دردن جو ديس بڻيل شهر سان وس وارن جي ٻه اکيائي!...مختيار چانڊيو خيرپور ناٿن شاهه
ڪامورا به ان شهر مان ڪجهه ان ريت ئي گم آهن هنن ڪٿي به پنهنجون عارضي آفيسون قائم ناهن ڪيون. نه ئي اهڙي ذميواري محسوس ڪن ٿا. هن وقت تائين شهر ۽ تعلقي اندر 40 کان وڌيڪ ٻارڙا، عورتون ۽ مرد گيسٽرو، مليريا، ڊائريا ۽ ٻين بيمارين جو علاج نه ٿيڻ سبب فوت ٿي چڪا آهن. پر اختيارين وٽ صرف 9 ماڻهن جي فوت ٿيڻ جو اڻپورو رڪارڊ آهي. هن وقت جڏهن ٻوڏ جو پاڻي آهستي آهستي شهرن توڙي ٻهراڙين مان لهي رهيو آهي ۽ ماڻهو ڪيمپن جي عذاب واري زندگي ڇڏي پنهنجن اجهن ڏانهن موٽي رهيا ته خيرپور ناٿن شاهه واسي پنهنجي شهر مان ٻوڏ جو ڌپ ڪري ويل ڪارو پاڻي نيڪال ٿيڻ جو انتظار ڪري رهيا آهن. جن علائقن ۾ ڪجهه ماڻهو ويٺل آهن. اتي گئس، پيئڻ جي پاڻي، بجلي، صحت ۽ صفائي جي اڻ هوند هنن جي تڪليفن ۾ واڌارو ڪري رهي آهي. واپس ايندڙ ماڻهن وٽ پنهنجن ڏکن ۽ تڪليفن جا هزارين داستان آهن ۽ هر داستان ۾ هزارين قصا ۽ ڪهاڻيون جيڪي ٻڌي انسان جو اندر جهري پوي ٿو. پر اهي آهون. دانهون، واڪا ۽ رڙيون چونڊيل نمائندن توڙي ڪامورن جي ڪنن تائين نه ٿيون پهچن.
هي اهي ئي ماڻهو آهن جن شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ”اٽو، لٽو ۽ اجهو“ واري نعري کي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پکيڙيو ۽ اڄ تائين اهي پنهنجن تڪن ۾ پ پ جي اميدوارن کي ڪامياب ڪندا رهيا آهن. هن وقت به هن تڪ تي عمران ظفر لغاري ايم پي اي ۽ ڊاڪٽر طلعت مهيسر ايم اين اي چونڊيل آهن. سنڌ توڙي وفاق ۾ پ پ جي حڪومت آهي. مطلب ضلعي توڙي تعلقي ليول تي رليف ڪاميٽين جا چيئرمين به پ پ جا اڳواڻ ۽ ڪارڪن آهن. ان باوجود نه ڄاڻ ڇو هتي جي ماڻهن جي دردن جي دوا نٿي ٿئي. هن وقت خيرپور ناٿن شاهه جي رحمت الله ڪالوني، شهباز ڪالوني، مدينه ڪالوني. گوليمار محلو، ڪريمداد لنڊ محلو، مير خان محلو، نيو آباد ڪالوني سميت ڪيترن ئي علائقن جون 80 سيڪڙو عمارتون پٽ ٿيل آهن. باقي بچيل گهر به زبون حال ٿي ويا آهن. لڏي ويل ماڻهو جڏهن شهر واپس اچن ٿا ته انهن جي رجسٽريشن نٿي ٿئي. انهن کي راشن ڪارڊ نٿا ملن خيما نٿا ملن. اهي پنهنجن ٻارن ٻچن. ضعيف عورتن ۽ مردن سميت کٽولا ٽنگي ڇانوَ ڪري، ويٺل آهن. انهن مان گهڻائي ماڻهو بيمار به آهن. کين دوائون، نٿيون ملن ۽ ٻيون ڪي به زندگي جون سهوليتون انهن کي ميسر ناهن. اڄ انهن کي رليف بجاءِ انهن کان سڀ ڪجهه ڦريو ويو آهي. اهي ماڻهو پنهنجن گهرن کان محروم ٿي ويا، معصوم ٻارڙن عورتن وٽ پائڻ لاءِ هڪ هڪ وڳي کان وڌيڪ لٽا ناهن. جڏهن اهي ”اٽي“ لاءِ احتجاج ڪن ٿا ته انهن کي حق ڏيڻ بجاءِ مٿن لٺيون وسايون وڃن ٿيون. انهن مٿان ڪيس داخل ڪرايا ٿا وڃن.
