تاريخ، فلسفو ۽ سياست

مها ٻوڏ 2010 (جيڪي سنڌ سان ٿيو)

ڪتاب ” مها ٻوڏ 2010 (جيڪي سنڌ سان ٿيو) “ اوهان اڳيان حاضر آهي. هن ڪتاب جو ليکڪ عزيز رانجهاڻي آهي. 07 آگسٽ 2010 تي سنڌوءَ جي ساڄي ڪپ تي ٽوڙيءَ واري هنڌ تان سنڌوءَ جي بچاءُ بند کي گهارو ڇا لڳو، ڄڻ سنڌ ۾ قيامت اچي وئي. شير درياهه سنڌو مستيءَ ۾ اچي سنڌ جي ميدانن شهرن ۽ ڳوٺن ۾ ڪاهجي پيو ۽ ٻوڙان ٻوڙ ڪري ڇڏي ۽ ڏسندي ئي ڏسندي بلوچستان جي حدن کان وٺي سنڌي سمونڊ تائين هڪ ٻيو سمونڊ ڪري ڇڏيو. جتي 10 کان وٺي 16 فوٽن تائين ڪيترائي ڏينهن اڌ سنڌ پاڻيءَ هيٺ رهي ۽ اڌ سنڌ جي آبادي سر ۽ مال متاع بچائڻ لاءِ سرگردان رهي ۽ پنهنجي ئي ڌرتيءَ تي صدين کان آباد هي ڌرتي ڌڻي بي گهر ٿي ڪسمپرسيءَ جي حالت ۾ ڪئمپن جي حوالي ٿيا. سنڌوءَ جو پاڻي سندن پويان ائين پئجي ويو جيئن ڪو حمله آور لشڪر اوچتو ڪنهن علائقي ۾ ڪاهجي پوي ۽ ماڻهن ۾ ڀاڄ پئجي وڃي ۽ هو ساهه بچائڻ لاءِ برمنهن ڪندا هجن. ڪٿي جيڪب آباد، ڪشمور، ٺل، شهدادڪوٽ، ڳڙهي خيرو ۽ ڪٿي ڪراچي، سانگهڙ، ٽنڊو باگو، نئون ڪوٽ ۽ حيدرآباد، ساهه بچائڻ لاءِ هي ڌرتي ڌڻي، سنڌ جي هڪ ڪنڊ کي ڇڏي ٻئي ڪنڊ تي وڃي ڪئمپن ۾ پهتا ۽ دربدر ٿي مصيبتن ۽ عذاب ۾ اچي ويا.
Title Cover of book مها ٻوڏ 2010 (جيڪي سنڌ سان ٿيو)

ڪئمپ ڪهاڻي- 4

هوءَ سنڌوءَ جي ماءُ هئي ۽ هن کي پاڻي ڏسڻ جو ڏاڍو شوق هو، پاڻيءَ جون لهرون جڏهن تيز هوائن تي رقص ڪنديون هيون ته هن جي روح ۾ رڌم اچي ويندو هو. روهڙي ۽ سکر ۾ پنهنجون جوڀن گذاريندڙ امان سعيده جي اکين ۾ پاڻي جو تارئون تار درياهه قيد ٿي ويو هو، پر هاڻي هوءَ جتي رهندي هئي. اتي ڪنهن به درياهه جو گذر نه هو ۽ اها ڳالهه سندس لاءِ ڏاڍي ڏکوئيندڙ هئي. کيس درياهه جي ڪپ تي آباد شهر يعني سکر ۽ حيدرآباد وڻندا هئا ۽ هو اتي آباد ماڻهن تي رشڪ کائيندي هئي. گذريل ڪيترن ئي سالن کان دريا جو خالي پيٽ ڏسي سندس اکيون ڀرجي اينديون هيون. هر سانوڻي جي وسڪاري واري مند ۾ هوءَ ڪوٽري بئراج تي پاڻي ڏسڻ ضرور ايندي هئي. هاڻي ته سندس ٻار به جوان ٿي ويا هئا. جڏهن درياهه ۾ ٿورو پاڻي ايندو هو، اهي ”امان“ کي ضرور وٺي ايندا هئا ۽ وچ درياهه ۾ واريءَ جا دڙا ڏسي هوءَ چوندي هئي ته، ”مان تڏهن خوش ٿينديس، جڏهن پاڻيءَ جي سيني تي ڪو به دڙو نه هوندو.