تاريخ، فلسفو ۽ سياست

مها ٻوڏ 2010 (جيڪي سنڌ سان ٿيو)

ڪتاب ” مها ٻوڏ 2010 (جيڪي سنڌ سان ٿيو) “ اوهان اڳيان حاضر آهي. هن ڪتاب جو ليکڪ عزيز رانجهاڻي آهي. 07 آگسٽ 2010 تي سنڌوءَ جي ساڄي ڪپ تي ٽوڙيءَ واري هنڌ تان سنڌوءَ جي بچاءُ بند کي گهارو ڇا لڳو، ڄڻ سنڌ ۾ قيامت اچي وئي. شير درياهه سنڌو مستيءَ ۾ اچي سنڌ جي ميدانن شهرن ۽ ڳوٺن ۾ ڪاهجي پيو ۽ ٻوڙان ٻوڙ ڪري ڇڏي ۽ ڏسندي ئي ڏسندي بلوچستان جي حدن کان وٺي سنڌي سمونڊ تائين هڪ ٻيو سمونڊ ڪري ڇڏيو. جتي 10 کان وٺي 16 فوٽن تائين ڪيترائي ڏينهن اڌ سنڌ پاڻيءَ هيٺ رهي ۽ اڌ سنڌ جي آبادي سر ۽ مال متاع بچائڻ لاءِ سرگردان رهي ۽ پنهنجي ئي ڌرتيءَ تي صدين کان آباد هي ڌرتي ڌڻي بي گهر ٿي ڪسمپرسيءَ جي حالت ۾ ڪئمپن جي حوالي ٿيا. سنڌوءَ جو پاڻي سندن پويان ائين پئجي ويو جيئن ڪو حمله آور لشڪر اوچتو ڪنهن علائقي ۾ ڪاهجي پوي ۽ ماڻهن ۾ ڀاڄ پئجي وڃي ۽ هو ساهه بچائڻ لاءِ برمنهن ڪندا هجن. ڪٿي جيڪب آباد، ڪشمور، ٺل، شهدادڪوٽ، ڳڙهي خيرو ۽ ڪٿي ڪراچي، سانگهڙ، ٽنڊو باگو، نئون ڪوٽ ۽ حيدرآباد، ساهه بچائڻ لاءِ هي ڌرتي ڌڻي، سنڌ جي هڪ ڪنڊ کي ڇڏي ٻئي ڪنڊ تي وڃي ڪئمپن ۾ پهتا ۽ دربدر ٿي مصيبتن ۽ عذاب ۾ اچي ويا.
Title Cover of book مها ٻوڏ 2010 (جيڪي سنڌ سان ٿيو)

