تاريخ، فلسفو ۽ سياست

مها ٻوڏ 2010 (جيڪي سنڌ سان ٿيو)

ڪتاب ” مها ٻوڏ 2010 (جيڪي سنڌ سان ٿيو) “ اوهان اڳيان حاضر آهي. هن ڪتاب جو ليکڪ عزيز رانجهاڻي آهي. 07 آگسٽ 2010 تي سنڌوءَ جي ساڄي ڪپ تي ٽوڙيءَ واري هنڌ تان سنڌوءَ جي بچاءُ بند کي گهارو ڇا لڳو، ڄڻ سنڌ ۾ قيامت اچي وئي. شير درياهه سنڌو مستيءَ ۾ اچي سنڌ جي ميدانن شهرن ۽ ڳوٺن ۾ ڪاهجي پيو ۽ ٻوڙان ٻوڙ ڪري ڇڏي ۽ ڏسندي ئي ڏسندي بلوچستان جي حدن کان وٺي سنڌي سمونڊ تائين هڪ ٻيو سمونڊ ڪري ڇڏيو. جتي 10 کان وٺي 16 فوٽن تائين ڪيترائي ڏينهن اڌ سنڌ پاڻيءَ هيٺ رهي ۽ اڌ سنڌ جي آبادي سر ۽ مال متاع بچائڻ لاءِ سرگردان رهي ۽ پنهنجي ئي ڌرتيءَ تي صدين کان آباد هي ڌرتي ڌڻي بي گهر ٿي ڪسمپرسيءَ جي حالت ۾ ڪئمپن جي حوالي ٿيا. سنڌوءَ جو پاڻي سندن پويان ائين پئجي ويو جيئن ڪو حمله آور لشڪر اوچتو ڪنهن علائقي ۾ ڪاهجي پوي ۽ ماڻهن ۾ ڀاڄ پئجي وڃي ۽ هو ساهه بچائڻ لاءِ برمنهن ڪندا هجن. ڪٿي جيڪب آباد، ڪشمور، ٺل، شهدادڪوٽ، ڳڙهي خيرو ۽ ڪٿي ڪراچي، سانگهڙ، ٽنڊو باگو، نئون ڪوٽ ۽ حيدرآباد، ساهه بچائڻ لاءِ هي ڌرتي ڌڻي، سنڌ جي هڪ ڪنڊ کي ڇڏي ٻئي ڪنڊ تي وڃي ڪئمپن ۾ پهتا ۽ دربدر ٿي مصيبتن ۽ عذاب ۾ اچي ويا.
Title Cover of book مها ٻوڏ 2010 (جيڪي سنڌ سان ٿيو)

چونڊيل نمائندا ۽ قومپرست ڪٿي گم ٿي ويا آهن؟….همسفر گاڏهي

خيرپور ناٿن شاهه جنهن کي ٻوڏ جي پاڻيءَ ۾ ٻڏندي به ڪو اچي مهينو سوا ٿيو آهي، پر اڃا تائين ڪنهن به اختيار ڌڻيءَ کي درڙي ناهي آئي ته هي به ڪو لکن جي آباديءَ وارو شهر آهي. جنهن ۾ انسان ٿي رهيا. ان کي فطرت جي جبر ٻوڙيو يا هتان جي چونڊيل نمائندن اها ڳالهه هاڻي ڪو ڳجهه نه رهي آهي. اهو ان ڪري جو دادو ضلعي مان چونڊيل نمائندا جيڪي مملڪتي وزير به آهن، اسيمبلي ميمبر به ته صوبائي وزير ۽ مشير به، انهن جي غلط حڪمت عملي ۽ هٺ ئي هن شهر کي ٻوڙايو. پر افسوس ته ان چونڊيل تڪ جي صوبائي اسيمبلي ميمبر تي ٿئي ٿو، جيڪو بظاهر روئي اهو تاثر ڏيندو رهيو ته سندس تڪ کي ٻڏڻ جو خطرو آهي. پر هن ان کي بچائڻ لاءِ عملي طور ڪنهن به سطح تي ڪي به ڪوششون نه ورتيون، جيئن نادر مگسي شهدادڪوٽ بچائڻ لاءِ ڏينهن رات هڪ ڪري بندن جي نگراني ۽ حفاظت لاءِ خلق کي همٿائيندو رهيو. پر هن تڪ جي چونڊيل نمائندي نه ته ڇنڊڻ جي بندن جي نگراني ڪئي. نه وري خيرپور ناٿن شاهه جي آخري ڊفينس لائين خدا واهه جي ڪَڙ کي مٿي ڪرايو. نتيجي ۾ نه رڳو شهر ٻڏو. پر تعلقي جا لڳ ڀڳ 400 ڳوٺ پاڻيءَ هيٺ اچي ويا. 37 ماڻهو موت جو کاڄ ٿيا، ماڻهن جو الهه تلهه لڙهي ويو ۽ تان جا ماڻهو سنڌ جي مختلف شهرن جي ڪئمپن ۾ اڄ به دربدري ۽ ذلت واري زندگي گذاري رهيا آهن.
