تاريخ، فلسفو ۽ سياست

مها ٻوڏ 2010 (جيڪي سنڌ سان ٿيو)

ڪتاب ” مها ٻوڏ 2010 (جيڪي سنڌ سان ٿيو) “ اوهان اڳيان حاضر آهي. هن ڪتاب جو ليکڪ عزيز رانجهاڻي آهي. 07 آگسٽ 2010 تي سنڌوءَ جي ساڄي ڪپ تي ٽوڙيءَ واري هنڌ تان سنڌوءَ جي بچاءُ بند کي گهارو ڇا لڳو، ڄڻ سنڌ ۾ قيامت اچي وئي. شير درياهه سنڌو مستيءَ ۾ اچي سنڌ جي ميدانن شهرن ۽ ڳوٺن ۾ ڪاهجي پيو ۽ ٻوڙان ٻوڙ ڪري ڇڏي ۽ ڏسندي ئي ڏسندي بلوچستان جي حدن کان وٺي سنڌي سمونڊ تائين هڪ ٻيو سمونڊ ڪري ڇڏيو. جتي 10 کان وٺي 16 فوٽن تائين ڪيترائي ڏينهن اڌ سنڌ پاڻيءَ هيٺ رهي ۽ اڌ سنڌ جي آبادي سر ۽ مال متاع بچائڻ لاءِ سرگردان رهي ۽ پنهنجي ئي ڌرتيءَ تي صدين کان آباد هي ڌرتي ڌڻي بي گهر ٿي ڪسمپرسيءَ جي حالت ۾ ڪئمپن جي حوالي ٿيا. سنڌوءَ جو پاڻي سندن پويان ائين پئجي ويو جيئن ڪو حمله آور لشڪر اوچتو ڪنهن علائقي ۾ ڪاهجي پوي ۽ ماڻهن ۾ ڀاڄ پئجي وڃي ۽ هو ساهه بچائڻ لاءِ برمنهن ڪندا هجن. ڪٿي جيڪب آباد، ڪشمور، ٺل، شهدادڪوٽ، ڳڙهي خيرو ۽ ڪٿي ڪراچي، سانگهڙ، ٽنڊو باگو، نئون ڪوٽ ۽ حيدرآباد، ساهه بچائڻ لاءِ هي ڌرتي ڌڻي، سنڌ جي هڪ ڪنڊ کي ڇڏي ٻئي ڪنڊ تي وڃي ڪئمپن ۾ پهتا ۽ دربدر ٿي مصيبتن ۽ عذاب ۾ اچي ويا.
Title Cover of book مها ٻوڏ 2010 (جيڪي سنڌ سان ٿيو)

ڇا سنڌ خلاف ٿيندڙ گناهن به آب حيات پيتو آهي؟

سنڌ ۾ هونئن ته فرشتا ته پري ماڻهن جو به ڏڪار آهي، پر هاڻ جڏهن درياهه بادشاهه جو پاڻي ٻوڙان ٻوڙ ڪندو جهر جهنگ ۽ واهڻ وستيون لٽيندو، پنهنجي پٺيان بربادين جا مينار ڇڏيندو اڳتي وڌي رهيو آهي ته الائي ڇو دل ۾ اهو خيال اچي ٿو ته سنڌ ۾ هاڻ لومڙ، گدڙ ۽ ڳجهن بجاءِ ڪي ماڻهو به پيدا ٿين. نيٺ ماڻهن جو ڪهڪاءُ ڪنهن ماڻهوءَ کي ئي ايندو. بگهڙ گدڙ کي نه!
نه ته، سنڌ ته گدڙ، بگهڙ ۽ لومڙ گڏجي کائي ويا آهن ۽ جيڪو بچيو آهي ان تي ڳجهن جي اک آهي. اهي گدڙ، جيڪي آبپاشي کاتي ۾ تڏهن ڀرتي ٿيا هئا جڏهن بيراجن جي بندن ۽ واهن جي ڪڙن تي انگريز انجنيئرز هٿان لڳل ٽالهي جا وڻ ڪچڙي جواني ۾ هئا ۽ واهن ۾ کاٽي هر سال ٿيندي هئي. کين مجال ڪو نه هئي ته پڇڙي جي شاخ جو پاڻي ڪنهن مهڙ جي زميندار کي وڪڻي ڏين. يا اهي بگهڙ جن کي سياست جو چوغو پاتل هو ۽ سياست کي گورک ڌنڌي بنائڻ کان اڳ هو نظرين ۽ انقلابن جون ڳالهيون ٻڌائي خلق ڪٺي ڪندا هئا ۽ لومڙ؟ اها مخلوق هر کاتي ۽ هر شعبي ۾، تپيدار، مختيارڪار، صوبيدار جهڙين شڪلن ۾ موجود رهي آهي. موجوده ٻوڏ سندن ڪرتوتن ۽ دعائن جو نتيجو آهي.
چون ٿا ته سنڌ جو آبپاشي جو نظام جي ايشيا نه ته، ڏکڻ ايشيا جو سڀ کان منظم نهري نظام آهي. سکر کان نڪرندڙ روهڙي ڪئنال سوين ڪوهه پري لاڙ واري سنڌ جون زمينون سيراب ڪري ٿو. پر بقول جوهي جي فقير موسي بروهي جي ته:
انگريز ڳئي ڇوڙ،
ڀاڙئي گهن ڳئي زور.

