ٻوڏ مان اسان ڪهڙو سبق پرايو؟…محمد ادريس راجپوت
مان هڪ غير سياسي ماڻهو آهيان، منهنجو ڪنهن به سياسي پارٽيءَ سان واسطو ناهي، پر جڏهن ڪو ماڻهو، (سياسي يا غير سياسي) سو مون کان سنڌ جي معاملن ۽ مسئلن بابت ڪجهه به مدد گهري ٿو يا ڪنهن به قسم جو تعاون گهري ٿو، جنهن مان ان جو مقصد سنڌ ۽ سنڌ وارن جي ڀلائي ۽ بهتري هجي ٿي ته مان يڪدم حاضر هوندو آهيان. ڪڏهن چيف منسٽر سنڌ چشما- جهلم لنڪ ڪئنال بابت فني راءِ لاءِ گهرائي ٿو ته مان حاضر هوندو آهيان ۽ وزيراعظم جي گڏجاڻي ۾ اهو چوڻ کان به نٿو ڪيٻايان ته ارسا جي وقتي چيئرمين زوري چشما- جهلم لنڪ کولي ائين ارسا جي قانون جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي. جيئن هڪ فوجي آمر آئين جي ڀڃڪڙي ڪري مارشل لا هڻي ٿو. جيڪا ڳالهه پنجاب جي چيف منسٽر شهباز شريف کي نه وڻي ۽ انهيءَ تي اعتراض واريائين. ڪڏهن ٻوڏ جي سلسلي ۾ مان صلاح ٿو ڏيان ته چوڏهن سالن کان پوءِ ٻوڏ اچي پئي. انهيءَ کي گهٽ نه سمجهو ۽ ٻه ڳالهيون يڪدم ڪريو، هڪڙي اها ته آبپاشي کاتي وارن کي پئسا رليز ڪيو ته هو ٻوڏ کي منهن ڏيڻ لاءِ ماڻهن ۽ مٽيريل جو بندوبست ڪري سگهن. ٻي اها ته بندن تي صحيح پهرو تڏهن ٿي سگهندو، جڏهن ملڪ ۾ امن امان هوندو، پوليس امن امان قائم نٿي ڪري سگهي. تنهنڪري يڪدم فوج کي گهرايو، ته بندن تي ڪم ڪندڙ ماڻهو بنا ڪنهن ڀوَ جي ڊيوٽي ڏئي سگهن. ڪڏهن ٽن پراڻن سيڪريٽريز يعني مزمل قريشي، بشير احمد ڏهر ۽ مون کي گهرايو ٿو وڃي ته اسان فوج وارن کي Convince ڪيون ته انهن جو اهو ارادو هو ته سکر بيراج کي ٻوڏ واري پاڻي کان بچائڻ لاءِ علي واهڻ وٽ کنڊ ڏنو وڃي صحيح ناهي. نيٺ ا مني ڪلاڪ جي بحث کان پوءِ ڪور ڪمانڊر ۽ جي او سي پنو عاقل Convince ٿي ٿا وڃن ۽ علي واهڻ وٽ بند کي ڪٽ نٿو هنيو وڃي. مان پنهنجيون اهي Services سنڌ ۽ سنڌ وارن سان محبت ۽ سڪ جي جذبي تحت ڏيان ٿو ۽ ڪوشش ڪندو آهيان ته سنڌ ۾ خوشحالي اچي ۽ دعا ڪندو آهيان ته سنڌ وارن کي ڪو ڪوسو واءُ به نه لڳي.
