تاريخ، فلسفو ۽ سياست

مها ٻوڏ 2010 (جيڪي سنڌ سان ٿيو)

ڪتاب ” مها ٻوڏ 2010 (جيڪي سنڌ سان ٿيو) “ اوهان اڳيان حاضر آهي. هن ڪتاب جو ليکڪ عزيز رانجهاڻي آهي. 07 آگسٽ 2010 تي سنڌوءَ جي ساڄي ڪپ تي ٽوڙيءَ واري هنڌ تان سنڌوءَ جي بچاءُ بند کي گهارو ڇا لڳو، ڄڻ سنڌ ۾ قيامت اچي وئي. شير درياهه سنڌو مستيءَ ۾ اچي سنڌ جي ميدانن شهرن ۽ ڳوٺن ۾ ڪاهجي پيو ۽ ٻوڙان ٻوڙ ڪري ڇڏي ۽ ڏسندي ئي ڏسندي بلوچستان جي حدن کان وٺي سنڌي سمونڊ تائين هڪ ٻيو سمونڊ ڪري ڇڏيو. جتي 10 کان وٺي 16 فوٽن تائين ڪيترائي ڏينهن اڌ سنڌ پاڻيءَ هيٺ رهي ۽ اڌ سنڌ جي آبادي سر ۽ مال متاع بچائڻ لاءِ سرگردان رهي ۽ پنهنجي ئي ڌرتيءَ تي صدين کان آباد هي ڌرتي ڌڻي بي گهر ٿي ڪسمپرسيءَ جي حالت ۾ ڪئمپن جي حوالي ٿيا. سنڌوءَ جو پاڻي سندن پويان ائين پئجي ويو جيئن ڪو حمله آور لشڪر اوچتو ڪنهن علائقي ۾ ڪاهجي پوي ۽ ماڻهن ۾ ڀاڄ پئجي وڃي ۽ هو ساهه بچائڻ لاءِ برمنهن ڪندا هجن. ڪٿي جيڪب آباد، ڪشمور، ٺل، شهدادڪوٽ، ڳڙهي خيرو ۽ ڪٿي ڪراچي، سانگهڙ، ٽنڊو باگو، نئون ڪوٽ ۽ حيدرآباد، ساهه بچائڻ لاءِ هي ڌرتي ڌڻي، سنڌ جي هڪ ڪنڊ کي ڇڏي ٻئي ڪنڊ تي وڃي ڪئمپن ۾ پهتا ۽ دربدر ٿي مصيبتن ۽ عذاب ۾ اچي ويا.
Title Cover of book مها ٻوڏ 2010 (جيڪي سنڌ سان ٿيو)

ڇا اسان آمريڪا جي تيار ڪيل موسمي هٿيار هٿان ٻڏا آهيون؟…رسول بخش پليجو

گهڻا سال اڳ آمريڪا جي هڪڙي اڳوڻي قومي سلامتيءَ جي صلاحڪار رنگ نيو برزرينسڪيءَ هڪڙو ڪتاب لکيو هو، جنهن جو عنوان آهي ”ٻن زمانن جي وچ ۾“ هن لکيو هو ته ”ٽيڪنالاجي مکيه عالمي قوتن جي رهنمائن کي اهي طريقا ٻڌائيندي جن سان هو پنهنجي مخالف ملڪن خلاف ڳجهيون جنگيون ڪري سگهندا... موسمن ۾ پنهنجي مرضيءَ موجب ردوبدل ڪرڻ جا طريقا استعمال ڪري هو (انهن ملڪن ۾) ڊگهي عرصي تائين هلندڙ ڏڪار يا طوفان پيدا ڪري سگهندا.“
اي آر جيرل لکي ٿو: ”هاڻي جيڪي خبرون پيون آهن، سي ظاهر ٿيون ڪن ته آمريڪا ۾ جيڪا ٽيڪنالاجي High frequency active aural research program HAARP واري پروگرام جي ماتحت جوڙي راس ڪئي پئي وڃي. سا ستارن جي جنگين واري منصوبي جو حصو آهي. اهو پروگرام آمريڪا جي رياست الاسڪا جي شهر گوڪوما ۾ هلندڙ آهي. ان جو انتظام آمريڪي ايئرفورس ۽ نيوي گڏ هلائي رهيون آهن. ان پروگرام تحت هٿيارن جا نوان نظام تخليق ڪيا پيا وڃن. جن جي ڪمان آمريڪا جي ريسرچ لئبارٽرين واري خلائي گاڏين جي ڊائريڪٽوريٽ جي هٿ ۾ آهي. (HAARP) ڇا آهي؟ اهو ڪمپيوٽر جي ڪنٽرول هيٺ هلندڙ طاقتور ائنٽنائن جو نظام آهي. جيڪي خلائي جهازن ۾ مرضي موجب مڪاني ردوبدل ڪري سگهن ٿيون.