هي جي اوهان کي آبپاشي کاتي جي رٽائر ۽ حاضر سروس ڪامورن ۽ عملدارن جا ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ وڏ بنگلا نظر اچن ٿا، سي کين سنڌ جي ان نهري نظام جي تباهي جي قيمت ادا ڪري مليا آهن. 1942ع، 1956ع ۽ 1976ع جي ٻوڏن جي سٽ سهندڙ سنڌ جي نهري نظام کي لڳل ڪامورڪي اڏوهي اڄ اڌ سنڌ کي گهران ڪڍي ڪئمپن ۾ ڌڪي آڻي بيهاريو آهي.
هي عجيب مخلوق آهي، جيڪا مرڻو به کائي ته پرڻو به. انهن گڏجي سنڌ ٻوڙي، هاڻ ٻوڙڻ کان پوءِ تارڻ لاءِ جيڪي ڏوڪڙ ايندا، سي به هي ونڊي کائيندا. هي ڊي سي اوز، مختيارڪار، مقامي سياستدان، وزير ۽ مشير اڳواٽ ئي امداد جي تصور تي به قربان وڃن ٿا، جيڪا کين غريبن ۾ ورهائڻ لاءِ ملندي ۽ جنهن مان هو دبئي ۽ ملائيشيا ۾ ٿڪ ڀڃڻ ۽ مالش ڪرائڻ جا ڏوڪڙ ڪڍڻ لاءِ ايترو ته دماغ وڙهائي چڪا آهن.
هاڻ اوهان سوچيندا هوندئو ته باقي ڳجهون ڪير آهن؟ ته سائين منهنجا اها مخلوق اوهان کي ان انتظار ۾ ملي ته سرڪاري مشنري مخلوق مان هٿ ڪڍي ته باقي رهيل مال اسان کائون ته ان مخلوق کي پاڻ ڳجهه سڏينداسين. اوهان کين ڀل سماج سڌارڪ ڪوٺيو. جي ايئن ناهي ته پوءِ هي جي سنڌ ۾ سنڌ ڪابينا جي ميمبرن جيان بيشمار سماج سڌارڪ آرگنائيزيشن آهن، سي ٻوڏ کان پوءِ ماڻهن جي مالڪي ڪنديون نظر اچن ها، سندن بحالي لاءِ مليل امداد کي ڪوڙين رسيدن رستي خرچ ڪندي نظر نه اچن ها.
بقول وسعت الله خان جي ته هي همراهه ٻوڏ کان پوءِ ايندڙ ٻوڏ- ڊالرن جي ٻوڏ، جي تصور تي في الحال ته عطر هنيو گهمن ٿا، ايندڙ مهينن ۽ هفتن ۾ ٻوڏ متاثرن جي بحالي لاءِ سڄي ملڪ سميت سنڌ ڏي به ڊالر منهن ڪندو، ڇا ڪو اهڙو معجزو به ٿي سگهي ٿو ته هي مخلوق جن وٽ ماڻهن جو مرون جيترو ئي ڪهڪاءُ آهي، سا پاڻ به ماڻهو ٿي پوي؟
آخر سئو ڪوئا کائڻ کان پوءِ ٻلي کي، ڀلي پار جي زيارت ڪرڻ جو شوق جاڳندو آهي، هي مخلوق هيل ڇو نه ٿي ٻلي جيان ثواب کٽي؟
سنڌ خلاف ٿيندڙ گناهه جي به هڪ عمر ۽ حد هجڻ کپي.