تاريخ، فلسفو ۽ سياست

مها ٻوڏ 2010 (جيڪي سنڌ سان ٿيو)

ڪتاب ” مها ٻوڏ 2010 (جيڪي سنڌ سان ٿيو) “ اوهان اڳيان حاضر آهي. هن ڪتاب جو ليکڪ عزيز رانجهاڻي آهي. 07 آگسٽ 2010 تي سنڌوءَ جي ساڄي ڪپ تي ٽوڙيءَ واري هنڌ تان سنڌوءَ جي بچاءُ بند کي گهارو ڇا لڳو، ڄڻ سنڌ ۾ قيامت اچي وئي. شير درياهه سنڌو مستيءَ ۾ اچي سنڌ جي ميدانن شهرن ۽ ڳوٺن ۾ ڪاهجي پيو ۽ ٻوڙان ٻوڙ ڪري ڇڏي ۽ ڏسندي ئي ڏسندي بلوچستان جي حدن کان وٺي سنڌي سمونڊ تائين هڪ ٻيو سمونڊ ڪري ڇڏيو. جتي 10 کان وٺي 16 فوٽن تائين ڪيترائي ڏينهن اڌ سنڌ پاڻيءَ هيٺ رهي ۽ اڌ سنڌ جي آبادي سر ۽ مال متاع بچائڻ لاءِ سرگردان رهي ۽ پنهنجي ئي ڌرتيءَ تي صدين کان آباد هي ڌرتي ڌڻي بي گهر ٿي ڪسمپرسيءَ جي حالت ۾ ڪئمپن جي حوالي ٿيا. سنڌوءَ جو پاڻي سندن پويان ائين پئجي ويو جيئن ڪو حمله آور لشڪر اوچتو ڪنهن علائقي ۾ ڪاهجي پوي ۽ ماڻهن ۾ ڀاڄ پئجي وڃي ۽ هو ساهه بچائڻ لاءِ برمنهن ڪندا هجن. ڪٿي جيڪب آباد، ڪشمور، ٺل، شهدادڪوٽ، ڳڙهي خيرو ۽ ڪٿي ڪراچي، سانگهڙ، ٽنڊو باگو، نئون ڪوٽ ۽ حيدرآباد، ساهه بچائڻ لاءِ هي ڌرتي ڌڻي، سنڌ جي هڪ ڪنڊ کي ڇڏي ٻئي ڪنڊ تي وڃي ڪئمپن ۾ پهتا ۽ دربدر ٿي مصيبتن ۽ عذاب ۾ اچي ويا.
Title Cover of book مها ٻوڏ 2010 (جيڪي سنڌ سان ٿيو)

خوف کي فتح ڇو نه ڪجي؟…علي قاضي

وڏي شهرت ماڻيندڙ ڪتاب Laws of power 48 (اقتدار جا اٺيتاليهه قانون) جي ليکڪ رابرٽ گريني پنهنجي نئين ڪتاب The 50th law (پنجاهون قانون) جو موضوع ان نقطي کي بڻايو آهي ته خوف جو احساس ڪيئن نه انسان کي ڪمزور، جمود پسند ۽ ناڪامي جي ڌٻڻ ۾ ڦاسائي رکندو آهي ۽ جڏهن ماڻهو پاڻ کي خوف، ڊپ جي احساس کان آجو ڪري ٿو، تڏهن ئي هو طاقتور، تخليقي ۽ ڪامياب ٿئي ٿو. واقعي به انسان هر مهل ڪنهن نه ڪنهن ڊپ ۾ ورتل هجي ٿو. جنهن سبب هو ڪيترائي اهڙا ڪم نٿو ڪري، جيڪي سندس هٿ وس هجن ٿا ۽ جنهن سبب سندس زندگي به بدلجي سگهي ٿي. پر هو مختلف نوعيت جي ڊپن سبب نٿو ڪري. ڪڏهن کيس ناڪامي جو خوف هجي ٿو، ڪڏهن کيس نقصان رسڻ جو ڊپ هجي ٿو، ڪڏهن ڪنهن جي ناراضگي ته وري ڪڏهن پنهنجي اهليت/ سگهه جي گهٽ هجڻ جو وسوسو. انسان پنهنجي اندر لڪل کوڙ سارين صلاحيتن کي سڄي ڄمار پنهنجي اندرئي ٺاهيل ڊپ جي صندوق ۾ تالو هڻي بند رکي ٿو. جو ڪجهه به ڪرڻ کان اڳ نانگ بڻجي سندس اندر ويٺل خوف ڦڻ کڻي کيس هر نئين ڪم ڪرڻ کان روڪي ٿو، پاڻ اڪثر همراهن کي چوندي ٻڌون ٿا ته، ”يار، محفل ۾ ائين ضرور چوان ها، پر ڊپ هئم ته متان سنگت منهنجو مذاق اڏائي،“ يا ”اظهار محبت ڪرڻ لاءِ ته بيقرار آهيان، پر خوف اٿم ته هو انڪار نه ڪري ڇڏي.