تاريخ، فلسفو ۽ سياست

مها ٻوڏ 2010 (جيڪي سنڌ سان ٿيو)

ڪتاب ” مها ٻوڏ 2010 (جيڪي سنڌ سان ٿيو) “ اوهان اڳيان حاضر آهي. هن ڪتاب جو ليکڪ عزيز رانجهاڻي آهي. 07 آگسٽ 2010 تي سنڌوءَ جي ساڄي ڪپ تي ٽوڙيءَ واري هنڌ تان سنڌوءَ جي بچاءُ بند کي گهارو ڇا لڳو، ڄڻ سنڌ ۾ قيامت اچي وئي. شير درياهه سنڌو مستيءَ ۾ اچي سنڌ جي ميدانن شهرن ۽ ڳوٺن ۾ ڪاهجي پيو ۽ ٻوڙان ٻوڙ ڪري ڇڏي ۽ ڏسندي ئي ڏسندي بلوچستان جي حدن کان وٺي سنڌي سمونڊ تائين هڪ ٻيو سمونڊ ڪري ڇڏيو. جتي 10 کان وٺي 16 فوٽن تائين ڪيترائي ڏينهن اڌ سنڌ پاڻيءَ هيٺ رهي ۽ اڌ سنڌ جي آبادي سر ۽ مال متاع بچائڻ لاءِ سرگردان رهي ۽ پنهنجي ئي ڌرتيءَ تي صدين کان آباد هي ڌرتي ڌڻي بي گهر ٿي ڪسمپرسيءَ جي حالت ۾ ڪئمپن جي حوالي ٿيا. سنڌوءَ جو پاڻي سندن پويان ائين پئجي ويو جيئن ڪو حمله آور لشڪر اوچتو ڪنهن علائقي ۾ ڪاهجي پوي ۽ ماڻهن ۾ ڀاڄ پئجي وڃي ۽ هو ساهه بچائڻ لاءِ برمنهن ڪندا هجن. ڪٿي جيڪب آباد، ڪشمور، ٺل، شهدادڪوٽ، ڳڙهي خيرو ۽ ڪٿي ڪراچي، سانگهڙ، ٽنڊو باگو، نئون ڪوٽ ۽ حيدرآباد، ساهه بچائڻ لاءِ هي ڌرتي ڌڻي، سنڌ جي هڪ ڪنڊ کي ڇڏي ٻئي ڪنڊ تي وڃي ڪئمپن ۾ پهتا ۽ دربدر ٿي مصيبتن ۽ عذاب ۾ اچي ويا.
Title Cover of book مها ٻوڏ 2010 (جيڪي سنڌ سان ٿيو)

ٻڏل علائقن مان پاڻي نيڪال جو ڪم ڪٿي پهتو؟…محمد ادريس راجپوت

سنڌ آبپاشي کاتي مطابق ٻوڏ هيٺ آيل علائقن مان 88 سيڪڙو پاڻي نيڪال ٿي چڪو آهي. جڏهن ته يورپي يونين جي هڪ نمائندي مطابق ٻوڏ جو پاڻي ختم ٿيڻ ۾ اڃا ڇهه مهينا لڳندا. اچو ته ٻنهي خبرن جا ڪجهه تفصيل ڏسون.
چون ٿا ته آبپاشي کاتي وارن بحالي واري صوبائي وزير مظفر علي شجراع ۽ چيف سيڪريٽري سنڌ غلام علي پاشا کي ٻوڏ هيٺ آيل علائقن مان پاڻي ڪڍڻ بابت بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته ٻوڏ هيٺ آيل 247 ميل ڊگهي ايراضي کي پاڻي ڪڍڻ جي خيال سان پنجن حصن ۾ ورهايو ويو هو. جيڪا ڪشمور، شڪارپور، جيڪب آباد، قمبر- شهدادڪوٽ، دادو ۽ ڄامشورو ضلعن ۾ پکڙيل هئي. پهرين حصي ۾ ڪشمور ۽ شڪارپور ۽ جيڪب آباد ضلعن جو ڪجهه ٽڪرو اچي وڃي ٿو، ٻئي حصي ۾ ٽنهي ضلعن يعني جيڪب آباد، شڪارپور ۽ قمبر-شهدادڪوٽ جا ڪجهه ٽڪرا اچي وڃن ٿا، ٽئين حصي ۾ قمبر-شهدادڪوٽ ۽ دادو ضلعن جا ڪجهه ٽڪرا اچي وڃن ٿا، جڏهن ته پنجين حصي ۾ دادو ۽ ڄامشورو ضلعن جا ٽڪرا اچي وڃن ٿا. 4 نومبر کان 4 ڊسمبر تائين يعني هڪ مهيني ۾ پاڻي جو نيڪال هن ريت رهيو.
