سنڌ کي ڪيئن بچائجي؟ دلشاد ڀٽو سينيئر
گڊو وٽ وهڪرو ساڍا 11 لک ڪيوسڪ ٿيڻ کان پوءِ سکر بئراج تي ٻيهر دٻاءُ وڌندو. ان ڳالهه جي به ڪا ضمانت موجود نه آهي ته وڌيڪ بارشون ٿينديون ۽ ٻوڏ جا وڌيڪ وهڪرا سنڌ طرف نه ايند.ا محترم عبدالقادر جوڻيجو جي چوڻ موجب اڀ ڦاٽي پيو آهي، جيستائين آسمان وسڻ بس نه ڪندو ٻوڏ بند نه ٿيندي، آگسٽ جو پورو مهينو بارشون هلڻ جو امڪان آهي، بار بار ٻوڏ جا وڏا وهڪرا سکر بئراج برداشت ڪري نه سگهندي، سکر بئراج سان گڏ سکر شهر کي به خطرو آهي. پاڻيءَ جي ليول وڌڻ سان شهر جي بندر وال تي به دٻاءُ وڌندو آهي. سکر بئراج ۽ بندر وال پاڻيءَ جا اهي وڌندڙ وهڪرا ڪيترو وقت برداشت ڪندا. خبر ناهي. ٽوڙي بند ٽٽڻ کان پوءِ بند ۾ پوندڙ شگاف تيزيءَ سان وڌندو رهيو آهي. اهو شگاف هڪ ميل تائين ويڪرو ٿي چڪو آهي. هڪ ميل جي ويڪر ۾ وهندڙ پاڻي بذات خود هڪ درياهه جي حيثيت رکي ٿو، جيئن جيئن اهو شگاف ويڪرو ٿيندو ويو، تيئن تيئن پڻي تيزي سان جيڪب آباد ۽ شڪارپور ضلعن جو رخ ڪيو، ان پاڻيءَ کي واپس درياهه تائين پهچائڻ لاءِ جيڪب آباد، شڪارپور ۽ قمبر- شهدادڪوٽ کان ڦيرائي منڇر ڍنڍ تائين پهچايو ويندو. شهدادڪوٽ وٽ بلوچستان جي پهاڙن کان لهندڙ برسات جي اندازن ڏيڍ لک ڪيوسڪ پاڻيءَ جو رخ به منڇر طرف آهي. جيڪڏهن ٽوڙي بند کان ايندڙ پاڻي جو وهڪرو 50 هزار ڪيوسڪ تصور ڪجي ته بلوچستان جي پهاڙن کان ايندڙ ڏيڍ لک ڪيوسڪ پاڻي ان ۾ ملي 2 لک ڪيوسڪ ٿي ويندو. اهو 2 لک ڪيوسڪ پاڻي منڇر مان سنڌو درياهه ۾ ان وقت داخل ٿيندو، جڏهن سنڌو درياهه ۾ ٻوڏ جو ستن کان اٺ لک ڪيوسڪ وهڪرو ڪوٽڙي بئراج طرف جاري هوندو، 2 لک ڪيوسڪ جو وهڪرو داخل ٿيڻ کان پوءِ ڪوٽڙي بئراج وٽ درياهه جو وهڪرو 9 لک ڪيوسڪ يا ان کان وڌيڪ به ٿي سگهي ٿو.
ٻيو خطرو انڊس ڊيلٽا کي آهي. گذريل 15 سالن کان انڊس ڊيلٽا ۾ پاڻي ويو ئي ڪونهي، يا نه وڃڻ جي برابر ويو آهي. ان ڪري ڪوٽڙي بئراج کان هيٺ سنڌو درياهه جي بندن جي حالت سڀ کان وڌيڪ نازڪ آهي. 8 کان 9 لک ڪيوسڪ پاڻي جو وهڪرو گذرڻ وقت انڊس ڊيلٽا کي ٻوڏ جو شديد خطرو رهندو. اهو نه وسارڻ کپي ته ڀنڀور وٽ سنڌو درياهه گهارو ڪريڪ مان گذري سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندو آهي. سنڌو درياهه ۾ موجود چاڙهه جي پيش نظر ان امڪان کي رد ڪري نٿو سگهجي ته گهاري وٽ ايندڙ پاڻي ڪراچي جو رخ ڪري، ڇو ته ڪراچيءَ جا گلشن حديد ۽ اسٽيل ٽائون جا علائقا ڀنڀور کي انتهائي ويجهو آهن. حيدرآباد جي شهر ڪوٽري ۽ سکر بئراج کي بچائڻ لاءِ انتهائي ضروري آهي ته سنڌو درياهه جي پاڻيءَ کي ورهايو وڃي. هن وقت سنڌو درياهه ۾ ٻن درياهن جو پاڻي موجود آهي ۽ ٻن درياهن جي وهڪري کي ملائي هڪ درياهه مان گذاري نٿو سگهجي. ان سموري پاڻيءَ کي جيڪڏهن هڪ ئي درياهه مان گذارڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته بي تهاشا تباهي ايندي. ماضيءَ ۾ سنڌو درياهه ٻن وهڪرن جي شڪل ۾ وهندو هو، هڪ وهڪرو سنڌ جي وچ مان وهندو هو. سنڌ جي وچ مان وهڻ ڪري ان وهڪري کي سنڌ جي سينڌ سڏيو ويندو هو. سينڌ مان وهندڙ پاڻي سنڌ لاءِ سنڌور جي حيثيت رکندو هو، ان ڪري سنڌ واسي ان وهندڙ پاڻيءَ کي سنڌور يا سنڌو سڏيندا هئا. ٻيو وهڪرو ٿر جي ريگستانن مان وهندو هيو، جنهن کي هاڪڙو سڏيو ويندو هو. هاڪڙي کي مهراڻ جي نالي سان به سڏيو ويندو آهي. اڄ به ٿر جي مقامي آبادي هاڪڙي جي ڦٽل پيٽ کي مهراڻو سڏيندي آهي. لفظ مهراڻو جي لغوي معنيٰ آهي وڏو پڻي يا مهاجل (مها معنيٰ وڏو ۽ ارڻو معنيٰ پاڻي) هاڪڙو پنجند جي درياهن جو پاڻي کڻي بهاولپور رياست مان گذري سنڌ جي ٿر مان وهندو راجستان ۾ داخل ٿيندو هو ۽ سنڌو درياهه هماليه جي پهاڙن ۽ ندين جو پاڻي کڻي سنڌ جي ميداني علائقن مان هندو هو، جيستائين هاڪڙو وهندو رهيو، ان وقت تائين ٿر جو ڪافي علائقو زرخيز ۽ سر سبز رهيو، پر شايد جاگرافيائي ۽ جيولوجيڪل تبديلن سبب درياهن جي وهڪرن ۾ گهٽتائي اچي وئي. ان ڪري پنجند جا وهڪرا به سنڌو درياهه ۾ شامل ٿي ويا ۽ هاڪڙو آهستي آهستي ڦٽي ويران ٿي ويو. هن وقت به هاڪڙي جو ڦٽل پيٽ پوري ٿر مان گذري ٿو، جيڪو ڇنڊڻ جي نالي سان روهڙي وٽان نڪري اڇڙي ٿر کان ٿيندو رتڙائو تائين وڃي ٿو. رتڙائو وٽ واري رت مائل ڳاڙهي هجڻ ڪري ان علائقي کي رتڙائو سڏيو ويندو آهي. خيرپور، کپرو، عمرڪوٽ، ٿرپارڪر کي لتاڙيندي ڇنڊڻ بدين جي علائقن م سمنڊ وٽ پهچي ٿي.
هڪ دفعو ٻيهر سنڌو درياهه جا وهڪرا ان حد تائين پهچي ويا آهن، جتي سنڌو درياهه جي اڪيلي پيٽ ۾ ماپي نٿا سگهن، ان ڪري انهن وهڪرن کي سمنڊ تائين پهچائڻ لاءِ ٻن رخن ۾ ورهائڻ ضروري آهي. صرف هڪ رخ تي وهائي سموري پاڻيءَ کي سمنڊ تائين پهچائي نٿو سگهجي. ڪنهن وڏي تباهيءَ کان بچڻ لاءِ سنڌو درياه کي ٻن حصن م ورهائڻو پوندو. 1942ع ۾ جڏهن وڏي ٻوڏ آئي هئي ته ان وقت انگريزن سنڌو درياهه جي پاڻي کي تقسيم ڪرڻ لاءِ پاڻي جو وڏو مقدار ڇنڊڻ ۾ ڇڏيو هيو. 1942ع جي ٻوڏ کان پوءِ انگريزن جو اهو منصوبو هيو ته ڇنڊڻ يا هاڪڙي کي مستقل فلڊ ڪئنال جي حيثيت ڏني وڃي. ان مقصد لاءِ ڪم به شروع ڪيو ويو ۽ کپري وٽ ڪجهه لوهيون پليون هاڪڙي جي پيٽ مٿان ٺاهيون ويون، پر 1947ع ۾ انگريزن جي وڃڻ کان پوءِ اهو ڪم اڌ ۾ رلي ويو ۽ ڇنڊڻ مستقل فلڊ ڪئنال ۾ تبديل ٿي نه سگهي. 1976ع ۾ جڏهن ذوالفقار علي ڀٽي جي دور ۾ وڏي ٻوڏ آئي هئي. ان وقت به درياهه کي ڪٽ ڏئي پاڻي ڇنڊڻ مان گذاريو ويو هيو، هن وقت موجوده حڪومت، سنڌو درياهه جي پاڻي کي ڇنڊڻ مان گذارڻ جي بجاءِ درياهه جي پاڻي کي ورهائڻ لاءِ ڪئنال ۽ شاخون کولي ڇڏيون آهن. حڪومت جو چوڻ آهي ته ڇنڊڻ ۾ پاڻي ڇڏڻ سان علي واهڻ جا علائقا ٻڏندا. علي واهڻ جي علائقن کي ڇنڊڻ کان وڌيڪ ناري ۽ مٺڙائو ۽ لڳندڙ گهارن مان خطرو آهي، اهي ٻئي ڪنيال ڀرپور وهي رهيا آهن ۽ انهن ۾ پوندڙ گهارا علي واهڻ جي علائقي کي ٻوڙيندا. مٺڙائو ۽ نارو ڪينال فل وهائڻ سان علي واهڻ کي بچائي نٿو سگهجي. علي واهڻ کي صرف ان وقت بچائي سگهجي ٿو، جڏهن ڇنڊڻ کي وهايو وڃي. ڇنڊڻ کي وهائڻ سان علي وهائڻ سميت سموري سنڌ کي بچائي سگهجي ٿو. ڇنڊڻ وهائڻ سان علي واهڻ کي خطرو صرف ان وقت ٿي سگهي ٿو، جڏهن آبپاشيءَ جا عملدار نااهليءَ جو مظاهرو ڪن. جيڪڏهن ڇنڊڻ کي پوري احتياط سان وهايو وڃي ته علي واهڻ کي ڪو به خطرو ڪونهي. خطرو صرف انهن زمينن کي آهي، جيڪي ڇنڊڻ جي پيٽ ۾ آهن. اهي زمينون چند بااثر زميندارن ۽ وزيرن جون آهن، وزيرن جي انهن زمينن کي بچائڻ لاءِ ڇنڊڻ کي وهائڻ کان ڪيٻايو پيو وڃي. ڇنڊڻ ٿر جي ريگستان ۾ وڃي ٿي. هن وقت سنڌ کي بچائڻ لاءِ درياهه جو پاڻي ريگستانن ۾ ڇڏڻ کان علاوه ٻيو ڪو بهتر حل ڪونهي، ڇنڊڻ روهڙيءَ مان نڪري اڇڙي ٿر ۾ داخل ٿئي ٿو. اڇڙو ٿر عام ٿر کان مختلف آهي. اڇڙي ٿر ۾ واريءَ جي ڌٻڻ آهي ۽ واريءَ جي اها ڌٻڻ درياهه جو وڏو پاڻي پي جذب ڪري سگهي ٿي. ٻيو اڇڙي ٿر ۾ واريءَ ۾ گهمڻ انتهائي مشڪل آهي. ان ڪري اڇڙو ٿر انتهائي غير آباد علائقو آهي. جتي آبادي نه هجڻ جي برابر آهي. جيڪڏهن پاڻي اڇڙي ٿر ۾ ڇڏيو ويو ته آبادي به متاثر نه ٿيندي. ٻيو پاڻي جو اهو عام قانون آهي ته پاڻي وهڻ وقت زمين ۾ جذب ٿيندو آهي ۽ سج جي تپش تي بخارات جي شڪل ۾ اڏامندو به رهندو آهي.