ڪيڏو نه افسوسناڪ الميو آهي ته جتي ٻوڏ حڪمران لڏي لاءِ هڪ وسريل اشو بڻجندي پيئي وڃي. اتي وري خيرپور ناٿن شاهه ۾ اڃان تائين ڪن. ڪن جاين تي 8/9 فوٽن تائين پاڻي بيٺل آهي. اهڙي صورتحال ۾ جيڪڏهن خيرپور ناٿن شاهه کي دردن جو ديس نه چيو وڃي ته ٻيو ڇا چئجي؟ خيرپور ناٿن شاهه واسي پنهنجن مسئلن جي حل لاءِ اڃان تائين ڪروڌي روين اختيار ڪرڻ واري واٽ تي ناهن آيا ۽ ان مان ئي ثابت ٿئي ٿو ته خيرپور ناٿن شاهه واسين کي اڃان به ڪا اميد آهي ته سندن مسئلن جو حل جمهوري حڪومتن کي نيٺ به ياد ايندو هاڻي جڏهن حڪومت پاران زرعي زمينون ٻوڏ متاثر بي زمين هارين ۾ ورهائڻ، زرعي ترقي لاءِ مفت ٻج ۽ مفت ڀاڻ جهڙيون اسڪيمون شروع ڪيون پيون وڃن. تڏهن اها هڪ وڏي سواليه نشاني بڻيل آهي ته خيرپور ناٿن شاهه جي ماڻهن جا ڏک ۽ ڏوجهرا ڇو وس وارن کان وسري ويا آهن؟ هن وقت تائين جنهن علائقي ۾ 8 فوٽن تائين پاڻي نظر اچي. جيڪو بدبوءِ ڪري ويو هجي ۽ ڪارو ٿي ويو هجي. تنهن کي مدنظر رکي. جيڪڏهن ٻوڏ متاثر علائقن جي بحاليءَ واري ميگا پراجيڪٽ بابت سوچيو وڃي ته گهڻو ڪجهه ناممڪن جي زمري ۾ زنجيرن سان جڪڙيل نظر اچي ٿو. نه ڄاڻ ڪڏهن ان ناممڪن واري لڪير کي وس وارا ڊاهڻ جي ڪوشش ڪندا؟ نه ڄاڻ ڪڏهن وس وارن کي دردن جو ديس بڻيل خيرپور ناٿن شاهه کي رليف ڏيڻ ياد پوندو!؟
[b]وطن ڪارڊ حاصل ڪرڻ لاءِ جدوجهد/ داستان سفر جو
[/b]
[b]ليکڪ: محمد بخش شاهاڻي،
[/b]ڳوٺ علي مراد شاهاڻي، بهليل شاهه ڪاڇو
ادا ڪهڙو آ وطن ڪارڊ، غريب لاءِ آ ڪفن ڪارڊ
جوهي کان ويندي حيدرآباد، ڪوٽڙي ۽ نواب شاهه
حڪومت پاڪستان جي اعلان مطابق ٻوڏ جي تباهه ڪارين بعد ٻوڏ متاثرين جي مدد لاءِ وطن ڪارڊ جاري ڪيو ويو، جيڪو شايد ٻوڏ کان بعد اڃا وڌيڪ خطرناڪ ثابت ٿيو. عنوان کي مدنظر رکندي اُهو وطن ڪارڊ ويريفاءِ (Verify) ڪندي منهنجو نالو به اچي ويو، اخبارن م سنڌي ماڻهن جي لتاڙجي مري وڃڻ جا واقعا ۽ اُنهن تي سنڌ پوليس جو ظالماڻو تشدد به دل تي گهاءُ ڪندو رهيو. صبح جا 8 ٿيا ناشتو ڪري ٻه هزار رپيا خرچ جا کيسي ۾ کڻي هڪ دوست اويس کوسو سنگت ڪري رڪشا تي چڙهيس. اچي رنگ بند تي لٿس ته پاڻي تي نظر پئي سوين ٻيڙيون بيٺيون هُيون. ماڻهن جي رش سبب پنج پنج منٽن ۾ ٻيڙي ڀرجيو وڃي، نيٺ هڪ ٻيڙي تي چڙهياسين جيڪا جوهي کان ڇنڊڻ تائين آخري پتڻ ڪندي، سفر ڪندي رهي. پنهنجي ماروئڙن جا ڊٺل ۽ ٻڏل گهر ڪاليج، اسڪول ۽ روڊ رستا ڏاڍو