ڪن ماڻهن جو خيال آهي ته مان انهن معاملن تي سنڌ جو ڪنسلٽنٽ آهيان ۽ سنڌ سرڪار کان پگهار کڻان ٿو، مان لاهور جي هڪ ڪمپني نيشنل ڊولپمينٽ ڪنسلٽنٽ ۾ نوڪري ڪريان پيو، جن کي ٻن ٻين ڪمپنين سان گڏ سنڌ جو هڪ آبپاشي جو پراجيڪٽ مليل آهي. مان انهيءَ پراجيڪٽ جو سنڌ ۾ پراجيڪٽ مئنيجر آهيان پگهار مٿين ڪمپنين کان کڻان ٿو ۽ جڏهن پراجيڪٽ ختم ٿي ويندو ته به مان انهيءَ ڪمپني جو ملازم رهندس. مان سنڌ جي پاڻي وارن مسئلن تي سنڌ سرڪار جو پگهار تي رکيل ملازم ناهيان ۽ اها خدمت مان سنڌ ۽ سنڌ وارن سان محبت ۽ پيار واري جذبي هيٺ ڪريان ٿو ۽ موجوده پراجيڪٽ ختم ٿيڻ کان پوءِ به ڪندو رهندس، انهيءَ سلسلي ۾ سنڌ وارن جيڪا مون کي محبت عزت ۽ سڪ جي موٽ ڏني آهي، تنهن جو مان تمام ٿورائتو آهيان، جلال محمود شاهه صاحب جي اها ڳالهه مون کي تمام سٺي لڳي ۽ مان اها دعوت خوشي سان قبول ڪئي اسان ڇنڇر 14 آگسٽ تي پهريون سڳيون مٽياري بند تي اڏيرو لال ڇنڊڻ کان ڀاڻوٽ کان هالا تائين هلياسين ۽ تنهن کان پوءِ واپسي تي وري اڏيرو لال ڇنڊڻ کان هيٺ گهليان بند، ڪوٽڙي بيراج جو ليفٽ مارجينل بند، ڄامشورو فرنٽ بند ۽ گدو مل بند (لطيف آباد بند) توڙ تائين ڏٺوسين، انهن ٻنهي بابت تاثرات هن ريت آهن.
اڏيرو لال ڇڏڻ کان ڀاڻوٽ بند (هالا):
انهيءَ رينج ۾ مٽياري ۽ هالا جا شهر اچي وڃن ٿا. بند مينوئل مطابق اٺ سببن ڪري بند کي نقصان ٿي سگهي ٿو. اهي آهن بند جو اوور ٽاپ ٿيڻ، روڻ، ويو واش، بلو آئوٽ، بند سلوس جو فيل ٿيڻ، درياهه جي کاڌ، بند جو سيمو، بند جو ويجهي وڃڻ، پوين ٻن سببن کي ڇڏي مٿيان ڇهه ئي سبب اسان کي انهيءَ حد ۾ ڏسڻ ۾ آيا، پر جيڪي سڀني کان خطرناڪ سبب ڏسڻ ۾ آيا، اهي هئا اوور ٽاپ ٿيڻ ۽ ويو واش، بندن تي پاڻي جي ليول ايتري مٿي هئي. جو پڙهڻ وارا لڳل گيج ٻڏي ويا ۽ انهن تي ٻيو واڌو گيج هنيو ويو، گيج تي وڌ ۾ وڌ آيل 1976ع واري ٻوڏ جو نشان به لڳل هو. ڏٺوسين ته پاڻي انهيءَ نشان کان 5 کان 6 فوٽ مٿي آيو هو. ياد رهي ته اسان جا بند وڌ ۾ وڌ آيل ٻوڏ جي ليول کان ڇهه فوٽ مٿي ٺهيل هوندا آهن. معنيٰ بندن تي فري بورڊ جيڪو ڇهه فوٽ هجڻ کان پوندو هو. اهو ڪو نه هو ۽ بند وور ٽاپ ٿيڻ جو خطرو هو. نهيءَ سوال تي ته توهان ايتري وڏي حد ۾ بند کي اوور ٽاپ ٿيڻ کان ڪيئن بچايو؟ حد جي ايس ڊي او ٻڌايو ته انهيءَ لاءِ سرڪاري ۽ غير سرڪاري مشينري استعمال ڪئي وئي. جنهن ۾ ٽريڪٽر ٽرالي ۽ ايڪس ڪيويٽر وڏو ڪم ڪيو، مان جڏهن ويو واش بابت پڇا ڪئي ته ايس ڊي او ٻڌايو ته انهيءَ لاءِ بڪ ورڪ ڪيوسين ۽ مٽيءَ جون ڳوڻيون ڀري رکيون ويون، پر جيترو ڪم ٿيل هو، اهو ريگيولر ۽ آبڪلاڻي وارن بيلدارن جي وس کان ٻاهر هو، ايس ڊي او ٻڌايو ته ماڻهن جي سلسلي ۾ لوڪل ماڻهن هنن جي ڏاڍي مدد ڪئي. مٽياري مان امير علي شاهه ۽ هالا مان مخدوم امين فهيم ۽ سندس فرزند جميل الزمان ٻوڏ واري سڄي وقت ۾ هزارين ماڻهن سان گڏ بند تي موجود هئا. هنن جي سروري جماعت پنهنجي ليڊر جي قيادت ۾ جيڪا ڊيوٽي ڏني آهي. انهيءَ کانسواءِ بند بچي ئي نه سگهن ها. آبپاشي واري ايس ڊي او ٻڌايو ته ائين سمجهو ته هالا وارا بند مخدوم صاحبن ۽ مٽياري وارا بند ڄاموٽ صاحبن بچايا. اسان رڳو بندن تي مشينن وسيلي مٽي چاڙهڻ ۽ رابطي ۾ مشغول رهياسين. هن وڌيڪ ٻڌايو ته انهن ماڻهن ۾ ڪيترا تجربي ڪار ماڻهو به هئا. جيڪي روڻ ڳولهڻ ۽ ان کي بند ڪرڻ ۾ به ماهر هئا. ڀاڻوٽ وٽ اسپرن جو ٿيل ڪم به ڏٺوسين، هن ٻوڏ ۾ رڳو هڪڙي اسپر تي کاڌ ٿي. باقي ٺيڪ بيٺا رهيا. رستي تي اسان پراچا وارو ڪيلن جو باغ به ڏٺوسين. جيڪو ڪچي ۾ هيو. ان جي بچاءُ لاءِ زمينداري بند به ڏنل هو، جيڪو ٽٽي ويو. باغ ٻڏي ويو ۽ سندس ڪچي ۾ ٺهيل بنگلو به پاڻي هيٺ هو. رستي تي اهو به ڏٺوسين ته بند تي ڪيترائي گهر ۽ پڪيون جايون به ٺهيل هيون. ڪن هنڌن تي بند تي ٻنهي پاسي جهنگ ۽ ديويون بيٺيون هيون. جتي بند تي صحيح پهرو ممڪن نه هو. گهلياڻ، ڄامشورو، فرنٽ ۽ گدو مل بند .
لطيف آباد بند:
اهي ٽئي بند حيدرآباد شهر جي سلامتي لاءِ تمام اهم آهن. مون پنهنجي مضمون ۾ جيڪو ڪاوش ۾ 18 آگسٽ تي ”سپر فلڊ ۽ حيدرآباد شهر جي سلامتي“ جي عنوان هيٺ لکيو هو. واسطيدار عملدارن کي انهن خطرن بابت چتاءُ ڏنو هو ته جيڪڏهن هنن صحيح ڊيوٽي نه ڏني ته حيدرآٻاد شهر ٻڏي سگهي ٿو. بند جو انچارج ايس اي محمد خان نظاماڻي اسان سان گڏ هو، گهلياڻ بند تي تمام گهڻي اوور ٽاپ واري حد کانسواءِ اسان تمام گهڻي ويو واش ۽ زمين واري پاسي سيمو ڏٺوسين. اسان پاڻ ڏٺوسين ته پاڻي