سنڌ ٻڏڻ کان بچائي نه پئي سگهجي؟….امداد علي سومرو
عيد کان اڳ ٻوڏ سبب موڪل ڪري جڏهن آئون جوهي پهتس (اها شايد سيپٽمبر جي ٻين يا ٽين تاريخ هئي) ته مملڪتي وزير رفيق احمد جمالي، سنڌ جو سينيئر صوبائي وزير پير مظهرالحق، جوهي سان لاڳاپيل ايم پي اي غلام شاهه جيلاني، ايم پي اي ڊاڪٽر سجيلا لغاري ۽ هڪ ٻي ايم پي اي شايد رشيده پنهور هئي. سي جوهي جي ڪميونٽي سينٽر ۾ گڏجاڻي ڪري رهيا هئا. هر مسئلي ۾ شهرين جي همت وڌائيندڙ ڊاڪٽر حميد سومرو مون کي ساڻ ڪري ڪميونٽي سينٽر وٺي ويو، جتي ٻيون جيڪي ڳالهيون ٿيون سي ٿيون رفيق احمد جمالي ٻڌايو ته سنڌ حڪومت وٽ ٽوڙي، بلوچستان ۽ ٻين وسيلن کان اچي جوهي برانچ وٽ گڏ ٿيل پاڻي کي ڪاري موري وٽان ڪٽ ڏئي جوهي ڏانهن ڇوڙ ڪرڻ کانسواءِ ٻيو ڪو رستو ناهي. بچيو. ان ڪري پنهنجي ڳوٺاڻن ۽ شهرين کي بچائڻ لاءِ هاڻي اسان سڀني کي گڏجي ڪا حڪمت عملي جوڙڻي پوندي. جيڪي ڳالهيون ٿيون اهي گهڻي ڀاڱي رپورٽ ٿي چڪيون آهن مون ان گڏجاڻي ۾ چونڊيل نمائندن کي چيو هو ته جيڪڏهن ڪٽ ڏيڻ اڻٽر آهي ته جوهي شهر ۽ ان جي ڀرپاسي وارا وڏا ڳوٺ بچائڻ لاءِ ڇنڊڻ کي انڊس لنڪ وٽان ڪٽ ڏئي پاڻي اڙل واهه ۽ انڊس لنڪ جي وچان يعني ڀان سيد آباد ۽ سيوهڻ شهر جي وچان گذاريو وڃي. ان سان منڇر به ڦاٽڻ کان بچي ويندي ۽ ڪيترائي ڳوٺ تباهه ٿيڻ کان محفوظ رهندا. جيڪڏهن ائين نه ڪيو ويندو ته پاڻي بيهي چاڙهه ڪندو رهندو، جنهن سان ڪيترائي ڳوٺ ٻڏي ويندا. ٻوڏ جي پاڻي کان محفوظ رهڻ جو بهترين حل پاڻي کي رستو ڏيڻ آهي پر ان لاءِ ضروري آهي ته عقل ۽ هوش هٿ کان وڃائڻ نه گهرجي. جيڪو اسان جي سنڌ حڪومت پهرين ڏينهن کان وٺي ڪندي رهي ۽ نتيجي ۾ خيرپور ناٿن شاهه جو شهر، جيڪو ٻڏڻو ئي نه هو، اهو نه رڳو ٻڏي ويو پر هن وقت به ان ۾ پنج کان ڏهه فوٽ پاڻي بيٺل آهي ۽ جڏهن اهو پاڻي لهندو ته سڄو شهر موئن جو دڙو بڻجي ويندو. خيرپور ناٿن شاهه ٻڏڻ جو ڪارڻ به پاڻي کي هروڀرو ذخيرو ڪرڻ ۽ هوش کان ڪم وٺي وقت سان فيصلا نه ڪرڻ هو، هڪ پاسي بند ٽٽڻ ڪري خيرپور ناٿن شاهه ٻڏو، ٻئي پاسي ڪاري موري وٽ ڪٽ ڏئي سنڌ حڪومت جوهي مان هٿ پٽي پنهنجي حساب ڪتاب ۾ جوهي شهر ٻوڙائي ڇڏيو ته ٽئين پاسي وري حمل ڍنڍ ڦاٽي پئي. جنهن جي نتيجي ۾ ٻيا به ڪيترائي ڳوٺ ۽ شهر ٻڏا. جوهي ته شهرين ۽ ڳوٺاڻن بچائي ورتي. پر جڏهن اهو پاڻي جوهي شهر کان ڪراس ڪري آسپاس جي ڳوٺن کي تباهه ڪندو منڇر ۾ گڏ ٿيو ته به اختيار ڌڻين هوش کان ڪم نه ورتو ۽ پاڻي کي رستو نه ڏنو، لڳ ڀڳ هڪ هفتي کان ڏهه ڏينهن تائين گڏجاڻيون ڪيون ويون پر فيصلو نه ڪيو ويو. جنهن جي نتيجي م منڇر اتان ٽٽي، جتان ڪيترائي ماڻهو حڪومت کي صلاحون ڏئي رهيا هئا ته ڪٽ ڏئي پاڻي درياهه ڏانهن موڪليو وڃي. ڇنڊڻ يا منڇر کي ڪنٽرولڊ ڪٽ ڏيڻ جو سڀ کان وڏو مخالف سيد مراد علي شاهه هو، جنهن جي تڪ جا ٻئي وڏا شهر ڀان ۽ سيوهڻ هن وقت تائين خطري هيٺ آهن. سمجهه ۾ اهو نٿو اچي ته مراد علي شاهه کي سينيئر سياستدان پير مظهرالحق، وڏو وزير قائم علي شاهه ۽ بيا پاڻي کي رستو ڏيڻ تي راضي ڇو نه ڪري سگهيا ۽ ڇو انهن حمل ڍنڍ جي ڦاٽڻ مان سبق حاصل نه ڪيو هو، جنهن ڪري سنڌو جو سمورو ساڄو پاسو ٻڏي تباهه ٿي ويو آهي، جنهن کي ٻيهر بحال ڪرڻ ۾ نه ڄاڻ ڪيترو وقت لڳندو. ڇاڪاڻ ته ٻوڏ سان روڊ رستا ته تباهه ٿيا ئي آهن. ڳوٺن جا ڳوٺ ۽ شهرن جا شهر به مليا ميٽ ٿي ويا آهن. سنڌو جي ساڄي ڪنڌي وارو آبپاشي جو نظام به جهڙوڪر ختم ٿي ويو آهي. هاڻي ان جي بحالي جي آبپاسي جي کاتي ويجهڙ ۾ ڪا به اميد ناهي. سو دادو ضلعي جي چونڊيل نمائندن ڏانهن جوهي واسين جي اها ميار آهي ته انهن هٿ وٺي ٻوڙائي ته ڇڏيو، پر هڪ ڀيرو به اچي ڪنهن خبر نه لڌي.
آئون جوهي شهر جي رنگ بند سان پاڻي جي ٽڪرائجڻ کان ويندي 23 هين سيپٽمبر تائين ڏينهن رات بند تي موجود هئس. ان ڪري آئون اها ڳالهه دعويٰ سان چئي سگهان ٿو ته جيڪڏهن جوهي جي عوام وانگر سنڌ حڪومت ٻوڏ کي منهن ڏيڻ لاءِ صحيح فيصلا ڪري ها ته سنڌ ۾ وڏي تباهي کي روڪڻ ممڪن هو، اڃا ڪاري موري وٽان ڪٽ نه هنيو ويو هو، سڄو جهان ٻوڙي پاڻي اچي جوهي برانچ وٽ گڏ ٿيو هو. ڳوٺاڻا ٻوڏ جي هن وڏي ريلي کي ”ابو بحر“ ڪري سڏين پيا. تڏهن کان جوهي شهر جي اوڀر واري ڳوٺ بخش علي رند جا ڳوٺاڻا ڪوڏرون ۽ ڪهاڙيون ساڻ ڪري ديرا ڄمائي رنگ بند تي ويهي رهيا هئا. ڇاڪاڻ ته ڇنڊڻ يعني ايم اين وي ڊرين کي محبت فقير وٽ لڳل گهاري جو پاڻي دادو جوهي روڊ جي ٻنهي پاسن کان سمورا ننڍا وڏا ڳوٺ ٻوڙيندو اچي رنگ بند سان ٽڪرايو هو. ان ڏينهن کان اڄ تائين شهري ۽ ڳوٺاڻا چئني پاسن کان رنگ بند تي مودجو آهن. جنهن