منهنجو شهر….منظور ميراڻي
مون جڏهن خيرپور ناٿن شاهه جي ٻڏڻ جي خبر ٻڌي ته مون کي ان وقت فوري طور تي سوئيڊن ۾ رهندڙ اهو ناٿن شاهي ياد آيو، جنهن سان منهنجي ملاقات لنڊن ۾ ٿي هئي.... عبدالجبار، جنهن پنهنجي ڦوهه جوانيءَ جا ڏينهن ته يورپ ۾ گذاريا، پر خيرپور ناٿن شاهه جو ذڪر ٿيڻ تي هن جي چهري تي جيڪا رونق اچي وئي. انهيءَ ڪيفيت جي ڪو آرٽسٽ شايد ئي تصوير ڪشي ڪري سگهي. هن فوري طور پنهنجو پرس ڪڍي ڏيکاريو، جنهن ۾ عبدالجبار هن شهر جي مٽي رکي هئي. هن خيرپور ناٿن شاهه کي ايئن پئي ياد ڪيو، جيئن ورهاڱي وقت هتان ويل سنڌ ورڪي سنڌ کي ياد ڪندا آهن. مذهبي طور ماڻهو پنهنجي پنهنجي عقيدي تحت ڪنهن مخصوص ملڪ جي مٽي پاڻ سان گڏ رکندا آهن، ڪو مخصوص شهر انهن لاءِ مقدس هوندو آهي، پر هن جي پرس ۾ پنهنجي ان شهر جي مٽي پيل هئي. جنهن شهر ۾ هن پنهنجي زندگيءَ جي شعور ۽ لاشعور وارا ڏينهن گذاريا هئا... هن جو شهر سان ڪهڙو عقيدو هو، ان وقت اسان کي سمجهه ۾ نه آيو هو، پر هاڻي سمجهه ۾ اچي ٿو ته هو ان وقت به هن شهر سان فراق واري ڪيفيت ۾ هو، وڇوڙي واري ڪيفيت ۾ هو، اهو وڇوڙو، جنهن کي اسان هن وقت محسوس ڪري رهيا آهيون. ٻه ڏينهن پهرين مون ڪاوش ۾ اها تصوير به ڏٺي، جهن ۾ اهو هاءِ اسڪول به ٻڏل هو، جنهن جي ڪلاسن ۾ انڊس هاءِ وي پاسي کلندڙ درين مان اسان روڊ تي ڊوڙندڙ موٽر گاڏيون ڏسي سگهندا هئاسين. هاڻي ان روڊ تي هڪ ٻيڙي هلي رهي هئي. اسان ته سوچيو به نه هو، ته اسان جنهن ڪلاس ۾ پڙهندا هئاسين. ان ئي ڪلاس ڀرسان گذرندڙ انڊس هاءِ وي تي ڪڏهن ڪي ٻيڙيون به هلنديون! ٻيڙين جو اهو منظر ڏسي فوري طور تي مون کي ريڊيو جو اهو پراڻو گيت ياد اچي ويو ته
ٻارو ڏسو نرالو کيل
تلڪ چاڙهيءَ تي ٻيڙيون ڊوڙن
سنڌو نديءَ ۾ ريل،
ٻارو ڏسو نرالو کيل!
