تاريخ، فلسفو ۽ سياست

مها ٻوڏ 2010 (جيڪي سنڌ سان ٿيو)

ڪتاب ” مها ٻوڏ 2010 (جيڪي سنڌ سان ٿيو) “ اوهان اڳيان حاضر آهي. هن ڪتاب جو ليکڪ عزيز رانجهاڻي آهي. 07 آگسٽ 2010 تي سنڌوءَ جي ساڄي ڪپ تي ٽوڙيءَ واري هنڌ تان سنڌوءَ جي بچاءُ بند کي گهارو ڇا لڳو، ڄڻ سنڌ ۾ قيامت اچي وئي. شير درياهه سنڌو مستيءَ ۾ اچي سنڌ جي ميدانن شهرن ۽ ڳوٺن ۾ ڪاهجي پيو ۽ ٻوڙان ٻوڙ ڪري ڇڏي ۽ ڏسندي ئي ڏسندي بلوچستان جي حدن کان وٺي سنڌي سمونڊ تائين هڪ ٻيو سمونڊ ڪري ڇڏيو. جتي 10 کان وٺي 16 فوٽن تائين ڪيترائي ڏينهن اڌ سنڌ پاڻيءَ هيٺ رهي ۽ اڌ سنڌ جي آبادي سر ۽ مال متاع بچائڻ لاءِ سرگردان رهي ۽ پنهنجي ئي ڌرتيءَ تي صدين کان آباد هي ڌرتي ڌڻي بي گهر ٿي ڪسمپرسيءَ جي حالت ۾ ڪئمپن جي حوالي ٿيا. سنڌوءَ جو پاڻي سندن پويان ائين پئجي ويو جيئن ڪو حمله آور لشڪر اوچتو ڪنهن علائقي ۾ ڪاهجي پوي ۽ ماڻهن ۾ ڀاڄ پئجي وڃي ۽ هو ساهه بچائڻ لاءِ برمنهن ڪندا هجن. ڪٿي جيڪب آباد، ڪشمور، ٺل، شهدادڪوٽ، ڳڙهي خيرو ۽ ڪٿي ڪراچي، سانگهڙ، ٽنڊو باگو، نئون ڪوٽ ۽ حيدرآباد، ساهه بچائڻ لاءِ هي ڌرتي ڌڻي، سنڌ جي هڪ ڪنڊ کي ڇڏي ٻئي ڪنڊ تي وڃي ڪئمپن ۾ پهتا ۽ دربدر ٿي مصيبتن ۽ عذاب ۾ اچي ويا.
Title Cover of book مها ٻوڏ 2010 (جيڪي سنڌ سان ٿيو)

هڪ اجڙيل شهر جي سار….منوج ڪمار

اها شهر جي سار هئي. جيڪا انهن ٻنهي شهر ڄاون کي اوڏانهن وٺي وئي. انهن کي اهو ڏسڻ جي اون هئي ته ٻوڏ انهي جي شهر سان ڪهڙو ظلم ڪيو هو. انهن کي انهيءَ جي ڳڻتي هئي ته اسڪول جي اها عمارت باقي هئي يا نه. جن جي پٺين بينچن تي ويهي پنهنجي سنگتين سان مشڪريون ڪندا هئا. انهن کي اهو به ڏسڻو هو ته سندن گهر به بچيا هئا يا پاڻي گهرن جي بنيادن سان گڏ انهي گهر سان جڙيل سڀني يادن کي پاڻ سان لوڙهي ويو. انهن معلوم ڪرڻ پئي چاهيو ته انهيءَ شهر جون گهٽيون. هاڻ ڪهڙي حال ۾ آهن جن گهٽين ۾ هو رات دير دير تائين رلندا رهندا هئا. انهن انهيءَ هوٽل جي خيريت به معلوم ڪرڻ پئي چاهي. جن جي بئنچن تي ويهي هو ڪلاڪن جا ڪلاڪ سياسي بحث ڪندا هئا. پر انهيءَ کان وڌيڪ انهن اهو پئي ڄاڻڻ چاهيو ته سندن انهيءَ محبوب شهر جي ماڻهن جو ڪهڙو حال هو. ايئن ته نه هو، جو سندن شهر ڀوائتي فلمن جي انهن شهر وانگر ٿي ويو، جتي عمارتن هئڻ جي باوجود زندگي جو واسو نه هوندو هو، هنن پنهنجي ننڍي هوندي جي دوستن سان ملڻ پئي چاهي. هنن پنهنجي مٽن مائٽن جي خيريت ڄاڻڻ پئي چاهي. هنن شهر جي انهن واسين جي حالت معلوم ڪرڻ پئي چاهي. جن کانسواءِ شهر جي سڃاڻپ اڌوري هئي. خيرپور ناٿن شاهه