”سائنسدان ڊاڪٽر نڪولس بيگچ جيڪو HAARP يعني آمريڪا واري عام مخلوق کي ختم ڪري سگهندڙ موسمي هٿيار خلاف جدوجهد هلائي رهيو آهي. سو چوي ٿو ته، ”اها ٽيڪنالاجي طاقتور ريڊيائيا لهرن جا ترورا استعمال ڪرڻ سان خلائي دنيا جي ڪيترين ايراضين تان اهي مٿيان طاقتور ترورا استعمال ڪري گهربل ايراضين کي تپائي باهه ڪري ڇڏي ٿي. پوءِ بجلي ۽ مقناطيس جون لهرون انهن تتل خلائي ايراضين سان ٽڪرجي جڏهن ڌرتي ڏانهن موٽ کائينديون تڏهن جيڪا به شيءِ يا دنيا، جيئري يا مئل، سامهون اچين ٿي، تنهن ۾ سمائجيو وڃن.“
هن ان موضوع تي هڪڙو ڪتاب لکيو آهي، جنهن جو عنوان آهي ”ملٽري پئنڊورا باڪس“ ان ۾ هن مٿين ٽيڪنالاجي دنيا سان جيڪو حشر ڪري سگهي ٿي، تنهن جا خوفناڪ مثال ڏنا آهن. 3 نومبر 2000ع تي لنڊن جي مشهور معروف ٽائيمس اخبار جڳ مشهور سائنسدان ڊاڪٽر روزلي برٽيلس جو هڪڙو سائنسي مقالو شايع ڪيو، جنهن ۾ مٿين ڳالهه جي تصديق ڪئي وئي آهي. ڊاڪٽر صاحبه لکي ٿي ”آمريڪا جا فوجي سائنسدان ان رٿا تي ڪم ڪري رهيا آهن ته موسمي نظامن کي ڪيئن هٿيارن طور ڪم آندو وڃي. انهيءَ ڪم ۾ جيڪي طريقا استعمال ڪرڻ تي ڪم ٿئي پيو، سي آهن ته ڌرتيءَ جي خلائي ماحول ۾ زبردست طوفان اٿارجن ۽ گهم جي ندين جا رخ موڙجن ته جيئن جتي وڻي اتي پاڻيءَ جي مڪمل سوڪ يا ڏڪار پيدا ڪري سگهجي ۽ جتي وڻي اتي زبردست ٻوڏون آڻي سگهجن.“ ڊاڪٽر برٽيل وڌيل لکي ٿي ته هڪڙو اجگر جيڏو هيٽر آهي، جيڪو خلائي ماحول ۾ ڳڙٻڙيون پيدا ڪري خلائي ديوار ۾ رڳو ٽونگ ٽينڊا نه، پر ڊگها چهڪ ڏئي ڌرتي جي گولي کي ٽهڪائي ٽانڊا ڪري سگهي ٿو. آمريڪي هوائي فوج جي يونيورسٽيءَ هڪڙي آخري رپورٽ آمريڪي سرڪار کي موڪلي آهي. جنهن ۾ ايئرفورس طرفان خلا تي تحقيق جو نتيجو پيش ڪيو ويو آهي. ان رپورٽ مطابق خلا ۾ هٿرادو چهڪ ۽ چير ڏئي ڌرتي جي موسمي نظام ۽ سندس ريڊار نڪما ۽ بي اثر بنائي سگهجن ٿا.“
هڪڙي فوجي هٿيار طور هارپ ائٽم ۽ هائڊروجن بمن کان وڌيڪ تباهه ڪندڙ ۽ خطرناڪ آهي. اهو ليزر ۽ پارٽيڪل ترورن ذريعي تباهه ڪندڙ قوت جا ڌرتيءَ جي ڪنهن به حصي تي اهڙا وار ڪري سگهي ٿو، جيڪو ائٽمي بمباري واري تباهي مچائي سگهندا. هن هٿيار جي زور تي ئي هن بش جي پيءُ صدر جارج بش جي ايڏي جرئت ٿي جو هن اعلان ڪيو ته اچو ته نئين عالمي نظام ڏانهن مارچ ڪريون.