هن شهر سان واقعي به نرالو کيل ٿيو آهي. بلڪه سنڌ جي ٻين ڪيترن ئي شهرن سان به کيل ٿيو آهي. جو جيڪي شهر ٻڏڻا به نه هئا. سي ٻڏي ويا. اسان جا اسڪول، اسان جا گهر، اسان جي يادن ۾ ويڙهيل گهٽيون. اسان جا روڊ، ۽ اهي هوٽل، جن تي ويهي اسان زندگيءَ سان ڀرپور ٽهڪ ڏيندا هئاسين، سڀ پاڻيءَ ۾ ٻڏي ويا آهن... بس جيڪڏهن ڪير ٻڏن نٿا ته اسان جا اهي سياسي ماڻهو آهن. جيڪي پنهنجن واعدن ۽ دلاسن سان هن وقت تائين اسان جي شهرن کي سدائين ٻوڙيندا رهيا آهن ٻڏڻ وارن لاءِ ته اکين جو پاڻي ئي کوڙ هجي ٿو، باقي جنهن کي ٻڏڻو ناهي. سو شهر جي هن هيڏي ساري ٻوڏ ۾ به نٿو ٻڏي. اسان جي سياستدانن جو تعلق ووٽ سان ته هجي ٿو، پر ووٽر سان نٿو هجي، هن دور جو وڏي ۾ وڏو الميو ان کان علاوه ٻيو ڪهڙو ٿي سگهي ٿو!؟
هن وقت جهڙي نموني سان شهر ٻڏي رهيا آهن. اهو محسوس ٿي رهيو آهي. ڄڻ سموري سنڌ موهن جو دڙو بڻجڻ ڏانهن وڃي رهي آهي... موهن جي دڙي جي ذڪر تي ئي مون کي ياد اچي ٿو ته اسان جي گهر ۾ ڪتابن جو هڪ ڪٻٽ هوندو هو، ان ڪٻٽ جي هڪ تاڪ تي مون آئل ڪلر کڻي برش سان ڀٽائيءَ جي هڪ بيت جي خطاطي ڪئي هئي. ۽ ان خطاطيءَ ۾ ڀٽائيءَ جي نالي هيٺان مون پنهنجو نالو لکي تاريخ هڻي ڇڏي هئي. ڪنهن مون کان پڇيو هو ته تو پنهنجو نالو ڇو لکيو آهي، خبر ناهي ڇو ان وقت مون ان کي اهو جواب ڏنو هو ته ”ممڪن آهي هيءُ شهر ڪڏهن موهن جو دڙو بڻجي وڃي ۽ جڏهن ڪو جان مارشل هتان جي کوٽائي ڪري ته نوادرات ڪٻٽ جو هيءُ تاڪ به هو ڳولي لهن، ان ڪري کين خبر پوي ته هتي ڪو منظور ميراڻي به رهندو هو. اڄ مان پنهنجي ان جواب تي سوچيان ٿو، اها ڳالهه ان وقت منهنجي تحت الشعور مان لفظن جو روپ وٺي ڪيئن ٻاهر نڪري آئي هئي... ڪتابن جو اهو ڪٻٽ مان هن ڀيري به گهر ۾ ساڳي حالت ۾ ڏسي آيو هئس، پر جڏهن اسان جا سڀ گهر ڀاتي مختصر وقت ۾ نڪرڻ جي وارننگ کان پوءِ سڀ ڪجهه اتي ڇڏي فقط ڪپڙا کڻي نڪري آيا آهن، تڏهن مان سوچيان ٿو ته ڇا اهو ڪٻٽ ۽ ان جي تاڪ تي لکيل منهنجا هٿ اکر به منهنجي اسڪول وانگر ٻڏي ويا هوندا؟ اهو سوچڻ کان پوءِ مان وري به دعا ڪريان ٿو ته منهنجو شهر موهن جو دڙو نه بڻجي. نه وري ڪو جان مارشل اچي، نه ڪو منهنجا هٿ اکر نوادرات م ڳولي لهي.... هي گهرن جون ننڍيون ننڍيون شيون آهن، ۽ توڙي جو اهي بي جان شيون آهن، پر انهن سان گڏ گذاريندي گذاريندي ماڻهو انهن کي پنهنجي وجود جو حصو تصور ڪرڻ لڳندو آهي، انهن سان ماڻهن جي جذباتي وابستگي ٿي ويندي آهي.... هن وقت به اوهان رليف ڪيمپن ۾ وڃي ڏسو، ماڻهو اوهان سان پنهنجين ننڍين شين جو ذڪر ڪندا، ٻار اوهان سان پنهنجي معمولي قسم جي رانديڪن جو ذڪر ڪندا، مرد پنهنجي ٻڪرين، مينهن ۽ ڳئن جو ذڪر ڪري ٿڌا ساهه ڀريندا، ۽ عورتون خاص طور تي پنهنجي هٿن سان سبيل رلين جي ڳالهه ڪندي چونديون ته اسان جي هندن جي پيتي به اتي رهجي وئي... هنڌن جي پيتي ته هر گهر جي ڪهاڻي هجي ٿي، ۽ عورتون ان تي ڇو نه جذباتي هجن، جو رلين ۾ رڳو ڌاڳا ٽوپيل ناهن هوندا، انهن ۾ ته عورتن جو نور ٽوپيل هوندو آهي.
