تاريخ، فلسفو ۽ سياست

مها ٻوڏ 2010 (جيڪي سنڌ سان ٿيو)

ڪتاب ” مها ٻوڏ 2010 (جيڪي سنڌ سان ٿيو) “ اوهان اڳيان حاضر آهي. هن ڪتاب جو ليکڪ عزيز رانجهاڻي آهي. 07 آگسٽ 2010 تي سنڌوءَ جي ساڄي ڪپ تي ٽوڙيءَ واري هنڌ تان سنڌوءَ جي بچاءُ بند کي گهارو ڇا لڳو، ڄڻ سنڌ ۾ قيامت اچي وئي. شير درياهه سنڌو مستيءَ ۾ اچي سنڌ جي ميدانن شهرن ۽ ڳوٺن ۾ ڪاهجي پيو ۽ ٻوڙان ٻوڙ ڪري ڇڏي ۽ ڏسندي ئي ڏسندي بلوچستان جي حدن کان وٺي سنڌي سمونڊ تائين هڪ ٻيو سمونڊ ڪري ڇڏيو. جتي 10 کان وٺي 16 فوٽن تائين ڪيترائي ڏينهن اڌ سنڌ پاڻيءَ هيٺ رهي ۽ اڌ سنڌ جي آبادي سر ۽ مال متاع بچائڻ لاءِ سرگردان رهي ۽ پنهنجي ئي ڌرتيءَ تي صدين کان آباد هي ڌرتي ڌڻي بي گهر ٿي ڪسمپرسيءَ جي حالت ۾ ڪئمپن جي حوالي ٿيا. سنڌوءَ جو پاڻي سندن پويان ائين پئجي ويو جيئن ڪو حمله آور لشڪر اوچتو ڪنهن علائقي ۾ ڪاهجي پوي ۽ ماڻهن ۾ ڀاڄ پئجي وڃي ۽ هو ساهه بچائڻ لاءِ برمنهن ڪندا هجن. ڪٿي جيڪب آباد، ڪشمور، ٺل، شهدادڪوٽ، ڳڙهي خيرو ۽ ڪٿي ڪراچي، سانگهڙ، ٽنڊو باگو، نئون ڪوٽ ۽ حيدرآباد، ساهه بچائڻ لاءِ هي ڌرتي ڌڻي، سنڌ جي هڪ ڪنڊ کي ڇڏي ٻئي ڪنڊ تي وڃي ڪئمپن ۾ پهتا ۽ دربدر ٿي مصيبتن ۽ عذاب ۾ اچي ويا.
Title Cover of book مها ٻوڏ 2010 (جيڪي سنڌ سان ٿيو)

هڪ انجنيئر جي ٻوڏ دوران بند تي لکيل ڊائري….اشتياق انصاري

چوڦير اونداهي ڦهليل آهي. مان بند تي عارضي قائم ڪيل ڪئمپ پهچي چڪيدار کان ڪالهوڪي ٻوڏ ۾ لڙهي آيل همراهه جي باري ۾ پڇا ڪريان ٿو، ڪالهه سنجها ڌاري اسان جي ڪئمپ ڀرسان اوچتو رڙيون ٿي ويون ”بچايو... بچايو... ٻڏان ٿو...“ ڏسون ته هڪ همراهه ٻوڏ جي پاڻي ۾ لڙهندو هيانءَ ڦاڙ دانهون ڪندو ٿو اچي. اتي موجود ڳوٺ جي نوجوانن ٽٻيون هڻي وڏي مشڪل سان کيس ڇڪي ٻاهر ڪڍيو. همراهه ڪجهه سامت ۾ اچڻ بعد ٻڌايو ته سندس ڳوٺ بچاءَ بند ڀرسان آهي. هو اوڏانهن پنهنجي گهر وڃڻ چاهي پيو ته اوچتو گولي جهڙو وهڪرو کين گهلي ويو. همراهه ايڏا غوطا کائڻ بعد به ضد ڪري رهيو هو ته هن مان هٿ ڪڍو ته هو پنهنجي ٻچن سان ملڻ وڃي. هو پنهنجي ٻچڙن جي باري ۾ بي حد فڪرمند هو. هن کي خوف هو ته سندس ٻار ٻچا به ان طوفاني ٻوڏ ۾ لڙهي ويا هوندا. هن هيجاني ڪيفيت ۾ وري هڪ اڌ دفعو پاڻي ۾ لهڻ جي ڪوشش ڪئي. ان جي اها جنوني ڪيفيت ڏسي سوچيان پيو ته، ڇا! واقعي اولاد پنهنجي جان کان به پيارو هوندو آهي؟ هن کي اهڙي خودڪشي کان باز رکڻ لاءِ کيس زوري پاڻ وٽ سوگهو ڪري ويهاريو. هن جي کيسي مان نڪتل بندڙي مان فون نمبرن تي کيس پنهنجي مائٽن سان به ڳالهرايو آهي. تنهن هوندي به احتياطن ڪئمپ جي چوڪيدار مجيد جمالي کي خاص هن جي نظر داري لاءِ مقرر ڪيو آهي.