وقت پاڻي رنگ بند سان اچي ٽڪرايو هو، ان وقت رنگ بند جي سرڪاري ٺيڪي جو ڪم ڪندڙ ٺيڪيدار جا ٻه ايڪسيويٽر رنگ بند تي ڪم ڪري رهيا هئا. پر جيئن ئي جوهي جا رستا بند ٿيڻ لڳا ته ٺيڪيدار ٻئي مشينون ڪڍرائي ڀڄي ويو، ڪجهه ونگاري ٽريڪٽر هئا، جيڪي بند کي ٻڌڻ لاءِ ناڪافي هئا. پر جوهي واسين جي همت هئي جن پاڻي سان ويڙهاند جاري رکي. جنهن ڏينهن شهرين وٽ بند تي ڪم ڪرڻ لاءِ ڪا مشين ڪو نه بچي ان ڏينهن هڪ دفعو وري رفيق جمالي ڪميونٽي سينٽر ۾ گڏجاڻي ڪري آگاهي ڏني ته پاڻي تمام گهڻو آهي. ان ڪري گهٽ ۾ گهٽ شهر مان عورتن، ٻارڙن ۽ پوڙهن کي ڪڍي محفوظ جاين تي منتقل ڪجي، بند جو ڪم به تيز ڪجي ۽ ان لاءِ ٽريڪٽرن جو بندوبست ڪري ڇڏيو آهي، وڌيڪ مشينون به سنڌ حڪومت کان گهريون آهن. جيڪي پڻ ملي وينديون ۽ ڪجهه ڪميٽيون پاڙن لاءِ ٺاهجن ته جيئن چوري چڪاري کان به گهرن کي بچائي سگهجي. ان بعد شهر جا ماڻهو جيڪي بند تي اچي چڪر ڏئي واپس هليا پئي ويا. انهن به اچي ڪوڏرون هٿن ۾ کنيون، ٽريڪٽرن جو انگ وڌيو، بعد ۾ مرحليوار هڪ ايڪسويٽر ۽ ٽي ڊوزر به سنڌ آبپاشي کاتي جوهي لاءِ دان ڪيا. سنڌ جي آبپاسي کاتي کان ڪيترائي ڀيرا مشينري گهري وئي هئي. پر هر ڀيري انڪار ڪيو پئي ويو. بعد ۾ جڏهن بچاءَ بند کي ميان جي ڪنڊي وٽ کنڊ لڳو ۽ دادو شهر لاءِ خطرا وڌيا ته اهو کنڊ ٻڌڻ لاءِ اها مشينري جوهي موڪلي وئي. هڪ ايڪسيويٽر واپڊا کان به ورتو ويو. ونگاري ٽريڪٽر به ڪم ڪندا رهيا ۽ پاڻي هڪ انچ واڌ پئي ڪئي ته ڳوٺاڻن هٿن سان يا مشينري جي مدد سان بند کي هڪ فوٽ مٿي پئي ڪيو، مٽي سان سوين ٻاچڪا اڳواٽ ڀري رکيا پئي ويا، جيئن ئي پاڻي ڇولي سان پچنگ ڪري بند کي مضبوط بنايو پئي ويو. روڻ لڳي ته ڏهه ڏهه جوان ماڻهو مار پاڻي ۾ گهڙي روڻ ڳولڻ ۽ بند ڪرڻ ۾ لڳي پئي ويا، ڏينهن رات هڪ ڪري شهرين اهو بند ٻڌو، بنا ڪنهن شڪ جي رنگ بند جي ڪم ۾ قيادت بخش علي رند جي هارين، مزدورن ۽ زميندارن ڪئي ۽ سمورن ڳوٺن ۽ شهر جي ماڻهن ان ۾ پاڻ ملهايو. شهر جي هر ماڻهو ان ۾ حصو وڌو، جنهن جي جيتري حيثيت هئي جيتري همت هئي ان پاڻ ملهايو ۽ جن کي سياست ڪرڻي هئي. انهن به گهٽ نه ڪئي. پر حڪمت عملي اها هئي ته ڪنهن به تڪرار ۾ ناهي پوڻو، ڪير ڪجهه به چئي اسان جو ڌيان رنگ بند جي مضبوطي تي لڳل رهندو.