انهيءَ محبوب شهر جو اهو ڪهڙو لمحو آهي، جيڪو اڄ مون کي ياد نه اچي رهيو هجي؟ ممڪن آهي ته اڄ پيپلزپارٽيءَ کان اهي لمحا وسري ويا هجن، جڏهن خيرپور ناٿن شاهه ضياءُ الحق جي زماني ۾ سنڌ جو ويٽنام بڻيل هو. اسان کان نه آهي. صبح وسرندا. جڏهن پيپلزپارٽيءَ جا ڪارڪن توڙي عام شهري پتنگن وانگر ايم آر ڊي تحريڪ ڏانهن ڇڪبا پئي ويا... صبح جو روزانو انڊس هاءِ وي جي مين بس اسٽاپ تي ماڻهو پروانن وانگر گڏ ٿي ويندا هئا، پوليس گهٽ هوندي هئي، پر گرفتارين ڏيڻ وارا گهڻا هوندا هئا، جيڪي ان ڏينهن گرفتاري ڏيڻ کان رهجي ويندا هئا. آهي ائين ئي افسرده هوندا هئا، جيئن ڪو ماڻهو حج تي وڃڻ جي شديد خواهش باوجود جهاز ۾ چڙهڻ کان رهجي وڃي. ماڻهن ڀٽي صاحب جو رت ڏٺو هو، جنهن رت مان انهن کي مينديءَ جي خوشبوءِ پئي آئي. ۽ هو مقتل ڏانهن ڊوڙندا پئي ويا. جڏهن ايم آر ڊي جو ذڪر نڪري ٿو، تڏهن ڇا اسان کي اهي شهيد ياد نٿا اچن، جيڪي ان تحريڪ دوران گولين جو بک بڻيا هئا؟ انهن شهيدن کي پيپلزپارٽيءَ ته وساري ئي ڇڏيو، پر اسان کان اهي ڪيئن ٿا وسري سگهن، هو به انهيءَ تحريڪ جا اهڙا ئي هيروز آهن، جهڙا هن ٻوڏ ۾ بند هيٺان آيل عبدالجبار ملاح ۽ عبدالجبار ڪانڌڙو آهن... انهن شهيدن مان هڪ شهيد نظام نائچ مون کي اڄ به ان ڪري ياد آهي. جو هو کير کپائڻ سان گڏ اسٽيج ڊرامن جو آرٽسٽ به هو، اهي شهيد، جن جا يادگار ته جيڪي ٺهيا، سو ٺهيا، پر انهن جا پونيئر دانهون ڪندا رهيا ته شهيدن جي اولاد کي ڪو روزگار ڏيو، کين روزگار نه مليو، ۽ شهيدن جو اولاد آسرو لاهي بدحاليءَ ۾ ئي جيئڻ لڳو.... هيءُ پاڪستان آهي ۽ هيءُ پيپلزپارٽي آهي. جتي شهيدن کي ائين ئي ياد ڪبو آهي. جڏهن هيءُ شهر ٻڏي رهيو هو ته هرڪو اهي دانهون ڪري رهيو هو ته شهيدن جي شهر کي بچايو... پر شهيدن جو شهر نه بچيو... شهيدن جي اولاد کي نوڪري به نه ملي. انهن جو يادگار به نه ٺهيو، ۽ انهن جي ياد لاءِ قبرن جي صورت ۾ جيڪي يادگار هئا، سي نشان به هاڻوڪي ٻوڏ لوڙهي وئي... هيءَ پيپلزپارٽي آهي، جيڪا شهيدن ۽ انهن جي قبرن سان ايئن ئي ڪندي آهي.
