تاريخ، فلسفو ۽ سياست

مها ٻوڏ 2010 (جيڪي سنڌ سان ٿيو)

ڪتاب ” مها ٻوڏ 2010 (جيڪي سنڌ سان ٿيو) “ اوهان اڳيان حاضر آهي. هن ڪتاب جو ليکڪ عزيز رانجهاڻي آهي. 07 آگسٽ 2010 تي سنڌوءَ جي ساڄي ڪپ تي ٽوڙيءَ واري هنڌ تان سنڌوءَ جي بچاءُ بند کي گهارو ڇا لڳو، ڄڻ سنڌ ۾ قيامت اچي وئي. شير درياهه سنڌو مستيءَ ۾ اچي سنڌ جي ميدانن شهرن ۽ ڳوٺن ۾ ڪاهجي پيو ۽ ٻوڙان ٻوڙ ڪري ڇڏي ۽ ڏسندي ئي ڏسندي بلوچستان جي حدن کان وٺي سنڌي سمونڊ تائين هڪ ٻيو سمونڊ ڪري ڇڏيو. جتي 10 کان وٺي 16 فوٽن تائين ڪيترائي ڏينهن اڌ سنڌ پاڻيءَ هيٺ رهي ۽ اڌ سنڌ جي آبادي سر ۽ مال متاع بچائڻ لاءِ سرگردان رهي ۽ پنهنجي ئي ڌرتيءَ تي صدين کان آباد هي ڌرتي ڌڻي بي گهر ٿي ڪسمپرسيءَ جي حالت ۾ ڪئمپن جي حوالي ٿيا. سنڌوءَ جو پاڻي سندن پويان ائين پئجي ويو جيئن ڪو حمله آور لشڪر اوچتو ڪنهن علائقي ۾ ڪاهجي پوي ۽ ماڻهن ۾ ڀاڄ پئجي وڃي ۽ هو ساهه بچائڻ لاءِ برمنهن ڪندا هجن. ڪٿي جيڪب آباد، ڪشمور، ٺل، شهدادڪوٽ، ڳڙهي خيرو ۽ ڪٿي ڪراچي، سانگهڙ، ٽنڊو باگو، نئون ڪوٽ ۽ حيدرآباد، ساهه بچائڻ لاءِ هي ڌرتي ڌڻي، سنڌ جي هڪ ڪنڊ کي ڇڏي ٻئي ڪنڊ تي وڃي ڪئمپن ۾ پهتا ۽ دربدر ٿي مصيبتن ۽ عذاب ۾ اچي ويا.
Title Cover of book مها ٻوڏ 2010 (جيڪي سنڌ سان ٿيو)

سنڌ جي ٻڏل ايراضين مان پاڻي ڪيئن ڪڍجي؟…محمد ادريس راجپوت

ڪاوش جي 24 آڪٽوبر واري اخبار ۾ منهنجو مضمون بعنوان ”سنڌ جي ٻڏل شهرن مان پاڻي ڪڏهن نڪرندو؟“ شايع ٿيو، جنهن ۾ مون شهرن مان پاڻي ڪڍڻ لاءِ صلاحون ڏيندي، خاص طور ڳڙهي خيرو، قبو سعيد خان ۽ ڪي اين شاهه مان ٻوڏ واري پاڻي جي نيڪال بابت ڪجهه مشورا ڏنا هئا. سينيئر وزير ذوالفقار مرزا، ڪي اين شاهه مان پاڻي ڪڍڻ لاءِ، آبپاشي عملدارن کي منهنجن مشورن تي ٽن ڏينهن ۾ عمل ڪرڻ جو حڪم ڏنو. هن انهن حڪمن مطابق 21 آڪٽوبر تائين ايم اين وي ڊرين کي ڪاري موري کان مٿي ۽ جوهي برانچ کي ڪاري موري کان هيٺ هزار، هزار فوٽ جا ٻه ڪٽ ڏنا، جن جي نتيجي ۾ ڪي اين شاهه شهر مان پاڻي نڪرڻ شروع ٿيو ۽ رپورٽ موجب پاڻي لهڻ ڪري دادو- ڪي اين شاهه روڊ تي پاڻي گهٽ ٿي ويو ۽ ٽريفڪ شروع ٿي ويئي. مالڪ جو ڪرم آهي ته ماڻهن کي رليف ملڻ به شروع ٿي ويو آهي ۽ جيئن جيئن پاڻي نڪرندو ويندو. ماڻهن کي وڌيڪ فائدو ٿيندو ويندو اهو رڳو ڪي اين شاهه ۾ ٿيو آهي منهنجي مشورن تي اڃا ڳڙهي خيرو ۽ قبو سعيد خان شهرن جي حوالي سان عمل نه ٿيو آهي. جيڪڏهن انهن تي به عمل ڪيو وڃي ته اتي پڻ بهتر نتيجا ماڻي سگهجن ٿا.
بهرحال، اها ته رڳو ٽن شهرن جي ڳالهه آهي. هزارين ڳوٺ ۽ قبو سعيد خان کان منڇر تائين ايم اين وي ڊرين جي ٻنهي پاسن کان تمام گهڻي زرعي ايراضي ٻوڏ جي پاڻي هيٺ آيل آهي (ڏسو نقشو) جيڪڏهن انهيءَ کي ايئن ڇڏي ڏجي ته ڇهن مهينن تائين به پاڻي نه سڪي سگهندو. اهو پاڻي ڪڍڻ لاءِ ڪوششوپن وٺڻ جي ضرورت آهي ته جيئن اتي ڦاٿل بي وس ۽ لاچار ماڻهن کي به جلد رليف ملي سگهي.

