تاريخ، فلسفو ۽ سياست

مها ٻوڏ 2010 (جيڪي سنڌ سان ٿيو)

ڪتاب ” مها ٻوڏ 2010 (جيڪي سنڌ سان ٿيو) “ اوهان اڳيان حاضر آهي. هن ڪتاب جو ليکڪ عزيز رانجهاڻي آهي. 07 آگسٽ 2010 تي سنڌوءَ جي ساڄي ڪپ تي ٽوڙيءَ واري هنڌ تان سنڌوءَ جي بچاءُ بند کي گهارو ڇا لڳو، ڄڻ سنڌ ۾ قيامت اچي وئي. شير درياهه سنڌو مستيءَ ۾ اچي سنڌ جي ميدانن شهرن ۽ ڳوٺن ۾ ڪاهجي پيو ۽ ٻوڙان ٻوڙ ڪري ڇڏي ۽ ڏسندي ئي ڏسندي بلوچستان جي حدن کان وٺي سنڌي سمونڊ تائين هڪ ٻيو سمونڊ ڪري ڇڏيو. جتي 10 کان وٺي 16 فوٽن تائين ڪيترائي ڏينهن اڌ سنڌ پاڻيءَ هيٺ رهي ۽ اڌ سنڌ جي آبادي سر ۽ مال متاع بچائڻ لاءِ سرگردان رهي ۽ پنهنجي ئي ڌرتيءَ تي صدين کان آباد هي ڌرتي ڌڻي بي گهر ٿي ڪسمپرسيءَ جي حالت ۾ ڪئمپن جي حوالي ٿيا. سنڌوءَ جو پاڻي سندن پويان ائين پئجي ويو جيئن ڪو حمله آور لشڪر اوچتو ڪنهن علائقي ۾ ڪاهجي پوي ۽ ماڻهن ۾ ڀاڄ پئجي وڃي ۽ هو ساهه بچائڻ لاءِ برمنهن ڪندا هجن. ڪٿي جيڪب آباد، ڪشمور، ٺل، شهدادڪوٽ، ڳڙهي خيرو ۽ ڪٿي ڪراچي، سانگهڙ، ٽنڊو باگو، نئون ڪوٽ ۽ حيدرآباد، ساهه بچائڻ لاءِ هي ڌرتي ڌڻي، سنڌ جي هڪ ڪنڊ کي ڇڏي ٻئي ڪنڊ تي وڃي ڪئمپن ۾ پهتا ۽ دربدر ٿي مصيبتن ۽ عذاب ۾ اچي ويا.
Title Cover of book مها ٻوڏ 2010 (جيڪي سنڌ سان ٿيو)

ٻڏيءَ کان پوءِ!...عبدالقادر جوڻيجو

درياهه جي چاڙهه کان پوءِ پاڻي پهرئين پهرئين ”کاٽ“ هڻندو آهي. جنهن ۾ پاڻي ٻنڌ جي هيٺين حصي مان ٻاهر سمڻ لڳندو آهي. کاٽ کان پوءِ ”چهڪ“ پوندا آهن، جنهن ۾ ٻنڌ جي اندران سنهيون سنهيون سيرون پونديون آهن. انهيءَ کان پوءِ چهڪ وڌي ”روڻ“ جو روپ ڌاريندا آهن. روڻيون پوڻ کان پوءِ جي درياهه پڻ ارهه زورائي ڪري ٻنڌ کي ڪنهن نه ڪنهن هنڌان ٽوڙي وجهي ته انهيءَ کي ”گهارو“ چوندا آهن، پر جي ڪي ماڻهو ٻنڌ ٽوڙين ته انهيءَ کي ”کنڌي“ چيو ويندو آهي. پر جي ٻنڌ پڪي پختي هجي ته پوءِ درياهه جو پاڻي ٻنڌ مٿان وهڻ لڳي ته انهيءَ کي ”اٿل“ چئبو آهي. پر جي اٿل وڌي وڃي ته انهيءَ کي ”اڇل“ چيو ويندو آهي. پر انهن سڀني کان وڌيڪ خطرناڪ وهڪري کي ”ور“ چيو ويندو آهي. جنهن ۾ درياهه جو پاڻي اڳتي وڌڻ جي بدران ابتو وهڻ لڳندو آهي. ماضي قريب ۾ سنڌو درياهه صرف هڪڙو ڀيرو ور کاڌو آهي. پشاور گزئيٽر 1931ع موجب 1858ع ۾ جڏهين سنڌو درياهه اٽڪ وٽ پهتو ته درياه جي ڇولين 80 فوٽ مٿي چاڙهه کاڌو ته درياهه پنجاب ۽ پوءِ سنڌ ڏانهن اچڻ جي بدران ور کائي واپس وڃي ڪابل درياهه ۾ ڪاهي پيو ۽ هڻي پختونخواهه جا تڏا پٽي ڇڏيا هئائين.
