تاريخ، فلسفو ۽ سياست

مها ٻوڏ 2010 (جيڪي سنڌ سان ٿيو)

ڪتاب ” مها ٻوڏ 2010 (جيڪي سنڌ سان ٿيو) “ اوهان اڳيان حاضر آهي. هن ڪتاب جو ليکڪ عزيز رانجهاڻي آهي. 07 آگسٽ 2010 تي سنڌوءَ جي ساڄي ڪپ تي ٽوڙيءَ واري هنڌ تان سنڌوءَ جي بچاءُ بند کي گهارو ڇا لڳو، ڄڻ سنڌ ۾ قيامت اچي وئي. شير درياهه سنڌو مستيءَ ۾ اچي سنڌ جي ميدانن شهرن ۽ ڳوٺن ۾ ڪاهجي پيو ۽ ٻوڙان ٻوڙ ڪري ڇڏي ۽ ڏسندي ئي ڏسندي بلوچستان جي حدن کان وٺي سنڌي سمونڊ تائين هڪ ٻيو سمونڊ ڪري ڇڏيو. جتي 10 کان وٺي 16 فوٽن تائين ڪيترائي ڏينهن اڌ سنڌ پاڻيءَ هيٺ رهي ۽ اڌ سنڌ جي آبادي سر ۽ مال متاع بچائڻ لاءِ سرگردان رهي ۽ پنهنجي ئي ڌرتيءَ تي صدين کان آباد هي ڌرتي ڌڻي بي گهر ٿي ڪسمپرسيءَ جي حالت ۾ ڪئمپن جي حوالي ٿيا. سنڌوءَ جو پاڻي سندن پويان ائين پئجي ويو جيئن ڪو حمله آور لشڪر اوچتو ڪنهن علائقي ۾ ڪاهجي پوي ۽ ماڻهن ۾ ڀاڄ پئجي وڃي ۽ هو ساهه بچائڻ لاءِ برمنهن ڪندا هجن. ڪٿي جيڪب آباد، ڪشمور، ٺل، شهدادڪوٽ، ڳڙهي خيرو ۽ ڪٿي ڪراچي، سانگهڙ، ٽنڊو باگو، نئون ڪوٽ ۽ حيدرآباد، ساهه بچائڻ لاءِ هي ڌرتي ڌڻي، سنڌ جي هڪ ڪنڊ کي ڇڏي ٻئي ڪنڊ تي وڃي ڪئمپن ۾ پهتا ۽ دربدر ٿي مصيبتن ۽ عذاب ۾ اچي ويا.
Title Cover of book مها ٻوڏ 2010 (جيڪي سنڌ سان ٿيو)

سنڌ کي مليل نياپو….نثار کوکر

ان ڏينهن سکر جي ايم ڪي هاءِ اسڪول ۾ قائم ٻوڏ متاثرين جي ڪيمپ مان عورتن ۽ مردن جا انٽرويوز ڪري ٻاهر نڪري رهيو هئس ته هڪ اٺن سالن جو ٻارڙو پويان لڳو آيو. هن منهنجي ٻرانگهن سان ڊوڙندي پنهنجي رفتار هلائي ۽ نماڻيون اکيون کڻي چيائين. ”مان به ڳالهائيندس“ مون کي ٿورڙو تجسس ۽ هن جي معصوميت تي پيار آيو، پڇيومانس ”ڇا ڳالهائيندئين“ شرمائي چپ ٿي ويو. اسڪول ۾ قائم ڪيمپ مان نڪري ذري گهٽ در تي اچي پهتو هئس. ننڍڙي جي مٿي جي وارن تي آڱريون ڦيري پڇيم، ”نالو ڇاهي بابا؟“ وراڻيائين. منصب علي سومرو، ” ڪٿان آيو آهين منصب علي؟“ وراڻيائين. ٺل کان منصب جي اکين ۾ اڻ تڻ ڏسي مون سوچيو هو شايد عورتن ۽ مردن جي هجوم کان گهٻرايل هو ۽ اڪيلي سر پنهنجو مسئلو ٻڌائڻ پيو چاهي. منصصب جي پتڪڙي قد سان پنهنجو قد ملائڻ خاطر مان گوڏن ڀر هيٺ ويهي رهيس. ريڊيو جي مائيڪ هن اڳيان ڪندي صحافين وارو تڪڙو تعارفي سوال ڪيم. جي منصب ڇا مسئلو آهي تنهنجو پراڻو پر صاف سٿرو پهرياڻ پاتل معصوم منصب هيڏي هوڏي ڏسي چيو. مرچائي چانور مختصر جواب ۾ ڳالهه نه سمجهي سگهيس ته وري پڇيومانس ته ”جي؟ هاڻي منصب تفصيل ٻڌائڻ لڳو.”ڪمپ تي اسان کي رڳو مرچائي چانور ٿا ڏين. روزو به ان سان ٿا رکون ۽ کوليون. اسان جو هانءُ سري ٿو. هنن کي چئو ته اڇا چانور ڏين هن کان پڇيم اڇا چانور ڇا سان کائيندين؟ منصب کلندي ٺهه پهه وراڻيو کير سان هاڻي منصب جو اهو مسئلو ڪير سمجهي. سرڪار پاران ٺيڪي ۾ مليل ديڳين کي گرم مصالحن وارا بورچي تيار ته ڪن ٿا پر سرڪار به کين اهڙا حڪم ڏيئي ٿي ته برياني پچايو ٻوڏ ۾ لڏ پلاڻ ٻهراڙي ۽ ڪچي جي انهن لکين ماڻهن ڪئي آهي. جن جي سالن کان ”ڊنر“ کير ۽ اڇا چانور رهي آهي. ان ۾ وڌيڪ لذت اها ڳڙ واري مٺائي پيدا ڪندي آهي. جيڪا اهي ماڻهو شوق سان اڇن چانورن (ڀت) جي پليٽ تي وجهي ان مٿان کير هاري گڏائي جو کائي سمهن ٿا ته هنن جو هانءُ به بقول منصب جي ٺريل رهي ٿو. پر هو دربدري واري حالت ۾ ويهن ٽيهن ڏينهن کان برياني يا مرچن وارا چانور کائي کائي اصل رت ٿي پيا آهن.
ٻوڏ متاثر علائقن جي چڪر دوران ڪجهه اهڙا به منظر ڏسڻ لاءِ مليا. جيڪي شايد اکيون ڏسڻ نه چاهين ها. ٻٻرلوءِ باءِ پاس واري باغيچي ۾ هڪ خاندان خانه بدوشن وانگر ڪاٺين ۽ کٽن جي سهاري رليون ٽنگي مٿي تي ڇانوَ ڪري ويٺل هو. ان رلين واري ”خيمي“ اندر ٽي عورتون ويٺل هيون. جڏهن منهنجي نظر انهن تي پئي ته ان مان هڪ عورت کي قميص يا چولو پاتل ڪو نه هو، مون غير يقني واري حالت ۾ اکيون ٻوٽي ڪجهه سڪنڊن کان پوءِ گاڏيءَ جي شيشي مان وري ڏٺو ته اها ساڳي عورت هڪ ڌوتل قميص يا چولو پائي چڪي هئي ۽ وارن ۾ وهنجڻ کان پوءِ واري ڦڻي ڏئي رهي هئي. اهي عورتون گرمي جي شدت کان بيزار ٿي سهولتن جي کوٽ سبب عام چوراهن تي لڳل جر وارن نلڪن هيٺان ڪپڙن سميت تڙ ڪن ٿيون. جنهن کان پوءِ هڪٻئي جي اوٽ ۾ ويهي ڪپڙا تبديل ڪن ٿيون. ڪو وقت منهنجو غير يقيني ۽ حيرانيءَ ۾ گذريو ته وقت ڪيڏا نه حادثا ڪري ٿو. نه ته هي انهن علائقن م قبيلن جون عورتون آهن. جن ڏانهن اشارو ڪرڻ يا ڏسڻ تي به ڪاروڪاريءَ جا الزام لڳن ٿا ۽ خوني جهيڙا ٿيندا رهن ٿا.