حڪمت عملي Strategy
انهن ڪوششن جي حوالي سان ٻه ڳالهيون ٿيڻ گهرجن. پهرين اها ته هينئر جيڪو پاڻي واهن ۾ پيل کنڊن مان، يا آبپاشي نظام مان اچي رهيو آهي. تنهن کي روڪيو وڃي. ٻي ڳالهه اها ته ٻوڏ جي اٿيل پاڻي کي قدرتي نڪاسي واري رستي ڏانهن ورائڻ لاءِ ڪوشش ٿيڻ گهرجي. اهو تڏهن ممڪن ٿي سگهندو. جڏهن جيڪي واهه، رستا يا سم ناليون پاڻي کي روڪيو بيٺيون آهن. تن کي ڪٽ ڏنا وڃن ۽ قدرتي نڪاسي واري رستي آڏو آيل رڪاوٽون پري ڪيون وڃن.
(الف) واهن مان ايندڙ پاڻي:
هن مهل به رائيس ڪينال ۽ وارهه برانچ مان ڳچ پاڻي نڪاسي واري لائين ۾ اچي رهيو آهي. جنهن کي روڪڻ لاءِ اهي واهه هينئر يڪدم بند ٿيڻ گهرجن. پوءِ اڳتي هلي انهن کي هڪ هفتو کولي رکجي ۽ ٻيو هفتو بند رکجي. ته جيئن رڳو آبپاشي لاءِ پاڻي استعمال ٿئي ۽ نڪاسي واري لائين ۾ نه اچي. ان کانسواءِ جن واهن ۽ ڊرينز ۾ کنڊ پيل آهن. اتان به پاڻي اچي پيو. تن کنڊن کي بند ڪرڻ گهرجي ته جيئن اهو پاڻي اڳي ئي ٻڏل ايراضين ۾ نه اچي.