هن وقت سنڌ درياهه وانگي ئي سنڌ جي سوسائٽيءَ جا سڀيئي پهلو کاٽ، چهڪ، روڻ، گهاري، کنڌيءَ، اٿل ۽ اڇل جي مرحلن مان نڪري ور تائين پهچي چڪا آهن انهن پهلوئن مان ڪي هاڪاري ته ڪي ناڪاري آهن. سنڌ 22 Catch مان نڪري High noon تائين اچي پهتي آهي. هونئن به هڪ سج ٻه پاڇا هوندو آهي، هتي عام پڙهندڙن لاءِ اهو به عرض ڪري ڇڏجي ته 22 Catch ٻئي عظيم جنگ تي لکيل هڪ شاهڪار ناول آهي. جنهن ۾ بمباري ڪندڙ فائيٽر پائلٽ وائرليس ذريعي اهڙي گفتگو ڪندا آهن، جو لکي به الهڏنو ته پڙهي به الهڏنو، اها گفتگو هڪ مونجهاري سان ڀريل هوندي ڪري به پنهنجي پويان معنويت سان ڀرپور هوندي آهي، پر پائليٽ کي خبر نه هوندي آهي ته اهي ڇا پيا ڳالهائين. اڳتي هلي اهو ناول اخباري اصطلاح بڻجي چڪو آهي. جڏهين ته High Noon هالي ووڊ جي ڪائو بواءِ فلم آهي. جنهن م وڏو جنگاڻ متل هوندو آهي. اڳتي هلي اها فلم به اخباري اصطلاح بڻجي چڪي آهي. سو سنڌ به مونجهاري مان نڪري هاڻي جنگاڻ ۾ اچي پيئي آهي. اڃا به سوليءَ سنڌي ۾ انهن ٻنهين ڳالهين کي ائين چئي سگهجي ٿو ته ٻوڏ اچڻ وقت ”اک نه ڏسي گوڏي کي“ واري ڪيفيت آهي. جڏهين ته ٻوڏ اچڻ کان پوءِ ”هڻ ته چتي“ واري صورتحال بڻبي.
