مهاڳ
[/b]
سنڌ ۾ آيل هن مها ٻوڏ دوران، عزيز رانجهاڻي ۽ مان ڪافي وقت گڏ هياسين. ان موتمار مصيبت جو پاڻ اکين سان صورتحال ڏسڻ لاءِ گڏجي مختلف بندن کان سواءِ منڇر ڍنڍ، جوهي، ايم اين وي ڊرين تي بار بار وڃڻ ٿيو. ساڳي وقت ٻوڏ متاثر ماڻهن جي پنهنجي وت وس آهر مدد لاءِ ڪراچي، حيدرآباد دادو ۽ ڪاڇي جي ڪيترين ڪئمپن جا به ڀيرا ڀريا. اهڙي سفر دوران سنڌ ۾ آيل هن قيامت برپا ڪندڙ ريلي جي باري ۾ پنهنجي سمجهه مطابق تبصرن ۽ تجزين سان گڏ، حڪمرانن جي ڪن لاٽار تي به ڪڙهندا ۽ پڄندا هئاسين. خاص ڪري ان هنگامي حالتن وقت جڏهن نام نهاد پاڻي جا ماهر مختلف ٽي وي چئنلن تي ويهي ابتاسبتا تجزيا پيش ڪندا هئا ته انهن جي اڻڄاڻائي تي افسوس ٿيندو هو.
مون کي ياد آهي ته ٽوڙي بند ٽٽڻ بعد منهنجي عزيز رانجهاڻي سان ڳالهه ٻولهه ٿي هئي. هن ٻڌايو هو ته ان بي مهار پاڻي جو آخري انت منڇر ئي آهي. هن تمام سولي نموني سمجهايو ته اهو وهڪرو ڪهڙا ڪهڙا گهٽ گهيڙ گهوٽيندو، منڇر ۾ اچي ڪرندو، پوءِ منڇر بم جيان ڦاٽڻ بعد جيڪا قيامت آڻيندي، اها ڏسڻ وٽان هوندي. عزيز رانجهاڻي جا اهي انديشا واقعي هر هڪ وک تي صحيح ثابت ٿيا.
مان جنهن شعبي ۾ نوڪري ڪيان ٿو، ان جو تعلق به پاڻي سان ئي آهي. ٽيهن سالن کان ڪيترن ڊيمن آبي ذخيرن، ڪئنالن جي اڏاوتن کان سواءِ ٻوڏن دوران به ڏکين ۽ نازڪ مرحلن مان گذريو آهيان. تازي ٻوڏ دوران به بندن تي دل و جان سان قومي فرض سمجهي مهينن جا مهينا ايمرجنسي ڊيوٽيون ڏنيون آهن.
انهن ٻوڏن دوران جتي حڪمرانن جي بي حسي، چونڊيل نمائندن جي اقربا پروري، اعليٰ عملدارن جي اک ٻوٽ ڏٺي، اتي ڪن محڪمن جي نااهلي به بي مثال آهي. گذريل ٻوڏ دوران هڪ هنڌ گهارو لڳي ويو جيستائين مشينون اچن هڪ آرمي جو ميجر ۽ مان ڪاڙهي ۾ اُڀي پيرين، اُڃ ۽ بک تي گهارو بند ڪرائڻ جا جتن ڪري رهيا هياسين، ته اوچتو اسان کي مٿان حڪم مليو ته هاڻي گهاري کي بند ڪرڻ جو ڪم آبپاشي کاتو ڪندو. ان حڪم ملڻ سان ڏٺوسين ته اتي ديومالائي انداز ۾ ڄڻ ڪنهن تهوار جي تياري شروع ٿي وئي، اک ڇنڀ ۾ شاميانا ۽ قناعتون لڳي ويون. ٽيبل ڪرسيون اچي ويون اعليٰ قسم جي ڪراڪري ۾ ڪيڪ پيسٽريون، ڊرائي فروٽ سجائي رکيا ويا. ڇيلا ڪسجڻ ۽ ديڳن کي دَم اچڻ لڳا. منگلي ٻڌڻ لاءِ ٽوٻن جا ٽولا پهچي ويا، هزارن جي تعداد ۾ ٻاچڪا ڳوڻيون ۽ لڪڙن جا ڍير لڳي ويا. مطلب ته گهاري کي بند ڪرڻ جي ڪوشش گهٽ پر عياشي ۽ ٻي بندوبست ڏي توجهه گهڻو هو.
اسان ڳاٽي ٽوڙ گرمي ۾ به پنهنجي حصي ۾ آيل ڪم جي نگهباني ڪري رهيا هياسين. اسان جي سامهون منهن جي عهدي جيترو آبياري کاتي جو آفيسر، ڪار اندر ويٺو، ايئرڪنڊيشن هلايون ڪم جي نگهباني ڪري رهيو هو، هو تپش ڪري، ڪار مان ٻاهر پير به هيٺ نه پيو لاهي، هو ٿڌي ڪار ۾ ليٽيو، يخ مشروبات سان لطف اندوز به ٿي رهيو هو.
بهرحال ان ڪارروائي دوران مشينون پهچڻ سان منهنجي هڪ ايڪسيڪيويٽر جو آپريٽر ٻه ٽي دفعا، وڏي اعتماد سان مون کي اچي چيو ”سائين خوامخواهه وقت ٿا وڃايو. مون کي صرف ڪلاڪ ڏيو ته مان اهو بند ٻڌي ڏيانوَ.“
مان آرمي آفيسر سان ذڪر ڪيو، جنهن پاڻي کاتي جي هڪ عملدار سان ڳالهه ڪئي، جنهن وڏي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو، ”هي اسان جي اداري جو مسئلو آهي، ٻي ڪنهن جو نه وڃي“ لڳي پيو ته هو شايد اهڙو سڻڀو گرهه هٿان وڄائڻ نه پيا چاهن.