(ب) قدرتي نڪاسي واري لائين مان رنڊڪون پري ڪرڻ:
ان ڪم لاءِ هيٺانهين کان شروعات ٿيڻ گهرجي ۽ پوءِ مٿانهينءَ ڏانهن اچڻ گهرجي. ٿيوري اها آهي ته پاڻيءَ کي هيٺانهينءَ ڏانهن جو رستو ڏجي. درياهه ۾ ڇوڙ کان اڳ پڇاڙڪي ڇوڙ واري جاءِ منڇر ڍنڍ آهي. تنهنڪري، اسان منڇر کان شروع ڪري مٿي هلنداسين. ڇو جو پاڻيءَ کي جيڪڏهن هيٺيون گس نه ملندو ته اهو هيٺ ڪيئن لهندو؟
(i) منڇر ڍنڍ: 26 آڪٽوبر تي منڇر جي سطح 116 فوٽ هئي. اها روز هڪ ڊيسي مل لهي رهي آهي. اسان کي اها اٽڪل 112 فوٽ ڪرڻي آهي. جنهن ۾ چاليهه کن ڏينهن لڳندا اهو عرصو اسان کي گهٽائي 20 ڏينهن تائين محدود ڪرڻو پوندو انهيءَ لاءِ اسان کي وڌيل منڇر، يعني ڀان سعيد آباد تائين اٿيل منڇر، جي ڪرمپور واري ڪٽ تائين تڪڙو پاڻي پهچائڻ لاءِ انڊس هاءِ وي، ريلوي ٽريڪ، ڀنڀا شاخ ۽ لوڪل بورڊ واري روڊ کي اٽڪل 1000 فوٽ وڌيڪ ڪٽ ڏيڻا پوندا. جنهن سان پاڻي درياهه م تڪڙو ويندو ۽ ڀان سعيد آباد جي چئن ديهن ۾ بيٺل پاڻي به نڪري ويندو. ان لاءِ ايڪس ڪويٽر مشينون آڻي اونها ڪٽ ڏيڻا پوندا. جيڪڏهن انڊس هاءِ وي چالو رکڻو آهي ته وڏا پائيپ وجهي مٿان ٽريفڪ هلائي سگهجي ٿي.
(ii) منڇر کان ڪاري موري تائين: ڪاري موري اها جاءِ آحي جتي جوهي برانچ ايم اين وي ڊرين مٿان ٽپي ٿي. جنهن کي فني ٻولي ۾ Aqueduct چئجي ٿو. اتي ايم اين وي ڊرين کي هڪ هزار فوٽ جو ڪٽ ڏيڻو آهي ته جيئن ڪي اين شاهه شهر جو پاڻي نڪاسي واري لائين ۾ اچي. ٻيو هزار فوٽ جو ڪٽ وري جوهي برانچ کي ڏيڻو آهي. ته جيئن رڪيل پاڻي هيٺ هلي. اهي ٻئي ڪٽ 21 آڪٽوبر تي ڏنا ويا آهن ۽ پاڻي هيٺ هلي پيو. وري جتي ايم اين وي، منڇر ۾ ڇوڙ ڪري ٿي، جنهن کي زيرو پوائنٽ چئجي ٿو. اتي به ايم اين وي کي وڌيڪ ڪٽ ڏيڻ ضروري آهي. ته جيئن پاڻي تڪڙو منڇر ۾ پئجي سگهي ۽ ڪرمپور وٽ درياهه ۾ تڪڙو ڇوڙ ٿي سگهي.
(iii) ڪاري موري کان ايم اين وي ڊي جي آر ڊي زيرو O تائين: ايم اين وي ڊرين ۽ سپريو بند وچ ۾ ٽي رنڊڪون اچن ٿيون. هڪڙي سم نالو، ٻي شاخ ۽ ٽيون روڊ، انهن ٽنهي کي وڌيڪ ڪٽ ڏيڻ جي ضرورت آهي ته جيئن پاڻي هيٺ لهي سگهي. سپريو بند جي آر ڊي 49 تي پيل گهاري کي هزار فوٽ ويڪرو ڪرڻ گهرجي ته جيئن سپريو بند ۽ انڊس هاءِ وي وچ ۾ اٿيل پاڻي موٽ کائي ايم اين وي ۾ ڪري سگهي. وري ميهڙ جي ڀرپاسي وارين ايراضين جو پاڻي ڪڍڻ لاءِ سپريو بند کي هڪ هزار فوٽ جو ٻيو ڪٽ ڌامراهه برانچ جي ڳاڙهي ريگيويلٽر وٽ ڏيڻ گهرجي. جنهن سان ڌامراهه برانچ جي ساڄي پاسي وارو بيٺل پاڻي گاجي کهاوڙ شهر تائين نڪري سگهندو.
(iv) ايم اين وي ڊرين جي هيڊ کان زيرو پوائنٽ (آر ڊي 475 ايف پي بند): هتي ڪا رنڊڪ ڪانهي، هتي شهدادڪوٽ ڊرين ۽ ميرو خان ڊرين اچي آر بي او ڊي ۾ پون ٿيون ۽ ڪجهه پاڻي ايف پي بند جي مٿان کان به ٽپي ٿو. جيڪڏهن شهدادڪوٽ ڊرين ۽ ميرو خان ڊرين ۾ ڪي رنڊڪون آهن ته اهي پڻ هٽائڻ گهرجن.
(v) زيرو پوائنٽ کان ڳڙهي خيرو شهر تائين: ڳڙهي خيرو شهر ۽ ان جي ڀرپاسي وارين ايراضين جو پاڻي رڳو ايدن شاخ وسيلي نڪري سگهي ٿو. ايدن شاخ آر بي او ڊي ٿري ۾ پوي ٿي. اها شاخ تمام گهڻي لٽيل آهي. انهيءَ جي سٺي کاٽي کانسواءِ اها گهربل پاڻي گذر ڪري نه سگهندي. جيڪڏهن چار چين ٽائپ ايڪس ڪويٽر لڳايا وڃن ته اهو ڪم هڪ هفتي اندر ٿي سگهي ٿو. گڏوگڏ ڳڙهي خيرو ويجهو بيگاري ڪينال ۾ پيل کنڊ به بند ڪرڻ گهرجن.
(vi) زيرو پوائنٽ کان ايس ايم بند تائين: قبو سعيد خان جي الهندي پاسي بيٺل پاڻي قبو ڊسٽري معرفت شهدادڪوٽ برانچ ڊرين ۾ پئجي سگهي ٿو. شهدادڪوٽ برانچ ڊرين وري اهو پاڻي زيرو پوائنٽ تائين کڻي وڃي ٿي. جيڪو آر بي او ڊي ۾ به وڃي ٿو ۽ ايف پي بند کي به ڪراس ڪري وڃي ٿو.
(vii) شهدادڪوٽ شهر جي چوڌاري بيٺل پاڻي: شهدادڪوٽ ڪو نه ٻڏو هو، پر ان جي چوڌاري پاڻي بيٺو آهي. جنهن جي نيڪالي ضروري آهي. اتان آر بي او ڊي ٿري جو گذر ويجهو آهي. اهو پاڻي مناسب هنڌن تي ليڊنگ چينل ٺاهي آر بي او ڊي ٿري ۾ وجهي سگهجي ٿو.
(viii) جيڪب آباد ۽ شڪارپور ضلعن جو باقي بيٺل پاڻي: انهن ضلعن جو نڪاسي وارو پاڻي اڳ به اين ڊبليو ڪينال جي 154 آر ڊي تي ۽ کيرٿر ڪينال جي 116 آر ڊي تي پمپن ذريعي وڌو وڃي ٿو. پر هينئر پمپن جو انگ وڌائڻ جي ضرورت آهي ته جيئن پاڻي تڪڙو نڪري سگهي. وري ٻيو بيٺل پاڻي پمپن ذريعي کيرٿر ڪينال ۾ آر ڊي 50 ۽ 83 ۾ وجهي سگهجي ٿو. اهو پاڻي اتان هينئر رين ڊرين ۾ پوندو. جيڪا بلوچستان ۾ آهي. هينئر رين ڊرين جو ڇوڙ ايف پي بند جي مٿين ڀر آهي. جتان اهو وهي منڇر ۾ ۽ پڇاڙي ۾ درياهه ۾ پوندو.