سنڌ جو تاريخي شهر خيرپور ناٿن شاهه جنهن سان منهنجي شناسائي ته تنهن ڏينهن کان آهي. جڏهن وکون کڻي هلڻ جهڙو مس ٿيو هئس ۽ اسان کي بابا سائين ناٿن شاهه ۾ هر سال لڳندڙ جڙيل شاهه جي ميلي ۾ وٺي ايندو هو، ڀلي ته منهنجو جنم کڻي ننڍڙي ڳوٺڙي بيد شريف ۾ ٿيو هجي. پر هي شهر مون کي پنهنجو جنم ڀومي ئي ڀاسندو آهي. ڇاڪاڻ جو هن شهر ئي اسان سميت سوين ماڻهن لاءِ علم، ادب، سياست ۽ صحافت جا رستا هموار ڪيا. هن شهر ئي سوين نوجوانن کي زندگيءَ جا داءَ پيچ سيکاريا، جيئڻ جو ڍنگ ۽ اتساهه ڏنو. اڄ اهو شهر ماڻهن کان پالهو شهر ويراني جو ڏيک ڏئي رهيو آهي. اهي سوين نوجوان جن لاءِ هي شهر اتساهه جو ذريعو رهيو آهي. انهن جي دل ڪڙهي ٿي. ڇو ته اهي اهو چڱي ريت سمجهن ٿا ته هن شهر جو سنڌ جي علم، ادب، صحافت، سياست ۾ مک ڪردار رهيو آهي. هي جمهوريت جي شهيدن جو به شهر آهي ته قومپرست، عوام دوست ۽ سنڌ دوست سياست جون لاٽون به هتان نڪرن ٿيون، اها هن شهر جي بدقسمتي چئجي جو سدائين ان کي غير مقامي چونڊيل نمائندا مليا، جن جو هن شهر سان اچي نه وڃي. انهن سڀني جي دلچسپي رڳو سيٽن کٽڻ سان رهي آهي. تڪ جي ووٽرن يا عوام سان نه اهو ئي ڪارڻ آهي جو شاهاڻا شوق رکندڙ تڪ جو ايم اين اي، ايم پي اي توڙي هتان ڪيئي ڀيرا چونڊجندڙ به هن ڏکي وقت ۾ شهر مان هٿ ڪڍيو بيٺا آهن. هاڻوڪي ٻوڏ ڀلي ته اسان ماڻهن جو الهه تلهه لوڙهي وئي هجي. پر اها ڳالهه به نه وسارڻ گهرجي ته اها سياستدانن تي عوام جي اعتماد ۽ ڀروسي کي به لوڙهي وئي آهي. اهو اعتماد ۽ ڀروسو ان ڪري لڙهي ويو، جو هنن همراهن سدائين عوام جو اعتماد پئي چورايو آهي، پر کين هيلتائين سڀ ڪجهه ڦٻي پئي ويو. مون کي هتي اعتماد جي چوريءَ جي حوالي سان مهاتما گانڌي جي اها ڳالهه ٿي ياد اچي، جنهن ۾ هن جي جڏهن واچ چوري ٿي وئي هئي تڏهن برصغير ۾ موجود گوري انگريز جي هڪ عملدار کيس چيو هو ته ”گانڌي جي واچ لاءِ پريشان ٿيڻ جي ضرورت ناهي، اهڙيون کوڙ واچون.“ تڏهن گانڌي وراڻيو هو ته ”گورا صاحب! گانڌي جي واچ جي چوري پوري هندستان جي اعتماد جي چوري آهي. جنهن به هندستاني واچ چورائي آهي. اهو انسانيت جو قتل به ڪري سگهي ٿو، تنهن ڪري اها معمولي نه پر غير معمولي ڳالهه آهي.“ سو اسان جي نمائندن به عوام جو جيڪو ورهين کان اعتماد پئي چورايو، تنهن جي پت ٻوڏ کولي ڇڏي، هڻي اڇا ڪارا پڌرا ٿي پيا آهن.