وڻ اکڙيا، گهر اکڙيا ۽ ماڻهو اکڙيا، ڪا ڪٿي ڪري ته ڪاٿي ڪري، ڪک نه گڏيو ڪک سان سنڌو درياهه جو پاڻي هاڻي ماڻهن جي اکين مان لڙڪ بڻجي ڳڙي رهيو آهي. هاڻي وڏو سوال اهو آهي ته اکين مان وهندڙ پاڻي ڪٿي ڇوڙ ڪندو ۽ ڪهڙي ڊيلٽا ٺاهيندو. هاڻي حالت اها آهي جو ماڻهو مانيءَ ٽڪر لاءِ امدادي ٽرڪن جي پويان ڊوڙندي هڪ ٻئي کي ڇنڊي، ڪيرائي، ماري مڃائي، ماني ڳڀو ڦرڻ لاءِ هوش مان نڪري ويا آهن، بک ۽ اڃ جي انڌ ۾ ڪير اهو ڪو نه ٿو ڏسي ته ڪنهن کي ڪٿان اڳتي وڌڻو آهي ۽ ڪٿان پوئتي هٽڻو آهي. جو ننڍا ٻار ته نه چڀجن ائين ڪندي هڪڙي ئي مانيءَ جو ڪو ڳڀو ڪنهن جي هٿ ۾ اچي ٿو، ڪنهن جا ڪپڙا ڦاٽا پيا آهن، ڪو ڌڪو کائيو پٽ تي اونڌي منهن ته ڪو سڌي منهن ڪري پيو آهي. ڪنهن جا دڙڪا، دهمان گچا پيا آهن. ڪو خاموش لڙڪ ڳاڙي رهيو آهي ته ڪو وري ٻاڪاري رهيو آهي. ڪو مانيءَ جو ٽڪر کڻي ائين ڊوڙندو پيو هجي ڄڻ سندس پويان ڪتا ڪاهي پيا هجن. ڪو چرڻ جي بدران اکيون ڦوٽاري هيڏانهن هوڏانهن ڏسي رهيو آهي ته ڪو هٿ مان ڪري ويل مانيءَ جو ٽڪر ڳولڻ لاءِ ڦرموٽيءَ وانگر ڦري رهيو آهي. ڪي وري خالي ٿالهه، وٽا ۽ ديڳڙا کڻي، انهن کي کاڌي جا ٿانوَ سمجهڻ جي بدران هٿيار سمجهي هڪ ٻئي کي هڻندي وڙهي رهيا آهن. ڪنهن عورت جي ٻانهن ۾ مئل ٻار آهي ته انهيءَ کي اهو هوش ناهي ته گهٽ ٻوساٽ ۽ وڙهه وڙهان ۾ سندس ٻار مري چڪو آهي. پر پوءِ به هوءَ پنهنجي ٻارڙي لاءِ کير ڍڪ هٿ ڪرڻ لاءِ امدادي ٽرڪ جي پويان ڀڄندي وڃي ته ٻارڙي لاءِ کير ملي پر پاڻ ڀلي بک وگهي مري وڃي. ڪنهن جا پٺا اگهاڙا آهن ته ڪنهن جي سٿڻ جا پائنچا ڦاٿل آهن. ڪنهن جي پير ۾ جتي ناهي ته به کيس خبر ناهي قهر جي گرميءَ ۾ سندس پيرن ۾ لڦون پئجي چڪيون آهن ۽ مرين مان رت وهي رهيو آهي. غريب ماڻهوءَ جو وڏي ۾ وڏو ساٿ مال آهي. اهو مال وڃائڻ کان پوءِ ڳڻتين جي ڳاري ۾ ته آهي، پر کيس اها خبر ناهي ته پويان سندس مري ويل مال کي ڪتا پٽي رهيا آهن. مري ويل مال تي ڳجهون لامارا ڏينديون آهن. پر اهي به اڀ تان غائب ٿي چڪيون آهن. جنهن ٻار کان پنهنجي ڳوٺ جون گهٽيون ۽ گهٽين ۾ ٿيندڙ راند، ڪوڪريا، مائرن جا سڏ، ڊوڙون ۽ سيٽيون ڦرجي چڪيون آهن. اهو انهيءَ حيرانيءَ ۾ آهي ته اهو سڀ ڪجهه اوچتو ئي اوچتو ڪيڏانهن غائب ٿي ويو آهي، جن ماڻهن جي نظر ۾ درياهه جو پاڻي جياپو هو، اهي ماڻهو انهيءَ ڳالهه تي پريشان آهن ته جياپي جو سنيهو کڻي ايندڙ درياهه اوچتو ئي اوچتو ڇو ڪاوڙجي پيو آهي. ايڏي به ڪاوڙ ڪبي آهي ڇا جو نه گهر ٻار رهي، نه اڱڻ تي ڊوڙندڙ خوشيون رهن، نه جهوپڙيون مان شام