اسان جو چوڪيدار مجيد جمالي، ڀٽو خاندان جو شيدائي آهي. ايم آر ڊي دوران کيس ٽي سال جيل ۽ پندرنهن ڦٽڪا لڳا هئا. جنرل ضياءَ جي دادو جي دوري دوران هن اگهاڙو ٿي سندس استقبال ڪيو هو. ڀٽو صاحب کي جڏهن ڦاسي ڏئي شهيد ڪيو ويو هو ته هن جوهيءَ جي جيل ۾ پنهنجي مٿان گاسليٽ هاري پاڻ کي باهه ڏئي ساڙيو هو، جنهن جا نشان اڄ به هن پورهيت جي بدن تي ظاهر آهن. اڄڪلهه منهنجي ايم اين وي ڊرين تي ڊيوٽي آهي. ٽوڙي بند ٽٽڻ بعد ڪيترائي واهڻ، وستيون ۽ شهر ويران ڪرڻ کان پوءِ اهو هزارين ڪيوسڪ خوني پاڻي هن ڊرين ذريعي ئي منڇر بعد سنڌو درياهه ۾ پهچڻو آهي. هي ڇنڊڻ ساڍا ٽي هزار ڪيوسڪ تي ڊزائين ٿيل آهي. پر ان وقت ان مان يارنهن هزار ڪيوسڪ پاڻي ٽاڙهيا ڪري وهي رهيو آهي. ان ڪري ڇنڊڻ ڦوڪڻي وانگر ڦاٽڻ تي هئي. واپڊا جو سارو عملو ڏينهن رات ان جي چوڪسي ڪري رهيو هيو، ايتري قدر جو لاهور کان ميمبر واٽر راغب عباس شاهه ۽ حيدرآباد کان جي ايم علي شير بلوچ به اچي، عيد پنهنجي عملي سان گڏ بند تي ملهائي هئي. ڇو جو اسان جي ٿوري به غفلت اک ڇنڀ ۾ دادو لاءِ قيامت ثابت ٿي سگهي پئي. ڪجهه دير ڪئمپ ۾ ويهي مان جيپ تي چڙهي بندن تي معائني لاءِ نڪتس ته ڪجهه نوجوانن تيز موٽر سائيڪلون ڊوڙائيندي اڳيان اچي هٿ ڏئي روڪيو. انهن مان هڪ نوجوان سهڪندي ٻڌايو ته، ”ڪجهه اهلڪار ڪٽ هڻڻ لاءِ ڦلجي ڳوٺ وٽ بيٺا آهن. ساڳي وقت هنن پاڻي ۾ ترندڙ گئس جا بم به اڇلايا آهن.“ مان هنن جي سادگي تي مسڪرائي کين تسلي ڏيندي چيو ”اهلڪار ڇو هروڀرو ڪٽ هڻي دادو جي لکين ماڻهن کي ٻوڙيندا، ٻيو جيڪڏهن هنن بم اڇلايا آهن ته فڪر نه ڪريو. اسان جي اڳيان جيڪا پل آهي، اهي بم اتي رڪجي ويندا.“ مان پاڻ اها صورتحال ڏسڻ لاءِ سرزمين تي پهتس ته اتي سوين ماڻهو هٿيارن سان جهنجيل، اهلڪارن جي ٽرڪن کي روڪيون بيٺا هئا. اهي اهلڪار هن ريسڪيو آپريشن ۾ مشغول هيا. جن ڪجهه کير جا دٻا ۽ منرل واٽر جون خالي بوتلون پاڻي ۾ اڇليون هيون. جن کي ماڻهو ڪيميڪل يا گئس جا بم سمجهي رهيا هئا. اسان جي ڪجهه آفيسرن ماڻهن کي سمجهائڻ جي ڪوشس ڪئي ته هو وڌيڪ ناراض ٿيا ته توهان هنن ڪٽ هڻندڙن جا ساٿاري آهيو. آخر ۾ شايد ڊي سي او جي مداخلت تي ڳوٺاڻن جي اها غلط فهمي دور ٿي. هت هر هڪ هٿ ۾ موبائيل فون هئڻ ڪري ماڻهن جو پاڻ ۾ مسلسل رابطو رهي ٿو. ڪٿي به ڪا چرپر ٿئي ٿي ته موبائيلن تي ٽڙڪا ٿي وڃن ٿا. چند منٽن ۾ خبر ساري علائقي ۾ باهه جيان ڦهلجي وڃي ٿي. سرڪاري آفيسن کان وٺي وزيرن جون فونون کڙڪي وڃن ٿيون. ڪي چئنل ته بنا تصديق جي خبرون ۽ اسڪرول به هلائي ڇڏين ٿا. سنڌ جي ماڻهن وٽ اڄڪلهه اعتبار جوڳو چئنل ڪي ٽي اين ئي آهي. جيئن ڪنهن زماني ۾ بي بي سي تي ماڻهن کي ڀروسو هوندو هو ۽ تجسس سان ٻڌندا هيا، تيئن هاڻي ماڻهو ڪي ٽي اين جي خبر کي پٿر تي ليڪو سمجهن ٿا. منڇر جا مهاڻا ته فيض کوسو کي مارڪ ٽيلي سڏن ٿا. اسان کي ته بندن تي ڊيوٽي دوران به عزيز رانجهاڻي موبائيل تي ميسيج ذريعي ڪي ٽي اين نيوز کان هر وقت باخبر رکند رهندو هو.
