نئين سنڌ جي تعمير جا خد و خال واضح ٿيڻ گهرجن….منوج ڪمار
انهيءَ ۾ هاڻ ته ڪو شڪ ڪونهي ته سنڌ ۾ آيل هن تباهيءَ جي وسعت ۽ گهرائي ايتري آهي. جيتري ڪنهن جنگ ۾ ايندڙ تباهي جي هوندي آهي. هيءَ سموري تباهي اسان جي اجتماعي يادگيريءَ جو هاڻي حصو ٿي وئي آهي ۽ ماڻهو انهيءَ تباهيءَ جا قصا ايندڙ ڪيترن ئي نسلن تائين منتقل ڪندا رهندا. هيءُ ڪا عام تباهي ڪانهي، جنهن کي ايترو جلدي وساري سگهون. هيءَ تباهي اڃا ڪيترائي سال اسان جي شعور کي جهنجهوڙيندي رهندي. هن ٻوڏ جي آندل تباهيءَ جي ڪري اسان وٽ لکين ماڻهن کي پنهنجا اجها ڇڏي دربدر ٿيڻو پيو. اسان جي آبپاشي ۽ رابطن جي نظامن کي ايترو نقصان پهتو آهي جنهن جو پورائو شايد سالن م به نه ٿي سگهي. اسان وٽ زرعي شعبي ۾ ننڍڙن آبادگارن جو گڏيل طور تي اربين رپين جو نقصان ٿيو ۽ اهي سالن تائين پٺتي پئجي ويا. زرعي شعبي ۾ ئي لکين ماڻهو معاشي طور تي بيدخل ٿي ويا ۽ في الحال بيروزگاري کي منهن ڏئي رهيا آهن. مالوند ماڻهن جو چوپايو مال يا ته ٻڏ جي پاڻي ۾ لڙهي ويو يا کين پنهنجو مال مويشي صفا گهٽ اگهه تي وڪڻي لڏ پلاڻ ڪرڻي پئي.ا سان وٽ آهستي آهستي پير ڄمائيندڙ واپارين جي اربين رپين جي ڪيل سيڙپ ۽ موڙيءَ جي واپسيءَ جو ڪو ٿورو ئي امڪان آهي. اسان جي ننڍڙن ننڍڙن شهرن ۾ موجود ننڍي ۽ وچولي سطح جي دڪاندارن جون سالن جون ڪمايون چٽ ٿي ويون آهن ۽ هاڻ کين نئين سر شروعات ڪرڻي پوندي. نوڪري پيشه ماڻهن جون بچتون تاراج ٿي ويون سالن جي پورهين کان پوءِ جوڙيل ماڻهن جا گهر پٽ پئجي ويا آهن. جن ماڻهن ڪڏهن سوچيو به ڪو نه هو. تن کي بکون، بيماريون ۽ لاچاريون ڏسڻيون پيون. سنڌ جي هڪ تمام وڏي علائقي ۾ صدين کان رهندڙ ڪروڙ کان وڌيڪ ماڻهن کي بي يقيني ۽ خوف جي اذيتن مان گذرڻو پيو. جن کي پنهنجي محفوظ هئڻ جو ڀرم هو، انهن جو اهو ڀرم ٽٽي پيو جن کي پنهنجي خوشحال هئڻ جي پڪ هئي. اها پڪ ختم ٿي وئي. جن کي پنهنجون پاڙون پختيون هئڻ جو يقين هو. سو يقين شڪ ۾ تبديل ٿي ويون. ماڻهن کي پهريون ڀيرو ائين لڳو ته ڪنهن سان ڪٿي به ڪهڙو به حادثو پيش اچي سگهي ٿو ۽ ڪنهن کي به لائوڊ اسپيڪر جي هڪڙي اعلان تي سڀ ڪجهه ڇڏي نڪرڻو پئجي سگهي ٿو. پر سوال اهو آهي ته هي جو اسان وٽ هيڏي وڏي آفت آئي آهي. ڇا اها آفت اسان جي حڪومتي حلقن، سڄاڻ ماڻهن ساڃهه وند ڌرين، سيسي ۽ سماجي تنظيمن کي انهيءَ تي مجبور ڪندا ته اسان به سنجيدگي سان پنهنجو جائزو وٺون ۽ پنهنجين ڪمزورين جي نشاندهي ڪريون؟ هاڻ جڏهن پاڻي آهستي آهستي پنهنجو دڳ وٺندي. پنهنجي فطري آماجگاهه ڏانهن وڃي رهيو آهي، هاڻ جڏهن پنهنجن گهرن کي ڇڏي خانه بدوشي جي زندگي گذاريندڙ ماڻهو ننڍين ننڍين ٽولين جي صورت ۾ پنهنجن ماڳن ڏانهن موٽي رهيا آهن. هاڻ جڏهن واپاري دڪان کولي پنهنجي ٿيل نقصان جو اندازو لڳائي رهيا آهن هاڻ جڏهن آبادگار پنهنجين ٻنين تي وڃي اهو ڏسي رهيا آهن ته هاڻ ڇا ڪجي؟ ته هاڻ اهو وقت به اچي ويو آهي ته اسان مٿا جوڙي ويهون ۽ اهو ويچار ڪريون ته اسان وٽ آهي ڪهڙيون ڪچايون هيون، جن جي ڪري اسان کي هن هيڏي اذيت جو منهن ڏسڻو پيو. هاڻ اسان کي اهو به سوچڻو پوندو ته اهي ڪهڙا سبب هئا. جو هيڏي وڏي تعداد ۾ اسان جي ماڻهن کي دربدر ٿيڻو پيو. اسان کي انهيءَ تي به غور ڪرڻو پوندو ته اخر اسان وٽ اها ڪهڙي ڪمي رهجي وئي. جو ايترو وڏو نقصان سهڻو پيو. انهن سببن جو جائزو وٺڻو پوندو.ا سان جي سرڪاري ۽ غير سرڪاري ادارن کي انهيءَ تي مٿا ڪٽ ڪرڻي پوندي ته جيئن اهو معلوم ٿي سگهي ته اسان ۾ اهي ڪهڙيون ڪوتاهيون هيون. جن جي ڪري اسان جي ماڻهن کي هي سڀ مصيبتون برداشت ڪرڻيون پيون. جيستائين اسان انهيءَ جو جائزو نه وٺنداسين. تيستائين انهن مسئلن جو ڪو پائيدار حل به نڪري نه سگهندو. اسان وٽ هن وقت هڪ ڳالهه سڀني جي وات ۾ آهي ۽ اها آهي هڪ نئين سنڌ جي تعيمر،ا سان وٽ هر شئي ڊهي پٽ پئجي چڪي آهي. آئون سمجهان ٿو ته بلڪل هيءُ ئي اهو وقت آهي. جو اسان هڪ نئين سنڌ جي تعمير جو خواب ڏسي سگهون ٿا. پرا سان لاءِ نئين سنڌ جي تعمير بس هڪڙو خواب نه هئڻ گهرجي. انهيءَ لاءِ اسان کي باقاعده تياري ڪرڻي پوندي. اسان کي نئين سنڌ جي تعمير جا نقشا ٺاهڻا پوندا اسان کي نئين سنڌ جي تعمير جا خد و خال واضح ڪرڻا پوندا. اسان کي انهيءَ جي اڳواٽ منصوبابندي ڪرڻي پوندي ته نئين سنڌ جي انتظامي جوڙجڪ ڪهڙي هوندي. اسان کي اهو به سوچڻو پوندو ته نئين سنڌ لاءِ ڪهڙا نوان ادارا ٺاهڻا پوندا. اسان کي انهيءَ تي به متفق ٿيڻو پوندو ته نئين سنڌ جي رهواسين جا سياسي ۽ سماجي رويا ڪهڙا هوندا. بلڪه نئين سنڌ لاءِ اسان کي نوان سماجي معاهدا ڪرڻا پوندا. اسان جي ادارن ۽ اسان جي شهرين جي وچ ۾ نوان رشتا جوڙڻا پوندا. اسان کي نئين سنڌ لاءِ نوان معاشي نظام کپندا. اسان کي انهيءَ لاءِ نوان قانون کپندا. نوان اصول کپندا ۽ نئين اخلاقيات ۽ نئون فڪر کپندو.
نئين سنڌ جي تعمير لاءِ اسان کي ٻين جو انتظار ڪرڻ نه گهرجي. اسان کي ان لاءِ هڪ نئين بحث جي شروعات ڪرڻ گهرجي. پر اهو بحث فقط بحث نه هئڻ گهرجي. انهيءَ مان ڪي ٺوس نتيجا به اچڻ گهرجن. انهن نتيجن مان ڪي منصوبا جڙڻ گهرجن. انهن منصوبن تي عمل ٿيڻ گهرجي. ۽ انهن منصوبن جا مثبت اثر ماڻهن تئين پهچڻ گهرجن. اهو جلد کان جلد ٿيڻ گهرجي ته جيئن اسان جي ايندڙ نسل کي اهي عذاب نه ڀوڳڻا پون. جيڪي اسان جي هن نسل ڀوڳيا آهن.