چوويهه ڪلاڪ گهاري کي بند ڪرڻ جي ڪوشس ڪئي وئي. پر ڪوبه کڙتيل نه نڪتو. ٻڌل منگلي لڙهي وئي، يار صفا ڏئي وٺي بيٺا، ڀرسان وارا علائقا ٻڏندا پي ويا. تڏهن فوجي آفيسرن به اک پٽي هنن رابطو ڪري ان آپريٽر کي گهرايو. يقين ڪيو ته ان آپريٽر چند ڪلاڪن ۾ ٻن ٽن مشينن جي مدد سان ساڳيو گهارو ٻڌي ڏنو. خبر نه آهي ته الائي ڇو اسان جي ماهرن ٻه ڏينهن ۽ لکين رپيا هروڀرو ايئن پاڻي ۾ وهايا. سنڌ ۾ آيل اٿلن دوران سوين اهڙا نااهلي جا مثال موجود هوندا. پرڏٺو وڃي ته هن ٻوڏ دوران اهڙن ادارن کان علاوه سنڌ جي ماڻهن مال ملڪيت سان گڏ پنهنجو صدين جو وقار به ڄڻ وڃايو آهي. حڪومت هن آفت وقت ڄاڻي ٻجهي وزيرن ۽ وڏيرن کي مان ڏئي، انهن جي معرفت امداد ورهائي. جيئن عوام وري وڏيرن جو ڳيجهو رهي ۽ انهن جي درن جا ڌڪا کائي. ٻين لفظن ۾ ورهاست جي اهڙي ڪبيهه طريقيڪار ۾ عوام جي خودداري کي ڌوئي، کين پينو بڻايو ويو. ٿوري گهڻي امداد جيڪا ملي به ان ۾ به اقربا پروري ڪئي وئي. ايتري قدر جو ڪيترو امدادي سامان اڄ به وڏيرن جي اوطاقن ۽ گودامن ۾ سڙي رهيو آهي.
هن مها ٻوڏ دوران البت اهو سٺو سبق مليو ته جن به شهرن جي ماڻهن درياهن سان مهاڏو اٽڪايو اهي پنهنجا وستيون ۽ واهڻ بچائي ويا. ان جو مثال شهدادڪوٽ، هالا، لاڙڪاڻو ۽ جوهي وغيره آهي. ٻين هنڌن تي درياهه جي بندن تي اتان جا وزير، چونڊيل نمائنده ۽ سرڪاري عملدار موجود هئا. پر جوهي ۾ صرف هٿين خالي عوام ۽ مڇريل سمنڊ جو جهيڙو هيو. اهڙي موقعي تي جوهي جي دوستن جي همت افزائي لاءِ، عزيز رانجهاڻي سان گڏجي، ڇنڊڻ وٽان ٻيڙي تي چڙهي، ڇوليون هڻندڙ سمنڊ جهاڳي وڃي جوهي پتڻ تي پير ڇنڊيا هئا، اتي چوڦير پاڻي جو آڙاهه ڏسي حيران ٿي وياسين. بند تي راتن جون راتيون جاڳيل سرويچ ڪوڏريون ڪلهن تي لڙڪايون چوڪسي ڪندي نظر آيا. اتي ٻورين، ٻاچڪن ۽ پٿرن جي ڪمي ڪري ماڻهن پنهنجي گهرن جو رليون ۽ چادريون، بند تي وڇائي ان کي کاڌ ۽ لهرن کان بچايو هو، مردن سان گڏ ڪيتريون پردهه دار عورتون به ڇليون ۽ ٻاچڪا ڀري بند بيهاري رهيون هيون، معصوم ٻارڙا به جذبي ۾ سرشار پنهنجي وس آهر مائرن ۽ ڀينرن جو هٿ ونڊائي رهيا هئا.
جوهي جي ڪونڌرن جو اهو مثالي ڪارنامو ڏسي، هاڻي اهو چئي سگهجي ٿو ته سنڌ جي ماڻهن کي جيڪڏهن صحيح ليڊر شپ ملي ته ٻوڏ ته ڇا، هو دنيا جي هر مصيبت سان منهن ڏئي سگهن ٿا. ٻين لفظن ۾ ماڻهن کي پنهنجي سگهه جو اندازو ٿيو ۽ هنن کان کسيل اعتماد کين وري موٽي مليو.
سنڌ ۾ سالن کان وٺي الائي ڪيتريون سياسي تحريڪون، آفتون ۽ ٻوڏيون آيون آهن. پر بدقسمتي سان، اسان وٽ انهن تحريڪن، مصيبتن ۽ ٻوڏن جو ڪوبه باضابطه ريڪارڊ موجود ڪونهي، پر هن ڀيري جس آهي عزيز رانجهاڻيءَ کي جنهن وڏي ذميواريءَ سان هن ٻوڏ جي روزمره جي ڊائري لکڻ سان گڏ ان دور ۾ مختلف رسالن، اخبارن ۾ ڇپيل مضمون ۽ ڪالم به هٿ ڪري، سنڌ جي هن هيبتناڪ حادثي کي تاريخ ۾ محفوظ ڪري ڇڏيو آهي.
اشتياق انصاري
دادو
2011-04-19