تاريخ، فلسفو ۽ سياست

مها ٻوڏ 2010 (جيڪي سنڌ سان ٿيو)

ڪتاب ” مها ٻوڏ 2010 (جيڪي سنڌ سان ٿيو) “ اوهان اڳيان حاضر آهي. هن ڪتاب جو ليکڪ عزيز رانجهاڻي آهي. 07 آگسٽ 2010 تي سنڌوءَ جي ساڄي ڪپ تي ٽوڙيءَ واري هنڌ تان سنڌوءَ جي بچاءُ بند کي گهارو ڇا لڳو، ڄڻ سنڌ ۾ قيامت اچي وئي. شير درياهه سنڌو مستيءَ ۾ اچي سنڌ جي ميدانن شهرن ۽ ڳوٺن ۾ ڪاهجي پيو ۽ ٻوڙان ٻوڙ ڪري ڇڏي ۽ ڏسندي ئي ڏسندي بلوچستان جي حدن کان وٺي سنڌي سمونڊ تائين هڪ ٻيو سمونڊ ڪري ڇڏيو. جتي 10 کان وٺي 16 فوٽن تائين ڪيترائي ڏينهن اڌ سنڌ پاڻيءَ هيٺ رهي ۽ اڌ سنڌ جي آبادي سر ۽ مال متاع بچائڻ لاءِ سرگردان رهي ۽ پنهنجي ئي ڌرتيءَ تي صدين کان آباد هي ڌرتي ڌڻي بي گهر ٿي ڪسمپرسيءَ جي حالت ۾ ڪئمپن جي حوالي ٿيا. سنڌوءَ جو پاڻي سندن پويان ائين پئجي ويو جيئن ڪو حمله آور لشڪر اوچتو ڪنهن علائقي ۾ ڪاهجي پوي ۽ ماڻهن ۾ ڀاڄ پئجي وڃي ۽ هو ساهه بچائڻ لاءِ برمنهن ڪندا هجن. ڪٿي جيڪب آباد، ڪشمور، ٺل، شهدادڪوٽ، ڳڙهي خيرو ۽ ڪٿي ڪراچي، سانگهڙ، ٽنڊو باگو، نئون ڪوٽ ۽ حيدرآباد، ساهه بچائڻ لاءِ هي ڌرتي ڌڻي، سنڌ جي هڪ ڪنڊ کي ڇڏي ٻئي ڪنڊ تي وڃي ڪئمپن ۾ پهتا ۽ دربدر ٿي مصيبتن ۽ عذاب ۾ اچي ويا.
Title Cover of book مها ٻوڏ 2010 (جيڪي سنڌ سان ٿيو)