حصو پاڻي نيڪاليءَ جو سيڪڙو
پهريون 83 سيڪڙو
ٻيو 90 سيڪڙو
ٽيون 97 سيڪڙو
چوٿون 73 سيڪڙو
پنجون 94 سيڪڙو
ڪُل 88 سيڪڙو
پهرين حصي مان پاڻي ڪڍڻ جو حدف 9 نومبر، ٻئي حصي جو 17 نومبر، ٽئين حصي جو 26 نومبر، چوٿين جو 4 ڊسمبر هو ۽ پنجين جو 19 ڊسمبر هو، هنن کي 95 سيڪڙو پاڻي ڪڍڻو هو جيتوڻيڪ پهرين چئن حصن مان مقرر ٿيل تاريخن تي پاڻي نه نڪري سگهيو آهي. پر ڪل حاصلات ٺيڪ آهي. يعني 88 سيڪڙو ۽ 95 سيڪڙو حدف ۾ رڳو 7 سيڪڙو رهيل آهي. انهيءَ هوندي به شجراع صاحب ۽ چيف سيڪريٽري سنڌ رفتار وڌائڻ جو چيو. تنهن کان پوءِ آبپاشي واري وزير ڄام سيف الله ڌاريجي 11 ڊسمبر تي دادو ۾ سڀني واسطيدار کاتي جي آفيسرن جي هڪ گڏجاڻي ڪئي. جنهن ۾ وري واهن ۽ بندن ۾ لڳل گهارن کي بند ڪرڻ ۽ پاڻي نيڪال جو جائزو ورتو ويو. وزير صاحب پاڻي نيڪال جو ڪم 31 ڊسمبر تائين پوري ڪرڻ جو حڪم ڏنو. وري اچو يورپي يونين تي، انهيءَ جي نمائندي پيٽرزنگل علائقن جو دورو ڪرڻ کان پوءِ چيو ته ”سنڌ جا ڪجهه حصا اڃا تائين پاڻي ۾ ٻڏل آهن. جتي اهي ماڻهو، جن جا گهر ٻوڏ ڪري ٻڏل آهن. اڃا روڊن تي ڪيمپن ۾ ويٺا آهن. انهن جا فصل ٻوڏ ٻوڙي ڇڏيا آهن. ٻوڏ جي پاڻي مان جان ڇڏائڻ جو رڳو هڪ طريقو آهي ته پاڻي ٻاڦ ٿي اڏري وڃي. اهو بيٺل پاڻي جي عميق ۽ موسمي حالتن تي مدار رکي ٿو، جنهن ۾ 2 کان 6 مهينا لڳي سگهن ٿا.“ هڪڙي پاسي آبپاشي وارا چون ٿا ته 88 سيڪڙو پاي نڪري ويو آهي. ٻئي پاسي يورپي يونين جو نمائندو چوي ٿو ته انهيءَ کي نڪرڻ يا سڪڻ ۾ 2 کان 6 مهينا لڳندا. سيٽلائيٽ تان نڪتل فوٽن مان خبر پئي ٿي ته اڃا ڪيترن علائقن م پاڻي بيٺو آهي. وري ڪيترن علائقن جا ماڻهو مون کي فون ڪري ٻڌائن ٿا ته انهن جون ايراضيون اڃا ٻڏل آهن. پوءِ اهو ڪيئن چيو وڃي ٿو ته 88 سيڪڙو پاڻي نڪري ويو آهي ۽ 31 ڊسمبر تائين سڄو پاڻي نڪري ويندو؟