جو نڪرندڙ دونهون رهي. نه کل ڀوڳ رهي ۽ نه ڪنڌيءَ جا ڪانهن رهن. جن کي جهلي روئجي محبتون، روساما، ڪاوڙيون، لڙڪ، ٽهڪ، ڳالهيون، پچارون، يادون، جهونگارون، اشارا، آواز، پهه، ننڊون، خواب ۽ فئنٽسيون سڀ هڪڙي ريلي ۾ لڙهي ويا، سي ته لڙهي ويا، پر جاني دشمنيون ۽ دوستيون به لڙهي ويا. همتون به پاڻيءَ ۾ لڙهي ويون. ڪک نه گڏيو ڪک سان. هاڻي هڪڙي پاسي ڀڄ ڀڄان، مار ماران آهي، بکيا پيٽ آهن، جيڪي دهل وانگر وڄڻ لڳا آهن. ٻئي پاسي آحاڪمن ۽ ڪامورن جا دڙڪا آهن، الرون آهن. لٺبازي آهي، ٽيئر گيس آهي ۽ هوائي فائرنگ آهي. ڪٿي ڪٿي ائين به ٿيو آهي ته پوليس جي فائرنگ جي موٽ ۾ فائرنگ ٿي آهي. جن اکڙي آيل ماڻهن وٽ ڳراڳرا هٿيار آهن. تن کي اها خبر ناهي ته بريٽا ڇا آهي. آئوزي 9 ايم ايم ڇا آهي. سيمي مشين گن ڇا آهي ۽ جي ٿري ڇا آهي. سندن نظر ۾ وٽن موجود آهي سڀ جا سڀ هٿيار يا ته بندوقون آهن يا پستول آهن يا رائفلون آهن يا ڪلاشنون آهن. جن ماڻهن کي پنهنجي هٿيارن جا نالا نٿا اچن. انهيءَ مان ماڻهو اهو اندازو لڳائي سگهي ٿو ته سردار شاهي سندن معصوميت ۽ ذهني ليول کي ڪيئن ٿي استعمال ڪري ۽ ڪيئن کين شعور کان محروم رکي ٿي. ٻيو ته ٺهيو، پر ڄامشوري ضلعي جي ڪيمپن جو اهو حال آهي جو ڪٿي ڪٿي ڪي غير سرڪاري تنظيمون جڏهن ٻوڏ جي ستايل ماڻهن کي پيئڻ لاءِ صاف پاڻيءَ جا ڊرم ڏيئي ٿيون وڃن ته اتي اهي ماڻهو ڪجهه پاڻي پيئي باقي رهيل پاڻيءَ سان پنهنجين مينهن کي وهنجارڻ ۾ لڳي ٿا وڃن. انهن درويشن کي اها به خبر ناهي ته پيئڻ جي پاڻيءَ ۽ مال وهنجارڻ جي پاڻيءَ ۾ ڪيترو فرق اچي ويو آهي. انهن لاءِ پاڻي مڙيوئي پاڻي آهي. جيڪو يا ته تاري ٿو يا ته ٻوڙي ٿو، يا پيرن ڀر بيهاري ٿو. يا لوڙهي وڃي ٿو. سپر هاءِ وي تي ڪي ڪي ڪي اهڙا ماڻهو به پاتا وڃن ٿا. جن کي جڏهين UNDP جهڙو ڪو ادارو ماني پاڻي ڏيڻ لاءِ لنگهي ٿو وڃي ته اهي ماڻهو بکن ۾ پاهه هوندي ڪري به انهيءَ ڏکئي وقت جي امداد کي به خيرات سمجهي وٺڻ کان نٽائين ٿا. جي پڇون ته جواب ڏين ٿا، ”بابو منهنجو، اسان ڏيڻ وارن مان آهيون، وٺڻ وارن مان ناهيون، جيڪو هٿ سدائين مٿي رهيو آهي، اهو هٿ هيٺ نه هوندو آهي.“ جڏهين گهڻي هڻ وٺ ۽ بحثا بحثيءَ کان پوءِ اهي ماڻهو لاچاريءَ وچان امداد وٺن ٿا ته شرم وچان سندن ڪنڌ هيٺ جهڪيل هوندا آهن ۽ سندن ٿڌا ساهه ٻڌڻ ۾ اچن ٿا. جيڪڏهن ڪنهن کي اهڙي دل ڏاريندڙ ٽريجڊي پڙهڻي آهي ته قرت العين حيدر کي پڙهي ڏسي. انهيءَ ڏس ۾ سندس لکيل ڪهاڻي ”خاندان“ پڙهڻ وٽان آهي ظاهر آهي ته پاڻي جي قلم ۾ سگهه ناهي جو ڪجهه لکي سگهجي.