وڌ ۾ وڌ آيل ٻوڏ کان اٽڪل ڇهه فوٽ مٿي هو. فري بورڊ ڪو نه هو. جڳهن جڳهن تي ميلن ۾ بند تي مٽي چڙهيل هئي. ويو واش لاءِ ڳوڻيون درياهه واري پاسي سلوپ تي رکيل هيون. ايترو ڪم ٿيل هو جو اسان کي اعتبار ئي نه پئي آيو ته اهو ڪم ڪيئن ٿيو. جڏهن پئسا ئي رليز ڪو نه ٿيا هئا ته ايتريون مشينون ۽ ايترو مٽيريل گهرائڻ ڪيئن ممڪن ٿيو، انچارج ايس اي ٻڌايو ته پاڻي ايترو خطرناڪ ۽ مٿي هو ته اسان سوچيوسين ته بند بچائڻ ڏکيو آهي. پر وسپ جي پي ڊي جيڪو اسپيشل ڊيوٽي م هو، تنهن هنن کي چيو ته هن مهل پنهنجي سلامتي ۽ پئسن جي ڳالهه بدران حيدرآباد جي سلامتي وڌيڪ اهم آهي. تنهنڪري پنهنجي ڄاڻ ۽ واقفيت جو فائدو وٺي سرٽوڙ ڪوشش ڪرڻي آهي. سو اسان مشينن ذريعي بند تي مٽي چاڙهيندا وياسين ۽ ماڻهن وسيلي ڳوڻيون ڀري درياهه واري پاسي سلوپ تي رکندا وياسين، ته جيئن ويو واش ڪري بند نه کاڄي. ماڻهو ۽ هر طرح جي مدد امير علي شاهه ڄاموٽ ڏني. جنهن جي مدد کانسواءِ اهو ڪم ناممڪن هو. هن وڌيڪ ٻڌايو ته هڪ رات صورتحال ايتري خراب ٿي ته هن سمجهيو ته بند هاڻي ٽٽي ويندو، مون بي وس ٿي بانگ ڏيڻ شروع ڪري ڇڏي ۽ چئن هنڌن تي بانگ ڏنم، تنهن کان پوءِ مون ڏٺو ته پاڻي جو زور ٽٽي ويو ۽ بند بچي ويو. محمد خان نظاماڻي اهو فني مشورو ڏنو ته بند ٺاهڻ جي Specification تبديل ڪرڻ کپي بند جي ٽاپ تي ويڪر 20 فوٽن بدران 40 فوٽ ٿيڻ کپي ۽ بيڪ برم 5 فوٽن بدران 10 فوٽ رکڻ کپي، تنهن کان پوءِ اسان ڪوٽڙي بيراج جو ليفٽ مارجينل بند، ڄامشورو فرنٽ بند ۽ گدو مل بند ڏٺاسين. ڄامشورو بند تي گيج وارا پلر ٻڏي ويا هئا. فري بورڊ ڪو نه بچو هو ۽ کاڌ ٿي هئي. کاڌ لاءِ ايترا پٿر آندا ويا، جو هلڻ جو رستو ئي سوڙهو ٿي ويو هو، مشين ذريعي بند کي مٿي چاڙهيو ويو، پٿر وجهي کاڌ کي روڪيو ويو، ڪيترن هنڌن تي ماڻهن بند تي گهر ۽ اڏاوتون ٺاهي ڇڏيون هيون. خاص طرح سحرش نگر سامهون، گدو مل بند جي حالت ناجائز اڏاوتن جي لحاظ کان تمام خراب هئي. ايم ڪيو ايم وارن بند تي ڊيوٽي لاءِ تمام گهڻا ماڻهو ڏنا. پر پٿر اڻ کٽ گهرايو ويو، جتي ضرورت نه هئي، اتي به پٿر گهرايو ويو. بند تي هنڌ هنڌ ايترو پٿر پيو هو، جو هلڻ ئي ڏکيو ٿي ويو، ڪچي ۾ پارڪ ٺاهيو ويو هو جيڪو ٻڏي ويو.
