لاڙ ۾ ٻوڏ لٿي جون سرگرميون….محمد ادريس راجپوت
مير صاحب جي انهن ڳالهين منهنجا ڪن کڙا ڪري ڇڏيا. 1973ع جي ٻوڏ ۾ چيف انجنيئر ۽ ايس اي رات ڏينهن بدن تي هلندا هئا. مان بيراج جو انجنيئر هئس. جنهن جو ڪم بيراج مان ٻوڏ جو پاڻي سلامتيءَ سان لنگهائڻ هو. 1973ع جي ٻوڏ ۾ سکر کان هيٺ ساڄي پاسي کنڊ لڳو. جنهن ڪري لاڙڪاڻي شهر ٻڏڻ جو خطرو هو. يعني وزيراعظم ذوالفقار عي ڀٽي ۽ چيف منسٽر سنڌ ممتاز علي ڀٽي جو ڳوٺ ٻڏڻ جو خطرو هو، پر ٻوڏ جي پاڻي رستو مٽايو ۽ لاڙڪاڻو شهر ٻڏڻ کان بچي ويو.
ٻوڏ لهڻ کان يڪدم پوءِ ممتاز علي ڀٽي چيف منسٽر سنڌ ٻيلو بنگلي جي Renovation ڪرڻ جو حڪم ڏنو. جيڪو ڪم هڪ هفتي ۾ ڪرڻو هو. چيف انجنيئر اهو ڪم ٽائيم جي گهٽ هجڻ کي نظر ۾ رکندي منهنجي حوالي ڪيو. مون کي ياد آهي ته مان هر صبح جو ڄامشوري کان نڪري ٻيلو بنگلي تي پهچندو هئس. اتي ڏسندو هئس ته ڪهڙيون شيون کپن. اهي نوٽ ڪري ڪراچي پهچندو هئس. اتان اهي شيون وٺي رات جو چامشورو پهچندو هئس ۽ ٻئي ڏينهن صبح جو اهي شيون ٻيلو بنگلي تي پهچائي ڪري ڪراچي ٻيون شيون وٺڻ لاءِ ويندو هئس. اهو معمول هفتي تائين رهيو ۽ ستن ڏينهن ۾ اسان ٻيلو بنگلو نئون ڪري ڏنوسين. ممتاز صاحب ڪچي ۾ شڪار لاءِ ايندو هو ته هن بنگلي ۾ رهندو هو ۽ اسان جو هڪ داروغو، جنهن جو نالو علي اڪبر هو، ممتاز صاحب جي حاضري ۾ هوندو هو، ڪيترا آفيسر انهيءَ داروغي جي چاپلوسي ڪندا هئا ته ڪٿي چيف منسٽر صاحب آڏو انهن جي ڪا شڪايت نه ڪري ڇڏي. اسان ٻيلو بنگلي وارن ماڻهن کان انهيءَ داروغي جو پڇيوسين ته خبر پئي ته هو گذاري ويو هو.
ٻيلي بنگلي کان اڳتي اسان مولچند شاهه بندر بند جي کنڊ واري هنڌ لاءِ روانا ٿياسين. جيڪو ڪوٽ عالمو ڳوٺ ويجهو هو. رستي تي اسان سرهاڻي بند تان به لنگهياسين. جتي 1988ع واري ٻوڏ ۾ کنڊ لڳو هو. هاڻي اتي پٿر جا اسپر ٺاهي پويان نئون بند ٺاهيو ويو آهي. رستي ۾ ڏٺوسين ته بند سلوپ تي تمام گهڻو کاڌل هو. جنيد ميمڻ ٻڌايو ته اتي تمام گهڻي ويو واش ٿي هئي. جنهن کي ڪاٺين جو جڪ ۽ مٽيءَ جون ڳوڻيون رکي منهن ڏنو ويو. اسان جڏهن کنڊ واري هنڌ پهتاسين ته اتي اسان کي انجنيئر قاضي رفيق مليو. اتي ڏٺوسين ته ڪجهه ٽڪري ۾ کنڊ بند ڪرڻ لاءِ جڪ ٻڌل هئا ۽ پويان مٽيءَ جون ڳوڻيون ڀري رکيون پيون وڃن. جنيد ميمڻ اسان کي ٻڌايو ته کنڊ اٽڪل هزار فوٽ ويڪرو ٿي ويو هو. جنهن کي بند ڪرڻ لاءِ درياهه واري پاسي 1600 فوٽ واري منگلي ٺاهي پئي وڃي. اٽڪل 600 فوٽ ڊيگهه ۾ منگلي ٺهي وئي آهي. جنهن پٺيان ڳوڻيون پري رکيون پيون وڃن. درياهه جو کنڊ مان وهڪرو گهٽجي اٽڪل 7 کان 8 هزار ڪيوسڪ ٿي ويو آهي. تنهن ڪري ڪم سولو ٿي ويو