منصوبي تي عمل:
ڪو منصوبو ڪيترو به سٺو ڇو نه هجي. جيستائين ان کي صحيح نموني وقت سر، عمل ۾ نٿو آڻجي ته گهربل نتيجا ماڻي نه سگهبا. پهرين ته منصوبو سٺو هجڻ لازمي آهي. پوءِ انهيءَ تي عمل ڪرڻ جو فيصلو گهرجي ٿو. تنهن کان پوءِ اها ايجنسي گهرجي ٿي جيڪا ان تي عمل ڪندي. پڇاڙي ۾ عمل ڪرڻ جو فيصلو ڪرڻ واري اٿارٽي کي ان منصوبي تي ٿيندڙ عملدرآمد جو جائزو وٺڻو آهي ته اهو ڪيئن پيو هلي ۽ جي عمل نه ٿيو آهي ته ان صورت ۾ ڪهڙا قدم کڻجن. پهرين ته سرڪار جو پاڻي ڪڍڻ لاءِ ڪو منصوبو يا پلان ڪو نه هو، تنهنڪري ئي اسان کي اهو ڪم سونپيو ويو. ٻن سرڪاري ماهرن منهنجي ليڊرشپ ۾ سرزمين جو مڪمل معائنو ڪرڻ کان پوءِ فيلڊ عملدارن جي مدد سان ٻوڏ جو پاڻي ڪڍڻ جو منصوبو جوڙيو جنهن جي رڳو ڪجهه حصي تي عمل ڪرڻ سان خبر پيئي ته ڪي اين شاهه جو پاڻي نڪرڻ شروع ٿي ويو. ان مان اندازو ٿئي ٿو ته منصوبو صحيح هو. تنهن هوندي ڪنهن ٻئي ماهر يا ماهرن جي ٽيم کان ان جي مناسب هجڻ جي تصديق ڪرائي سگهجي ٿي. ان کان پوءِ ان تي عمل ڪرڻ جو فيصلو ٿيڻ کپي. فيصلي ٿيڻ کان پوءِ اهو ڪم اهڙي ٽيم کي ڏنو وڃي جيڪا اهو ڪم ڪرڻ جي اهل هجي. ان ٽيم کي ٽائيم فريم ڏجي ته هيتري وقت ۾ هي ڪم ڪرڻو آهي. انهن جون جيڪي گهرجون هجن. اهي پوريون ڪيون وڃن. پر جيڪڏهن اها ٽيم ناڪام ٿئي ته انهن جو احتساب پڻ يقيني بڻايو وڃي.
خيرپور ناٿن شاهه مان پاڻي ڪڍڻ جي سلسلي ۾ سنڌ جي گهرو کاتي واري وزير ۽ پ پ سنڌ جي سينيئر نائب صدر ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا فيصلي جي طاقت ۽ عمل جو مظاهرو ڪيو آهي. منهنجي سنڌ جي وڏي وزير کي گذارش آهي ته انهيءَ منصوبي تي عمل ڪرائڻ جي ذميواري مرزا صاحب کي ڏني وڃي. جيڪڏهن ايئن ڪيو ويو ته اميد آهي ته ٻڏل شهرن ۽ ايراضين جو پاڻي مناسب وقت ۾ نڪري ويندو ۽ ماڻهو جلد پنهنجن گهرن ڏانهن موٽي سگهندا.