سنڌ جي ٻڏل شهرن مان پاڻي ڪڏهن نڪرندو؟…محمد ادريس راجپوت

آگسٽ مهيني واري ٻوڏ ڪري جتي لکين ماڻهو پريشن ۽ دربدر آهن، اتي حڪومت وارا به سخت پريشان آهن. انهيءَ جا چونڊيل نمائندا پنهنجن پنهنجن علائقن ۾ نٿا وڃي سگهن، جو ماڻهو ساڻن وڙهڻ ٿا اچن. خاص طرح انهن شهرن جا ماڻهو، جن کي ٻوڏ ٻوڙي ڇڏيو آهي ۽ جتان پاڻي نڪرڻ جا ويجهڙائي م ڪي به آثار نظر نٿا اچن. تازو سومر 11 آڪٽوبر تي صدر پاڪستان کي بينظير آباد ۾ سنڌ حڪومت جي عملدارن بريفنگ ڏني، پر اڌ بريفنگ ۾ صدر صاحب سيٽلائيٽ جو اهو نقشو اڇلائي ڇڏيو، جنهن ۾ ٻوڏ وارو پاڻي ڦهليل آهي ۽ پڇيائين ته پاڻي ڪڍڻ جو پلان ٻڌايو، جڏهن ڏٺائين ته هنن وٽ اهڙو ڪو پلان ناهي ته حڪم ڪيائين ته 48 ڪلاڪن اندر ٻڏل ايراضين مان پاڻي ڪڍڻ جو پلان پيش ڪيو وڃي. سنڌ هڪومت جي منصوبابندي واري صلاحڪار ۽ چيف سيڪريٽري 12 آڪٽوبر تي سڀني واسطيدار ڪامورن جي گڏجاڻي ڪئي. جنهن ۾ مون کي به هڪ ماهر طور گهرايو ويو. اهو ٻڌائيندو هلان ته مان اتي پنهنجي ذاتي حيثيت ۾ سنڌ جي گهڻ گهرو جي حيثيت ۾ ويس. جو سنڌ وارن جي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ چاهي مون کان سرڪار مدد گهري يا مخالف ڌر يا قومپرست گهرائين مان حاضر هوندو آهيان، ڇو ته منهنجو فوڪس سنڌ وارن جي ڀلائي آهي ۽ نه ڪي سياست.
مٿين گڏجاڻيءَ ۾ اهو فيصلو ڪيو ويو ته آبپاسي کاتي وارا ۽ لوڪل گورنمينٽ وارا سرزمين تي معلوم ڪن ته ٻڏل شهرن ۽ ايرضين مان پڻي ڇو نٿو نڪري، ڪهڙيون رنڊڪون ۽ رڪاوٽون آهن؟ انهن کي ڪيئن هٽايو وڃي ته جيئن پاڻي تڪڙو نيڪال ٿي سگهي ۽ انهيءَ لاءِ ڪهڙيون شيون کپن، انهيءَ ڪم لاءِ مون کي انهن جي سربراهه جي طور مقرر ڪيو ويو. انهيءَ گڏجاڻي ۾ ڊي جي ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي به شامل هو، جنهن ٻڌايو ته هو انهيءَ جاچ لاءِ يو اين جي مدد طور هيلي ڪاپٽر ڏئي سگهي ٿو. مان سيد مظهر علي شاهه ايڊيشنل سيڪريٽري آبپاشي ۽ محمد سليمان چانڊيو اسپيشل سيڪريٽري ٽيڪنيڪل لوڪل گورنمينٽ انهيءَ ڪم لاءِ سکر پهتاسين. جتي يو اين وارن اسان کي ٻن ڏينهن لاءِ هيلي ڪاپٽر ڏنو ۽ ٻئي ڏينهن انهيءَ جا نمائندا به اسان سان گڏ هليا. اسان 15 ۽ 16 آڪٽوبر تي جائزو وٺڻ لاءِ ٽوڙي وارن کنڊن، غوثپور، ڪرمپور، ٺل، سلطان ڪوٽ، ڳڙهي خيرو، قبو سعيد خان، شهدادڪوٽ، سپريو بند، خيرپور ناٿن شاهه، ايم اين وي ڊرين، منڇر ڍنڍ، ڪرمپور مٿان اڏام ڪئي سين. ان دوران جيڪو ڪجهه اسان ڏٺو، سو هنيان ڏاريندڙ هو. واهن ۽ شاخن جو ڪو نالو نشان ڪو نه هو، ڪيترا ڳوٺ صفا ڊٺل هئا. ڪن جي چوڌاري پاڻي بيٺل هو ۽ اچڻ وڃن جو ڪو رستو نه هو. رستا ۽ روڊ ڪٽيل هئا. ميلن ۾ پاڻي بيٺل هو. هڪڙي يو اين واري چيو ته هي ٻوڏ جو پاڻي آهي يا سمنڊ؟ شهرن ۾ اندر جايون ٻڏل هيون. ڪيترا گهر ڊٺل هئا، چوڌاري پاڻي بيٺو هو، ائين سمجهو ته شهر ۽ ڳوٺ ٻيٽ بڻيل هئا. سڀني کان گهڻو ٻڏل شهر پهريون نمبر خيرپور ناٿن شاهه، ٻيو نمبر ڳڙهي خيرو ۽ ٽيون نمبر قبو سعيد خان هئا. شهدادڪوٽ چوڌاري پاڻي بيٺل هو، پر شهر ٻڏڻ کان بچي ويو هو، بلڪه بچايو ويو هو.
17 آڪٽوبر تي هيليڪاپٽر جو بندوبست نه ٿي سگهيو ۽ اسان بائي روڊ روانا ٿياسين. پهرين ايم اين وي ۽ جوهي جي ڪراسنگ تي پهتاسين، جنهن کي ”ڪاري موري“ چون ٿا. اتي جوهي برانچ 77 آر ڊي تي ايم اين وي مٿان ٽپي وڃي ٿي، جنهن کي فني ٻولي ۾ Aqueduct چجي ٿو. اتي ايم اين وي کي موري کان مٿي ڪٽ لڳل هئا ته جيئن خيرپور ناٿن شاهه وارو پاڻي ايم اين وي ۾ ڪري سگهي. وري انهيءَ موري کان هيٺ جوهي برانچ کي ڪٽ لڳل هئا ته جيئن مٿان ايندڙ پاڻي هيٺ پاس ٿي سگهي. تنهن کان پوءِ اسان ڪرمپور ويجهو درياهه کي ڏنل ڪٽ تي وياسين. جتان پاڻي درياهه ۾ پيو وڃي. تنهن کان پوءِ اسان ڀمڀا شاخ، لوڪل بورڊ وارو روڊ ۽ انڊس هاءِ وي ڏٺوسين. انهن م ڪٽ هجڻ ڪري اسان رڳو ٿورو ٽڪرو ڏسي سگهياسين.