جي شهر ڄاون منظور ميراڻي ۽ رفيق چانڊيو سان شهر جي انهيءَ سار واري دوري ۾ آئون ساڻن گڏ هئس. آئون يقينن انهي شهر جو ڄاول نه هئس ۽ سچي ڳالهه ته انهيءَ شهر کي مون صبح جي روشني ۾ ڪڏهن چڱي طرح ڏٺو به ڪونهي. پر انهيءَ جي باوجود مون کي خيرپور ناٿن شاهه جي شهر سان هڪ خاص قسم جي انسيت آهي. انهيءَ جو سبب اهو آهي ته يونيورسٽي جي پهرين سال کان وٺي منهنجي ويجهي دوستن جو وڏو حلقو خيرپور ناٿن شاهه جو هو. منهنجا اهي ناٿن شاهي دوست پنهنجي شهر جو ذڪر اهڙي ته چاهه سان ڪندا هئا. جو اهو شهر منهنجي لاشعور جو حصو بڻجي ويو هو. باوجود انهي جي آئون ڪڏهن انهي شهر ۾ ڪو نه ويو هئس. پر مون کي لڳندو هو ته ڄڻ آئون به اتي جو ئي رهواسي هجان. مون کي انهيءَ شهر جي ڪردارن سان هڪ خاص قسم رغبت آهي. جيتوڻيڪ آئون انهن مان ڪنهن سان به ڪڏهن ذاتي طور تي نه مليو آهيان. منهنجي ذهن جي پردي تي انهيءَ شهر ۾ ٿيل اسٽيج ڊرامن جا منظر چڱي طرح نقش آهن. حالانڪه اهي مون ڪو نه ڏٺا آهن. آئون اتي جي سياسي منظر نامي کان چڱي طرح واقف آهيان. جيتوڻيڪ اتي جي ڪنهن به سياسي عمل ۾ آئون شريڪ نه رهيو آهيان. خيرپور ناٿن شاهه ۾ جنم نه وٺڻ جي باوجود مون کي خبر نه آهي ڇو، پر اهو شهر پنهنجو لڳندو آهي. مون کي اتان جا ماڻهو پنهنجا لڳندا آهن. مون کي اتان جون گهٽيون پنهنجيون لڳنديون آهن. اتي جا رستا پنهنجا لڳندا آهن. سو شهر سان پنهنجي محبت جي سبب آئون منظور ۽ رفيق سان گڏ خيرپور ناٿن شاهه جي سار لهڻ لاءِ هلي پيس.
جيتوڻيڪ خيرپور ناٿن شاهه پهچڻ لاءِ سيتا روڊ کان هڪ رستو کليل هو، پر اسان جوهي برانچ کان هيٺ ٻوڏ جي پاڻي هيٺ آيل رستي تان وڃڻ کي ترجيح ڏني. اسان پاڻ ڏسڻ پئي چاهيو ته اتي صورتحال ڪهڙي هئي. جوهي برانچ کان پوءِ خيرپور ناٿن شاهه تائين وڃN لاءِ ٻيڙيون ئي ذريعو هيون. پر انهيءَ ڏينهن اتي موجود ماڻهن ٻڌايو ته ٻيڙين سان گڏوگڏ تجرباتي طور تي هڪ ٽريڪٽر ٽرالي به هلي رهي آهي. ڇاڪاڻ ته روڊ ٿورو مٿڀرو هئڻ سبب اها ٽريڪٽر ٽرالي روڊ تي بيٺل انهيءَ پاڻي مان گذري سگهي پئي. پنهنجي جڳهه تي اهو خطري وارو سفر هو، ڇاڪاڻ ته اهو ور وڪڙن وارو ٻڏل روڊ ڪنهن کي به نظر ڪو نه پئي آيو ۽ ڊرائيور مڙئي پنهنجي حساب سان اندازي تي ٽريڪٽر هلائي رهيو هو. اسان انهي ڳالهه کان آگاهه به هئاسين ته ڪو به هڪڙو غلط موڙ اسان کي انهيءَ غائب ٿيل روڊ جي ڪنارن تي ٺهي ويل پاڻي جو ڪنهن اهڙي ڪن ۾ هڻي سگهي ٿو. جتان اسان کي ڪڍڻ لاءِ ڪير به آس پاس ڪو نه هوندو. پوءِ به اهو خطرو کڻي اسان انهيءَ ٽريڪٽر ٽرالي ۾ چڙهي پياسين.