“ جڏهن سندس ٻار کيس درياهه تي وٺي ايندا هئا. ڄڻ ڪنهن ياترا تي وٺي ويندا هجن. هن جي درياهه ياترا، کڻي کيس ڏک ڏيندي هئي. پر هر سال، ان ياترا تي وڃڻ ضروري هو، هن سال درياهه تارئون تار پيو وهي ۽ درياهه جي سيني ۾ موجود واريءَ جا دڙا به ٻڏي ويا. امان سعيده جي ٻارن سوچيو ته، امان جي ياترا جو وقت ٿي ويو آهي، کيس هن ڀيري درياهه ڏسي ڪيتري نه خوشي ٿيندي! پر امان اهو چئي درياهه ڏسي اچڻ واري پنهنجي ياترا کان انڪار ڪيو ته، هن سال درياهه ته ڀل جوڀن تي هجي پر درياهه جي ٻنهي ڪپن تي پنهنجا گهر گهاٽ لٽائي، پاڻيءَ سان وڏي ويڙهه وڙهي دربدر ٿي ويل قافلا اچي لٿا آهن. جنهن درياهه جي پنهنجي ڪپن تي درد جي ماريل دربدر خلق جا قافلا هجن. ان درياهه جي جوڀن کي ڏسي مان تماشائين جي لسٽ ۾ شامل ٿيڻ نه پئي چاهيان. پر ٺيڪ ان وقت ئي. ان مهراڻ پل مٿان ڪئين قافلا گذري رهيا هئا. جن ۾ قبي سعيد خان جي ڀر واري ڳوٺ جي گل بانو به هئي. جنهن کي به امان سعيده وانگر پاڻيءَ سان محبت هئي. ساڳي طرح پاڻيءَ جو تيز وهڪرو ان جي آواز جي رڌم جهڙي موسيقي گل بانوءَ کي به دل ۾ ويهي ويندي هئي. هوءَ زيرو پوائنٽ کان ٿورو اڳيان قبي سعيد خان جي پاسي واري ڳوٺ جي رهواسڻ هئي. کيس پنج ٻار هئا ۽ هوءَ خوش هئي ته سندس پنج ئي ٻچڙا صحتمند ۽ خوش آهن. کيتي ڪندڙ هن خاندان لاءِ پاڻي ئي وڏي حقيقت هو. گذريل ڪيترن ئي سالن کان پاڻيءَ جي اڻ هوند جي ڪري سٺا فصل ڪو نه ٿيا هئا. سندس چوڻ هو ته، ”هن سال هڪ هڪ سلي پوکڻ سان هر ساهه سان دل مان دعا پئي نڪري ته مولا پاڻي آڻ ۽ اسان جي روزي ڪشادي ٿئي. اسان جي محنت صاب پوي، اتي اهڙي حالت هئي جو سڄو ڏينهن رونبو ڪرڻ کان پوءِ پيئڻ لاءِ پاڻي به ڪو نه هوندو هو، اهو ئي پاڻي، جيڪو ٻنين کي ڏيندا هئاسين. اهو ئي پيئندا هئاسين.