار طريقي سان نه ٿي سگهيون ۽ نتيجو اسان ڏسون پيا. غريب ماڻهو دربدر آهن، جيئن لاءِ ماني ۽ صاف پاڻي لاءِ هٿ ٽنگيو بيٺا آهن. الهه تلهه لڙهي ويا.
لڳل گهارن جو ٻڌجڻ:
پهريون گهارو ٽوڙي بند کي 7 آگسٽ تي لڳو هو، گهاري لڳڻ کان پوءِ آبپاشي کاتي جو عملو اتان غائب ٿي ويو ۽ گهاري جي Ends کي وڌڻ کان روڪڻ جي ڪو ڪوشش نه ڪئي وئي. جنهن ڪري اهو 50 فوٽن مان وڌي ٽي هزار فوٽ ٿي ويو. نتيجي ۾ اٽڪل هڪ لک ڪيوسڪ پاڻي گهاري مان نڪري ٻوڙ ٻوڙان ڪري پيو، ڪيترا ڳوٺ پاڻي ۾ ٻڏي ويا، ڪيترن شهرن جي چوڌاري پاڻي بيٺو آهي. افراتفري جي فضا آهي ۽ هرڪو ڏاڍو پنهنجي ايراضي بچائي ٻين کي ٻوڙي ٻيو، جيڪڏهن ٻوڏ واري پاڻي جو صحيح نيڪال ڪيو وڃي ها ته ايتري تباهي نه ٿئي ها، جيتري هينئر پئي ٿي. هاڻي چون ٿا ته کنڊ ٻڌڻ جو ٺيڪو ايف ڊبليو او کي ڏنو ويو آهي. جنهن تي 20 ڪروڙ خرچ ايندا. جنهن مان 10 ڪروڙ هنن کي يڪدم ڏيڻ جو چيو وڃي ٿو. اتي مشينون پهچائڻ لاءِ پهريون روڊن کي ٺيڪ ڪرڻو آهي، تنهن کان پوءِ کنڊ ٻڌڻ جو ڪم شروع ڪيو ويندو منهنجي خيال ۾ ٽوڙي وارا کنڊ سيپٽمبر جي پڇاڙي تائين مس بند ٿي سگهندا.
ٻيو کنڊ گڊو بيراج جي ليفٽ مارجينل بند کي 8 آگسٽ تي پيو، اها پنجاب جي ايريا هئي. انهيءَ ڪري قومي شاهراهه به ڪجهه وقت بند ڪرڻو پيو، اتي ڀر واري زمين مٿي هجڻ ڪري کنڊن مان پاڻي ڊسچارج لهڻ کان پوءِ ڪافي گهٽجي ويو ۽ اتي لڳل کنڊ بند ڪيا ويا آهن.
وري اچو ڪوٽڙي کان هيٺ مولچند شاهه بندر ۽ پنا- بگهاربندن کي لڳل کنڊن تي اهي 26 ۽ 28 آگسٽ تي لڳا آهن، انهن جو ٻڌجڻ درياهه جي لهي وڃڻ تي آدار رکي ٿو، منهنجي خيال ۾ ايندڙ پندرهن ڏينهن ۾ انهن جو ٻڌجڻ ممڪن ناهي ۽ انهن مان نڪرندڙ پاڻي اتي هيٺين آبادين کي ٻوڙيندو رهندو.
ٽوڙي واري کنڊ جي پاڻي جو احوال:
اهو پاڻي ننڍن وڏن شهرن جي چوڌاري پکڙجي پنهنجي آخري منزل ڏانهن وڌي رهيو آهي. ايف پي بند جي اولهه ۾ اهو حمل ڍنڍ ۾ پهچي پيو، جتان ايم اين وي ڊرين وسيلي اهو منڇر اماڻيو پيو وڃي. جنهن ڪري منڇر جي ليول وڌي پئي ۽ 28 آگسٽ تي اها 111.90 فوٽ ٿي وئي آهي. ٻئي پاسي شهدادڪوٽ، قبو سعيد خان آيل پاڻي ايف پي بند سان لڳو. اهو پاڻي شهدادڪوٽ ۽ ميروخان ڊرين کي ٽوڙي پنواري شاخ کي ٽوڙي نصير آباد ويجهو گهاڙ ڊرين تي پهچي ويو آهي، خبر پئي آهي ته فوج وارن جي مدد سان گهاڙ ڊرين کي ڪٽ ڏنا ويا آهن. اهو پاڻي هيٺ ميهڙ ۽ خيرپور ناٿن شاهه ويجهو سپريو بند ۽ ايف پي بند جي وچان هيٺ منڇر ڏي ويندو.
هڪڙي پاسي منڇر جي ليول چڙهي پئي ته ٻئي درياهه جي ليول لهي پئي، پر هينئر به درياهه جي ليول منڇر کان اٽڪل ڇهه فوٽ مٿي آهي. الله ڪري منڇر جي ليول هوريان چڙهي ۽ درياهه جي ليول تڪڙي لهي ته جيئن منڇر جي پاڻيءَ جو درياهه ۾ ڇوڙ ممڪن ٿي سگهي ۽ منڇر وارا منڇر ٽٽڻ جي عذاب کان بچن. هن سال درياهه جي ٻوڏ جيڪا تباهي آندي آهي. تنهن جو ماضي ۾ ڪو مثال ڪونهي. اتر ۽ لاڙ وارا ماڻهو مصيبت ۽ عذاب ۾ آهن. وچولي جا ماڻهو بچي ويا آهن. وچولي وارن ماڻهن کي کپي ته مصيبت سٽيل ماڻهن جي واهر ڪن ته هو پنهنجن پيرن تي بيهي سگهن!