اهو معلوم ڪرڻ لاءِ مون آبپاشي وارن سان رابطو ڪيو ۽ سيٽلائيٽ تان نڪتل پراڻا ۽ نوان فوٽو جن کي اميجري چون ٿا ڏٺم، خبر پئي ته انهيءَ ۾ سوچ جو فرق آهي، آبپاشي کاتي وارا انجنيئر آهن. هو پاڻي ڪڍڻ جو حساب حجم (Volume) تي رکن ٿا. جڏهن ته عام ماڻهو ۽ سيٽلائيٽ وارا فوٽو ايراضي ڏيکارين ٿا. آبپاشي وارن جي سوچ اها آهي ته ٻڏل علائقن ۾ هيترو پاڻي جو حجم بيٺو آهي ۽ هنن کي انهيءَ جو 95 سيڪڙو ڪڍڻو آهي. باقي 5 سيڪڙو کڏن کوٻن ۾ پوءِ به بيٺو رهندو ۽ ڪڍي نه سگهبو. مان هنن کان پڇيو ته 247 ميلن ۾ بيٺل پاڻيءَ جي حجم جي اوهان کي ڪيئن خبر پوي ٿي؟ هنن ٻڌايو ته هو سپارڪو کان سيٽلائيٽ جا فوٽو وٺن ٿا، جن ۾ بيٺل پاڻي جدا رنگ ۾ ڏسڻ ۾ اچي ٿو. انهيءَ بيٺل پاڻيءَ جي ايراضي هنن کي سپارڪو وارا ڪڍي ڏين ٿا. تنهن کانپوءِ هو فيلڊ وارن ماڻهن کان مختلف هنڌن تي پاڻي جو عميق معلوم ڪن ٿا ۽ سپارڪو وارن جي ڏسيل ايراضيءَ کي مختلف حصن ۾ ٻڌايل عميق مان ضرب ڏيڻ سان پاڻي جو حجم معلوم ٿي وڃي ٿو. هنن کي روز سيٽلائيٽ جا فوٽو ملن ٿا. جنهن مان ٻوڏ واري بيٺل پاڻيءَ جي ايراضي به ملي ٿي.
فيلڊ وارن ماڻهن کان مختلف هنڌن تي پاڻي جو عميق معلوم ڪري هو هر روز پاڻي جو حجم معلوم ڪن ٿا. مثال طور هنن جيڪو ٻڌايو آهي ته 88 سيڪڙو پاڻي 4 ڊسمبر تائين نڪري ويو آهي ته انهيءَ جو حساب ڪتاب هن طرح آهي: 4 نومبر تي سيٽلائيٽ جي فوٽن مطابق ٻڌايل ٻڏل ايراضي جو حجم فيلڊ ۾ ٻڌايل عميق مطابق 1.75 ملين ايڪڙ فوٽ هو، وري هنن 4 ڊسمبر تي سيٽلائيٽ فوٽن مطابق ٻوڏ واري پاڻيءَ جي ايراضي ورتي ۽ فيلڊ وارن ماڻهن جي ٻڌايل عميق سان ضرب ڏئي 4 ڊسمبر تي بيٺل پاڻيءَ جو حجم ڪڍيو، جيڪو 0.201 ملين ايڪڙ فوٽ بچيو، معنيٰ هڪ مهيني ۾ 1.549 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي ڪڍيو ويو، جيڪو 88 سيڪڙو ٿئي ٿو، وري جنهن ايراضي ۾ پاڻي بيٺو رهيو، اها ڪجهه هن ريت رهي. سيٽلائيٽ فوٽن مطابق 4 نومبر تي ٻڏل ايراضي هئي 7 لک 92 هزار ايڪڙ-آبپاشي کاتي وارن مختلف حصن مان واهن. سم نالين. ايم اين وي ڊرين ۽ منڇر رستي سنڌو ۾ پاڻي ڪڍيو 9 ڊسمبر تي- سيٽلائيٽ نقشن مطابق جنهن ايراضي تي پاڻي بيٺو هو، سا هئي 3 لک 93 هزار ايڪڙ، يعني انهيءَ وقت ۾ 3 لک 99 هزار ايڪڙ ايراضي مان پاڻي نڪري ويو. معنيٰ 51 سيڪڙو ايراضي مان پاڻي نڪري ويو، پر 49 سيڪڙو ايراضيءَ ۾ پاڻي بيٺو رهيو، آبپاشي کاتي وارا چون ٿا ته 88 سيڪڙو پاڻي نڪري ويو آهي، پر سيٽلائيٽ فوٽن مطابق رڳو 51 سيڪڙو ايراضي مان پاڻي نڪري ويو آهي. پوءِ ڪير صحيح آهي. ڪير غلط؟
