تاريخ، فلسفو ۽ سياست

مها ٻوڏ 2010 (جيڪي سنڌ سان ٿيو)

ڪتاب ” مها ٻوڏ 2010 (جيڪي سنڌ سان ٿيو) “ اوهان اڳيان حاضر آهي. هن ڪتاب جو ليکڪ عزيز رانجهاڻي آهي. 07 آگسٽ 2010 تي سنڌوءَ جي ساڄي ڪپ تي ٽوڙيءَ واري هنڌ تان سنڌوءَ جي بچاءُ بند کي گهارو ڇا لڳو، ڄڻ سنڌ ۾ قيامت اچي وئي. شير درياهه سنڌو مستيءَ ۾ اچي سنڌ جي ميدانن شهرن ۽ ڳوٺن ۾ ڪاهجي پيو ۽ ٻوڙان ٻوڙ ڪري ڇڏي ۽ ڏسندي ئي ڏسندي بلوچستان جي حدن کان وٺي سنڌي سمونڊ تائين هڪ ٻيو سمونڊ ڪري ڇڏيو. جتي 10 کان وٺي 16 فوٽن تائين ڪيترائي ڏينهن اڌ سنڌ پاڻيءَ هيٺ رهي ۽ اڌ سنڌ جي آبادي سر ۽ مال متاع بچائڻ لاءِ سرگردان رهي ۽ پنهنجي ئي ڌرتيءَ تي صدين کان آباد هي ڌرتي ڌڻي بي گهر ٿي ڪسمپرسيءَ جي حالت ۾ ڪئمپن جي حوالي ٿيا. سنڌوءَ جو پاڻي سندن پويان ائين پئجي ويو جيئن ڪو حمله آور لشڪر اوچتو ڪنهن علائقي ۾ ڪاهجي پوي ۽ ماڻهن ۾ ڀاڄ پئجي وڃي ۽ هو ساهه بچائڻ لاءِ برمنهن ڪندا هجن. ڪٿي جيڪب آباد، ڪشمور، ٺل، شهدادڪوٽ، ڳڙهي خيرو ۽ ڪٿي ڪراچي، سانگهڙ، ٽنڊو باگو، نئون ڪوٽ ۽ حيدرآباد، ساهه بچائڻ لاءِ هي ڌرتي ڌڻي، سنڌ جي هڪ ڪنڊ کي ڇڏي ٻئي ڪنڊ تي وڃي ڪئمپن ۾ پهتا ۽ دربدر ٿي مصيبتن ۽ عذاب ۾ اچي ويا.
Title Cover of book مها ٻوڏ 2010 (جيڪي سنڌ سان ٿيو)

وارثيءَ جي آس ۾ ڏکن هٿان پيڙجندڙ خلق!...مختيار چانڊيو خيرپور ناٿن شاهه

ڳوٺ مير حسن کان خيرپور ناٿن شاهه ايندي ٻوڏ جي پاڻي ۾ لڙهي ويل 22 سالن جي نوجوان سجاد علي سومرو جي ٻڍڙي امڙ مريم سومرو جيڪا پٽ کي ياد ڪري پار ڪڍي روئيندي رهي ٿي، ٻه مهينا گذري وڃڻ باوجود هن جي اک ناهي لڳي ۽ هو رات ڏينهن روئيندي رهي ٿي. جڏهن سندس اک لڳي ٿي ته خوابن ۾ پنهنجي پٽ جي هٿن پيرن کي ميندي لائي موڙ ٻڌي، ڳيچ ۽ لاڏا ڳائيندي ڇرڪ ڀري اٿي پوي ٿي ته هر طرف تباهه ۽ برباد ٿيل گهرن کانسواءِ ڪجهه ناهي. پوءِ سياري جي رات ۾ روئيندڙ هن ماءُ جي پار ڪڍڻ تي سڄي ڳوٺ جا ماڻهو پنهنجا ڳوڙها نٿا روڪي سگهن. سجاد سومرو جو پيءُ چاچو شاهنواز سومرو، جنهن کي اميد هئي ته سندس نوجوان پٽ هن جي ٻڍڙائپ جو سهارو بڻجندو ۽ هو باقي زندگي سک ۽ آرام سان گذاريندو. پر هن جي پٽ جي حادثاتي ۽ بي وقتائتي موت هن جون سڀ اميدون مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيون. چاچو شاهنواز، جنهن جي پيري سبب هڪ اک اڳ ئي بي نور بڻجي ويئي آهي. پٽ جي وڇوڙي ۾ روئيندي روئيندي اکين جي نور کان محروم ٿي هڪ کٽ تي ويهي ويو آهي ۽ رات ڀر پنهنجي نوجوان پٽ کي ياد ڪري پيو ڳوڙها ڳاڙيندو آهي. ۽ شايد جيستائين زندهه رهن تيستائين روئيندا رهن.
