تاريخ، فلسفو ۽ سياست

مها ٻوڏ 2010 (جيڪي سنڌ سان ٿيو)

ڪتاب ” مها ٻوڏ 2010 (جيڪي سنڌ سان ٿيو) “ اوهان اڳيان حاضر آهي. هن ڪتاب جو ليکڪ عزيز رانجهاڻي آهي. 07 آگسٽ 2010 تي سنڌوءَ جي ساڄي ڪپ تي ٽوڙيءَ واري هنڌ تان سنڌوءَ جي بچاءُ بند کي گهارو ڇا لڳو، ڄڻ سنڌ ۾ قيامت اچي وئي. شير درياهه سنڌو مستيءَ ۾ اچي سنڌ جي ميدانن شهرن ۽ ڳوٺن ۾ ڪاهجي پيو ۽ ٻوڙان ٻوڙ ڪري ڇڏي ۽ ڏسندي ئي ڏسندي بلوچستان جي حدن کان وٺي سنڌي سمونڊ تائين هڪ ٻيو سمونڊ ڪري ڇڏيو. جتي 10 کان وٺي 16 فوٽن تائين ڪيترائي ڏينهن اڌ سنڌ پاڻيءَ هيٺ رهي ۽ اڌ سنڌ جي آبادي سر ۽ مال متاع بچائڻ لاءِ سرگردان رهي ۽ پنهنجي ئي ڌرتيءَ تي صدين کان آباد هي ڌرتي ڌڻي بي گهر ٿي ڪسمپرسيءَ جي حالت ۾ ڪئمپن جي حوالي ٿيا. سنڌوءَ جو پاڻي سندن پويان ائين پئجي ويو جيئن ڪو حمله آور لشڪر اوچتو ڪنهن علائقي ۾ ڪاهجي پوي ۽ ماڻهن ۾ ڀاڄ پئجي وڃي ۽ هو ساهه بچائڻ لاءِ برمنهن ڪندا هجن. ڪٿي جيڪب آباد، ڪشمور، ٺل، شهدادڪوٽ، ڳڙهي خيرو ۽ ڪٿي ڪراچي، سانگهڙ، ٽنڊو باگو، نئون ڪوٽ ۽ حيدرآباد، ساهه بچائڻ لاءِ هي ڌرتي ڌڻي، سنڌ جي هڪ ڪنڊ کي ڇڏي ٻئي ڪنڊ تي وڃي ڪئمپن ۾ پهتا ۽ دربدر ٿي مصيبتن ۽ عذاب ۾ اچي ويا.
Title Cover of book مها ٻوڏ 2010 (جيڪي سنڌ سان ٿيو)

ڪئمپ ڪهاڻي-3

رات جي پهرئين پهر اهي ٻارن سميت پنهنجي گهر ۾ ستل هيون ته اوچتو سندن گهر ۾ ٿرٿلو مچي ويو، هر طرف گهمسان هو، جنهن کي جيڪا شئي پئي هٿ آئي. انهيءَ اها پئي کنئي ڪنهن جي پيرن ۾ هڪ جتي هئي ته ٻي نه هئي. عورتن پنهنجا ستل ٻار ڪلهن تي مس کنيا ته ٽرڪ اچي در تي بيٺي. هو تڙ تڪڙ ۾ ٽرڪ ۾ چڙهي نڪري پيا هئا. کين ڪا به ڪل ڪا نه هئي ته هو ڪيڏانهن ويندا ۽ ڇا ڪندا؟ هو مبارڪپور جي پاسي واري ڳوٺ جا ڪڙمي هئا. هي جٿو 36 خاندانن تي مشتمل هو، جيڪي پنجاهه سالن کان زميندار جميل پنجابيءَ جي زمين تي ڪم ڪندا هئا. ان وقت جڏهن هر طرف قيامت جو منظر هو، پاڻي اچي ڳوٺ سان لڳو هو، آسپاس جي هر زميندار جي اها ڪوشش هئي ته سندس زمينون بچي وڃن ۽ سندس هاري بچاءَ بندن تي ويٺل رهن زميندار ته پنهنجا ٻار ٻچا ڪڍي محفوظ هنڌن تي پهچائي چڪا هئا ۽ کين هارين جو ڪو به فڪر نه هو پر مبارڪپور جي هنن ابڙن جو نصيب انهيءَ لاءِ به چڱو هو جو سندن زميندار کي جڏهن محسوس ٿيو ته هاڻي هنن جو ڳوٺ محفوظ نه رهيو آهي . ته هن جي ماڻهن رات جو کين اطلاع ڏنو ته پاڻي رات وچ ۾ ڳوٺ تائين اچي پهچندو، کين نه صرف اطلاع ڏنو ويو پر زميندار ڳوٺ وارن لاءِ ٽرڪن جو بندوبست پڻ ڪيو، جيڪو اڌ رات تائين اتي پهچي ويون. هن کين اهو چئي رخصت ڪيو ته، ”مون کي ڪا خبر نه آهي ته اڳتي ڇا ٿئي. مون پنهنجا ٻچا به ڪڍيا آهن. هاڻي توهان کي ڪيئن بي يارومددگار ڇڏي هليو وڃان.