حڪمت عملي Strategy
هر ڪنهن ڪم ڪرڻ جي حڪمت عملي هوندي آهي. جنهن جو فيصلو ڪري انهيءَ تي وڌيڪ ڪم ڪرڻو هوندو آهي. اسان کي ٻڏل شهرن ۽ زرعي زمينن مان تڪڙو پاڻي ڪڍڻو آهي ته جيئن ماڻهن کي رليف ملي ۽ زمينون آبادي لائق ٿي سگهن. جيڪڏهن شهرن مان پمپن وسيلي پاڻي ڪڍجي ته اهو صحيح حل ناهي، ڇاڪاڻ جو جيترو پاڻي ڪڍندئو، اوترو پاڻي ڀرپاسي مان وري اچي ويندو، تنهن ڪري پهرين شهرن جي چوڌاري بيٺل پاڻي کي ڪڍڻو آهي، جڏهن اهو نڪري ويندو ته کڏن ۽ کوٻن ۾ بيٺل شهرن جو پاڻي پمپن وسيلي ڪڍي سگهبو جن شهرن ۾ چوڌاري پاڻي بيٺل نه آهي ۽ رڳو شهرن ۾ بيٺل آهي. اهو پمپن ذريعي نيڪال ٿي سگهي ٿو.
وري بيٺل پاڻي قدرتي نموني ۾ ڇوڙ واري رستي منڇر ۾ تنهن کان پوءِ درياهه ۾ وڃڻو آهي. اهو قدرتي رستو آر بي او ڊي ايم اين وي ۽ منڇر آهن. بيٺل پاڻي ٺهيل واهن. سم نالين رستي قدرتي ڇوڙ واري لائين ۾ وجهڻو آهي. جيڪڏهن اهي لٽيل آهن يا رستي ۾ رنڊڪون آهن ته انهن مان لٽ ڪڍڻو پوندو ۽ رنڊڪون دور ڪرڻيون پنديون. وري منڇر، واري رستي جيڪو ڪرمپور کان پاڻي ڇوڙ ڪري ٿو. انهيءَ لاءِ روڊ، شاخ، ريلوي لائين کي ڪٽ ڏيڻا پوندا. وري رستي جو کلڻ به اهم آهي. منڇر ۽ انڊس لنڪ واري ڪمپارٽمينٽ ۾ انڊس هاءِ وي ٻڏل آهي. جنهن کي بحال ڪري ٽريفڪ هلائڻ جي سخت گهرج آهي. يعني متصاد گهرجن وارو سوال اٿي ٿو. هڪڙي پاسي انڊس هاءِ وي کي وڌيڪ ڪٽ ڏيڻا آهن ۽ ٻئي پاسي ٽريفڪ بحال ڪرڻي آهي. اهو ان طرح ممڪن آهي ته ڪٽ ڏيڻ بدران وڏا لوهي پائيپ رکو ۽ انهن مٿان مٽي وجهي روڊ بحال ڪيو، پائپن مان پاڻي پاس ٿيندو ۽ مٿان ٽريفڪ هلندي.