خيرپور ناٿن شاهه شهر کان صرف هڪ ڪلوميٽر جي فاصلي تي موجود هنن ماڻهن سان ايڏو وڏو حادثو ٿيو، پر هتان جي چونڊيل نمائندن توڙي مخالف ڌر جي سياست ڪندڙ وڏيرن ۽ ڪامورن 5 منٽ تڪليف ڪري هنن وٽ وڃي ٻه قل پڙهي دعا گهري عام رواجي لفظ چوڻ جي تڪليف به نه ڪئي ته ”اسان کي توهان جي نوجوان پٽ جي موت جو ڏک آهي.“ هي نه صرف سجاد علي سومرو جي ماءُ پيءُ جا ڏک آهن. پر ٻوڏ دوران هتي ڪيترا اهڙا واقعا ۽ حادثا ٿيا. جن ڪيترن خاندانن جون زندگيون اجاڙي ڇڏيون ۽ انهن کي رت جا ڳوڙها روئاري ڇڏيا. ڳوٺ شاهي لغاري جا اهي ٽي نوجوان صدام حسين لغاري، جلال لغاري ۽ عرفان لغاري جيڪي پاڻي ۾ لڙهي ويا ۽ سندن لاش مشڪل سان مليا، اهي ٻڍڙي عورت حاڪم زادي جيڪا گهر مان سامان ڪڍندي اڃ سبب اهو گندو پاڻي پيتو ۽ گيسٽرو ۾ مبتلا ٿي، علاج جون سهولتون نه هجڻ سبب تڙپي تڙپي فوت ٿي وئي، يا اهو پيرسن جيڪو وطن ڪارڊ وٺڻ وقت روڊ تي سندس مٿان گاڏي چڙهڻ سبب فوت ٿيو يا اهو ثاقب علي لغاري، جنهن جي ٽنگ ڀڄي پئي. علاج نه هجڻ سبب اڄ به معزور بڻيل آهي. اهو ڪنڊي چکيءَ جو گداگر فقير غلام حيدر ملاح، جنهن جوهي برانچ جي وڻن هيٺان پنهنجن چئن معصوم ٻارڙن ۽ زال سان پناهه ورتي هئي. جنهن روئيندي ٻڌايو ته هو هڪ هٿ ۽ ڄنگهه کان محروم آهي. کيس چار معصوم ٻارڙا آهن. گداگري بند ٿي وئي آهي. مان هن ٻوڏ جو سڀ کان وڌيڪ متاثر آهيان، پر سرڪار توڙي تنظيمن مان ايندڙ سامان مون کي نٿو ملي ۽ هن سڏڪا ڀريندي آسمان ڏانهن هٿ کنيو هيو ته مون کي الله سائين ڏيندو. هي ته صرف مثال آهن. انهن چند حادثن جا، پر هتي هر ڳوٺ ۾ ماڻهن جي ڏکن جا هزارين داستان آهن. جيڪي ٻڌي ماڻهن جون ننڊون اڏامي وڃن ۽ راتين جو اکيون بند نه ٿين ۽ انهن ڳالهين تي سوچي سوچي ماڻهو چريو ٿي پوي. جيئن شهباز ڪالوني جو اهو نوجوان جنهن جي گهر ۾ جڏهن ٻوڏ جو پاڻي داخل ٿيو ته دانهون ڪندو روئيندو روئيندو بيهوش ٿي ويو ۽ جڏهن هن کي هوش آيو ته هو پنهنجو دماغي توازن وڃائي چڪو هو. اڄ هو زندهه ته آهي، پر چرين وانگر پنهنجي گهر توڙي گهٽين ۾ کلندو ۽ روئيندو رهي ٿو، ڪير ٻڌائي ته هي ماڻهو جيڪي آهستي آهستي موت ڏي وڌي رهيا آهن. ڪنهن جا ماڻهو آهن؟ ڪير سار لهندو. هنن ماڻهن جي جيڪي تڪليفن مصيبتن ۽ احساس محرومين ۾ مبتلا ٿي رهيا آهن؟