نئون عالمي نظام لِڪَ جو نالو آهي. آمريڪا جي نئين فاشسٽ ٽولي Neo-con نيوڪان جي انهيءَ خواب جو ته 21 هين صدي آمريڪا جي صدي هجي. جنهن ۾ آمريڪا سڄي جهان جي مٿان حڪم هلائي. هن خوفناڪ ڳجهي هٿيار کي استعمال ڪري موسمي نظامن کي تهس نهس ڪري دنيا جي ملڪن جا سڄي جا سڄا قومي اقتصادي نظام درهم برهم ڪري سگهجن ٿا. مزو وري اهو هوندو ته ڪنهن به ملڪ کي اها خبر ئي ڪا نه پوندي ته اهو حشر ڪيئن ٿيو آهي. هرڪو پيو قدرت کي ڏوهه ڏيندو. ڪنهن کي به اهو خيال ڪو نه ايندو ته آمريڪا بهادر ڪا مٿس چڙهائي ڪئي آهي. مطلب ته آمريڪا جنهن ملڪ تي ڪاوڙجي تنهن کي بدمعاش قرار ڏئي ان جي زراعت ۽ اقتصاديات کي تباهه ۽ برباد ڪرائي سگهي ٿو، پوءِ اهو ملڪ پنهنجي ماڻهن تان لامارا ڏيندا موت جا راڪاس ٽارڻ لاءِ لاچار پيو آمريڪا جي هٿ ٺوڪين اقتصادي ايجنٽن ۽ آءِ ايم ايف اڳيان جهوليون جهليندو ۽ گيسيون ڪندو، ان ڪري دنيا جي پوئتي پيل ۽ ترقي ڪندڙ ملڪن لاءِ لازم آهي ته هو پنهنجي بچاءَ لاءِ حڪمت عمليون تيار ڪن. في الحال سڀ کان اهم ڳالهه هيءَ آهي ته هيءَ جيڪا سڄي دنيا ۾ گهوڙا گهوڙا لڳي پئي آهي ته قدرتي طرح دنيا جون موسمون بدلجي ويون آهن ۽ دنيا قدرتي طرح تپي ٽانڊا ٿي ويئي آهي. سا ڳالهه دراصل نتيجو آهي هارپ ۽ ان جي فوجي سائنسدانن جي ڪرتوتن جو، ان خوفناڪ حقيقت کي لڪائڻ لاءِ آمريڪا رات ڏينهن هڪ ڪري اهي افسانا پئي ڦهلائي ته دنيا جي گرم ٿيڻ جو سبب چين، هندستان ۽ ٻين ترقي ڪندڙ ملڪن طرفان گهڻا ڪارخانا هلائڻ ۽ ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ جو صحيح نيڪال نه ڪرڻ ڪري، اهو نتيجو نڪتو آهي. ٻئي طرف اها ڳالهه نوٽ ڪرڻ جهڙي آهي ته دنيا جي ملڪن دنيا کي گرم ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ گهربل اپائن وٺڻ جو جيڪو عهدنامو تيار ڪيو آهي. تنهن تي صحيح ڪرڻ لاءِ آمريڪا هرگز تيار ناهي. ڇو ته ان تي صحيح ڪرڻ سان آمريڪا کي هارپ جو هٿيار استعمال ڪرڻ ۾ رنڊڪون درپيش اينديون (حوالو: Haarp American WMD ڏسو A.R jerral جو سائنسي مقالو روزاني The nation 21 سيپٽمبر 2010.
سنڌ تي ڪڙڪايل هن مها ٻوڏ جي بيان ڪيل صورتحال ۽ آمريڪا بهادر جي نئين خوفناڪ موسمي هٿيار جي حقيقتن جي روشني م جيڪي ماڻهو مشڪل ۽ خطرناڪ مسئلي جي ڪارڻ جي سوال پڇڻ تي جواب ۾ ”الائجي؟“ ”خدا کي خبر!“ چئي جان ڇڏائيندا آهن، تن کي ڇڏي باقي جيڪي دنيا جهان بابت ڪجهه نه ڪجهه سڌ سماءُ رکندڙ آهن، خاص ڪري اهي جن جو قدرتي ۽ سماجي سائنس Natural and social sciences سان ڪافي واهپو آهي. سي ان نتيجي تي پهچڻ کان بچي نه سگهندا ته هيءَ مها ٻوڏ بلڪل هٿرادو آندل آهي ۽ ان ۾ اسان جي سموري موجوده جهان جي وارث آمريڪا مائي باپ،ا سان جي وڏن موڀي پنجاب اسٽيبلشمينٽ جي بزرگ ڀائرن ۽ اسان جي پنهنجي گهر جي وڏن ۽ وارثن سدائين خود بخود چونڊجندڙ سياسي وڏيرن ڀوتارن، سردارن، ڪاني ڪرامت جي صاحب پيرن ميرن جون دل جان سان ڪيل قربائتيون ڪوششون شامل آهن.
سوال ٿو پيدا ٿئي ته ٻيا ته پنهنجي جاءِ تي، پر اسان پنهنجن قابل احترام پنجاب اسٽيبلشمينٽ جي بزرگ ڀائرن جو ڪهڙو ايڏو وڏو ڏوهه ثواب ڪيو آهي. جو هو گذريل ڏيڍ سئو سالن کان وٺي اسان جو ساهه نپوڙي ڪڍڻ بنا هڪ پل به رهي نه ٿا سگهن؟
ان ۽ ٻين لاڳاپيل ڳالهين تي پاڻ ايندڙ صحبت ۾ ويچارينداسين.