بند جي مختلف نازڪ هنڌن تي ڳوٺاڻا، پنهنجي مدد پاڻ تحت کٽون رکي پهرو به ڏئي رهيا هئا. روڻ يا گهارو پوڻ کان علاوه کين اهو به خطرو هو ته متان ڪو زوري يا دشمني ڪري بند کي ڪٽ نه هڻي وڃي، ڇاڪاڻ جو هو ٽوڙي بند ٽٽڻ کان وٺي ڏاڍ مڙسن ۽ سياستدانن جي پاڻي سان فٽ بال مئچ ڏسندا آيا هئا. هاڻي ته چونڊيل نمائندا به هڪ ٻئي تي شڪ ڪرڻ لڳا. متان اڳيون ڪا حرڪت ڪري سندس ساک نه خراب ڪري. هنن ته پوليس موبائيل کي به بندن تي اچڻ کان روڪي ڇڏيو، ان ڪري هاڻي بند تي ڳوٺاڻا پاڻ هٿيارن جي چوڪسي ڪن پيا. خاص ڪري اڌ رات تائين ڪيترين گاڏين ۽ موٽر سائيڪلن جون روشنيون بند تي ڊوڙندي نظر اينديون هيون. ساڳي وقت مختلف هٿيارن جي جهنڪار ٻڌڻ لاءِ ملندي آهي. اتي مون هڪ نوجوان کي روڪي چيو، ”يار انهن هٿيارن جي جاءِ تي هڪ هڪ ڪوڏر کڻي اچو ته ڪيڏو نه سٺو.“ همراهه کي اها ڳالهه نه وڻي هو پنهنجي ڪليشن تي هٿ گهمائيندو موٽر سائيڪل جي روشني ۾ اوندهه کي چيريندو غائب ٿي ويو. ساري علائقي ۾ بند مٿانهين تي هئڻ ڪري ڪيترائي ٻوڏ متاثرين اچي رهيا آهن، ڪن کي امداد ۾ ٿورا تنبو مليا آهن. ڪافي بغير ڇت جي نٽهڻ اس ۾ ويٺا آهن. اسان بندن کي مضبوط رکڻ لاءِ لڪڙا، ٽوها، پاچڪا ۽ ڳوڻيون به رکيون آهن. ڪن همراهن ڇپرا ٺاهڻ لاءِ لڪڙا ۽ ٽوها گهريا، ايمرجنسي هوندي به کين انڪار ڪري نه سگهيس.