هتان جا ماڻهو جيڪي اڳ ئي غربت جي لڪير کان هيٺ زندگي ڏاڍين مصيبتن ۾ گذاريندا هئا ۽ ڪيترائي ماڻهو بک، بدحالي ۽ بيروزگاري جو شڪار هئا. ٻوڏ انهن جي ڏکن تڪليفن ۽ مصيبتن ۾ وڌيڪ اضافو ڪري ڇڏيو آهي. هارين ۽ آبادگارن جا پڪل فصل تباهه ٿي ويا. گهر ڊهي ويا، مينهون، ٻڪريون، ڳئون جيڪي سندن روزگار جا وسيلا ۽ ذريعا هئا. جن تي سندن گذر سفر ٿيندو هو، اهو سڀ ڪجهه ختم ٿي ويو آهي. اهي خوبصورت ڳوٺ کنڊراتن ۾ تبديل ٿي چڪا آهن، جن ڳوٺن مان سدائين ڳيچن، لاڏن ۽ سهرن جا آواز گونجندا هئا. اڄ انهن ڳوٺن مان روئڻ، پار ڪڍڻ ۽ ماتم جا آواز اچن ٿا. هو ماڻهو مايوس ۽ پريشان آهن. نه هنن وٽ سر لڪائڻ لاءِ ڪو اجهو آهي. نه وٽن کائڻ لاءِ کاڌ خوراڪ، بک، بدحالي بيروزگاري ڄڻ ته سندن نصيب مقدر بڻجندي پئي وڃي. اڄ جڏهن هنن ماڻهن کي سرڪار جي مدد جي ضرورت آهي ۽ کين اجڙيل زندگين لاءِ ڪنهن سهڪار ۽ سهاري جي ضرورت آهي ته سرڪار نالي ڪا شيءِ نظر نٿي اچي. ماڻهن کي راشن، خيما نٿا ملن. ايتري تائين جو مختلف بهانا ڪري انهن کي وطن ڪارڊن کان به محروم رکيو پيو وڃي. ڏينهن جا ڏينهن ماڻهو وطن ڪارڊ جي سينٽرن، چونڊيل نمائندن جي بنگلن ۽ ڪامورن جي آفيسن جا چڪر ڪاٽي ڪاٽي ٿڪجي. پريشان ۽ مايوس ٿي ماٺ ڪري ويهي رهيا آهن. ڪهڙي معيار ڏجي. هتان جي چونڊيل نمائندن ۽ ڪامورن کي، جيڪي عوام جي تڪليفن ۽ ڏکن کان لاتعلق بڻيل آهن ۽ انهن جون آهون ۽ دانهون انهن جي شاندارن گهرن ۽ گاڏين جي شيشن سان ٽڪرائجي واپس اچن ٿيون. خيرپور ناٿن شاهه جي چار لک ماڻهن جي دربدري ۽ ڪيمپن ۾ گذارڻ کي 3 مهينا ٿي ويا آهن ۽ ٻي عيد به گذري وئي. جيڪا به هنن پنهنجن گهرن ۽ ڳوٺن کان پري گذاري. هونءَ به اهي ماڻهو ڪهڙيون عيدون ملهائيندا. جن وٽ پائڻ لاءِ ڪپڙا ۽ کائڻ لاءِ اٽو ناهي؟ ڪهڙيون عيدون ملهائيندا اهي ماڻهو، جن جا معصوم ٻچڙا ۽ عورتون هن سرد راتين ۾ کليل آسمان هيٺ ويٺل آهن ۽ سر لڪائڻ لاءِ انهن وٽ ڇت ناهي. ڪهڙيون عيدون ملهائيندا اهي، جن جا عزيز وڇڙي ويا؟