جيئن زلزلي جي ٽرمنالاجي ۾ هڪڙو ته هوندو آهي After shock اصل ۾ زلزلي جي اچي هليو وڃڻ کان پوءِ زمين اندر هيٺ کاڌ جي ڪري وڏيون ڀڪون ۽ ڇپون رهجي وينديون آهن. اهي ڪيترائي مهينا کسڪڻ ۽ ڀاڃڙ ۾ هونديون آهن ته انهيءَ جي نتيجي م رکي رکي زلزلا ايندا رهندا آهن، جن کي ئي After shock چيو ويندو آهي، پر زلزلي اچڻ کان پوءِ بچيل ماڻهن کي رکي رکي اوٿارا (ننڊ مان ڊپ وچان ڇرڪ ڀري اٿڻ) ٿيندا آهن. ڪن ماڻهن کي هلندي هلندي ڦيري اچي ويندي آهي، ڪن کي کٽ تي ليٽي ليٽي، ائين محسوس ٿيندو آهي ته ڪي ماڻهو سندس کٽ هيٺان پئجي کيس مٿي کڻي رهيا آهن. ڪن کي وري اهو محسوس ٿيندو آهي ته گهر جي ڇت مٿائنس ڪري رهي آهي. ڪن کي اهو لڳندو آهي ته اهي زمين ۾ هيٺ گهڙندا پيا وڃن .ڪي وري پاڻ کي اڏامندو محسوس ڪندا آهن. انهن نفسياتي ڪيفيتن کي Shock after shock چيو ويندو آهي. هن وقت ٻوڏ جا ڪيترائي ستايل ماڻهو گهٽ پيماني تي سهي، نفسياتي طور Shock after shock جو شڪار بڻجندا پيا وڃن. رات جي پيٽ م ٻوڙيندڙ پاڻيءَ جو اچي وڃڻ، کن پل ۾ تڏا ويڙهه ٿيڻ ۽ پنهنجا اباڻا پٽ ڇڏڻ ڪو جهڙو تهڙو عذاب ته ناهي.
اها ته ٿي نفسياتي بيماري، پر ٻوڏ اچڻ کان پوءِ جسماني طور تي ٻوڏ جي ستايل ماڻهن ۾ (خاص ڪري ٻارن ۾) جيڪي پيٽ جون بيماريون، مليريا ۽ چمڙيءَ جون بيماريون ٻوڏ وانگر ئي ڪاهي پيون آهن. انهن سڀني بيمارين کي گڏ ڪري هڪ خوفناڪ وبا چئي سگهجي ٿو. جيڪا تيزيءَ سان پکڙجي رهي آهي. اها وبا ٻوڏ کان بچيل ماڻهن کي به پنهنجي وڪڙ ۾ آڻي سگهي ٿي. انهيءَ وبا کي لنڊن مان نشر ٿيندڙ بي بي سي ٽيليويزن سڌو سڌو ”ڪالرا“ جو لفظ ڪتب ٿي آڻي. هن کان اڳ 1920ع ۾ سنڌ ۾ به لوس جي بيماري ( Yellow cholera) ڪاهي پيئي هئي ۽ ماڻهو ماڪوڙن وانگر مرڻ لڳا هئا، جو انهيءَ وقت اڃا لوس جو علاج نه نڪتو هو، پر هن وقت علاج ته موجود آهي، پر پوءِ به ماڻهن وڏي پيماني تي مها ماريءَ جو شڪار بڻجي ڌڙا ڌڙ مري رهيا آهن، ايڏين سارين مصيبتن کان پوءِ اها خبر نٿي پوي ته اها وبا، لڏ پلاڻ، بک ۽ اڃ ڪٿي وڃي دنگ ڪنديون.
