تاريخ، فلسفو ۽ سياست

مها ٻوڏ 2010 (جيڪي سنڌ سان ٿيو)

ڪتاب ” مها ٻوڏ 2010 (جيڪي سنڌ سان ٿيو) “ اوهان اڳيان حاضر آهي. هن ڪتاب جو ليکڪ عزيز رانجهاڻي آهي. 07 آگسٽ 2010 تي سنڌوءَ جي ساڄي ڪپ تي ٽوڙيءَ واري هنڌ تان سنڌوءَ جي بچاءُ بند کي گهارو ڇا لڳو، ڄڻ سنڌ ۾ قيامت اچي وئي. شير درياهه سنڌو مستيءَ ۾ اچي سنڌ جي ميدانن شهرن ۽ ڳوٺن ۾ ڪاهجي پيو ۽ ٻوڙان ٻوڙ ڪري ڇڏي ۽ ڏسندي ئي ڏسندي بلوچستان جي حدن کان وٺي سنڌي سمونڊ تائين هڪ ٻيو سمونڊ ڪري ڇڏيو. جتي 10 کان وٺي 16 فوٽن تائين ڪيترائي ڏينهن اڌ سنڌ پاڻيءَ هيٺ رهي ۽ اڌ سنڌ جي آبادي سر ۽ مال متاع بچائڻ لاءِ سرگردان رهي ۽ پنهنجي ئي ڌرتيءَ تي صدين کان آباد هي ڌرتي ڌڻي بي گهر ٿي ڪسمپرسيءَ جي حالت ۾ ڪئمپن جي حوالي ٿيا. سنڌوءَ جو پاڻي سندن پويان ائين پئجي ويو جيئن ڪو حمله آور لشڪر اوچتو ڪنهن علائقي ۾ ڪاهجي پوي ۽ ماڻهن ۾ ڀاڄ پئجي وڃي ۽ هو ساهه بچائڻ لاءِ برمنهن ڪندا هجن. ڪٿي جيڪب آباد، ڪشمور، ٺل، شهدادڪوٽ، ڳڙهي خيرو ۽ ڪٿي ڪراچي، سانگهڙ، ٽنڊو باگو، نئون ڪوٽ ۽ حيدرآباد، ساهه بچائڻ لاءِ هي ڌرتي ڌڻي، سنڌ جي هڪ ڪنڊ کي ڇڏي ٻئي ڪنڊ تي وڃي ڪئمپن ۾ پهتا ۽ دربدر ٿي مصيبتن ۽ عذاب ۾ اچي ويا.
Title Cover of book مها ٻوڏ 2010 (جيڪي سنڌ سان ٿيو)

69 سالن کان پوءِ هڪ وڏي ٻوڏ (1942-2010) عزيز ڪاڇيلو

شير درياهه سنڌوءَ ۾ ڪجهه ڏينهن کان انتهائي مٿاهين درجي جو وهڪرو جاري آهي، جنهن سنڌ جي حدن ۾ سنڌوءَ جي ساڄي ۽ کاٻي پاسي وارن حفاظتي بندن جي اندر گڊو بئراج کان وٺي سنڌوءَ جي ڇوڙ واري علائقي ۾ ايندڙ ڪچي جي هزارين ڳوٺن ۽ شهرن کي گهيري ۾ آڻي لکين ماڻهن کي ڪچو ڇڏڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي. سنڌ جي تاريخ جي هن بدترين ٻوڏ سبب ٻه سو کان مٿي انساني جانيون ضايع ٿيون آهن. وڏي پئماني تي چوپايو مال لڙهي سنڌوءَ جي لهرن جي حوالي ٿي چڪو آهي. لکين ايڪڙن تي بيٺل اربين رپين جا فصل لڙهي چڪا آهن ۽ کربين رپين جو متاثرين جو مالي نقصان پڻ ٿيو آهي. گڊوءَ کان سنڌي سمونڊ تائين اهو وهڪرو پنهجي مستيءَ ۾ اڃا جاري آهي ۽ نه ڄاڻ اڳتي سکر کان ڇوڙ واري علائقي تائين ڪيترو نقصان ڪري سو ته وقت ٻڌائيندو. پر ٻئي پاسي ٽوڙي وٽ بند کي لڳايل هٿراڌو گهاري سبب سنڌ جي سيني تي هڪ ٻئي درياهه وهڻ شروع ڪيو آهي. جيڪو ڌوڪيندو شڪارپور ۽ جيڪب آباد جي ڪيترن ئي علائقن کي ٻوڙيندو لکين ماڻهن کي دربدر ڪندو ڪاڇي جي علائقي ۾ داخل ٿيڻ لاءِ پراڻا (قديمي) ۽ نوان گس، پيچرا ۽ وهڪرا ڳولهي رهيو آهي. جنهن سبب شهدادڪوٽ کان وٺي لاڙڪاڻو، دادو، ڄامشورو ۽ ڪاڇي جي سموري آبادي سڪتي ۾ اچي وئي آهي، ڇو ته پاڻيءَ جو اهو وستار بقول سنڌ جي وزيراعليٰ جي ته ”اهو پاڻي اُتر سنڌ جي جيڪب آباد، لاڙڪاڻي، قمبر شهدادڪوٽ، دادو ۽ ڄامشورو ضلعن جي ڪيترن ئي علائقن کي ٻوڙيندو اچي منڇر ۾ دم پٽيندو.