هيءُ اهو خيرپور ناٿن شاهه هو... آثم، وفا وقار، نشتر ۽ راز ناٿن شاهي جو خيرپور ناٿن شاهه... شاعرن ۽ اسٽيج ڊرامن جو خيرپور ناٿن شاهه... جنهن ۾ ناٽڪ منڊليون ايئن ئي سرگرم هيون. جيئن 16 هين صديءَ ۾ قائم ٿيل Elizabethan theatre اڄ تائين ماڻهن کي پاڻ ڏانهن ڇڪيندو رهي ٿو، ان دور جو خيرپور ناٿن شاهي واقعي به Renaissance وارو خيرپور ناٿن شاهه هو، مشاعره، موسيقيءَ جون شامون، اسٽيج ڊراما، ۽ سياست توڙي نظرين تي ٿيندڙ ڊگهيون ڪچهريون،... ڪن لاءِ سن مقدس هوندو هو ته ڪن لاءِ ڳڙهي خدا بخش... ڪي سوويت يونين جي عشق ۾ گرفتار هوندا هئا. ۽ ڪن لاءِ وري شاهراهه ريشم جو دڳ حقيقي دڳ هوندو هو، خيرپور ناٿن شاهه هوندو ته هڪ شهر هيو، پر ان کي جڏهن اسان جي ٽهي پنهنجي عمر جي فريم ۾ ڏسي ٿي ته اهو شهر نه هو، پر ڪو ڪافي هائوس هو، جنهن ۾ الڳ الڳ سوچ، الڳ الڳ شعبن ۽ الڳ الڳ نظرين جا ماڻهو گڏ ٿيندا هئا، پر پوءِ به هڪڙو نظريو رکندڙ مخالف سوچ رکندڙ جو احترام ڪندو هو، ان ڪافي هائوس جهڙي شهر سان ”ڪافي“ ٿي ويو... هاڻي پاڻي انهيءَ شهر کي ٻوڙي وڃي سيتا روڊ جي آخري ڊفينس لائين کي لڳو آهي. ۽ جڏهن مان خيرپور ناٿن شاهه ۽ سيتا کي ڳنڍيندڙ روڊ جو تصور ڪريان ٿو، تڏهن مون کي اهو قبرستان به ياد ٿو اچي. جتي 9 مهينا کن اڳ منهنجي ماءُ جي تدفين ٿي هئي.... ڇو ته اهو قبرستان ناٿن شاهه- سيتا روڊ تي ئي آهي. جيڪي ماڻهو مون سان رابطي ۾ آهن، مان انهن کان سڀ ڪجهه پڇان ٿو، پر مان ڪنهن کان اهو پڇڻ جي همت ساري نٿو سگهان ته ”ڇا شهر جو قبرستان به ٻڏي ويو؟“ جو مان ان سوال جي جواب کان ڏاڍو خوفزده آهيان. ... مان اهو ٻڌي نٿو سگهان، جو ڪير چئي ته قبرستان به ٻڏي ويو... ان قبرستان ۾ امان دفن ٿيل آهي.
جڏهن امان گذاري وئي هئي... تڏهن مون پنهنجي لاءِ هن شهر ۾ اچڻ جو سبب تلاش پئي ڪيو، ۽ سوچيم ته هاڻي انهيءَ شهر ۾ ڪنهن لاءِ اچبو، ڇاڪاڻ جو گهر م اها هستي ته باقي نه بچي هئي. جيڪا عيد برات تي خيرپور ناٿن شاهه واري گهر پهچڻ تي ڳراٽڙي پائي مٺي ڏيندي هئي.... ”هاڻي جڏهن ناٿن شاهه ايندس ته گهر م پهچڻ تي ڪير هوندو، جيڪو ڳراٽري پائي مٺي ڏئي آجيان ڪندو؟“ امان جي وڇوڙي کان پوءِ اهو سوال مسلسل منهنجو اندر چيريندو رهيو... ۽ پوءِ مون فيصلو ڪيو ته هاڻي جڏهن به ان شهر ويندس ته پهرين امان جي قبر تي ويندس ۽ پوءِ گهر وڃبو ۽ واقعي به مان امان جي وڇوڙي کان پوءِ جڏهن به ان شهر ويس پهرين امان جي قبر جي حاضري ڀري، پوءِ ئي گهر ويس. اسان روحانيت ۾ يقين رکڻ وارا ماڻهو آهيون، ان ڪري واقعي به مون کي اهو محسوس ٿيندو هو ته ڄڻ امان مون کي ڳراٽري پاتي هجي ۽ مان ان جي مٺيءَ کي به محسوس ڪندو هئس.... هن ڀيري به خيرپور ناٿن شاهه ٻڏڻ کان فقط ٻه ڏينهن پهرين مان خيرپور ناٿن شاهه ويو هئس... ۽ حسب معمول پهرين امان جي قبر تي ويس. ان کان پوءِ گهر وڃڻ ٿيو، قبرستان ۾ به مان اهو ئي سوچي رهيو هئس ته جيڪڏهن ٻوڏ آئي ته ڇا هيءُ قبرستان به ٻڏي ويندو ۽ جيڪڏهن قبرستان ٻڏي ويو ته ڇا قبرن جا سڀ نشان به ڊهي ويندا؟ پوءِ مان ڪهڙي قبر جي پيرن کان ويهي اهو محسوس ڪندس ته امان مون کي ڳراٽڙي پائي مٺي ڏئي رهي آهي؟