شوڪت شوري (جنهن جو ڳوٺ پڻ ٻڏي چڪو آهي) جي لفظن ۾ هاڻي اها سنڌ سنڌ نه رهندي، ٻوڏ جي ستايل قافلن جون قطارون جيئن پوءِ تيئن وڌنديون پيون وڃن، سنڌ اڃا تائين روڙجي، ڦٽجي ۽ ڦٿڪي رهي آهي، سڏڪا ۽ ٻاڪارون اڃا تائين وڌندا پيا وڃن، تازو ڄمندڙ ٻارن تي ”پرديسي“ ۽ ”پرديسڻ“ جا نالا اڃا تائين رکيا پيا وڃن. پنهنجي ديس ۾ هوندي ڪري پرديسي هئڻ جو احساس اڃا تائين زورئون زور آهي. احتجاج، مظاهرا، ڌرڻا، پوليس جي مار جو زيپٽ ۽ ڦرمار جا واقعا آهن، سي وڃن وڌندا. سرڪار سڳوريءَ طرفان، ”ڪو خطرو ناهي“ جو رينگٽ کٽڻ جو نالو ئي نٿو کڻي. آسرا، ڏٺا ۽ پوزيون جاري ساري آهن، عقل جي مار ۽ سطحي ذهنيت عروج تي آهي، پاڻيءَ کي لڳايون ويندڙ کنڌيون اڃا تائين کنڌ کنڌ ۾ آهن. جڏهن ته اصل حقيقت اها آهي ته هيستائين جيڪي ڪجهه ٿيو، اهو درياهه نه ڪيو آهي، جيڪي ڪجهه ڪيو آهي. اهو خود اسان جي غلطين ، هوڙهاين ۽ ذهني ٿاٻن ٿيڙن جو نتيجو آهي. سو نه ته ڪا درياهه تي ميار آهي ۽ نه ئي وري ڪا بيوقوفين تي ميار آهي. جن جا هوش ئي خطا هجن، انهن تي ڪهڙيون مياريون جيڪي چالاڪ هئا، سي منڍ ۾ ئي چالاڪي ڏيکاري ويا، سرڪار جي هنج ۾ ويٺل اهي مالدار ماڻهو جيڪڏهن منڍ کان وٺي غلام مرتضيٰ خان جتوئي جيڏي دل ڌارين ها ته ڪر ايڏا هاڃا نه ٿين ها ۽ مڪليءَ جو قبرستان دلين جو قبرستان نه بڻجي ها. خير، جيڪو ٿيو سو ته ٿي چڪو، هاڻي اچون ٻوڏ جي نتيجن تي.
