تاريخ، فلسفو ۽ سياست

مها ٻوڏ 2010 (جيڪي سنڌ سان ٿيو)

ڪتاب ” مها ٻوڏ 2010 (جيڪي سنڌ سان ٿيو) “ اوهان اڳيان حاضر آهي. هن ڪتاب جو ليکڪ عزيز رانجهاڻي آهي. 07 آگسٽ 2010 تي سنڌوءَ جي ساڄي ڪپ تي ٽوڙيءَ واري هنڌ تان سنڌوءَ جي بچاءُ بند کي گهارو ڇا لڳو، ڄڻ سنڌ ۾ قيامت اچي وئي. شير درياهه سنڌو مستيءَ ۾ اچي سنڌ جي ميدانن شهرن ۽ ڳوٺن ۾ ڪاهجي پيو ۽ ٻوڙان ٻوڙ ڪري ڇڏي ۽ ڏسندي ئي ڏسندي بلوچستان جي حدن کان وٺي سنڌي سمونڊ تائين هڪ ٻيو سمونڊ ڪري ڇڏيو. جتي 10 کان وٺي 16 فوٽن تائين ڪيترائي ڏينهن اڌ سنڌ پاڻيءَ هيٺ رهي ۽ اڌ سنڌ جي آبادي سر ۽ مال متاع بچائڻ لاءِ سرگردان رهي ۽ پنهنجي ئي ڌرتيءَ تي صدين کان آباد هي ڌرتي ڌڻي بي گهر ٿي ڪسمپرسيءَ جي حالت ۾ ڪئمپن جي حوالي ٿيا. سنڌوءَ جو پاڻي سندن پويان ائين پئجي ويو جيئن ڪو حمله آور لشڪر اوچتو ڪنهن علائقي ۾ ڪاهجي پوي ۽ ماڻهن ۾ ڀاڄ پئجي وڃي ۽ هو ساهه بچائڻ لاءِ برمنهن ڪندا هجن. ڪٿي جيڪب آباد، ڪشمور، ٺل، شهدادڪوٽ، ڳڙهي خيرو ۽ ڪٿي ڪراچي، سانگهڙ، ٽنڊو باگو، نئون ڪوٽ ۽ حيدرآباد، ساهه بچائڻ لاءِ هي ڌرتي ڌڻي، سنڌ جي هڪ ڪنڊ کي ڇڏي ٻئي ڪنڊ تي وڃي ڪئمپن ۾ پهتا ۽ دربدر ٿي مصيبتن ۽ عذاب ۾ اچي ويا.
Title Cover of book مها ٻوڏ 2010 (جيڪي سنڌ سان ٿيو)

ٻوڏ ڪٿي پهتي؟..محمد ادريس راجپوت

گڊو ۽ سکر بيراجن تي چوٽي وارا وهڪرا ترتيب وار گهٽجي 26 آگسٽ تي ساڍا ڇهه لک ۽ ست لک ٿي ويا آهن. دادو- مورو پل تي گيج 132.3 مان گهٽجي 131.6 فوٽ ٿي ويو آهي. معنيٰ هنن هنڌن تان چوٽي وارو وهڪرو گذري چڪو آهي، ۽ هينئر هو ڪوٽڙي بيراج تان پاس ٿي رهيو آهي. جتي 24 آگسٽ کان 26 آگسٽ تائين چوٽي وارو وهڪرو 9 لک 38 هزار ڪيوسڪ آهي، جيڪو اڃان ڏينهن ٻه هلندو، ياد رهي ته ڪوٽڙي بيراج تي وڏي ۾ وڏو وهڪرو سال 1956ع ۾ آيو هو، جيڪو 9 لک 81 هزار ڪيوسڪ هو، معنيٰ ته ڪوٽڙي بيراج تي آيل هن سال واري ٻوڏ پاڻي جي وهڪري جي لحاظ کان ٻيو نمبر رهي، ڪوٽڙي بيراج جي پاڻي پاس ڪرڻ جي ڊيزائن گنجائش 8 لک 75 هزار ڪيوسڪ آهي. هيٺين ڀر وهڪرو 9 لک 16 هزار ڪيوسڪ آهي. معنيٰ ڪوٽڙي بيراج پنهنجي ڊيزائين گنجائش کان 5 سيڪڙو وڌيڪ پاڻي پاس پيو ڪري.