سنڌ۾ ٻوڙان ٻوڙ واري صورتحال کان پوءِ سنڌ سيمبليءَ جو پهريون اجلاس ٿيو ته هڪ اميد ڪر کنيو ته سڄي سنڌ جا چونڊيل نمائندا ايوان ۾ گڏبا، جتي سڄي سنڌ جي ٻوڏ سبب آيل تباهي تي بحث ٿيندو. اتي هڪ ٻڏل شهر جي داد فرياد لاءِ به ڪو آواز اٿاريو ويندو، پر افسوس اهڙو ڪجهه به نه ٿيو، اسيمبلي ميمبرن پنهنجا تڪ فوڪس رکيا، هڪ ڀريو تريو شهر جيڪو هڪ مهيني کان اٺ فوٽ پاڻيءَ ۾ ٻڏل آهي ۽ هيلتائين 4 هزار کان مٿي جايون پٽ پئجي ويون آهن. آسپاس آبادين ۾ ڇڊا رهندڙ ماڻهو گدلو پاڻي پيئڻ سبب بيمارين جو شڪار آهن ۽ اتان جا لکين شهري دربدر آهن، ذلت، ڌڪا ٿاٻا سندن مقدر بڻيل آهن. انهن لاءِ ڪ ڪو هڪ به آواز ٻڌڻ ۾ نه آيو، تڪ جو ايم پي اي ڪٿي آهي؟ هن فورم تان ڪيس کڻڻ لاءِ هر اک آتي هئي. پر هن به اسيمبلي فلور تي ناٿن شاهه جو ڪيس پيش ڪرڻ بدران سنڌ جي وزيراعليٰ لاءِ تعريفي ڪلمات چيا، جنهن مان پڻ سندس شهر لاءِ ”ڏک“ جو اندازو ڪري سگهجي ٿو، پاڻ جيڪڏهن ٿورو به حقيقت پسند ٿيو ته اهو واضح ٿي ويندو ته چونڊيل اسيمبلي ميمبرن، وزيرن، توڙي صدر ۽ وزيراعظم تائين جي به سنڌ ۾ اڪيلي مڪمل طرح ٻڏل شهر تي اک ئي نٿي ٻڏي، اهو ئي سبب آهي جو هيلتائين نه ته ان شهر مان پڻي جي نيڪال جا ڪي فوري انتظام ڪرڻ لاءِ قدم کنيا ويا آهن. نه وري اتان جي ماڻهن جي بحاليءَ لاءِ ڪک کڻي ٻيڻو ڪيو ويو آهي. حالانڪه هي ڪم حڪومت جي ذميواري ۾ شامل آهن. سمجهه ۾ نٿو اچي ته هن شهر سان اها ويڌن ڇو ڪئي پئي وڃي ۽ اهو انتظار ڇو پيو ڪيو وڃي ته هي شهر مڪمل طرح سان مسمار ٿي کنڊر ۾ تبديل ٿي وڃي. ناٿن شاهه واسين کي شڪايت ته انهن عالمي ادارن کان به آهي، جيڪي ٻوڏ واري آفت کان پوءِ سموري ملڪ جي سار لهن پيا، پر هي شهر کانئن جهڙوڪر وسريل آهي ۽ ان جي بحاليءَ جي سلسلي ۾ اڃا تائين ڪي به ڪوششون نظر نه پيون اچن.
هن ٻڏل ۽ تباهه ٿيندڙ شهر لاءِ حڪومتي سطح تي ڪو ٻوٽو ناهي ٻاريو ويو، ان حقيقت کان ڪير به انڪار نٿو ڪري سگهي، پر سنڌ جا گهڻ گهرا، قومپرست ڌريون جيڪي سدائين سنڌ جي مسئلن جي حل لاءِ ڪوشان رهن ٿيون. اهي به هن ٻڏل شهر کي سنجيده وٺڻ لاءِ تيار نه آهن. ان جو واضح مظهر اهو آهي ته هينئر تائين ڪنهن هڪ به قومپرست اڳواڻ يا ڌر خيرپور ناٿن شاهه شهر ۾ آيل تباهيءَ کان پوءِ ان جي بحاليءَ جي سلسلي ۾ نه ته ڪا پريس ڪانفرنس ڪئي آهي. نه وري ڪو مظاهرو يا ريلي ڪڍي آهي. حالانڪه هاڻي به دير نه ٿي آهي، هن تباهه ٿيل شهر کي ”موئن جو دڙو“ ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ هڪ تحريڪ هلائي بي حس حڪمرانن کي مجبور ڪري سگهجي ٿو، ته اهي هن درد جي ڪٿا بڻيل شهر جي واهر ڪن. نه رڳو شهر جي بحاليءَ جو مسئلو مضبوط نموني کڻڻ جي ضرورت آهي، بلڪه جن وزيرن ۽ مشيرن طرفان ڪاري موريءَ وٽ هٿياربند ويهاري پاڻي کي رستو ڏيڻ ۾ دير ڪئي وئي. جنهن سبب هي شهر ٻڏو، ان جي به عدالتي جاچ ڪرائڻ گهرجي. اهو نه وسارڻ کپي ته هن شهر رڳو ووٽ وٺندڙن جو ساٿ ناهي ڏنو، پر سنڌ جي حقن لاءِ هلايل هر هلچل ۾ هتان جي شهر واسين جو حصو رهيو، درد جو المناڪ باب بڻيل هي شهر اڄ هر سنڌ واسي کي پڪاري ٿو، ان ابهم ٻار جيان جيڪو پاڻيءَ ۾ ٻڏو ته آهي، غوطا پيو کائي، پر اڃا ساهه جي تند اٽڪيل اٿس!