ان سموري عمل کي آبپاشيءَ جي اصطلاح ۾ واٽر لاسز يا پاڻيءَ جو زيان چوندا آهن. ميداني علائقن ۾ وهڻ وقت پاڻي 55 سيڪڙو زمين ۾ جذب ٿي يا بخارات جي شڪل ۾ اڏامي ويندو آهي. وارياسي علائقن ۾ پاڻي 60 سيڪڙو کان وڌيڪ زمين ۾ جذب ٿي ويندو، صرف 35 يا 40 سيڪڙو وهڪري جي شڪل ۾ بچندو، ٻوڏ جو پاڻي جيترو زمين م جذب ٿيندو. اوترو زير زمين پاڻيءَ جي ذخيرن کي وڌائيندو ۽ جيترو ٻاهر وهندو، اوتري تباهي آڻيندو. سنڌو درياهه ۾ مسلسل ٻوڏ ۽ بارشن سبب واٽر لاسز گهٽجي 15 يا 20 سيڪڙو رهجي ويا آهن. جو ڀريل هجڻ ڪري زمين پاڻي جذب نٿي ڪري. انڪري پاڻي زمين اندر گهٽ ۽ زمين مٿان گهڻو وهي ٿو، ٿر ۾ ويندڙ پاڻي زمين اندر وڌيڪ ويندو ۽ زمين مٿان گهٽ وهندو، زمين ۾ ويندڙ پاڻي ٿر جا جر ڀريندو اڇڙي ٿر جي رستي سان لڳ ڀڳ 120 ڍنڍون موجود آهن. انهن 120 ڍنڍن ۾ به درياهه جو پاڻي ڀري سگهجي ٿو، اڇڙي ٿر کان پوءِ هٿونگو وٽ 90 ڍنڍون ٻيون آهن، جيڪي به ڪافي پاڻي روڪي سگهن ٿيون. کپري ۽ عمرڪوٽ وٽ ڇنڊڻ جي پيٽ ۾ ڪجهه آباديون آهن. پاڻي ڍنڍن ۾ ڀرجڻ ۽ زمين ۾ جذب ٿيڻ کان پوءِ ايتري مقدار ۾ نه بچندو، جو کپري ۽ عمر ڪوٽ جي آبادين کي متاثر ڪري سگهي. ان جي باوجود به احتياطن انهن آبادين کي ڪجهه وقت لاءِ لڏائڻو پوندو. سانگهڙ ضلعي ۾ مشهور مکي ڍنڍ آهي. اضافي پاڻيءَ جو رخ ان ڍنڍ طرف به ڪري سگهجي ٿو. مکي طرف رخ ٿيڻ کان پوءِ سمنڊ ڏانهن ويندڙ پاڻيءَ جو مقدار ڪو خاص نه بچندو.
ٿر ۾ آبادي انتهائي ڇڊي آهي. ان آباديءَ کي سنڌ جي وڏن شهرن ۾ منتقل ڪري سگهجي ٿو، پر جيڪڏهن وڏا شهر ٻڏا ته انهن جي آباديءَ کي منتقل ڪرڻ مشڪل ٿي ويندو. سنڌ جا بئراج ٽٽي پيا ته ٻوڏ جو پاڻي ضابطي مان نڪري ويندو. سکر بئراج ٽٽڻ سان ٻوڏ جو پاڻي سکر، خيرپور، لاڙڪاڻو، نوابشاهه، سانگهڙ ۽ حيدرآباد تائين ويندو، حڪومت جيڪڏهن چاهي ته پوري سنڌ کي وڏي تباهيءَ کان بچائي سگهي ٿي، صرف احتياط ۽ عمده منصوبابنديءَ جي ضرورت آهي.