ٻڏل شهرن مان پاڻي ڪيئن نڪري
غوثپور، ڪرم پور، ٺل، سلطان ڪوٽ ۽ ٻين ننڍڙن شهرن ۾ پاڻي بيٺو آهي. پر چوڌاري پاڻي ڪونهي اهو پاڻي ٽي ايم اي يعني ٽائون ميونسپل ايڊمنسٽريشن وارا پاڻ پمپن ذريعي ڪڍي سگهن ٿا. رڳو انهن کي گهربل پمپ ڏنا وڃن. ٽن وڏن شهرن يعني ڳڙهي خيرو قبو سعيد خان ۽ خيرپور ناٿن شاهه مان جيڪڏهن رڳو پمپن وسيلي ڪڍبو، ته اوترو ڀرپاسي بيٺل پاڻي شهر ۾ اچي ويندو، تنهن ڪري پهرين چوڌاري بيٺل پاڻي کي قدرتي طرح وهائي Gravity flow ڇوڙ ڪرڻ واري رستي ۾ آڻڻو پوندو ۽ منڇر تائين پهچائي درياهه ۾ ڇوڙ ڪرائبو. جڏهن چوڌاري بيٺل پاڻي نڪري ويندو ته پوءِ شهر اندر بيٺل پڻي پمپن وسيلي ڪڍي شهر سڪائي سگهجن ٿا.

1- ڳڙهي خيرو:
هي هڪ تمام گهڻو ٻڏل شهر آهي، جنهن جي چوڌاري پاڻي ميلن م بيٺو آهي. جيستائين چوڌاري بيٺل پاڻي نه ڪڍبو، شهر مان پاڻي نه نڪري سگهندو. پاڻي ڏکڻ واري پاسي کان ڪڍڻو آهي. جيڪو عيدن شاخ جي آر ڊي هڪ تي پئجي سگهي ٿو. جيڪو آر بي او ڊي ٿري ۾ محمد خان ڀٽو ڳوٺ ڀرسان پوندو، پر عيدن شاخ لٽيل آهي ۽ گهربل پاڻي کڻي نه سگهندي. تنهن ڪري پهرين ان جي کاٽي مشينن ذرعي تڪڙي ڪرائڻ کپي. هن شهر ۾ ٻوڏ وارو پاڻي بيگاري ڪئنال، کيرٿر ڪئنال ۽ سيف الله مگسي ڪئنال جي کنڊن مان پيو اچي. جن کي يڪدم بند ڪرڻ کپي. کنڊ بند ٿيڻ کان پوءِ ۽ عيدن شاخ جي کاٽي کان پوءِ ڊکڻ پاسي کان پاڻي اٽڪل 15 ڏينهن ۾ نڪري ويندو. تنهن کان پوءِ شهر ۾ بيٺل پاڻي پمپن ذريعي 15 ڏينهن ۾ نڪري ويندو ۽ شهر سڪي ويندو. پمپن ذريعي پاڻي ڪڍڻ وارو ڪم ٽي ايم اي وارا پاڻ ڪري سگهندا. انهن کي گهربل پمپ ڏنا وڃن.

2- قبو سعيد خان
قبو سعيد خان شهر ۾ ڳڙهي خيري جيترو پاڻي ڪونهي. پر ان جي اولهه ۽ اوڀر ۾ پاڻي بيٺو آهي. اوڀر واري پاڻي کي نيڪال جو ڪو رستو ناهي. انهيءَ کي قدرتي طرح سڪڻ لاءِ ڇڏڻو پوندو. اولهه واري پاڻي کي ڪڍڻ لاءِ روڊ ۽ موٽر وي رنڊڪون آهن. انهن کي قبو کان ڪچي پل روڊ کان ٻه ڪلوميٽر پري ڪٽ ڏيڻا پوندا. پر انهن ڪٽن جي ڪري موٽر وي بلاڪ ٿيندو. بهتر اهو ٿيندو ته روڊ هيٺان وڏا لوهي پائيپ وجهي مٿان رستو به هلائجي. لوهي پائيپ يا ته نيشنل هاءِ وي وارا ڏين يا يو اين وارن کان گهر ڪجن. اهي پنهنجي Early recovery plan جي فنڊن مان گهربل پئسا ڏئي سگهندا. اها ڳالهه انهن اسان کي هيلي ڪاپٽر ذريعي اڏام دوران ٻڌائي. رڳو ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي وارن ذريعي انهن کان اها گهر ڪئي وڃي.