ذهن کي متاثر ڪندا رهيا. سخت ڏک پئي ٿيو وري به الله جو شڪر ادا ڪري دُعا گهريم اي منهنجا مولا پنهنجي ٻاجهه سان سنڌ ڌرتي تي رهندڙ اباڻن کي پنهنجي پنهنجي ڪکن ۾ ساد آباد رکجانءِ اُنهن جي حفاظت ڪجانءِ. ڏيڍ ڪلاڪ جو سفر ڪندي ڇنڊڻ موري تي پهتاسين. اتان رڪشا تي چڙهي دادو کان حيدرآباد واري وين تي چڙهياسين. ڪجهه فاصلو پري موري واري پُل کان درياءُ تي نظر پئي مخاطب ٿي چيُم ، اي سنڌ جي سونهن جا مهراڻ! شايد تنهنجو رُخ ٽوڙي بند کان ڪنهن ڌرتي جي دُشمنن موڙيو تنهنجا اَصُل رستا بند ڪيا ويا تنهنجي دل اندر لٽيرن جا ديرا ۽ وڏا بند ڏِنل هئا تڏهن تو پنهنجي موج ۽ مستي ڪئي وري به تون پنهنجي خدا جي حڪم سان رحم ڪر. سفر جاري آ ذهن تي ٽينشن وڌي ويو آ. قاضي احمد کان وين جي ڊرائيور ڪجهه فريش ٿيڻ لاءِ 20 منٽ روڪيو. هوٽل تي ويٺاسين پاڻي پيتوسين. رَش هئڻ ڪري چانهه به نه ملي سگهي. ڊرائيور وري گاڏي اسٽارٽ ڪئي. شام جا 6:30 منٽ ٿيا ته حيدرآباد نياز اسٽيڊيم لٿاسين. اُتي هزارين ماڻهو وطن ڪارڊ لاءِ پهتل هئا. رفيق عباسي سان به ملاقات ٿي. اڳتي وڌيس ماڻهن جي رش ڪي گيٽ جي اندران ڪي ٻاهران وڏين قطارن ۾ بيٺل هُئا. گيٽ تي سنڌ پوليس جا عملدار ڏنڊا کنيو بيٺا هئا. حالات کان باخبر ٿيندي ماڻهن جي نزديڪ انهن کان حال احوال ٻڌندو رهيس. هڪ جوهي جو دوست اميد علي لغاري ساٿين سان مليو ان چيو ته مان به هاڻي آيس. اچانڪ گيٽ کان هڪ نوجوان ٽپڻ جي ڪوشش ڪئي ته پوليس سپاهي ڏنڊا وسائڻ شروع ڪيا. ڏاڍو زخمي ٿيو مگر گيٽ ٽپي ويو. ڪجهه ماڻهو وري پوليس سپاهين کي چوڌاري ڦريو بيٺا هئا. نزديڪ وڃي معلوم ڪيم ته رشوت وٺندر ايجنٽ ۽ سپاهي هُئا جيڪي ماڻهن کي ڦرڻ جي ڪوشس ڪري رهيا هئا. بي پُهچ اٻوجهه ماڻهو پنهنجي عزت بچائڻ جي خاطر هڪ هزار کان پنج هزارن تائين پئسا ڏيندي ڪارڊ حاصل ڪن پيا. انهن کي پوليس عملدار نادرا جي ڪائونٽر تائين با حفاظت پهچائين پيا. باقي غريبن کي ڏنڊن سان ڪُٽيندا رهيا. آخرڪار ٿڪ محسوس ٿيو. سوچيم باعزت ماڻهو جي عزت ۽ انساني حقن جي لتاڙ ٿي رهي آهي. في الحال ٿڪل آهيون رات جو رهڻ جمال الدين سولنگي صاحب وٽ ٿيندو. سوزوڪي تي چڙهي ڪوٽڙي ريلوي ڦاٽڪ وٽ هڪ هوٽل تي پهچي چانهه پيتي سون. ادا سراج الدين کي فون ڪئي ان موٽر سائيڪل تي کڻي جمال الدين جي اوطاق تي پهچايو. ملاقات ٿي ۽ ان بعد حال احوال کان واقف ٿياسين بعد ۾ ماني کائي ريسٽ ڪيوسين. صبح سوير