“ مذڪوره ڄاڻايل ضلعن جا ماڻهو اڳي ئي سنڌوءَ ۾ هلندڙ مٿانهين درجي جي وهڪري سبب ڊنل هئا سي هاڻي ته واقعي اهڙي خبر ۽ اطلاع کان پوءِ سڪتي ۾ اچي ويا آهن ته جي سنڌوءَ جي لهرن کان بچياسين ته جيڪب اباد ۽ شڪارپور مان ايندڙ هڪ لک ڪيوسڪ واري وهڪري کان ڪيئن بچي سگهنداسون. جيڪو منڇر ۽ ڪاڇي ۾ جڏهن داخل ٿيندو ته ڇا ايف پي بند ۽ منڇر بند پاڻي جو ايترو وهڪرو برداشت ڪري سگهندا؟ سو به اهڙي حالت ۾ جو جڏهن منڇر جي سطح 110 آر ايل تي پهرين پهتل آهي ۽ ان جو سنڌوءَ ۾ ڇوڙ به هينئر ناممڪن آهي ته پوءِ اهو پاڻي ڪيڏانهن ويندو. جنهن جو آسان جواب اهو ئي ٿي سگهي ٿو ته منڇر بند، ايف پي بند سيوهڻ کان وٺي حمل ڍنڍ تائين ڪٿان به ٽٽي سگهي ٿو ۽ اهڙي صورت ۾ هڪ ٻيو ڀيانڪ انساني الميو جنم وٺندو. جنهن ۾ ايف پي بند جي اندر ڪاڇي جي علائقي ۾ موجود هزارين ڳوٺ ته ٻڏي سگهن ٿا، پر ايف پي بند ۽ سنڌو درياهه جي ساڄي ڪپ جي وچ ۾ آيل لاڙڪاڻي کان وٺي سيوهڻ تائين سمورن شهرن جو ۽ انهن ۾ رهندڙ ڪي پندرنهن لک کان وڌيڪ انساني آبادي ۽ ملڪيتن جو ڇا ٿيندو؟ اهڙن سوالن جي جوابن لاءِ هينئر ڪير به موجود نه آهي، ڇو ته سمورن اختيارين جو ڌيان فقط سنڌوءَ جي وهڪري تي آهي ۽ ان جي ٻنهي پاسن آباد لکين ماڻهن ۽ شهرن کي سنڌوءَ جي بندن تي هٿرادو گهارو هڻي وڏي نقصان کان بچائڻ تي آهي، پر واقعي هينئر اهڙي صورتحال پيدا ٿي پئي آهي جو سمورا ادارا بيوس بڻيل آهن. کين ڪجهه سمجهه ۾ نٿو اچي ته ڇا ڪجي؟ اهڙي صورتحال ۾ ڪاڇي ۾ پيدا ٿيندڙ هڪ ٻي متبادل ٻوڏ يا انساني المئي پيدا ٿيڻ کان اڳ ڪا منصوبابندي ڪجي ته جيئن وڌ کان وڌ نقصان کان بچي سگهجي. تنهن بابت اڃا تائين ڪٿان به ڪا اميد، ڪا سوچ، ڪو آواز ٻڌڻ ۾ نه ٿو اچي. هڪ نجي ٽي وي چئنل تي آبپاشي ماهر ادريس راجپوت جڏهن اهو واضح لفظن ۾ چيو ته ٽوڙي واري گهاري مان جيڪو پاڻي وهي رهيو آهي. سو سنڌ جي لينڊاسڪيپ تي هڪ ٻيو درياهه وهندي نظر اچي ٿو، جيڪو گهڻو ممڪن آهي ته منڇر ۾ وڃي ڇوڙ ڪري، ميڊيا جي اهڙن اطلاعن کان پوءِ واقعي اهڙي امڪاني المئي سبب متاثر ٿيندڙ آبادين ۾ پنهنجو پاڻ کي بچائڻ، علائقا ڇڏڻ يا اتان لڏڻ بابت سُس پس شروع ٿي وئي آهي ۽ جيڪي ڪاڇي ۽ منڇر جي جاگرافي