“ تنهن ڪري جڏهن کيس اها خبر پئي ته وڏي ٻوڏ پئي اچي. هو بي انتها خوش ٿي هي. ايتري قدر جو هنن خوشيءَ ۾ تاهري ڀت به چاڙهيو هو. هنن کي آسرو ٿيو هو ته هاڻي فصل سڪندا ڪو نه روزگار بهتر ٿيندو. پر جڏهن کين اها خبر پئي ته پاڻي تباهي مچائي ڇڏي آهي ۽ اچي شهدادڪوٽ ۽ قبي سعيد خان تائين پهتو آهي. تڏهن به هن تاهري ڀت جو ديڳڙو چاڙهي، خيرات ڪئي ته خير سان اهو پاڻي گذري وڃي ۽ سندن پوکيل فصل بچي وڃن، پر کيس اهو ته قطعي به اونو نه هو ته ڪو پاڻي سندس ڳوٺ کي به ڦري ايندو. ڇاڪاڻ ته هنن جي ابن ڏاڏن جي سانڀر ۾ به اهڙي ڪا به يادگيري نه هئي ته ڪو هنن جي ڳوٺ تائين پاڻي آيو به هجي. کيس اها ڄاڻ ته ڪا نه هئي ته هيل پاڻي کي ڪنهن مست هاٿيءَ وانگر ائين ڇڏيو ويو آهي، جو هن جي مرضي پهاڙن تي چڙهي يا درياهه تي گهمي، تنهن ڪري سڀ خير سمجهي هو آرام سان پنهنجي جهوپڙن ۾ ويٺا هوندا هئا. پر کيس رڳو هر وقت فصل جو اونو هو. هنن جو زميندار به ڪو عام ماڻهو نه هو، پر اسميبليءَ جو ميمبر هو، کين پڪو يقين هو ته اهو پنهنجي زمينن کي به بچائي ويندو، پر هڪ ڏينهن صبح جو جيئن ئي عورتون مينهن ڏهڻ لاءِ اٿيون ته تيز وهڪري سان گڙ گڙ ڪندڙ آواز سندن ڪنن تائين پهتو. هنن ٿورو ٻاهر نڪري ڏٺو ته کٻي پاسي کان تيزيءَ سان پاڻي ڳوٺ جي ننڍڙي بند کان هيٺ لهي رهيو هو. گل بانو رڙين تي اٿي ته پهرين کڻي ٻچا سنڀالڻ شروع ڪيائين. هن هڪ هٿ ۾ پنهنجي اڍائي سالن جو ٻار کنيو ته ٻئي ڪڇ ۾ ٻارنهن سالن جي ٻار کي کنيائين. سندس مڙس ٻن وڏن ٻارن سميت پنهنجي مينهن به ڇوڙي رسي سان هٿ م ڪئي. ان وقت پاڻي جو اهو آواز جنهن کي ٻڌڻ لاءِ سندس ڪن آتا هئا. اهو پاڻي جنهن لاءِ هن تاهري ڀت جي ديڳ لاهي خيرات ڪئي هئي. ان پاڻي جو آواز هن جي ڪنن ۾ جڏهن پيو، ته هن کي ائين لڳو ڄڻ ڪنهن سندس ڪنن ۾ شيهو پگهاري وڌو هجي. هن جي پيٽ ۾ اهڙي باهه پئي ٻري. ڄڻ ڪنهن ٻرندڙ اماڙي کڻي سندس پيٽ ۾ رکي هجي. جيستائين ٻارن کي ننڊ مان اٿاري هوءَ نڪرڻ لڳي ته پاڻي اچي هنن جي پيرن ۾ پهتو، خوف ۾ تيز تيز قدم کڻندي هوءَ ٻارن کي گهلي هلڻ لڳي ته پنجن سالن جي ”صنم“ جي گوڏن تائين پاڻي اچي ويو. هوءَ ننڍڙي، پيرن اگهاڙي، تڪڙي تڪڙي ماءُ جي قدم سان قدم ملائڻ جي ڪوشش ۾ تيز هلڻ لڳي. سندس ماءُ بيحد پريشان هئي. ڇو ته پاڻي وڌي رهيو هو ۽ ڳوٺ کان روڊ اڃا ڪلوميٽر کن پري هو. وقت هنن وٽ بنهه ڪو نه هو، پاڻي کين تيزيءَ سان ڀڄائي رهيو