انهيءَ ۾ ڪو شڪ ناهي ته ڪراچي ڌرتي ڌڻين جو شهر آهي، جتي سنڌين جي آبادڪاري ضروري آهي ۽ اها آبادڪاري ٿي به رهي آهي ۽ اڃا به ٿيندي رهندي، تنهن هوندي به جيڪڏهن اڃا به تڪڙي آبادڪاري ڪرائڻي آهي، ته پوءِ اهو ڪم عام ۽ نارمل حالتن ۾ ئي ٿي سگهي ٿو. ائين جيئن مهاتير محمد اقتدار ۾ اچڻ کان پوءِ ملائيشيا جي چينين سان سٿيل شهرن ۾ ملئي ماڻهن جي آبادڪاري ڪرائي Sleeping partnership آبادڪاريءَ جي فارمولي کان شروع ڪيل اهو ڪم هاڻي ايستائين پهچي چڪو آهي جو ملائيشيا جا شهر ملئين سان سٿجي چڪا آهن. خود بهتر تعليم ۽ مختلف ڌنڌن جي تربيت به بهتر اقتصادي حالتن ۾ ئي ڏيئي سگهجي ٿي. پر اهو سڀ ڪجهه نارمل حالتن ۾ ٿي سگهي ٿو، باقي هيڏي ساري ٻوڏ جي نتيجي ۾ ماڻهن کي پاڙان اکوڙي ۽ پاڙي جي ٻوڏ کان بچيل هنڌن کان پاسيرو ڪري هن دور جي عظيم فلم ”Stalin“ جي ڏيکن وانگيان ماڻهن کي سٿي ڪراچي کڻي وڃڻ ۽ پوءِ انهن کي اتي نڌڻڪو ڇڏي ڏيڻ هڪ اهڙو فيصلو هو، جنهن جو اختتام ٻوڏ کان به وڏي مصيبت تي ٿيڻو آهي. اهو بلڪل ائين آهي جيئن ٻڪرين جو ڌڻ گاڏيءَ ۾ سٿي وڃي ڪراچيءَ ۾ اڇلائڻ، هونئن به زور جي ميندي لڳڻي ناهي. اهي غريب ماڻهو ته لاچار هئا ۽ بيوس هئا. گهڻن کي ته ٻوڏ جي عذاب جي ڪري اها به خبر نه رهي ته کين ڪيڏانهن نيو پيو وڃي، ڪنهن جي لاچاريءَ مان سياسي فائدو وٺڻ ۽ پوءِ سندن پرگهور نه لهڻ ته هڪ قسم جي اذيت پسندي آهي.
اذيت پسنديءَ مان فائدي جي بدران نقصان ئي ٿيڻو آهي، هاريءَ کي مزدور ۾ تبديل ڪرڻ سان هو ڌوٻيءَ جي ڪتي وانگر نه گهر جو رهندو، نه گهاٽ جو، انهيءَ جي بدران اتر سنڌ جي ماڻهن لاءِ اهڙي هنڌ ڪيمپون قائم ڪيون وڃن ها، جيڪي انهن ماڻهن جي راڄن ڀاڳن کي ويجهيون هجن ها، جتان ٻوڏ جي ستايل ماڻهن کي واپس پنهنجن پکن ڏانهن سهوليت سان وڃي سگهن ها ۽ پرائي ڄڃ ۾ وائڙا نه ٿين ها، جن ماڻهن کي ڄامشوري جون هوائون ئي نٿيون آئڙن، اهي ڪراچيءَ ۾ ڇا وڃي ڪندا.؟
اتر سنڌ جي غريب ۽ مسڪين ماڻهن جي ابتڙ لاڙ جي ماڻهن کي اها خبر هئي ته ستايل، غريب ۽ بيوس ماڻهو جو هڪ ڪاسمو پوليٽن شهر ۾ ڪهڙو حشر ٿيندو آهي، ڇاڪاڻ ته لاڙ جا ماڻهو ڪراچيءَ کي ويجهو آهن ۽ ڏينهن ايندا ويندا رهن ٿا. ڪنهن به ڪم سانگي صبح جو ڪراچيءَ وڃن ٿا ۽ شام جو موٽيو اچن. اهو ئي ڪارڻ آهي جو لاڙ جا ماڻهو اڳتي وڌڻ جي بدران مڪليءَ جي آسپاس گهارو وغيره ۾ کپ کوڙي ويهي رهيا آهن ۽ لالچن، دڙڪن ۽ دهمانن جي باوجود اتان چرڻ لاءِ تيار ناهن. جيتوڻيڪ بکن ۾ کيرا ٿيا پيا آهن. ڪيترائي لاڙي ته موڙيو پويان پير ڪري بدين، ٽنڊو محمد خان ۽ حيدرآباد ۽ ڄامشوري ضلعن ۾ اچي ويٺا آهن ته جيئن پاڻي لهڻ کان پوءِ واپس وڃي پنهنجا اجها وسائين. جو کين خبر آهي ته ڪراچي پري ناهي، وقت اچڻ تي اوڏانهن به پير ڪبا، جنهن لاءِ نئون نسل ٺهي جڙي تيار هوندو. سو ڪراچي ڪيڏانهن ڪا نه ٿي وڃي، پر وزير ڪبير انهن ٽاپين ۾ آهن ته جي اهي ماڻهو هينئر ڪراچيءَ نٿا وڃن ته کين زوري موڪلجي معنيٰ ته موچڙا هڻي اهو ڌڻ به ڪراچيءَ ڏانهن موڪلجي، پر رت ٿيل انبوهه اهو نه ڏسندو آهي ته ڪهڙو چڱو مڙس آهي ۽ ڪهڙو ناهي، تنهن ڪري اهو ڇتو ٿيل انبوهه ڪنهن جي به پٽڪي ڪو نه ڏسندو، مورڳو ڳچيءَ ۾ پئجي ويندو. سو وزير ڪبير مهرباني ڪري اهڙا موچڙا ڪٽ جا ارادا ترڪ ڪري ڇڏين. چڱي صلاح ته اها آهي. جيڪڏهن ڪي سياسي دوست سنڌ جون جيوپوليٽيڪل حالتون تبديل ڪرڻ گهرن ٿا ته انهن کي عرض آهي ته اهو ڪم نارمل حالتن ۾ ئي ٿي سگهي ٿو، سو ڪا تڪڙ ڪرڻ جي ضرورت ناهي. پهرئين ماڻهن کي ساهه پٽڻ ڏيو، پوءِ اهڙا اپاءَ وٺو، صبر به ته ڪا شيءِ ٿيندي آهي. اهو ڪم ڪنهن رٿابنديءَ تحت ڪبو. تڏهن وڃي انهيءَ جو ڦل ملندو. سنڌ کي هيءُ پهريون سبق آهي، اهو ته پڙهڻ ڏيو، باقي ڪراچي ڪنهن جي باپ جي ملڪيت ناهي جو ڦرجي ويندي. ڊڄڻ جي ضرورت ناهي. همت کان ڪم وٺڻو آهي، تڪڙي ڪتيءَ وانگر انڌا گلر ڄڻڻا ناهن.
جڏهن درياهه ڪاوڙ ڇڏي ٿڌو ٿيندو، اتر جي ڦرڪ لڳندي ۽ سر نسرندا، ڪونجون ورنديون، اباڻن ڪکن جي ياد ستائيندي ته ڪراچيءَ جي ڪيمپن ۾ ڏکيا ڏينهن گذاريندڙ خلقت ائين واپس ورندي جو کيس ڪا به طاقت روڪي نه سگهندي، اها خلقت به درياهه جو ”ور“ بڻجي پنهنجن اجهن ڏانهن وهڻ لڳندي. ماڻهو ڪاري مٿي جو ڌڻي آهي ۽ ڪنهن به وقت ڪجهه به ڪري سگهي ٿو، ڊٺل ڦٽل گهر، هنڌان هنڌان ڦاٽل واٽر ڪورس ۽ لڙهي ويل شاخون بنا ڪنهن سرڪاري مدد جي ائين اڀا ٿي ويندا، جو اڳ ۾ نه تو ڏٺا، نه مون ڏٺا. شهر جي ماڻهن کي شايد اها ڳالهه سمجهه ۾ نه اچي، پر ڌر ڌڻي ڄاڻن ٿا ته اهو سڀ ڪجه ڪيئن ڪبو، پر هڪ ڊگهي ۽ اذيتناڪ اجتماعي تجربي مان گذرڻ کان پوءِ عام سنڌي ماڻهن جي نفسياتي ڪيفيتن ۽ اقتصادي حالتن کان وٺي سماجي روين ۽ سياسي لاڙن تائين جا رخ تبديل ٿي ويندا ۽ ڪير کوٽو ڪير سچو جي خبر پئجي ويندي. ڌڪا ڌومائي ته ماڻهوءَ جي تربيت ڪندا آهن. رولڙو ئي سڀ ڪجهه سيکاريندو آهي. پير پٿون ڪرڻ کان پوءِ ئي ته محبوب ملندا آهن. شعور ڏکن جي ڪک مان ئي جنم وٺندو آهي.