هاڻي اچو گيج تي، بيراج جي لحاظ کان ڊسچارج اهم آهي، پر بندن جي لحاظ کان گيج اهم آهي. جيترو بندن کي مٿي پاڻي لڳو اوترو بندن لاءِ وڌيڪ خطري وارو نٿي ٿو، ڪوٽڙي کان هيٺ بندن لاءِ ڪوٽڙي گيج اهم آهي. اهو وڌ ۾ وڌ 1956ع ۾ 26.4 فوٽ رڪارڊ ٿيو هو، هن سال اهو 26.5 فوٽ رڪارڊ ٿيو آهي. يعني تاريخي طور وڌ ۾ وڌ رڪارڊ ٿيل گيج کان اٽڪل هڪ انچ مٿي، تنهن ڪري بندن تي دٻاءُ تمام گهڻو آهي. الله سائين جي فضل ۽ عوام جي محنت ۽ ڪوششن جي نتيجي ۾ حيدرآباد وارا بند محفوظ آهن. پر بدقسمتي سان ڪوٽڙي کان هيٺ کاٻي پاسي دڙو شهر سامهون ايم ايس بند جي 18 ميل 2 فرلانگ وٽ رات جو ٽئين وڳي کنڊ لڳي ويو. اتي هڪ لوپ بند به هو، جيڪو پڻ ٽٽي پيو، ۽ پاڻي اٽڪل 50 فوٽ ويڪري گهاري مان دڙو شهر ڏانهن وڌي رهيو آهي. درياهه جو لڳل گهارو جڏهن درياهه ۾ 9 لک ڪيوسڪ پاڻي هجي. تڏهن يڪدم گهارو بند ڪرڻ ڏکيو آهي. اهو تڏهن بند ٿي سگهندو، جڏهن درياهه ۾ وهڪرو گهٽجي ڏيڍ ٻه لک ڪيوسڪ ٿيندو، بند مينوئل مطابق کنڊ لڳڻ کان پوءِ پهريون ڪم کنڊ جي سيرن (Ends) کي وڌڻ کان روڪڻ جو بندوبست ڪرڻو ضروري آهي ته جيئن کنڊ وڌي نه ۽ کنڊ مان نڪرندڙ پاڻي به نه وڌي. ٽوڙي واري واقعي ۾ به ائين نه ڪيو ويو ۽ کنڊ وڌي 3000 فوٽ ٿي ويو آهي. ان ڪري انهيءَ مان لک ڏيڍ لک وهڪرو پاس پيو ٿئي. جنهن اتي تباهي مچائي ڇڏي آهي. انهيءَ مقصد لاءِ بند جي ويجهو عمودي نموني جڪ ورڪ ڪبو آهي، بند مينوئل ۾ انهيءَ جي هڻڻ جو طريقو ٻڌايل آهي. زمين جي ليول مطابق اهو پاڻي شهر ٻوڙيندو جاتي تائين ويندو ۽ تنهن کان پوءِ شاهه بندر وٽ سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندو، رستي تي جيڪي مکيه شهر اچن ٿا، سي آهن ميرپور بٺورو، سجاول ۽ جاتي، اهو سجاول- بدين رستي کي به ڪٽيندو، جنهن ڪري انهن شهرن وچ ۾ ٽريفڪ به بند ٿي ويندي.