هو. هن کي لڳو ته سندس ننڍڙي ڌيءَ هاڻي پاڻي ۾ پير جهلي هلي ڪو نه سگهندي. ته هن هڪ ٻار ڪڇ ۾ کڻي ٻئي ٻار کي ٻئي ڪڇ ۾ هڻي چاهيو پئي ته ننڍڙيءَ کي کڻي مٿي ڪلهن تي ويهارجي. ان وقت اهڙي حالت هئي جو ڪير اوسي پاسي ۾ به نه هو جو صنم کيکڻي سندس ڪلهن تي ويهاري. آخر هن ٻارنهن مهينن جو ٻار ڪڇ ۾ وجهي جيئن ئي هيٺ نوڙي صنم کي کڻڻ جي ڪوشش ڪئي ته سندس ڪڇ کلي پيو ۽ سندس ننڍڙو ”اصغر“ پاڻي ۾ ڪري پيو. هڪ طرف ”صنم“ پئي ڪري ۽ ان کي بچائيندي اصغر به ويو. هن اها سڄي وارتا ٻڌائي ۽ پوءِ هن جي زبان کي ڄڻ تالا لڳي ويا. موت جهڙي اداسي هن جي اکين ۾ لهي آئي. وڏو شوڪارو ڀريندي هن ڊاڪٽر کي چيو ته، ”مننجي ٻچي کي ساهه جي تڪليف آهي. توهان هن کي ڏسو.“ هوءَ اسپتال آئي هئي ننڍڙي اصغر کي ڏيکارڻ. هن ٻڌايو ته، ”جيئن ئي منهنجو اصغر پاڻيءَ ۾ ڪريو ته ڄڻ مون ۾ غيبي طاقت اچي وئي. ڄڻ مان عورت يا انسان مان بدلجي ڪا ٻي مخوق ٿي وئي هجان. مون جهڙپ هڻي وهندڙ پاڻيءَ مان پنهنجو اصغر ائين کنيو. ڄڻ ڪا شئي هجي. ڪا ڀڀري هجي. مون چيو ته مان انهيءَ پاڻي کي پنهنجا ٻچا کڻڻ نه ڏينديس. منهنجي هڪ هٿ ۾ اصغر هو ته ٻئي هٿ ۾ ٻئي ڌيئر، مون کي ايترو به هوش نه رهيو ته منهنجو ٻار جيئرو به آهي يا نه، پر مان پنهنجو ٻچو زندهه يا مرده پاڻ سان کڻنديس. ”اهڙي حالت ۾ ٽي ٻار کڻي هڪ ڪلوميٽر کان مٿي رستو پار ڪري هوءَ روڊ تائين پهچي وئي هئي. اصغر صحيح سلامت هو، پر گل بانو کان ساهه ئي نه پيا کڄن. هن کي لڳي پيو ته اصغر کي ساهه جي تڪليف آهي ۽ اهو احساس کيس هر وقت رهي ٿو. هن کان روئڻ توڙي پاراتا ڏيڻ سڀ وسري ويو آهي. پر جڏهن هوءَ سخت مشڪلاتن کي منهن ڏئي حيدرآباد پهتي ۽ درياهه جي مٿان هنن جي گاڏي گذري. ته هن جي خاموشي ٽٽي پئي. هن ٻئي هٿ پنهنجي ڪنن تي ڏئي اکيون ٻوٽي ڇڏيون ۽ اصغر، صنم ۽ ڪبريٰءِ کي زور سان پنهنجي ڀاڪرن جي گهيري ۾ آڻي ڇڏيائين. رستي ۾ مينهن کپائي هنن ڀاڙو ڪيو هو. درد جو هي قافلو درياهه مٿان ان وقت گزريو. جڏهن اتان ساڍا نوَ لک ڪيوسڪ پاڻي وهي رهيو هو. جيتري دير سندن گاڏي پل مٿان رهي. گل بانوءَ کي ائين لڳو ڄڻ ڪير پنهنجي هٿن سان سندس نڙي دٻائي رهيو آهي.