“ يا ”ڪاروبار ڪريان ته سهي پر ڊپ آهي ته ناڻو ٻڏي نه وڃي“ وغيره وغيره، ڪجهه ڊپ اهڙا به انسان منجهه گهر ڪري ويهي رهن ٿا. جن لاءِ ماڻهوءَ وٽ ڪو منطقي سبب نٿو هجي. اهي خوف انسان جي لاشعور ۾ هجن ٿا. جن جو ٻين سببن سان گڏ هڪ ڪارڻ ننڍي هوندي جو ڪو واقعو به ٿي پيو سگهي. جيڪو ائين ته شايد ماڻهو کي وسري به ويو هجي. پر ان واقعي سبب ننڍي هوندي دل ۽ دماغ تي رهجي ويل دهشت يا اثر انسان کي سڄي ڄمار خوف ۾ رکي ٿو. جيئن اڪثر ماڻهو اونداهيءَ کان ڊچن ٿا يا وري ڪجهه ماڻهن کي اڪيلائيءَ کان خوف ٿو ٿئي. وغيره پر جڏهن ڪو شخص پنهنجي اندر ويٺل ڪنهن شعوري يا لاشعوري خوف کان آزادي حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃي ٿو ته منجهس بي پناهه خود اعتمادي اچي ٿي ۽ سندس سوچڻ ۽ سمجهڻ جي صلاحيتن م پڻ تمام گهڻو اضافو ٿئي ٿو ۽ هو شخص پوءِ ڪو فيصلو يا عمل ڪرڻ مهل يا نه ڪرڻ مهل ان فيصلي يا عمل جي ميرٽ کي ڏسي رهيو هجي ٿو ۽ هڪ Positive (مثبت) ائپروچ اختيار ڪيل هجي ٿو، نه ڪي خوف جي Negative (منفي) انرجي سندس فيصلن يا عمل تي ڇانيل هجي ٿي. سو ماڻهوءَ کي ڪو ڪم عمل يا فيصلو ڪرڻ مهل خوف جي احساس کان پاڻ کي آجو ڪرڻ گهرجي. اتي ان سڄي ڳالهه مان اهو هرگز مطلب ناهي ته ڪو ماڻهو ڏهه ماڙواري بلڊنگ تان بي خوف ٿي ٽپو ڏئي ڇڏي ته کيس ڪجهه ڪو نه ٿيندو يا ڪو وڃي نانگ جي ٻر ۾ هٿ وجهي ۽ سوچي ته بي خوف ٿي ائين ڪبو ته ڪجهه ڪو نه ٿيندو يا اگر بي خوف ٿي ڏوهه جي ڪارروائي ڪري ۽ سمجهي ته هو قانون جي گرفت ۾ ڪڏهن نه ايندو. وغيره. بلڪه پاڻ ڳالهه پئي ڪئي خوف ۽ ڊپ جي انهن قسمن جي، جيڪي انسان کي اڳتي وڌڻ، ڪجهه نئون سوچڻ يا ڪرڻ وغيره کان روڪي رکن ٿا ۽ ماڻهو سڄي ڄمار هڪ جمود واري ڪيفيت ۾ رهي به ٿو ۽ نه چاهيندي به ان جمود کي بچائيندو رهي ٿو، صرف ان ڊپ جي ڪري ته اگر اهو جمود ٽٽي پيو ته متان سندس زندگيءَ جون حالتون سندس هاڻوڪي حالتن کان ويتر خراب ٿي وڃن.