کان واقف آهن، سي ته پهرئين ئي سمجهيو ويٺا آهن ته 1942ع جهڙي ڪاري ٻوڏ وانگر ايندڙ ساڳين رستن ۽ گسن سان اهو وستار سواءِ تباهي کان ٻيو ڪجهه به نه ڏئي سگهندو. ها ڪو معجزو ئي ان المئي کان بچائي سگهي ٿو. يعني جي ان وهڪري جو رخ تبديل ٿي وڃي پر ان جا امڪان گهٽ ئي نظر اچن ٿا، ڇو ته پاڻي کي وهڻ لاءِ هميشه هيٺاهين جي گهرج هوندي آهي، سو شڪارپور ۽ جيڪب آباد ۾ پهتل اهو پاڻي ڪاڇي ۾ ڪاهي ايندو، نه ڪي مٿي بلوچستان جي علائقن ڏانهن ويندو. واقعي صورتحال انتهائي ڳنڀير ۽ ڏکائيندڙ آهي، ته جي ايف پي بند يا ايم سي منڇر ڪنيٽنگ Containing بند ٽٽو ته پوءِ اهو وهڪرو وڃي سنڌوءَ جي ساڄي بندن سان ٽڪرائبو ۽ اهڙي صورت ۾ اهي بند به اهڙي وهڪري جي سٽ سهي نه سگهندا، ڇو ته اهي اڳي ئي ڪمزور ۽ پُسيل (آلا) آهن ۽ خدا نه ڪري جي اهي بند ٽٽا ته پوءِ کير ٿر جبل کان وٺي سنڌوءَ تائين اها به سُڌ نه هوندي ته درياهه ڪٿان پيو وهي، اهو سڄو ڪي 60 يا 70 ڪلوميٽرن واري پٽي درياهه جو ئي ڏيک ڏيندي ۽ ان جي گهيري ۾ ايندڙ شهر ڳوٺ ڇا ڏيک ڏيندا؟ تنهن بابت سوچيندي به لڱ ڪانڊارجي وڃن ٿا. اهڙي صورتحال پيدا ٿيڻ کان پهرئين مرڪزي سرڪار، صوبائي سرڪار ۽ عالمي ايجنسيون گڏجي ڪا حڪمت عملي جوڙين ته جيئن ڪنهن وڏي المئي کان بچي سگهجي يا امڪاني متاثر ٿيندڙن کي صورتحال بابت صحيح آگاهي ڏئي کين مصيبت کان پهرئين پنهنجون جانيون بچائي محفوظ هنڌن ڏانهن وڃڻ جو مشورو ڏنو وڃي. يا جيڪڏهن واسطيدار ادارا ۽ ايجنسيون اهو سمجهن ٿيون ته اهڙي ٻوڏ يا وهڪري کي ٽارڻ ناممڪن آهي ته پوءِ اهڙي صورتحال ۾ وڌ کان وڌ نقصان کان بچڻ لاءِ هاڻي کان ئي مذڪوره علائقن ۾ ريسسڪيو آپريشن شروع ڪيو وڃي. جنهن م وڏي تعداد ۾ ٻيڙيون اسٽينڊ باءِ ڪري رکجن. وڏي پئماني تي کاڌ خوراڪ جو بندوبست ڪري ڇڏجي ۽ ٻيا ايمرجنسي پلان جوڙي رکجن ته جيئن ڪنهن قدر نقصان کي گهٽائي سگهجي.
سنڌوءَ ۾ مٿاهين چاڙه سبب ۽ منڇر جي مڪمل ڀرجڻ کان پوءِ جي منڇر بند ڪٿان به ٽٽو ته اهو منظر قيامت کان گهٽ نه هوندو، ان علائقي وارن لاءِ جيڪي سڌا ان جي زد ۾ ايندا. هي صورتحال واقعي منجهائيندڙ آهي ته آخرڪار اهڙي مصيبت کان بچڻ لاءِ ڇا ڪجي؟ڇو ته ٽوڙي واري لڳل گهاري کي فورن بند ڪرڻ ته شايد هاڻ ايستائين مممڪن نه رهيو آهي. جيستائين سنڌوءَ ۾ پاڻيءَ جي سطح تمام گهٽجي. هي اسٽوري/ رپورٽ لکڻ تائين ٽوڙي واري گهاري مان وهندڙ پاڻي شڪارپور ۽ جيڪب آباد جي علائقن کي ٻوڙڻ کان پوءِ ڪاڇي ۾ اچڻ جا افواهه زور وٺي رهيا آهن ۽ ماڻهو سخت مونجهاري جو شڪار آهن.