ٻٻرلوءِ باءِ پاس ڀرسان سرڪاري اسڪول ۾ ترسيل ماڻهن کان حال احوال وٺن دوران ٻاهر روڊ ڪناري ويٺل ماڻهن جو به هجوم اچي گڏ ٿيو. ان هجوم اهي دانهون ڪيون ته امدادي سامان صرف سرڪاري ڪيمپن ۾ ويٺل ماڻهن کي ٿو ملي. ان هجوم ۾ شامل هڪ عورت دانهون ڪري سڀني کي پاسيرو ڪيو ۽ پاڻ اڳتي اچي چوڻ لڳي. ”اسان کي ٻه وقت ڀت (مرچائي چانور) ڏئي ٿا وڃن. پر اسان کي اهو به نه کپي. ننڍڙا ٻچا اس ۾ سڙي ويا آهن. انهن کي مٿي جي ڪا ڇانوَ ڏيو. ويٺا به روڊ تي آهيون. پر اسان ڏي ته ڪو لڙي به نٿو، اسن ۾ سڙي ويا آهيون. مٿي جي ڇانوَ ڏيو. ” ٻروچاڻو گهگهي وارو پهراڻ پاتل ان عورت ۽ ننڍڙي منصب علي جو مسئلو ڪير سمجهي ۽ حل ڪري سگهي ٿو. ڪا خبر ناهي. ڇو ته سرڪار ۽ ان جا ادارا يا ته ٻوڏ جي پاڻيءَ ۾ لڙهي ويا آهن. يا وري امدادي ڪمن تان ملندڙ ڪميشن جي پئسن جو حساب پنهنجي ڪلڪيوليٽر تي ڪري رهيا آهن. تنهنجو مسئلو ڪير سمجهي بابا. مان ته تنهنجي لاءِ ڪجهه نٿو ڪري سگهان. مٺڙا منصب، چئه پنهنجي نصيب کي بابلا...“ الاءِ ڇو اهي اکر لکندي ۽ ڀنل اکين اڳيان منصب اچي ٿو. وڃي.
جڏهن سوين لکين منصب گڏجي سامهون اچن ٿا ته هو پنهنجي سرڪار مٿان بي اعتمادي ڪندي نظر اچن ٿا. سنڌ ۾ ٻوڏ جي سياست تي تفصيلي ڪڏهن ٻئي ڀيري لکبو. پر جس آهي جو هي وارن کي جنهن ٻوڏ جي سرڪاري سياسي چال کي پنهنجي همت، حوصلي ۽ اتحاد ذريعي منهن ڏنو. جوهي دادو ضلعي جو هڪ ننڍڙو شهر ضرور آهي. پر متحرڪ به آهي. هونئن ته جوهي ڪيترن ئي قومپرستن ۽ کاٻي ڌر جي ڪامريڊن جو اباڻو شهر آهي. پر سڀني کان وڌيڪ اهم ته پيپلزپارٽيءَ جو ڳڙهه آهي. پيپلزپارٽي جي سربراهه محترمه بينظير ڀٽو جي قتل خلاف پهريون ڀيرو عورتن جو جلوس شهر ۾ مارچ ڪيو هو، پر هن ڀيري پنهنجي پارٽيءَ جي حڪومت هوندي عورتن مردن سان گڏجي همت ڪئي ۽ ٻوڏ جي راڪاس جيان وڌندڙ پاڻيءَ کي شڪست ڏني. جوهيءَ وارن جي چونڊيل نمائندن ۽ سرڪار کين پهرئين ڏينهن شهر خالي ڪرڻ جو حڪم ڏنو، سرڪار ڪراچيءَ مان 3 سئو گاڏيون آڻي جوهي واسين جي در تي بيهاريون. پر سرڪار جي” ٻوڏ سياست“ کي هو ڀانپي ويا. سياسي وابستگين کان هٽي ڪري سائين بخش رند، ڊاڪٽر حميد، قربان کوکر ۽ ٻين انيڪ ماڻهن فيصلو ڪيو ته شهر کي بچائبو. سرڪار انهن جي ”ضد“ کان تنگ ٿي چيو قلم هڪ سئو چوئيتاليهه لڳائي ماڻهن کي زبردستي ڪڍنداسين پر ماڻهن جو جذبو اهڙو زور جهڙو ٻوڏ جو پاڻي. جوهي واسين جي ٻوڏ سان مهاڏو اٽڪائڻ جي ڪهاڻي پندرهن ڏينهن تائين جاري رهي. ڏينهن رات هڪ ڪري ويٺا. ان جدوجهد ۾ اهڙين عوامي ڪهاڻين جنم ورتو. جيئن شهر جي هڪ لوهار چيو ”ٻيو ڪجهه نٿو ڪري سگهان پر پنجاهه ڪوڏرون منهنجي پاران امداد اٿوَ“ شهر جي حفاظتي بند ڀرسان قائم ڳوٺ وارن اهي ڏينهن پنهنجي مينهن جو کير وڪرو ڪرڻ بند ڪري ڇڏيو. چيائون. ڪم وارن لاءِ چانهه ۾ اهو کير مدد ڏيندو جوهي وارن سان بظاهر ائين ڪو اسيمبلي ميمبر يا وزير گڏ ڪو نه هو، جيئن شهدادڪوٽ وارن سان نادر مگسي ۽ سموري حڪومتي مشينري گڏ بيٺل هئي. پر پوءِ به سکڻن هٿن ۽ خالي کيسن تي همراهه وڃي هڻي هنڌ ڪيو.