“ کين ڪٿي ڪا به ڇت، ڪا به ڇانوَ ڪا نه پئي ملي. هو ذات جا ابڙا هئا ۽ سندن ذات ڀائي ۽ پري جو مائٽ حيدرآباد شهر ۾ رهندو هو، آخرڪار مبارڪپور کان حيدرآباد تائين سواءِ ڏامر جي تپندڙ روڊ ۽ سنڌ جي آڪاش جي جرڪندڙ سج کانسواءِ سندن ڪو به ساٿي نه هو. اهو پهريون قافلو هو، جنهن حيدرآباد شهر جو رخ ڪيو هو، پر شام ڌاري تيز برسات سندن حوصلا ٽوڙي وڌا. کين ائين لڳو ته ڄڻ پاڻي هو پاڻ سان گڏ کڻي نڪتا آهن ان رات آسمان جا بند ڀڄي پيا هئا. جيئن هاڻي سنڌوءَ جا ڪپر اٿليا آهن. تيز طوفاني برساتن مٺيءَ کان ميرپور بٺوري ۽ مبارڪپور تائين ڪيترائي ڪلاڪ ائين وسندي رهي. جو لڳي پيو ته دنيا جا سڀ سمنڊ سنڌ جي آسمان ۾ سموئجي ويا هئا. هو زمين تي موجود پاڻي کان ته بچي نڪتا پر هاڻي آسمان مان وسندڙ ان پاڻيءَ کان ڪيئن بچن. جيڪو ان وقت پيو وسي، جڏهن هو 160 ماڻهو روڊ تي ويٺا آهن. هن عورت ڏاڍي ڏک سان پئي ٻڌايو ته ”اسان جا ڪپڙا آلا ٿي ويا ۽ پوتيون به آليون ٿي ويون. وچ روڊ تي، اسان جي اکين آڏو اسان جون جوان ڌيئر بي پرده پئي ٿيون. هنياءُ پئي ڦاٽو، ڏسي ئي نه پئي سگهياسين. بس هٺ ٺاهي ويٺاسين. وچ تي جوان ڇوڪريون ويهاريوسين، بس نه پڇ ته هڪ ئي وقت اسان تي زمين ۽ آسمان ڪيئن ڦاٽا هئا. نه سفر پئي ختم ٿيو، نه ئي برسات پئي کٽي، تيز برسات جي ختم ٿين جو آسرو لاهي اسان ٽرڪ ۾ چڙهي نڪري پياسين.“ آخر رات جي اونداهيءَ ۾ دربدر ٿيندڙ هن خاندان کي ٻي رات وڃي انهن مائٽن جو ڏس پتو مليو ۽ هو وڃي انهن جي درتي لٿا. هيترا سارا ماڻهو گهر ۾ رکڻ جي همت نه ساري سندن مائٽ قاسم آباد ۾ پنهنجي ذات ڀائي سياسي اڳواڻ کي منٿ ميڙ ڪري هن قافلي کي اچي ڀٽائي ٽائون جي گرلس اسڪول ۾ ڇڏيو. ان رات شديد برسات جي ڪري بجلي به نه هئي. ۽ اسڪول جا ڪلاس روم به بند هئا. هو ٻن راتين کان بکيا هئا ۽ انهن سڄي رات اسڪول جي ورانڊن ۾ ويهي گذاري. ٻن راتين جي بک، تيز برسات، ڊگهي سفر هنن جا حال هيڻا ڪري ڇڏيا هئا. صبح جو اسڪول ۾ جڏهن ماسترياڻيون پڙهائڻ آيون ته هي ماڻهن جو هجوم ڏسي حيران پريشان ته ٿيو. پر سندن دل ان وقت ٻڏي وئي. جڏهن کين خبر پئي ته هي خاندان ٻارن سميت ٻن ڏينهن کان بکيا آهن . هو جيڪي رات انهن کي هتي ڇڏي ويا هئا. انهن هنن کي پاڻي به نه پياريو هو، هڪ طرف اهو غير سنڌي زميندار هو، جنهن ٽرڪون گهرائي کين پڪي تي پهچايو هو ته ٻئي طرف اهي شهري اڳواڻ هئا. جيڪي کين هڪ اسڪول ۾ ڇڏي ”ڇومنتر“ ٿي ويا. هنن جي ايتري هلي پئي جو کين گهٽ ۾ گهٽ هڪ ديڳ ڀت جي کارائي پئي سگهيا پر انهن ايتري ذميواري به محسوس نه ڪئي اتي آيل ماسترياڻين پنهنجي پرسن مان پئسا ڪڍي پهرين ته ٻارن کي بسڪوٽ ۽ کير گهرائي ڏنو. ان کان پوءِ هنن پنج پنج سئو رپيا ڪري هنن لاءِ ديڳ ڀت جي به ٺهرائي. انهن ماسترياڻين جي اڳواڻ سحر رضوي هئي. پورا ٻه ڏينهن اهي ماڻهو بغير ڪنهن سرڪاري ادامداد جي اتي پيا رهيا. ماڻهو هر گهر مان جڏهن ٻه مانيون ۽ ٻوڙ کڻي اسڪول اچڻ لڳا ته. هنن عورتن جي ڳلن تان نير وهڻ لڳا. هو هڪ ٻئي کي ڀاڪر پائي روئڻ لڳيون . هو اها ڳالهه برداشت نه پئي ڪري سگهيون. هو چئي رهيون هيون ته ڪڏهن اسين ماڻهن کي الله جي نالي تي ماني ڏيندا هئاسين ۽ هاڻي ماڻهو اسان کي پيا ماني موڪلين. ان ڳالهه سحر رضوي جي دل کي اهڙو رنجايو جو ٻئي ويلي تي هن پنهنجي گهر ۾ پاڻ ديڳڙا رڌي پچائي کين کارايا. هن ئي آسپاس جي ماڻهن کان ڪپڙا لٽا. صابڻ ۽ ٻيون شيون وٺي کين ڏنيون نه صرف ايترو پر هن هڪ ڊاڪٽر ۽ ڪجهه دوائون پنهنجي دوستن جي مدد سان اتي پهچايون ۽ هي اهي ماڻهو هئا. جن کي حيدرآباد انتظاميه اهو چئي رجسٽر ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو ته هي حيدرآباد جا متاثرين نه آهن ۽ حيدرآباد انتظاميه وٽ صرف هتان جي ماڻهن لاءِ فنڊ آهن. ٺل يا جيڪب آباد واسين لاءِ کين ڪو به فنڊ مليل نه آهي. هنن مبارڪپور واسين کي چئن ڏينهن جي دربدريءَ ايترو ته سيکاري ڇڏيو هو ته درد جي ڪا به ٻولي نه هوندي آهي. پر حيدرآباد انتظاميه کين اهو ضرور محسوس ڪرايو ته پئسي جي سرحد آهي ۽ فنڊن جي به حد آهي. ايتري قدر جو آخري آپشن طور هنن حيدرآباد باءِ پاس تي ڌرڻو هنيو. جو اهي پنهنجي زميندار، جيڪو نه سندن ذات ڀائي هو. نه ئي سندس ٻولي ڳالهائيندر هو، جي مهربان روين جا عادي هئا. کين اها ڄاڻ قطعي نه هئي ته هن شهر جي انتظاميه جون دليون ڪيتريون سوڙهيون آهن نه ئي کين اها ڄاڻ هئي ته سنڌ جي نالي تي سر قربان ڪندڙ داتا. هنن سنڌين لاءِ صرف چند هزار رپيا به قربان ڪرڻ لاءِ تيار نه آهن. پر فيض جي بقول، ”بڙا هي درد ڪا رشتا“... ۽ ٻئي طرف هن درد جي رشتي وارا به هئا. جن سندن ساٿ نه ڇڏيو هو، اڄ کين ڪئمپن ۾ ڪيترائي ڏينهن ٿي چڪا آهن. هنن جون اکيون اڄ به ڀرجي ٿيون. وڃن پر جڏهن هنن اهو ٻڌو ته سندن ڳوٺ جو ساڳيو ئي زميندار سندن خير خيريت پڇڻ لاءِ حيدرآباد پيو اچي. اهو ٻڌي هو وري هنجون هاري ويٺيون. مصيبت جي چند ڏينهن ۽ عذاب جي راتين ۾ هنن جو سهارو ٿيندڙ حيدرآباد شهر ڇڏڻ هاڻي سندن لاءِ اڃا ئي مشڪل ٿي ويو آهي.