اهي بند ڏسڻ کان پوءِ منهنجي ۽ جلال محمود شاهه جي آبزرويشن اها هئي ته سيڊا وارن تمام خراب حالتن واري بندن کي اڻٿڪ ڪوشش ۽ محنت سان مشينن ۽ ماڻهن جي مدد سان حيدرآباد وارن بندن کي ٽٽڻ کان پوءِ بچايو ۽ انهن جي ڪاوش ۽ ڪوشش کي نه ساراهڻ زيادتي ٿيندي. بندن تي سوسائٽي جي ڏاڍائين ۽ ڪچي ۾ حددخلين تي تبصرو ڪندا وياسين. مستقبل ۾ ٻوڏن کي منهن ڏيڻ لاءِ هيٺين ڳالهين تي ڌيان ڏيڻ ضروري سمجهيو ويو.
(1) اهو سمجهڻ ته بند سنڀالڻ رڳو آبپاشي کاتي جي جوابداري آهي. صحيح ناهي. جيستائين معاشرو سڄي جو سڄو انهيءَ ۾ شامل نه ٿيندو، بندن ۾ نقصان جو انديشو رهندو، جتي به لوڪل ماڻهن انهيءَ ڪوشش ۾ حصو ورتو. بند محفوظ رهيا، جتي ائين نه ڪيو ويو ته اتي نقصان ٿيا.
(2) بندن تي ڪنهن به اڻٽر ۽ اوچتي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ مشينن جي گهرج آهي، جيئن بندن تي مٽي چاڙهڻ، روڻ بند ڪرڻ ،بلو آئوٽ لاءِ منگلي ٺاهي سگهجي. تنهنڪري آبپاشي کاتي وارن وٽ ججهي انگ ۾ مشينون هئڻ کپن.
(3) ڪنهن به اوچتي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ آبپاشي کاتي وارن وٽ هنگامي پلان (Contingentplan) هجڻ کپي، جيئن جيڪڏهن کنڊ پئجي وڃي ته ڇا ڪرڻ کپي، جدا جدا جاين تي پاڻي کي ڪهڙو رستو وٺرائڻ کپي ته گهٽ ۾ گهٽ نقصان ٿيو، بيراج جي گنجائش کان وڌيڪ پاڻي اچي ته ڇا ڪرڻ کپي وغيره.
(4) بند تي ڪم ڪندڙ اسٽاف کي تربيت ڏيڻ کپي ته مختلف صورتن ۾ ڪيئن بند کي بچائجي. اها ٽريننگ ٻوڏ اچڻ کان اڳ ۾ ڏجي. اپريل جي مهيني کان ئي بندن جي سار سنڀال ٿيڻ کپي.
(5) بندن جي Specification)) ورجائڻ کپن. جنهن ۾ بند جي ويڪر، بيڪ برم جي ويڪر، فري بورڊ ۽ ٻين شين جي گهرج شامل ڪرڻ کپي.
(6) ڪچي ۾ زمينداري بند ٺاهڻ تي بندش هجڻ کپي. ڇو جو اهي بند درياهه جي پاڻي کي مين بند کي لڳڻ کان روڪن ٿا، جنهن ڪري جڏهن اهي ٽٽن ٿا ته مين بند کي اوچتي پاڻي لڳڻ ڪري اهي به ٽٽي پون ٿا، جنهن ڪري تمام گهڻو نقصان ٿئي ٿو.
(7) بند تي ٺهيل اڏاوتون ڊاهڻ کپن ۽ نيون اڏاوتون ٺاهڻ تي پابندي هجڻ کپي، بلڪه جيڪو ٺاهي انهيءَ تي ڏنڊ وجهڻ کپي.
(8) سکر بيراج تي بند وال اندر ٺهيل سڀ گهر ۽ اڏاوتون ڊاهڻ کپن ته جيئن پاڻي جو رستو بلاڪ نه ٿئي.
هي ڪجهه تجويزنون مٿيان بند ڏسڻ کان پوءِ ذهن ۾ آيون. ڪجهه بند خاص طرح آر بي او ڊي وارا اڃا ڏسڻا آهن. جيڪڏهن انهن کي ڏسڻ کان پوءِ ڪجهه وڌيڪ تجويزون ذهن ۾ آيون ته سنڌ وارن آڏو پيش ڪبيون.