پاڻي جي ڪري ٻرن مان ڪيترائي نانگ نڪري آيا آهن. هر روز ڪيترائي نانگ بندن تي ريڙهيون پائيندي نظر اچن ٿا. هت ڪنڀاري، سرنگهه، ٻه منهن نانگ گهڻي انداز ۾ آهن. ٻوڏ سٽيل ويچارا ايڏن بلائن جي وچ ۾ هيٺ پٽن تي ستا پيا آهن. انهن مان ڪيترن ئي مسڪينن کي نانگن ڏنگيو به آهي. ان رات به گشت دوران هڪ ڇهن سالن جو ٻارڙو ننڊ ۾ ليٿڙيون پائيندو وچ بند تي اچي پيو هو، ٿوري به غفلت ٿئي ها ته پاڻي ۾ وڃي ڪري ها، يا ڪا گاڏي کيس چيڀاٽي ڇڏي ها. مان ٻار کي کڻي ننڊ ۾ اگهور سندن مائٽن حوالي ڪيو. رات جو اڪثر جوهي مان ڊاڪٽر حميد سومرو سان فون تي حال احوال ٿيندو رهندو هو، جوهي واسي به ان وقت ڏينهن رات جوهي جي چوگرد ڏنل رنگ بند جي حفاظت ڪري رهيا هئا. حالانڪه سرڪار جوهي کي خالي ڪرڻ جي وارننگ ڏئي ڇڏي هئي. تنهن هوندي به جوهي جي ٻارن ٻڍن، نوجوانن توڙي نياڻين ڏينهن جو پگهر وهائي ۽ رات جو اوجاڳا ڪري سمنڊ سان سينو ساهيو، پاڻيءَ جو اهو آڙاهه، عوام جا اهي بلند حوصلا ڏسي پاڻ ئي همت هاري ويو. جوهي جو مان مٿانهون ڪرڻ لاءِ هارين، مزدورن ، سياسي ورڪرن، کان وٺي مذهبي ڌرين به پاڻ ملهايو. جن ۾ ڊاڪٽر حميد سومرو، سائين بخش رند، امداد سومرو، قربان بلوچ، عبدالفتاح ڏاهري ۽ ٻيا دوست سدائين سنڌرا ڪڇيون بيٺا هئا. هنن جا ارادا کير ٿر جيان اڏول آهن. سنڌ ۾ اهو هڪ بي پناهه اتساهه پيدا ڪندڙ عوامي اتحاد جو مثال آهي. هڪ پاسي رياستي ادارا ڊڄڻا وڏيرا ۽ چونڊيل نمائندا ٻئي طرف رڪ جهڙي انساني هٿن جو ڪمال، جيڪي پنهنجي هٿن ۾ پيل لڦن سان تاريخ جو هڪ انوکو ۽ نئون باب لکي رهيا هئا. رات جو عبدالله ۽ حبيب الله جمالي ڳوٺ جا نوجوان به بند جي نگهباني لاءِ ويٺا هوندا هئا. جيئن ڀولڙو قلابازي کان نه مڙندو آهي. مان به... چانهه جي چڪي تي هنن نوجوانن سان ادبي ۽ تاريخي ڪچهري ڪري پنهنجي ٻاڙ ماريندو رهيس. خاص ڪري خان جمالي، رفيق جمالي، ممتاز، معشوق، علي حسن، ذولقفار جمالي ۽ ٻين دوستن سان ڪڪڙن جي دس هڻڻ تائين اتان لنگهندي رهاڻ رهندي هئي.
ڪافي ماڻهو ٻوڏ جي پاڻي ڪري گهر خالي ڪري مختلف هنڌن تي وڃي رهيا آهن. اسان جي سامهون به هڪ ٻيٽاري تي بيٺل ڳوٺاڻا گهر خالي ڪري ڪاڏي هليا ويا آهن، البته هڪ ڪراڙي مائي الائي ڇو اڪيلي ان ٻيٽاري تي رهي ٿي. اڪثر رات جو جڏهن آسپاس جي ڳوٺن ۾ جاين ڪرڻ جا خوفناڪ ڌڌڪا ٿين ٿا ته هوءَ ويچاري خوف وچان رڙيون ڪري ٿي. هن جون خوفناڪ چيخون اسان جي لونءَ لونءَ ڪانڊاري ڇڏينديون آهن. ماڻهو ٻڌائن ٿا ته هن جا نوجوان پٽ آهن، جيڪي ماءُ کي ڦٽو ڪري پنهنجا ٻار ٻچا وٺي وڃي دادو رهيا آهن. البته اسان جي سامهون هر روز هڪ ڪتو صبح جو سوير ٻوڏ جو تيز ۽ موتمار وهڪرو پار ڪري هن سان ملڻ ويندو هو هڪ طرف ماءُ جي ٿڃ لڄائيندڙ بي شناس پٽ، ٻئي پاسي در تي پاليل هڪ ڪتي جي وفاداري ڏسڻ وٽان هئي. آخر ڪالهه ڪجهه ماڻهو ٻيڙي تي وڃي زوري ڪراڙي کي کنڀي کڻي آيا. اسان هن کي ڪئمپ جي ڀرسان ئي آڻي ويهاريو آهي. ان وقت سج اڃا ڪني ڪا نه ڪڍي هئي. سڄي رات بند تي پيٽرولنگ ۽ اجاڳي بعد مان ٿڌڙي هير ۾ گرم گرم چانهه جي چسڪي ۽ هي ڊائري لکڻ دوران چانهه جو ڪوپ ۽ بسڪوٽ ان جيجل امڙ ڏي به موڪليو هو.