جوهي واسين جي اصل آزمائش مينهن واري ڏينهن هئي، شايد 27 هين رمضان جو ڏينهن هو، ٻنپهرن ۽ ٽنپهرن جي وچ جو وقت هو اسان سڀ معمول مطابق بند تي ڪم ڪري رهيا هئاسون ته اوچتو مينهن شروع ٿي ويو، ڪجهه دير جي مينهن کان پوءِ پورب کان طوفاني هوائون هلڻ لڳيون. جن پاڻي ۾ سامونڊي ڇوليون پيدا ڪيون، جن سان ڳوٺ بخش علي رند سامهون نائين شاخ موري جي کاٻي ۽ ساڄي پاسي وارن حساس پوائنٽس وٽ بند پروڻ ٿي ويو، کاٻي پاسي واري بند جي پيڙهه کان اڌ تائين وارو حصو ڇڄي اچي زمين تي پيو، پر ڳوٺاڻن همت نه هاري بند کي ڇڄندو ڏسي سوين نوجوان، پوڙها ۽ پڪا بند جي مٿان چڙهي بيهي رهيا. بند ۾ روڻ مٿان روڻ پئي لڳي. سڀ پريشان ٿي وياسون پر هوش ۽ عقل جو دامن ڪنهن نه ڇڏيو. اٽڪل ڏيڍ ٻن ڪلاڪن جي طوفان بعد ان آزمائش جو مقابلو ڪرڻ بعد پاڻي گهٽجڻ شروع ٿيو. آڌي رات بعد ٻيهر پاڻي ۾ هر ڪلاڪ تي هڪ کن ٻه انچ جي واڌ پئي ٿي ۽ 24 ڪلاڪن ۾ پاڻي ٻه فوٽ چڙهي ويو، پر بند ڪنهن به نه ڇڏيو، ڪنهن به ڪوڏر نه ڇڏي، ڪنهن کي به ننڊ جو خيال نه آيو ۽ ائين بند مضبوط کان مضبوط ٿي ويو.
جيڪڏهن مان اهو چوان ته غلط نه ٿيندو ته دادو شهر کي سنڌ حڪومت نه بلڪه هڪ تيل ڪمپني بچايو، جنهن ڏينهن رات هڪ ڪري ڇنڊڻ جي اوڀر واري ڪڙ کي مضبوط پئي ڪيو ۽ ان ۾ لڳندڙ هر روڻ ٻڌي بند جي سطح پئي وڌائي. جوهي جي رنگ بند ۾ ڏينهن ۾ ٻه چار روڻيون ٿي پيون پر ڇنڊڻ جي اوڀرندي ڪڙ ۾ روزانو ڏهه کان پندرنهن روڻيون ٿي پيون، جيڪڏهن تيل ڪمپنيءَ جي هيوي مشينري نه هجي ها ته ڇنڊڻ جو بند به مٿي نه ٿي سگهي ها ۽ جوهي جي رنگ بند تي پنج کان ڇهه فوٽن تائين پاڻي جي چاڙهه سبب بند ڇنڊڻ اوڀر پاسي اٿلي پئي ها ۽ پوءِ اهو ئي حشر ٿئي ها، جيڪو منڇر جو ٿيو يا وري ٽوڙي بند جو ٿيو، ڇاڪاڻ ته جڏهن ٽوڙي وٽ پاڻي اوور ٽاپ ڪيو ته سڄو عملو ڀڄي ويو ۽ جڏهن منڇر اوور ٽاپ ڪيو ته اتي سواءِ ٻن سپاهين جي باقي ڪير نه بچيو هو، سڄو سرڪاري عملو اتان نڪري هليو ويو.
هتي نادر مگسي جي ڪردار کي نظر انداز ڪرڻ وڏي زيادتي هوندي، جنهن هر وقت سنڌ حڪومت کي پاڻي کي رستو ڏيڻ جي صلاح ڏني، جنهن دادو ۽ ڄامشوري جي چونڊيل نمائندن کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ حق سچ چوندو رهيو. جوهي رنگ بند تي ويهارو کن ڏينهن گذاري جتي مون ٻوڏ کي منهن ڏيڻ جون ڪيتريون ئي مهارتون ڏٺيون، اتي اهو به سکيو آهي ته ٻوڏ کي صرف ۽ صرف هوش ۽ عقل سان منهن ڏئي سگهجي ٿو، جيڪڏهن پاڻي ڏسي هٿ پير ٿڌا ڪري ويهي رهبو ته پاڻي خيرپور ناٿن شاهه وانگر اهي علائقا به ٻوڙيندو، جن جي ٻڏڻ جو ڪو به انديشو نه هوندو ۽ جيڪڏهن هوش ۽ عقل کان ڪم وٺي وقت سان فيصلا ڪبا ته جوهي جهڙو شهر به بچي ويندو، جنهن کي سنڌ حڪومت، آبپاشيءَ جا ماهر ٻوڏ کان ڪيترائي ڏينهن اڳ ٻوڙائي چڪا هئا.