آهي ۽ اٽڪل ڏهن ڏينهن ۾ ڪم پورو ٿي ويندو. ايتري ۾ منظور احمد شيخ چيف انجيئر ڪوٽري بيراج به انسپيڪشن ڪندو اتي پهچي ويو، جنهن ٻڌايو ته هي کنڊ بند مينوئل ۾ ڏنل طريقي مطابق ٻڌو پيو وڃي ۽ان تي اٽڪل 15 لک رپيا خرچ ايندو. ايف ڊبيو او وارن ان لاءِ اٽڪل 70 لک رپيا گهريا هئا. جيڪي پٿر وجهي ان کي بند ڪن ها. جڏهن اهو پڇيوسون ته هي کنڊ ڇو پيو؟ ته چيف انجنيئر ٻڌايو ته پاڻي تمام گهڻو هو. پاڻي واري پاسي بند کي پٿرن جي پچنگ ٿيل آهي. جنهن ڪري روڻ پوڻ ڪري پاڻي تمام تيزي سان زمين واري پاسي بند مان نڪري آيو. انهيءَ کي ڪنٽرول ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي سين. پر اها ڪنٽرول نه ٿي سگهي ۽ کنڊ پئجي ويو. هن ٻڌايو ته پٿر جي پچنگ ڪرڻ سان بند ويو واش لاءِ ته مضبوط ٿي وڃي ٿو. پر انهيءَ ڪري درياهه واري پاسي روڻ پوڻ جي خبر نٿي پئجي سگهي ۽ پٿرن جي ڪري اها درياهه واري پاسي ڳولهڻ ۾ ڏکي ٿي پوي ٿي. انهيءَ سوال تي ته کنڊ هٿرادو وڌو ويو هو. منظور صاحب ٻڌايو ته مخالف ڌريون ائين هڪ ٻئي تي الزام هڻن ٿيون. اسان کي شيرازين بند تي ڪم ڪرڻ لاءِ ماڻهو ڏنا ۽ هر طرح مدد ڪئي. اها اسان جي بدقسمتي هئي ته کنڊ پئجي ويو. نه ته اسان ته هر طرح جا بندوبست ڪيا. مان ان رات به ويجهو بند تي هئس ۽ ايس اي صاحب بند لانڍي تي هو. هي معاملو ايترو تڪڙو ٿيو. جو سنڀالجي نه سگهيو. ان سوال تي ته سنڌو جي ساڄي پاسي پنا- بگهار کي لڳل کنڊ اوهان پٿرن جي منگلي ٺاهي بند ڪري ورتو ته پوءِ ساڳي ڪوشش هتي ڇو نه ڪئي وئي؟ منظور صاحب ٻڌايو ته هر ڪنهن کنڊ جي جدا پوزيشن هوندي آهي. هن کنڊ تي درياهه جو مکيه وهڪرو تمام ويجهو هو کنڊ تمام تڪڙو ڊيولپ ٿيو. زمينون تمام هيٺ هيون. منگلي ٺاهڻ لاءِ پٿر ويجهو ڪو نه هو ۽ مشينري ۽ اسٽاف به ڪو نه هو. مان اهي سڀ ڳالهيون توهان کي پنا- پگهار واري کنڊ تي ڏيکاريندس. ڳالهيون ڪندي منظور صاحب اهو به ٻڌايو ته مون وانگر هن کان به ڪجهه اٿارٽي وارن ماڻهن پڇيو هو ته ڪوٽڙي بيراج تي پاڻي ان جي ڊيزائن ٿيل گنجائش يعني پوڻا نوَ لک ڪيوسڪ کان وڌيڪ پيو اچي. جڏهن پاڻي وڌيڪ پيو اچي. انهيءَ کي منهن ڏيڻ لاءِ هن وٽ ڪهڙا Contigent planآهن. منظور صاحب چيو ته مون وٽ ڪو پلان ڪونهي. جو ساڄي پاسي جبل آهن ۽ کاٻي پاسي حيدرآباد جو شهر ساڄي پاسي کان درياهه جو پاڻي ورائي نٿو سگهان ۽ کاٻي پاسي حيدرآباد شهر ٻوڙائي نٿو سگهان. باقي هي بيراج تمام مضبوط ٺهيل آهي. جنهن کي نوان در وجهڻ مهل وڌيڪ ضبوط ڪيو ويو هو. 1956ع ۾ ان مان نوَ لک 81 هزار پاڻي پاس ٿيو هو. هاڻي به اٽڪل ساڍا نوَ لک پاڻي ايندو ۽ ان مان بيراج کي ڪو خطرو ڪونهي.