نماز پڙهي وطن ڪارڊ حاصل ڪرڻ لاءِ ڪوٽڙي کان حيدرآباد نياز اسٽيڊيم تي لٿس. اُن جو مين گيٽ بند هُيو. ماڻهن جي رش پيهه جاري، پوليس وارا انهن کي گيٽ ٽپڻ نه پيا ڏين. مون مايوسي مان موٽ جو سوچيو مگر اويس چيو ته مان سِرَ جو سانگو لاهي گيٽ ٽپندس. اڳتي وڌيس هڪ نوجوان مليو جنهن جي قميص ڦاٽل هئي. ٻئي کي هڪڙي پير ۾ جُتي ۽ ٻيون پيرين اگهاڙو ڏٺم، چيائين پوليس جي ڀڄائڻ ۽ تشدد سان ڊوڙندي هي حالت ٿي آهي. اڃا وڌيڪ سوچن جا سيلاب ڪري ويا. اُن ڏينهن پوليس جي لٺبازي گيٽ ٽپڻ نه ڏنو. مايوس ٿي واپس جمال الدين وٽ هليو ويس مگر اويس مون کان وڇڙي ويو. هُن جي موبائيل جي بيٽري لو (Low) هُئڻ ڪري ڪو به رابطو نه ٿيو. وري ٻي رات گذري! پنهنجي غريب ماڻهن کي لٺين جي بارش وارو عڪس اکين ۾ پَسي آيو! انسانيت سان ناتو رکڻ جا دعويدار پاڻ کي اعليٰ اقتدار جي ايوان ۾ انساني حقن جي پاسداري ڪندڙ، ايوانن ۾ قسم کڻندڙ سياستدان نه سوچين پيا ته هي اسان جي ڪهڙي سيڪيورٽي آهي جيڪا حفاظت جي بجاءِ انهن تي لٺيون وسائي رهي آهي. بهرحال ماروي وانگر سانگين جا سُک ۽ سور اندر ئي اندر ۾ دل سان سليندو رهيس. وري صبح جو ٽئين ڏينهن نياز اسٽيڊيم وڃڻ لاءِ روانو ٿيس. سراج الدين موٽر سائيڪل تي کڻي 9 بجي پهچايو. لهي گيٽ جي سامهون ڏٺم. هڪ نوجوان آهي جنهن کي پوليس وارو تشدد ڪندو رهيو. دل چاڪ ٿيڻ لڳي ٿڌو ساهه ڀريم سوچيم ته اويس کوسو وڇڙي ويو ڪا خبر ناهي. اگر آءٌ به هُن وانگر اندر داخل ٿيان ها ته اِهائي حالت ٿئي ها. مگر اڌ ڪلاڪ بعد هڪ رشتيدار محمد حسين چانڊيو مليو، چيائين يار تون ڇو نٿو اندر وڃين. چيم (ذلت جي زندگي کان عزت جو موت بهتر آ) مان واپس ڳوٺ ويندس مگر هن بدنظمي واري نظام ۾ نٿو وڃي سگهان. آخر نواب شاهه جي نادرا سينٽر جي هڪ دوست ڳالهه ڪئي ته هيڏي اچ ته تنهنجو ڪم ڪرايان، مان فوراً رڪشي ۾ چڙهي ٻڪرا منڊي نوابشاهه اسٽاپ تي پهتس ۽ اُتي وين ۾ چڙهي وريام فقير سان رابطو ڪيو. هن چيو مان ۽ احمد نواز هڪ زرداري دوست سان ملي ڪم ڪرائيندس. 3 ڪلاڪن جو سفر ڪري نواب شاهه نادرا سينٽر تي پُهتس. احمد نواز ۽ وريام فقير اڌ ڪلاڪ ۾ مليا. اُتي سينٽر بند ٿي ويو. ماڻهو جن کي رهائش نه هُئي، تن ڦٽ پاٿن تي سينٽر جي ٻاهران سمهي رات گذاري، اسان کي احمد نواز ڳوٺ وٺي ويو. رات رهياسين. صبح جو وري سينٽر تي واپس احمد نواز سان گڏجي آيس ته گيٽ تي حيدرآباد کان وڌيڪ ميڙُ هُيو. وڃڻ جي ڪوشش ڪيم مگر ماڻهن چيو تون ڪير آهين جو توکي وک وڌائڻ ڏيون. صبر ڪري نواز سان گڏجي ٻئي گيٽ تي ويس. اڌ ڪلاڪ گذري ويو پوليس گيٽ کوليو. هڪ هڪ ماڻهو بدران سڀني کي هڪ ئي دفعي ڇڏيائين. ٿوري دير ۾ دانهن ڪوڪن سان گڏ مري ويس مري ويس جو آواز ڪَننِ تي پيو. پوليس جي لاٺي چارج فائرنگ شروع ٿي ويئي. اٺ ايمبولينس اچي ويون، زخمي ۽ لتاڙجي ويل ماڻهو کڻي اسپتال پهچايا ويا. تنهن ۾ بهاول جمالي ۽ راوت لغاري (جيڪي ٻئي ڪاڇي جا هئا) سخت زخمي حالت ۾ هئا. ٿوري دير بعد بهاول جمالي فوت ٿي ويو. اِن ۾ پوليس جو قصور آهي. اگر هڪ هڪ ماڻهو ڇڏين ها ته شايد ايترا اٺ ماڻهو مري ۽ زخمي نه ٿين ها. هڪ ٻوڏ جا ٻڏل بُک ۽ بدحالي ٻيو پوليس جو ظالماڻو تشدد ۽ اُڀ ڏاريندڙ دانهون ڪِيهُون، سي مون کان ڪيئن وسرندا. ٿورو وقت گذرڻ بعد مون پاسو وٺي ڏسي ورتو ته هڪ پوليس وارو هڪ همراهه کان پئسا رشوت وٺي ٻيو. ائين حيدرآباد وارو نظام هتي به هلي پيو.
بهاول جمالي جي مري وڃڻ جو ارمان ۽ راوت لغاري جي معذور ٿي وڃڻ جا تحفا ته سنڌ حڪومت کان انهن جي مائٽن کي مليا ۽ اڄ به منهنجي دل تي زخم آهن ته هن سنڌ ڌرتي جو جهونو بهاول جمالي ۽ راوت جمالي انتظاميه جي نااهلي ۽ آفيسرن جي بدانتظامي ڪري وطن ڪارڊ بدران ڪفن ڪارڊ وٺي ڳوٺ رسول بخش جمالي پهتو. جيڪڏهن سنڌ ڌرتي جي نياڻين، نوجوان، پوڙهن تي ڏنڊا وسايا ويا اهو برداشت نٿو ڪري سگهان. نيٺ قلم کڻي درد جو داستان لکي حڪومت جي لاپرواهي ۽ بُري عمل کي شرمنده ڪرڻ منهنجو حق بڻجي ويو آ ته هِن تباهه ٿيل ڌرتيءَ جي مٿان بي پناهه اُجهي لٽي اٽي کان محروم سنڌي ماروئڙن کي ههڙي سزا سان وطن ڪارڊ ڏيندڙ حڪومت ڪفن ڪارڊ ڏيندي رهندي. اِهو ظالماڻو سُلوڪ ڪيستائين رهندو!!!
آخر رات جو هڪ بجي مون کي وطن ڪارڊ مِليو جيڪو ساڻ ڪري دادو ۾ هڪ دوست سائين عزيز رانجهاڻي سان مليس ۽ رات ان وٽ دادو ۾ رهيس جنهن سان پنهنجي ماروئڙن جا ڏک هن بيت سان شيئر ڪندو رهيس.
ادا ڪهڙا هي وطن ڪارڊ
غريبن لاءِ هي ڪفن ڪارڊ
*
پٽي تي آندي جڏڙي
پوليس مريندي انهان ڪون ڏنڊڙي
ڪيڏي وڃن انڌي منڊڙي
اُنهان دي هٿ وچ هي چارج
ادا ڪهڙا هي وطن ڪارڊ
*
وڏيري ٿي ڳئي واپاري
کائن امداد هن سرڪاري
مس وارا ڏتا هن سرڪار
۽ پيٽ ڀريندي اُنهان دي گارڊ
*
اين جي اوز واليان دي ڳالهه نه ڪر
اُنهان لاءِ آوي ڏهه سال ڏُڪر
امداد دي سامان نال ڇوڙيهين ڀانڊي ڀر
مار ڊاڙ آکن هيون سوشل ورڪر