ڇا سنڌ “جوهي” کان سکي سگهي ٿي؟

جوهي شهر هونئن ته قومي ۽ کاٻي ڌر جي ڪارڪنن جي حوالي سان ۽ بعد ۾ اخباري ڪارڪنن ۽ اين جي اوز جي تعارف سان سڄي سنڌ ۾ سڃاتو ويندو هو، پر تازي ٻوڏ کيس هڪ نئون تعارف ڏيئي وئي آهي. هڪ باغي شهر جو تعارف، بغاوت روايت کان انڪار جو نالو آهي. سنڌ جا ڪمزور شهر ٻوڙڻ جي روايت تازي ٻوڏ وڌي جوهي هڪ ننڌڻڪو شهر، جنهن جا چونڊيل نمائندا به مقامي ڪو نه هئا. تنهن ٻڏڻ جي روايت کان انڪار ڪيو ان انڪار کان اڳتي اها تاريخ آهي، جيڪا ان شهر پاڻ پنهنجي لڦون پيل هٿن سان لکي سنڌ کي اهو اتساهه ڏنو ته سنڌ جو هي نسل پنهنجي تقدير جو پاڻ مالڪ ٿي سگهي ٿو.
ٽوڙي بند کي کاٽ هڻي نڪتل پاڻي ٻوڙان ٻوڙ ڪندو سيپٽمبر جي پهرين تاريخن ۾ جوهي جي بچاءُ لاءِ ٺاهيل اوڏڪي ڀت جهڙي رنگ بند کي لڳو ته هڪ پاسي سنڌ حڪومت کي پاڻيءَ جي مامرن تي صلاحون ڏيندڙ ادريس راجپوت ڪاوش اخبار ۾ ڪالم لکيو ته ”جوهي ٻڏي ئي ٻڏي“ ٻئي طرف سنڌ جي وزيراعليٰ جوهي کي ٻڏڻ کان بچائي نه سگهڻ جو اعلان ڪندي جوهي واسين کي سر بچائي ڀڄڻ جي صلاح ڏني. جوهي مان چونڊيل ايم اين اي کين شهر خالي ڪرڻ جي صلاح ڏيندي جوهي جي رنگ بند تي ڪم ڪندڙ ٻه چار سرڪاري ٽريڪٽر به ڀڄائي ڇڏيا، پر اڄ ٽي هفتا گزرڻ کان پوءِ به جوهي ٻڏڻ لاءِ تيار ناهي. آبپاشي جا اڪابر ۽ سرڪاري ڪارندا هاڻ کين خراج تحسين موڪلي پنهنجي عقلي ڪوتاهي جو اعتراف ڪن ٿا. سنڌ ٻوڙائي ناس ڪندڙ حڪمرانن کان هاڻ هر جاءِ تي اهو سوال ٿئي ٿو ته جڏهن جوهي شهر کي اتان جا ماڻهو خالي هٿين بچائي سگهن ٿا ته پوءِ باقي سنڌ کي اوهان ڪروڙين رپين جي بجيٽ هوندي ڇو نه بچائي سگهيا؟
جوهي شهر کي بچائڻ ۾ ڪي به ڪوهه قاف جا جن ۽ پريون نه، پر عام انسان وارا ڪردار هئا. جن سان اسان روزمره جي زندگي ۾ ملون ٿا. ڊاڪٽر، ماستر، صحافي، سياسي ڪارڪن، دڪاندار، هاري، مزدور ۽ بي روزگار نوجوان، کين سيپٽمبر جي پهرين هفتي ۾ هڪ مقصد ته پنهنجو شهر پاڻي کان بچائڻو آهي، گڏ ڪيو ۽ کين حڪومت جي هٿ ڪڍي وڃڻ کان پوءِ يتيمي جي احساس پاڻ تي اعتماد ڪرڻ ۽ پاڻ تي ڀاڙڻ سيکاريو.
ان لمحي کان اڳتي جيڪو ٿيو تنهن سنڌ جي هڪ نئين تاريخ جوڙي ڇڏي آهي. جوهي کي حالت جنگ ۾ جنهن نه ڏٺو تنهن زندگيءَ ۾ ڪجهه ناهي ڏٺو.
اجگر پاڻي، جهن اڌ سنڌ ٻوڙي منڇر سان ملڻ لاءِ جوهي جو دڳ ورتو، تنهن کي جوهي ان ريت رستو ڏنو ته پنهنجي بچاءَ لاءِ اتر ۽ اوڀر ۾ بند ٻڌي، ان تي ڏينهن رات ايئن پهر ڏنا، جيئن نيرون ڪوٽ وارا دشمن لشڪر جي حملي کان پوءِ قلعي ۾ پناهه وٺي قلعي جي برجن تي نه رڳو اوجاڳا ڪري پهرا ڏيندا هئا، پر ان کي هر لمحي مضبوط به ڪندا هئا. اهو بند، جيڪو سيپٽمبر جي ٽين تاريخ، جڏهن ٻوڏ جو پاڻي جوهي جي اوڀر پاسي کي لڳو، اوڏڪي ڀت مثل، ڪي ٻه چار فٽ مٿانهون هو، سو اڄ درياهه جي پاڻي کي روڪڻ جيترو اوچو ۽ مٿانهون ٿي چڪو آهي، اوهان يقين ڪريو ته اهو بند ٺاهڻ لاءِ جيڪڏهن آبپاسي کاتي کي چئجي ها ته اهي سرڪار تي ٻه چار ڪروڙ رپين جو بل ڪڍن ها.
جوهي جي شهرين کي ان بغاوت جي سزا سرڪار پاران ان ريت ملي رهي آهي ته اڄ به جوهي شهر جو ٻاهرين دنيا سان رابطو سواءِ ٻيڙين جي ٻيو ڪونهي- شهر ۾ کاڌي جي شين جي کوٽ آهي. ٻيڙي وارا مهاڻا جوهي اچڻ ۽ وڃن لاءِ من پسند ڀاڙو وٺن ٿا. جوهي شهر ۾ سرڪاري کاڌ خوراڪ جو ٺيڪو جنهن مختيارڪار حوالي هو، تنهن جو شمار انهن ڪامورن ۾ ٿيندو آهي، جن جي گهرن ۾ پگهار مان ڪُني چڙهڻ تي گهر ڀاتين کي دست الٽيون ٿي پونديون آهن.
جوهي سنڌ جي ڪنهن به شهر کان مختلف ڪونهي- نه ئي اتان جا ماڻهو باقي سنڌ کان نرالا آهن- سواءِ ان جي ته سياسي شعور رکندڙ، هيٺين وچولي ڪلاس جي ان شهر ”پاڻ کي سڃاڻي ورتو“ کين پنهنجي اندر ۾ لڪل ان سگهه ڳولي لهڻ ۾ هڪ ته پاڻي جي للڪار مدد ڪئي ٻئي چونڊيل نمائندن پاران ٿيل دغا. اڄوڪي سنڌ کڻي ٻوڏ جي پاڻي نه سهي، پر ان جهڙن ٻين انيڪ خطرن جي ور چڙهيل آهي. مٿان کين منزل جي راهبرن رڻ ۾ رلائي ماريو آهي. اڄوڪي سنڌ جيڪڏهن پاڻ سڃاڻي. پاڻ تي اعتماد ڪري، پنهنجي تاريخ پاڻ لکڻ لاءِ تاريخ جي بي رحم وهڪري ۾ لڙهي وڃن بجاءِ بند ٻڌي بيهي رهي ته سنڌ ايئن ئي بچي سگهي ٿي. جيئن جوهي تري پار ٿي آهي.
اچو ته اسان اڄوڪي سنڌ جي هيروز کي ڪن ديومالائي ڪهاڻين بجا روزمره جي ننڍڙين نيڪين ۽ ڪاميابين ۾ ڳولڻ شروع ڪيو- اوهان ڏسندئو ته اوهان تي صبح جي هير جهڙي فرحت ڀري اميد جا تاڪ کلڻ لڳندا ته ها، اسان سنڌ نه رڳو بچائي سگهون ٿا، پر ان کي پنهنجو قابل فخر تعارف به بڻائي سگهون ٿا.
سال 2010ع کان پوءِ جوهي جو نالو سنڌ جي تاريخ جي انهن جنگن جي ميدانن جيان ورتو ويندو، جتي سنڌي لشڪر ايرانين، عربن، مغلن، ترخانن ۽ انگريزن سان چوٽون کاڌيون- ۽ پنهنجي تاريخ جوڙي!