ڳالهه ڪندا آهن ته هڪ ٻهراڙيءَ جو ماڻهو ڪنهن واهه تي پهتو. جتي ڪراس ڪرڻ لاءِ پل نه هئي. هو واهه ٽپي ٻئي ڀر وڃڻ پيو چاهي. پر تارو ڪو نه هو، ڀرسان ئي هڪ آبپاشي کاتي وارو سرويئر واهه جو ڊسچارج پيو وٺي، جنهن ۾ واهه جو عميق به وٺڻو هجي ٿو. هن همراهه آبپاشي واري سرويئر کان پڇو ته واهه جو عميق ڇا هو؟ هن ٻڌايو ته واهه جو سراسري عميق ساڍا چار فوٽ هو، همراهه سوچيو ته هن جو قد 5 فوٽ 3 انچ هو، سو سولائيءَ سان ٻئي ڀر پهچي ويندو. اهو سوچي واهه ۾ گهڙي پيو، جڏهن وچ سير جي ويجهو ٿيو پاڻي ته ڳچي تائين اچي ويو، رڙ ڪري سرويئر کي چيائين ته ”ميان تو ته ٻڌايو هو ته واهه جو عميق ساڍا چار فوٽ آهي. پر مان ته 5 فوٽ 3 انچن وارو آهيان ۽ ٻڏان پيو؟ سرويئر ورندي ڏني ته ”تون ٻڏين ٿو يا نه منهنجو واسطو ڪونهي، پر منهنجو حساب صحيح آهي ته واهه جو سراسري عميق ساڍا چار فوٽ آهي.“
هڪ ميز تي گلاس رکيل هو، جيڪو اڌ ڀريل هو، هڪڙي همراهه چيو ته گلاس اڌ ڀريل آهي. ٻئي چيو ته گلاس اڌ خالي آهي. ماڻهوءَ ماڻهوءَ جي سوچ ۾ فرق ٿئي ٿو، ٽيڪنيڪل ماڻهو ٽيڪنيڪل ٻولي ڳالهائين ٿا. غير ٽيڪنيڪل سادي ٻولي ڳالهائين ٿا. ٻئي صحيح آهن. پر اٻوجهه ۽ سادن ماڻهن کي ڪن جي ٽيڪنيڪل سوچ سبب تڪليف پهچي ٿي. حجم جي لحاظ کان 88 سيڪڙو پاڻي نڪري ويو ۽ رڳو 12 سيڪڙو بيٺو آهي. پر جن ماڻهن کي پنهنجن گهرن ڏي موٽڻو آهي، تن جو حجم سان ڇا؟ هنن کي ته سڪل زمين کپي، جنهن تي ٻيهر پنهنجا گهر ٺاهي سگهن ۽ آبادي ڪري سگهن. جيڪڏهن زمين تي فوٽ به پاڻي هجي ته نه گهر ٺهي سگهن ٿا، نه وري آبادي ٿي سگهي ٿي، پوءِ جڏهن اڃا 3 لک 93 هزار ايڪڙن ۾ پاڻي بيٺو هجي ته ماڻهن کي رليف ته نه مليو. ٻڏل ايراضين وارن ماڻهن کي ته تڏهن رليف ملندو. جڏهن سڀني ايراضين مان پاڻي نڪري وڃي. آبپاشي کاتي وارن جي مجبوري اها آهي ته هڪ ته ڪجهه زور وارا ماڻهو پاڻي ڪڍڻ نٿا ڏين. ٻيو سڄو پاڻي قدرتي وسيلي ڪڍي نٿو سگهجي.