سنڌ جي پڪي جي علائقن ۾ بند ٽٽڻ سبب آيل ٻوڏ (ائين ان ڪري لکان پيو، جو آئون ان کي قدرتي طور آيل درياهه جي ٻوڏ نٿو مڃان. کان اڳ سنڌ واسي به ڏهاڪن کان جمود هيٺ آيل نظام ۾ زندگي گهاري رهيا هئا. جنهن نظام جا بنياد ڀوتارڪي سياسي ڪلچر، ڪرپشن، ميرٽ جي لتاڙ، غرض ته خراب حڪمراني تي بيٺل هئا. پر اسان جي سماج وٽ ان جمود کي ٽوڙڻ جي رستي ۾ مختلف قسم جا ڊپ رڪاوٽ بڻيل هئا. ڪنهن کي ڊپ هو ته جمود کي ٽوڙڻ جي ڪوشش ناڪام ٿي ويندي. ڪنهن کي ڀوتارن جو ته وري ڪنهن کي اسٽيبلشمينٽ جو ڊپ، غرض ته سماجي تبديلي جي شديد خواهش هوندي به ماڻهو مختلف انديشن ۽ خوف سبب ان فرسوده نظام ۾ رهڻ ۾ پنهنجي عافيت سمجهن پيا، پر هڪ ڏينهن اوچتو ڪنڌ ڪوٽ- ڪشمور ضلعي ۾ ٽوڙي بند ٽٽي پيو. جنهن اڌ سنڌ کي ٻوڙي ڇڏيو، وري هڪ ڏينهن ٺٽي ۾ بند ٽٽي پيو، وري منڇر جا بند ٽٽي پيا. سو اسان جيڪي خوف وچان هاڻوڪي فرسوده نظام سان گڏ هلندا پئي آياسين ته متان ان ۾ تبديلي آڻڻ سان اسان جي زندگيءَ ۾ ڪي بحران اچي وڃن، پر ٿيو ان جي ابتڙ، يعني ڪرپشن ۽ خراب حڪمرانيءَ جي ان نظام اسان کي ايتري وڏي بحران ۾ آڻي ڇڏيو، جنهن جو تاريخ ۾ ڪو مثال ئي نٿو ملي. سو بندن جي ٽٽڻ ڪري هاڻ اهو خوف به ٽٽڻ گهرجي ته هاڻوڪو نظام اگر ٽٽو ته ڪا قيامت اچي ويندي، ڇاڪاڻ ته اگر اسان وٽ سٺي حڪمراني اڳ م اچي چڪي هجي ها ته يقينن اسين اهو سڀ ڪجهه نه ڀوڳيون ها، جيڪو اسان کي اڄ ڀوڳڻو پئجي ويو آهي.
اڄڪلهه اقتداري ايوانن ۾ هلندڙ وٺ وٺان جي باريڪين جو تجزيو ڪرڻ بدران ساڳئي نقطي يعني خوف جي Element (عنصر) کي آڏو رکي معاملي کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪريون ته ڳالهه بنهه سادي آهي ته حڪومت کي سندن اقتدار وڃڻ جو ڊپ آهي. پر سوال اهو آهي ته پ پ ۽ سندس اتحادي حڪومت عوام کان ووٽ وٺي آيا هئا ته پوءِ کين ٻيهر عوام کان ووٽ نه ملڻ جو ڊپ آهي ڇا، جو هو ايترا پريشان ۽ بتال ٿين پيا؟ جيڪڏهن اهو ڊپ ناهي ته پوءِ حڪومت ته کين ٻيهر به ملي پئي سگهي. سو ٻيهر ماڻهن ۾ اچڻ کان ڇو پيا لنوائين ۽ مختلف رياستي ادارن کان پنهنجو حڪومتي مدو وڌائڻ لاءِ منٿ ميڙ ڇو پيا ڪن؟ آئون ڪا انوکي ڳالهه نه پيو ڪريان، بلڪه دنيا جي جمهوري ملڪن ۾ اڪثر حڪومتون مدو پورو نٿيون ڪري سگهن ۽ پوءِ سياسي پارٽيون ٻيهر عوام ڏانهن وڃن ٿيون. اتي اها ڳالهه به جائز آهي ته اسان جي ملڪ ۾ بحران جي پويان سازشن جي نوعيت اسريل جمهوري ملڪن کان مختلف آهي. ڪارڻ ڀلي مختلف هجن پر علاج وري به ساڳيو ئي آهي. يعني عوام جي سگهه ۽ حمايت لاءِ عوام ڏانهن اچڻ مون کي ڪڏهن ڪڏهن سمجهه ۾ نٿو اچي ته، اسان جون وڏيون سياسي پارٽيون. جيڪي ڏهاڪن کان اقتداري سياست ۾ آهن. اهي چوڻ جي حد تائين ته ٺيڪ پر عملي طور عوام جي سگهه ۾ يقين ڇو نٿيون آڻين؟ آ خر انهن وٽ ٻي اهڙي ڪهڙي طاقت آهي. جو اهي اسٽيبلشمينٽ جهڙي طاقتور اداري جي طاقت آڏو پنهنجي حيثيت مڃرائي سگهن؟ بند ڪمرن ۾ جوڙ ٽوڙ، آمريڪا بهادر جي آشيرواد وغيره وقتي طور تي کين حڪومت ڏيارڻ ۽ حڪومتي مدي ۾ واڌاري جا سبب بڻجي سگهن ٿا، پر ڊگهي مدي ۾ سياسي قوتون مائنس عوام ڪهڙي حيثيت ٿيون رکن، سو اسان جي سياسي ڌرين کي اهو ڊپ ڇو ٿو ورائي وڃي ته اگر اڄ حڪومت وئي ته پوءِ ڪڏهن نه ملندي؟ ظاهر آهي ان جو سبب سادن لفظن ۾ اهو ئي آهي ته سندن ڪارڪردگي ايتري خراب هجي ٿي، جو کين عوام مان موٽ نه ملڻ جو ڊپ هجي ٿو. سو اگر ٻن ٽن قوتن کي راضي رکڻ واري سوچ ڌارين ها ته کين ڪڏهن به حڪومت وڃڻ جو خوف نه هجي ها.
حڪومت مخالف سياستدان، صحافي وغيره اڄڪلهه اها ڳالهه ڪندي خوشيءَ وچان ڳاڙها ٿيو وڃن ته، ”سنڌ ڪارڊ“ تازي ٻوڏ ۾ پسي ويو آهي. ڪجهه چون ٿا ته اهو ڪارڊ لڙهي ويو. ڦاٽي پيو. وغيره آئون هڪ کان وڌيڪ ڀيرا سنڌ جي احساسن، جذبن ۽ حقن جي شعور کي هڪ ڪارڊ قرار ڏيڻ واري روش ۽ ذهنيت کي بدنيتي قرار ڏيندو رهيو آهيان، پر اتي ان اصطلاح کي اڄڪلهه جي اقتداري سياست جي حوالي سان سمجهڻ خاطر بحث هيٺ آڻيون ٿا. دراصل پي پي مخالف قوتن پنهنجو ذهن ائين ٺاهيو آهي ته اگر پي پي سان ڪجهه ٿيو ته سنڌ وفاق خلاف ٿي ويندي ۽ پ پ پاڻ به اهڙي سوچ کي همٿائي ٿي ته اگر انهن جي حڪومت سان ڪجهه ٿيو سنڌ ۽ وفاق وچ ۾ وڇوٽيون وڌنديون، جنهن جي جواب ۾ اسٽيبلشمينٽ ماضيءَ ۾ ڪڏهن پير صاحب پاڳاري تي، ڪڏهن ڪنهن قومپرست تي، ڪڏهن ٻين ڀوتارن جو سهڪار حاصل ڪري، کين متحده قومي موومينٽ سان جوڙي سنڌ ۾ پ پ جي متبادل طور پيش ڪندي آئي آهي. ظاهر آهي ته اهي ڳٺ جوڙ بنهه مصنوعي هوندا هئا ۽ خراب حڪمرانيءَ جا اعليٰ مثال هئا. تنهن ڪري نه انهن مان سنڌ جي عام ماڻهوءَ کي ڪو رليف ملندو هو ۽ نه ئي سنڌ جي مجموعي مفادن جو تحفظ انهن جي ترجيحن ۾ ڪڏهن شامل رهيو. سو جڏهن به ماڻهن کي موقعو مليو ته انهن پ پ کي وڏي انگ ۾ ووٽ ڏنو، پر بدقسمتيءَ سان پ پ به سنڌ کي واقعي به صرف ڪارڊ سمجهي ورتو آهي. جيڪو ڏيکاري هو اسلام اباد جي اقتداري ايوانن ۾ داخل ٿي سگهن. شايد اهو ئي سبب آهي جو پ پ سنڌ جي مجموعي حقن بابت ڪجهه ڪرڻ کان