پنجاب وارن جي سوچ ڊيزائن کان مٿي پاڻي اچڻ جي صورت ۾ بيراج کي بچائڻ لاءِ بيراج کان مٿي ڪٽ ڏيڻ آهي. جيڪو پنجاب جي بيراجن ۾ ممڪن آهي. جو ڪٽ وارو پاڻي بيراج کان هيٺ وري درياهه ۾ اچي وڃي ٿو. پر سنڌ ۾ صورتحال ٻي آهي. سنڌ ۾ ٻوڏ واري وقت ۾ درياهه مٿانهين Ridge تي وهي ٿو. جنهن ڪري ڪٽ وارو پاڻي ٻيهر درياهه ۾ نٿو اچي ۽ ملڪ ٻوڙي ٿو. جيڪڏهن اڳتي پاڻي وڌيڪ اچي ٿو ته اسان کي بيراجن جي پاڻي پاس ڪرڻ جي گنجائش وڌائڻي پوندي جنهن جا ڪيترائي طريقا ٿي سگهن ٿا.
ڪوٽ عالمو واري کنڊ ڏسڻ کان پوءِ چيف انجنيئر صاحب اسان کي ٺٽي واري پاسي پنا- بگهاربند ۾ پيل گهاري ڏيکارڻ لاءِ وٺي ويو. اسان اتي شهر جي اندران ئي هڪ روڊ وسيلي پهتاسين. جنهن مان اهو اندازو لڳائڻ ڏکيو نه هو ته جيڪڏهن هي گهارو بند نه ٿئي ها ته ٺٽي جو پراڻو ۽ تاريخي شهر ٻڏي وڃي ها. اتي پهچي اسان ڏٺوسين ته درياهه جو مکيه وهڪرو اتان پري هو. پاڻي جو عميق درياهه واري پاسي گهٽ هو. زمين واري پاسي به زمين مٿي هئي. پوئتي ٺٽا ڊسٽري هئي ۽ تنهن کان پوءِ ڪي بي فيڊر لوئر هو. کنڊ جو پاڻي ٺٽا ڊسٽري کي ڪراس ڪري ڪي بي فيڊر لوئر جو کاٻو ڪپر ٽوڙي ان ۾ گهڙي ويو هو ۽ ٽن هنڌن تي ان کي ٽوڙي ڇڏيو هو. انهيءَ صورتحال ۾ اهو خيال ڏيکاريو ويو ته جيڪڏهن پٿر هجن ته انهن جي منگلي ٺاهي. ان کي بند ڪري سگهجي پيو. پٿر آڻڻ لاءِ ڊمپر هئا ۽ پٿر ويجهو چليا وٽ موجود هيو. ڊمپرن وارن ڪجهه گڙ ٻڙ ڪئي. پر فوج وارن انهن جي اٺ اٺ ڪلاڪ ڊيوٽي مقرر ڪري جڳهه جڳهه چيڪنگ تي ماڻو ويهاري ڇڏيا. ائين چوويهه ڪلاڪ پٿر ايندا رهيا ۽ اهي ٻنهي پاسن کان وڌا ويا ۽ کنڊ وارو گيپ ڀرجي ويو. انهيءَ مان پاڻي سيمو ڪري پيو. جنهن لاءِ مٽي سان ڀريل ڳوڻيون پٿر جي سوراخن ۾ وڌيون ويون ۽ ان نموني اهو سيمو به بند ٿي ويو. هيءُ کنڊ غير روايتي طريقي بند ڪيو ويو، نه ته روايتي طرح درياهه جو کنڊ پاڻي لهڻ کان پوءِ ڪاٺ جي منگلي ٻڌي بند ڪيو ويندو آهي. جيئن هينئر ڪوٽ عالمو وٽ ڪيو پيو وڃي. حد جي انجنيئر فهيم سومري ٻڌايو ته اهو کنڊ منهنجي امڙ جي دعا ۽ الله جي مدد سان بند ٿيو، جو ائين کنڊ بند ڪرڻ جو مثال سنڌ ۾ ڪونهي.
ٻڌايو ويو ته هڪڙو سبب کنڊ پوڻ جو اهو به هو ته ڪچي ۾ هڪڙو زمنيداري بند هو، جڏهن اهو ٽٽو ته اوچتو پاڻي هن بند کي لڳو. جنهن ڪري ان ۾ کنڊ پئجي ويو. کنڊ پوڻ ايڪسيڊنٽ آهي. جيئن روڊ تي اڪيسڊنٽ جو سبب يا گاڏي ۾ ڪا خرابي يا ڊرائيور جي غفلت ۽ لاپرواهي ٿئي ٿو. تيئن بند ۾ کنڊ سنڀاليندڙ عملي جي نااهلي يا غفلت سبب ٿئي ٿو. انهن ٻنهي لاءِ آبپاشي جو عملو ذميوار آهي. ٽوڙي واري کنڊ جيڪا تباهي ۽ بربادي آندي. انهيءَ مان اهو سبق مليو ته اسان سنڌ ۾ ڪنهن به بند ۾ کنڊ برداشت نٿا ڪري سگهون. ۽ انهيءَ لاءِ آبپاشي عملي سان گڏ زميندارنکي به مدد ڪرڻي پوندي. جي اهي گڏجي ڪم ڪندا ته ”ٻه ته ٻارنهن“ جي مثال موجب کنڊن تي ڪنٽرول ڪري سگهبو ۽ ملڪ ٻڏڻ کان بچي ويندو.