هينئر ڪوٽڙي بيراج تي وهڪرو 9 لک ڪيوسڪ آهي، انهيءَ کي گهٽجي ٻه لک ڪيوسڪ ٿيڻ ۾ گهٽ ۾ گهٽ 10 ڏينهن لڳندا، تنهن ڪري کنڊ گهٽ ۾ گهٽ ڏهه ڏينهن وهندو رهندو ۽ سڄو ضلعو ٻوڙيندو رهندو. سال 1988ع ۾ 17 آگسٽ تي، جنهن ڏينهن ضياءُ الحق جو جهاز ملتان کان اڏامن تي هوا ۾ ڦاٿو هو، هن سال پيل کنڊ کان ڪجهه ميل هيٺ سورجاڻي بند کي کنڊ لڳو هو، جنهن تمام گهڻي تباهي آندي هئي. پر ان مهل درياهه ۾ ڊسچارج اٽڪل 6 لک ڪيوسڪ هو، هينئر ڊسچارج 9 لک ڪيوسڪ هو، جنهن ڪري نقصان وڌيڪ ٿيندا. 1988ع واري کنڊ کان پوءِ سجاول شهر کي بند ڏئي بچايو ويو هو. هن سال مون کي اهو شهر بچائڻ ڏکيو لڳي ٿو. الله سائين سڀني کي بچائي. (آمين)

ٽوڙي واري کنڊ جي صورتحال:
اخباري خبرن مطابق چيف منسٽر صاحب ٽوڙي واري کنڊ کي بند ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي. کنڊ ايف ڊبليو او ۽ آرمي ڪور آف انجنيئرنگ جي مدد سان نبري ويندا. چون ٿا ته اهو گهارو هڪ هفتي ۾ بند ڪيو ويندو. سنڌ بند مينوئل ۾ 1942ع واري سال ۾ سکر بيگاري بند کي لڳل کنڊ کي بند ڪرڻ جو ذڪر ٿيل آهي. اچو ڏسون ته اهو ڪهڙين حالتن ۾ ۽ گهڻي وقت ۾ بند ڪيو ويو. اتي ٽي کنڊ هئا. جن جي ڪل ڊيگهه 2650 فوٽ هئي. کنڊ بند ڪرڻ وقت درياه ۾ وهڪرو اڍائي کان ساڍا ٽي لک ڪيوسڪ هو ۽ کنڊن مان 50.000 ڪيوسڪ پاڻي وهي رهيو هو. کنڊ بند ڪرڻ جو ڪم 22 آگسٽ 1942ع تي شروع ڪيو ويو هو. پهريون کنڊ 23 آڪٽوبر 19742ع تي يعني ٻه مهينن 2 ڏينهن کان پوءِ بند ڪيو ويو، ٻيو کنڊ 22 نومبر 1942ع تي يعني ٽي مهينن ۽ هڪ ڏينهن کان پوءِ بند ڪيو ويو، ٽيون کنڊ 26 سيپٽمبر 1942ع تي يعني هڪ مهيني 4 ڏينن کان پوءِ بند ڪيو ويو، کنڊن کي بند ڪرڻ لاءِ ٺاهيل منگلي جي ڊيگهه 7500 فوٽ يعني اٽڪل ڏيڍ ميل هئي.
جڏهن کنڊ بند ٿيا ته درياهه ۾ ڊسچارج اٽڪل 50 هزار ڪيوسڪ ۽ کنڊن مان ڊسچارج 1500 کان ٻه هزار ڪيوسڪ پاس پئي ٿي. اسان وٽ 26 آگسٽ تي گڊو وٽ ڊسچارج 6 لک 40 هزار ڪيوسڪ آهي، کنڊن مان اٽڪل لک کان ڏيڍ لک ڪيوسڪ پاس پيو ٿئي. ۽ کنڊن جي ڊيگهه اٽڪل ٽي هزار فوٽ آهي. پهرين اسان جي گڊو وٽ ڊسچارج ٽي لک ڪيوسڪ ٿيڻ کپي. تنهن کان پوءِ کنڊن ۾ ڊسچارج گهٽجي 50 هزار ڪيوسڪ ٿيڻ کپي ۽ درياهه ۾ مسلسل لاٿ هجڻ کپي، تنهن کان پوءِ کنڊ کي ٻڌڻ جو ڪم شروع ڪري سگهبو. وري ٽنهي کنڊن کي بند ڪرڻ ۾ ڪل ٽي مهينا لڳا. انهيءَ زماني ۾ سڄو ڪم آبپاشي کاتي وارن ڪيو هو، پر انهيءَ زماني ۾ ايتريون مشينون ڪو نه هيون، ٽرانسپورٽ ايتري تڪڙي نه هئي. هينئر آبپاشي جي مدد لاءِ ايف ڊبليو او ۽ آرمي انجنيئرنگ ڪور وارا به آهن، ٽرانسپورٽ به تڪڙي ٿي سگهندي ۽ تمام وڏي مٽي کڻڻ ۽ ڍوئڻ واريون مشينون آهن، پر کنڊ بند ڪرڻ هڪ صبر آزما ڪم آهي. منهنجي خيال ۾ هي ڪيتري به تڪڙ ڪن. ته به کنڊ مهيني تائين يعني سيپٽمبر جي پڇاڙي تائين مشڪل سان بند ٿي سگهندو، تيستائين کنڊ مان نڪرندڙ پاڻي جي ٻوڙ ٻوڙان هلندو رهندو. هوڏانهن وري ٽوڙي مان نڪرندڙ پاڻي وڌيڪ تباهي مچائي رهيو آهي. ڪاوش مطابق ٻوڏ واري پاڻي قبو سعيد خان شهر جي 60 سيڪڙو علائقي کي ٻوڙي ڇڏيو آهي. آر بي او ڊي ۽ شهدادڪوٽ ڊرين کي وڌيڪ گهارا لڳڻ سبب قمبر ۽ ميرو خان جا وڌيڪ ڳوٺ ٻڏي ويا. کير ٿر ڪينال کي گهارن سبب پاڻي جو رخ ڳڙهي خيرو ۽ شهداد ڪوٽ طرف ٿي ويو. انهن سڀني وهڪرن جو پڇاڙي وارو ڇوڙ منڇر آهي. هينئر تائين ايف پي بند کي زيرو پوائنٽ تي ڪراس ڪري پاڻي شهدادڪوٽ ڊرين ۽ ميروخان ڊرين وسيلي ايف پي بند جي مٿان حمل ۾ پيو وڃي، جتان هي ايم اين وي ڊرين وسيلي ۽ سڌو مٿان ڦري منڇر ۾ ويندو ۽ اڃان تائين پاڻي ميرو خان ڊرين کان هيٺ قمبر واري پاسي نه ويو آهي. پر شهداد ڊرين ۾ کنڊ پوڻ ڪري جڏهن ميرو خان ڊرين تي دٻاءُ وڌندو ته پاڻي اتان هيٺ وڃڻ شروع ڪندو ۽ سال 2007ع جي ٻوڏ وارو رستو وٺندو. يعني قمبر، وارهه، ميهڙ، خيرپور ناٿن شاهه وارو رستو وٺي ايم اين وي ڊرين جي ٻنهي پاسي ڦهلجي منڇر ۾ ويندو، پر انهيءَ ۾ ڪجهه وقت لڳندو.
26 آگسٽ تي منڇر جي ليول 111.40 فوٽ ٿي وئي آهي. 115 فوٽ ليول تائين منڇر کي ڪو خطرو ناهي. جنهن سست رفتاريءَ سان منڇر ۾ پاڻي چڙهي رهيو آهي ته 115 جي ليول تي پهچڻ ۾ ڏهه ڏينهن لڳندا سکر بيراج تي درياهه روز لهي رهيو آهي. انهيءَ حساب سان 10 ڏينهن ۾ درياهه لهي وڃڻ ڪري درياهه جي ليول منڇر سامهون ايتري گهٽجي ويندي، جو منڇر جو پاڻي درياهه ۾ ڇوڙ ڪرڻ ممڪن ٿي سگهي. ۽ منڇر وارا ماڻهو وڏي مصيبت کان بچي وڃن.
هن سال سنڌ کي جياپو ڏيندڙ سنڌو درياهه سنڌ وارن کي چٿي ڇڏيو آهي. ۽ رحمت بدران زحمت بڻجي ويو آهي. انهيءَ ۾ گهڻي ڀاڱي اسان جون ڪوتاهيون به شامل آهن. دعا ٿا ڪريون ته سنڌ وارن تان اهي عذاب جون ساعتون جلد ختم ٿين ۽ سنڌ وارا وري سکي ٿين. (آمين).