اهو چئي پاسو ڪندي رهي ته، ”اسين وفاقي پارٽي آهيون“ سو سنڌ واسين آڏو ڏهاڪن جي اقتداري راند ڏسڻ کان پوءِ اهو نتيجو آيو آهي ته اسٽيبلشمينٽ جڏهن ايندي ته اها خراب حڪمرانيءَ شاهڪار رڪارڊ رکندڙن اهڙن ماڻهن کي آڻيندي، جن جو عام ماڻهوءَ جي راءِ کان ويندي سنڌ جي اجتماعي حقن سان ڪو واسطو نه هجي ۽ اگر پ پ ايندي ته ان وٽ به سنڌ هڪ ڪارڊ کان وڌيڪ حيثيت نه رکندو ۽ ان وٽ به سٺي حڪمراني ترجيحي ته نه هوندي. سوال اهو آهي ته سنڌ واسي پاڻ سان ٿيندڙ اهو لقاءُ ڪيستائين خاموشي سان ڏسندا رهندا؟
چون ٿا ته اسلام آباد ۾ آيل اقتداري بحران جي خاتمي لاءِ حڪومت کي مشروط طور ڪجهه وقت ڏنو ويو آهي ته هو پنهنجي ڪارڪردگي بهتر ڪري ۽ اگر ٻن هفتن دوران هو سٺي حڪمراني آڻڻ لاءِ اپاءَءُ وٺندي ته کيس اڃا هلڻ ڏنو ويندو ٿي سگهي ٿو ته ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ اسلام آباد مان ڪجهه وزير، ڪجهه ڪامورا فارغ ٿين. ڪجهه نوان ٽيڪس لاڳو ٿين وغيره پر منهنجي خيال ۾ اقتداري بحران ان سان ڪجهه دير لاءِ ٽري ته وڃي پر پوري طرح ختم شايد ئي ٿي سگهي ۽ لڳي ائين ٿو ته پ پ دير سوير ”سنڌ ڪارڊ“ ميدان ۾ آڻيندي پر ڇا سنڌ ان ڀيري پ پ کان اهو پڇندي نه، ته توهان سنڌ کي ڏنو ڇا آهي؟ آئون سمجهان ٿو ته پ پ جي اڪابرن کي هاڻ سنڌ جي ماڻهن کي ڪو ڪارڊ سمجهڻ واري روش ختم ڪندي ٻيهر ان سان پنهنجائپ وارو معاهدو ڪرڻ گهرجي. سٺي حڪمراني، سنڌ واسين جو حق تصور ڪري کين ڏني وڃي، ڇاڪاڻ ته رڳو سنڌي هجڻ واري ڳالهه هاڻ شايد ئي هلي. ڇاڪاڻ ته سنڌي ته اسان جا اهي ڀوتار به آهن. جن کي اسٽيبلشمينٽ آڻيندي رهي آهي. سو اڄ نه ته سڀاڻي پي پ کي پنهنجي سگهه عوام ۾ ئي ڳولهڻي پوندي ۽ سنڌي عوام ماضيءَ ۾ پ پ جي وڏي سگهه رهي آهي. پر سنڌي ماڻهن کي For granted وٺڻ واري روش پ پ کي ڇڏڻي پوندي. جيڪو ڪرڻ لاءِ وٽس وقت گهڻو ناهي بچيو ۽ اگرا ئين ٿيو ( جنهن جا امڪان گهڻا آهن) ته پوءِ سنڌ پنهنجن جذبن، احساسن ۽ حقن جي شعور کي صرف هڪ ڪارڊ طور هاڻ شايد استعمال ٿيڻ نه ڏي.
دعا جي عمل ۾ جتي انسان جي خيالن ۾ چٽائي اچي ٿي. اتي ئي سندس من اندر موجود مختلف خوف ۽ ڊپ به غائب ٿيو وڃن ۽ وٽس عمل ڪرڻ جو حوصلو ۽ فهم به پيدا ٿئي ٿو. اچو ته گڏجي سنڌ ۾ هڪ حقيقي تبديليءَ لاءِ دعا گهرون. جيئن اسان جي اندر تبديلي آڻڻ جي عمل لاءِ حوصلو پيدا ٿئي ۽ تبديليءَ کان سنڌ واسين کي ڊيڄاريندڙ پاڻ سنڌي ماڻهن جو گڏيل فهم، حوصلو ۽ بي خوف عمل ڏسي خوف وچان غائب ٿي وڃن.