جوهي وارا هن ڀيري اسيمبلي ميمبرن ۽ وزيرن جي ٿڌي ٿوري کان بچي پيا. ڪراچيءَ ۾ پنهنجي آفيسريءَ واري نوڪري ۽ ٻار ٻچا ڇڏي لاڳيتو پندرهن ويهه ڏينهن وڃي جوهي وسائيندڙ محمد موسيٰ رند جو ته وري قصو ئي الڳ آهي. ان ڏينهن جوهيءَ مان فون تي ٻڌايائين ته هن جي پنهنجي ناني سان گهڻي انسيت هئي ۽ حقيقت ۾ هو سيڙهجي ان ناني جي قبر پاڻيءَ کان بچائڻ پهتو آهي. جنهن کيس آڱر کان وٺي هلڻ سيکاريو موسيٰ رند جو نانو ملهه پهلوان هو ۽ موسيٰ ٻين جوهي واسين سان گڏجي هن ڀيري ٻوڏ کي ملهه ماري آهي. جوهي وارن جو اعتماد پيپلزپارٽيءَ تي اڃا رهندو يا نه ڪا خبر ناهي. ڇو ته هن ٻوڏ ۾ به حڪمران پارٽيءَ کين ائين اڪيلو ڇڏيو آهي. جيئن سنڌ اسيمبليءَ جي ميمبر جي ٽڪيٽ ورهاست دوران انگريزي محاوري مطابق ٻاهر ٿڌ ۾ بيٺل هوندا آهن. پيپلز پارٽي جو رڪارڊ رهيو آهي ته جوهي مان ڪنهن به ماڻهوءَ کي ٽڪيٽ نه ڏني اٿن.
جوهي واسين جو اعتماد رهي نه رهي. پر ايم آر ڊي جي شهيدن واري علائقي خيرپور ناٿن شاهه واسين جو هاڻي مٿن ڪو اعتماد نه رهيو آحي. ”ناٿن شاهي ماڻهن جو هانءُ ٿو ڪري جڏهن هو انهن رستن تي ٻيڙيون هلندا ٿا ڏسن. جتي هو چهل قدمي ڪندا هئا. هڪ ناٿن شاهيءَ ٻڌايو ته اخبارن ۾ ڇپيل اهو فوٽو واقعي به ان شهر جي حالتن مٿان ماتم ڪرڻ لاءِ ڪافي آهي. جنهن ۾ جڳهن جي ڇتين مٿان ويٺل ماڻهن کي اڳوڻي مصروف بازار ۾ ٻيڙين تي ويندڙ ماڻهن ڏي اشارو ڪندي ڏيکاريل آهي. ”خيرپور ناٿن شاهه جا اهڙا برا ڏينهن جو انهن جي پنهنجي پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت ۾ سندن شهر ۾ ارڙهن ڏينهن کان پاڻي بيٺل هجي ۽ حڪومتي ادارا پنهنجي عملي بي ڌيان ۽ لاتعقلي ذريعي اهو ئي چئي رهيا هجن. ”سنڌي پنهنجي ضد سبب ٻڌا آهن“ جيئن وزيراعظم گيلاني ڪجهه ڏينهن اڳ فرمايو هو هاڻي لڳايو حساب ته حڪمران سنڌين کي نياپو ڪهڙو ٿا ڏين؟