ڪاوش اخبار جي خبر مطابق وزير آبپاشي جڏهن دادو ۾ ويو هو ته آبپاشي کاتي جي هڪ انجنيئر عبدالغفور ٻڌايو ته هڪ هفتي جي رات ڏينهن محنت کان پوءِ ميرو خان ڊرين جي زيرو پوائنٽ تي آر بي او ڊي کي لڳل گهارو هنن بند ڪيو ته جيئن دادو ضلعي ڏانهن وهندڙ پاڻيءَ کي روڪي حمل ڍنڍ ۾ پاڻي ڇوڙ ڪيو وڃي ته جيئن دادو ۽ ڄامشورو ضلعن مان پاڻي نيڪال ٿي سگهي. پر ملڪ غيبي خان چانڊيو ۽ سندس سوين هٿياربندن ڏينهن ڏٺي جو حملو ڪري لکين رپين جي مڇي مارڻ جي خاطر اهو بند ٿيل گهارو ٽوڙي ڇڏيو ۽ غير قانوني پاڻيءَ جو گذر دادو طرف هلي رهيو آهي. جنهن تي واپڊا اسڪارپ جي جي ايم علي شير بلوچ دانهيو ته اهو گهارو ٽوڙڻ سان دادو ضلعي مان پاڻيءَ جو نيڪال ڪنهن به صورت ۾ نه ٿي سگهندو ۽ اهو فوري طور بند ڪري هٿياربندن خلاف ڪارورائي ڪئي وڃي. انهيءَ ڳالهه جو ٻيو قصو اهو ٿو ٻڌايو وڃي ته هي ڪم ميرو خان ڊرين جي ڪن زور وارن ٻروچن ڪيو هو. جو هنن کي خطرو هو ته ميرو خان ڊرين فل هلائي ويندي. جنهن ڪري انهيءَ جي ٽٽڻ جو خطرو هو ۽ هنن جا گهر ٻڏن ها. ٻئي پاسي ڳڙهي خيرو شهر جي اوڀر واري پاسي جيڪو پاڻي بيٺو آهي. اتي ڪي ماڻهو هڪ روڊ کي ڪٽ هڻڻ نٿا ڏين ته اهو پاڻي نڪري وڃي. پر ڪٽ نه هڻڻ ڏيڻ جي ڪري اهو پاڻي نٿو نڪري سگهي.
آبپاشي کاتي وارا ٻوڏ جو بيٺل پاڻي واهن. سم نالين ذريعي قدرتي وهڪرو ڪرائي ايم اين وي ڊرين ۾ آڻي منڇر ڏي ورائن ٿا. جتان اهو درياءَ ۾ هليو وڃي. جيڪڏهن زمينن تي بيٺل پاڻي جي ليول ايتري هيٺ ٿي وڃي جو اهو از خود وهي واهن ۽ سم نالين ۾ نٿو اچي سگهي ته هو اهو پاڻي نه ڪڍي سگهندا. جو اهو پمپ ڪرڻ کانسواءِ واهن ۽ سم نالن ۾ نٿو وڃي سگهي. پر آبپاشي کاتي جو اهو ڪم ناهي. هنن وٽ انهيءَ ڪم لاءِ نه پمپ آهن. نه مهارت، سم نالين جي نيڪال واري جاين تي پمپ لڳل آهن. پر اهي پڪي طرح لڳل آهن. جيئن گهاڙ پمپنگ پوائنٽ، وري پمپن جي لحاظ کان مهارت ۽ پمپ آءِ ايم اي IMA وارن وٽ آهن، پر اهي رڳو شهرن مان پاڻي نيڪال ڪرڻ لاءِ آهن. پوءِ زمينن ۾ بيٺل ٻوڏ جو اهو پاڻي. جيڪو هيٺ هجڻ ڪري واهن ۽ سم نالين وسيلي نڪري نٿو سگهي. انهيءَ کي ڪير ڪڍي؟ جيڪڏهن انهن ايراضين کي سڪڻ لاءِ ڇڏيو وڃي پوءِ ته يورپي يونين جي نمائندي مطابق انهيءَ ۾ 2 کان 6 مهينا لڳندا. پوءِ يا ته اسان انهيءَ جي سڪڻ جو انتظار ڪيون يا انهيءَ کي ڪڍڻ جو ڪو بندوبست ڪيون.
حڪومت ڇالاءِ هوندي آهي؟ ته ماڻهن جون ڏکيائون دور ڪري ۽ انهن کي سهولتون پهچائي. جيڪڏهن اهو ڪم هڪڙو کاتو نٿو ڪري سگهي ته ٻن ٽن کاتن کي گڏي اها ذميواري ڏني وڃي. ٻوڏ جا بدحال، بکايل، بيروزگار ۽ بيمارين جا ماريل ماڻهو جلد پنهنجن ماڳن ڏي موٽڻ چاهين ٿا، پنهنجون زمينون آباد ڪرڻ چاهين ٿا. پر اهو تڏهن ٿيندو. جڏهن حڪومت ڪيئن به ڪري انهن جي زمينن کي ٻوڏ جي بيٺل پاڻي کان خالي ڪرائيندي.