3- خيرپور ناٿن شاهه
هي شهر ٻوڏ جي ڪري سڀني کان گهڻو متاثر ٿيل آهي. ان شهر ۾ هينئر به 4 کان 7 فوٽ پاڻي بيٺو آهي ۽ شهر جي چوڌاري ميلن ۾ پڻي بيٺل آهي. پهرين پاڻي ڪڍڻ لءِ خدا واهه ۽ نارا ڊسٽري کي ڪٽ ڏيڻا پوندا. تنهن کان پوءِ ايم اين وي ڊرين جي ساڄي ڪپ تي جوهي واري ڪاري موري کان مٿي اٽڪل 1000 فوٽ جا نوان ڪٽ ڏيڻا پوندا ته جيئن شهر جي ٻاهران بيٺل پاڻي نڪري، وري جوهي برانچ کي به ڪاري موري کان هيٺ 1000 فوٽ جا وڌيڪ ڪٽ هڻڻا پوندا ته جيئن روڪيل پاڻي هيٺ هلي. اهو پاڻي پڇاڙي ۾ منڇر ۾ پوندو. جتان اڙل ٽيل ۽ ڪرم پور واري ڪٽ وسيلي درياهه ۾ ڇوڙ ڪندو. منهنجي خيال ۾ انهيءَ ۾ ٻه مهينا لڳي سگهن ٿا. جڏهن شهر جي چوڌاري بيٺل پاڻي نڪري ويندو ته شهر جو بيٺل پاڻي پمپن وسيلي 15 ڏينهن ۾ ڪڍي سگهبو. جيڪو ٽي ايم اي وارا پاڻ ڪري سگهندا. رڳو انهن کي گهربل پمپ ڏنا وڃن.
اهو ٻڌائيندو هلان ته خيرپور ناٿن شاهه مان پاڻي ڪڍڻ بابت پ پ سنڌ جي وائيس پريزيڊنٽ ۽ هوم منسٽر ذوالفقار مرزا 18 آڪٽوبر تي آفيسرن جي هڪ گڏجاڻي ڪئي هئي. جنهن ۾ مون کي به آبپاشي وارو سيڪريٽري وٺي هليو. انهيءَ ۾ مرزا صاحب ايم اين وي ۽ جوهي برانچ ۾ ٻڌايل ڪٽ ٽن ڏينهن اندر مڪمل ڪري انهن کي هلائڻ جو حڪم ڏنو، ڪم کي تڪڙي ڪرڻ لاءِ دادو جي انجنيئر حبيب الله ڪابوري کي ٻن مهينن لاءِ هڪ پجيرو گاڏي به ڏني ته هو صحيح ڀڄ ڊڪ ڪري سگهي. مان اهي فيصلا ڏسي حيران ٿي ويس. جيڪڏهن هن کان اڳ اهڙا وقتائتا ۽ تڪڙا فيصلا ٿين ها ته ٻوڏ جي صورتهال ايتري خراب نه ٿئي ها. انهن فيصلن جي ڪري خيرپور ناٿن شاهه مان پڻي ڪڍڻ وارو ڪم تڪڙو ٿي ويندو ۽ هنن کي ٻن مهينن کان اڳي به رليف ملي سگهي ٿو.
مٿيان هئا ڪجهه مشورا، جيڪي سرزمين ڏسڻ کان پوءِ، ماهرن ۽ مقامي ماڻهن سان ملڻ کان پوءِ اسان ٽن ڄڻن يعني مان، سيد مظهر علي شاهه ۽ محمد سليمان چانڊيو ڏنا آهن. اهي رڳو شهرن مان پاڻي ڪڍڻ بابت آهن. پر شهرن کان علاوه ڳڙهي خيرو کان ويندي منڇر تائين پاڻيءَ جو سمنڊ بيٺو آهي. جنهن ۾ هزارين ننڍا وڏا ڳوٺ ءٻڏل آهن. اسان کي انهن کي به رليف ڏيڻُ آهي. انهن ايراضين مان به پاڻي ڪڍڻو آهي، جيئن ٻيٽ بڻيل ڳوٺ وارا وري شهرن ۾ اچي سگهن. وري آباديون ڪري سگهن. ڳوٺن مان پاڻي ڪيئن نيڪال ڪجي. انشاءَ الله اهي مشورا ٻئي مضمون ۾ ڏبا.