اسان ڪجهه ڪلوميٽرن جو اهو فاصلو اڍائي ڪلاڪن ۾ طئي ڪيو. اهو منهنجي زندگي جو انتهائي عجيب سفر هو. مون کي محسوس ٿي رهيو هو ته آئون ٽريڪٽر تي چڙهي درياءَ جي وچ سير مان گذري رهيو هجان. مون کي انهيءَ سفر ئي انهيءَ سموري درد ۽ پيڙا کان واقف ڪرايو. جنهن پيڙا مان سنڌو درياءَ جي ساڄي پاسي جا اهي لکين ماڻهو گذري رهيا آهن. جتان هيترن مهينن گذرڻ جي باوجود به اڃان ٻوڏ جو پاڻي هٽي نه سگهيو آهي. اها پيڙا نه ته ڪير اخبار جي تصويرن کي ڏسي محسوس ڪري سگهي ٿو ۽ نه وري انهيءَ علائقي جو ڪو فضائي دورو ڪري انهي علائقي جي ماڻهن جو ڪو درد معلوم ڪري سگهجي ٿو. ڪا ٽي وي تي آيل رپورٽ توهان کي اتي آيل تباهي جي حقيقي تصوير نٿي ڏئي سگهي ٿي. انهيءَ درد جو ڪو ٿورو ئي حصو سهي، پر توهان تڏهن ئي محسوس ڪري سگهو ٿا، جڏهن توهان پاڻ اتان گذرو. اتي اسان ڳوٺن جا ڳوٺ پاڻيءَ جي هيٺ ڏٺا. اسان اهي باغ ڏٺا، جتي ڪجهه مهينا اڳ تائين وڻ مختلف ميون سان جهنجهيل هئا. پر هاڻ اتي بيٺل وڻ رڳو اها شاهدي ڏيڻ لاءِ بيٺل هئا ته اتي پاڻي ايترو ته آيو هو، جو انهن جون چوٽيون به سڪي ويون هيون. اتي بيٺل سارين جي فصل جو ته ڪو نالو نشان ئي ڪو نه هو. اهو فصل، جنهن جي لهڻ جي اميد سان هزارن گهرن جون خوشيون وابسته هيون. اسان کي ڊٺل ڪچا گهر نظر آيا ۽ جيڪي گهر اڃا ڪو نه ڊٺا هئا. اهي پنهنجي ڊهڻ جي واري جو انتظار ڪري رهيا هئا. اسان کي قبرستان نظر آيا. جن جون قبرون هاڻ پاڻي پٽ ڪري ويو هو، اتي جي روڊن ۽ رستن جي سرشتي جي باقي بچڻ جو ڪو به امڪان نه هو، اتي آبپاشي جو نظام هاڻ استعمال جوڳو نه رهيو هو. اسان جڏهن خيرپور ناٿن شاهه جي شهر ۾ پهتاسين ته اسان کي اڃان شهر جا وڏا حصا پاڻي هيٺ نظر آيا. اهي علائقا، جتان پاڻي هٽي ويو هو. اتي به عمارتن تي پاڻيءَ جا ڇڏيل نشان ايندڙ ويندڙ ماڻهن کي پاڻي جي اوچائي جو ڏس ڏئي رهيا هئا. جيئن ڪو جنگ کان پوءِ پنهنجا زخم ڏيکاريندو آهي. اڃان شهر جون بنيادي سهولتون بحال نه ٿيون هيون. نه ئي ڪو شهر جو واپار اڃان کلي سگهيو هو، شهر انهيءَ بيمار شخص وانگر لڳي رهيو هو. جنهن جو ساهه ته هلي رهيو هو. پر جنهن کي علاج نه ملڻ جي صورت ۾ ڪجهه به ٿي سگهيو پئي.
آئون ڪو آبپاشي جو ماهر نه آهيان جو ٻڌائي سگهان ته ڪيئن ٽوڙي کان وٺي منڇر تائين بيٺل سوين اسڪائر ڪلوميٽرن ۾ بيٺل پاڻي کي نيڪال ڪري سگهجي ٿو. آئون رڳو اهو چئي سگهان ٿو ته سرڪار انهيءَ سلسلي ۾ جيڪي ڪوششون وٺي رهي آهي. انهي کي تيز ڪيو وڃي ته جيئن هزارين ايڪڙن تي بيٺل پاڻي هٽي وڃي ۽ جيڪڏهن هن مند ۾ نه ته گهٽ ۾ گهٽ ايندڙ پوکي تائين ماڻهن جو ن زمينون آبادي جي لائق ٿي سگهن ۽ ماڻهن کي وري گذر لاءِ موقعو ملي سگهي. جيڪو ڪجهه ڪرڻو آهي. سو جلدي ڪيو وڃي ته ماڻهن کي هيتري عذاب کان پوءِ ڪو سک جو ساهه کڻڻ جو موقعو ملي سگهي.