ٻوڏ جا سبب ۽ دربدر ٿيل سنڌ واسين جو مستقبل…ڊاڪٽر مير عالم مري
(1) سنڌ کان ٻاهر، بالخصوص پنجاب اندر جيڪي ڊيم يا فلڊ ڪئنال ٺاهيا ويا آهن. انهن جو بنيادي مقصد ئي اهو هو ته ٻوڏ ۾ جڏهن سنڌو ندي اندر سيلابي پاڻي جو مقدار وڌي وڃي، تڏهن اهي ڊيم/ فلڊ ڪئنال وغيره ڀريا/ وهايا وڃن. پر پنجاب پنهنجو روايتي مظاهرو ڪندي اهي ڊيم (تربيلا ۽ منگلا وغيره) ان وقت ئي ڀري ٿو ڇڏي. جڏهن سنڌو درياهه ۾ پاڻي جو مقدار ملڪي ضرورتن لاءِ ئي ناڪافي هوندو آهي. نتيجي ۾ سنڌ ۽ بلوچستان ۾ پاڻي جي کوٽ پيدا ٿيو پوي. پڙهندڙن کي ياد هوندو ته موجوده ٻوڏ کان ڪجهه هفتا اڳ م ئي پنجاب تربيلا ۽ منگلا ڊيم ڀرڻ کان علاوه چشما- جهلم ڪئنال وغيره زوري زبردستي تار ڪري/ وهائي ڇڏيا هئا. جنهن جي نتيجي ۾ سنڌ اندر پيئڻ جي پاڻي جي به کوٽ پيدا ٿي پئي هئي. جنهن بعد جيئن ئي مون سون جي شديد برساتن جو سلسلو شروع ٿيو ته جيئن ته سڀ ڊيم، ڪئنال وغيره اڳي ئي پنجاب حڪومت ڀري ڇڏيا هئا. تنهن ڪري سيلابي پاڻي کي روڪڻ جي پنجاب وٽ گنجائش ئي نه رهي ۽ پنجاب سيلاب جو سمورو پاڻي، سنڌ ڏانهن روانو ڪري ڇڏيو ۽ سنڌ ٻڏڻ لڳي آهي. يعني پنجاب جي پاليسين سبب سڪي به سنڌ ته ٻڏي به سنڌ. وفاقي حڪومت توڙي (انڊس رور سسٽم اٿارٽي) ارسا فقط نمائشي ادارا ئي آهن.
(2) 1976ع کان پوءِ سنڌو درياهه ۾ هي ٻي وڏي ٻوڏ آهي. 35 سالن جي انهيءَ عرصي دوران اربين رپين جا فنڊز، سنڌو درياهه جي ڪپرن، بندن کي مضبوط ڪرڻ ۽ پچنگ لاءِ جاري ڪيا ويا، پر آبپاسي کاتي جا رشوتخور ۽ بدعنوان ڪامورا، انهن فنڊن تي هٿ صاف ڪندا رهيا آهن، نتيجي طور نه ته بندن، بيراجن جي ڪا جوڳي مرمت ٿي آهي ۽ نه ئي بهتر طريقي سان ڪا پچنگ ٿي آهي. آبپاشي کاتي جي اهڙي عوام آزار ڪردار جو اعتراف تازين ٻوڏن دوران، سنڌ جو وڏو وزير سيد قائم علي شاهه به ڪري چڪو آهي. پر صورتحال جي سنگيني جي پيش نظر، انهن خلاف ٺوس جاچ ڪرڻ ۽ سخت ڪارروائي ڪرڻ جي به ضرورت آهي.
(3) مختلف زميندارن، سنڌو درياهه جي پاڻي مان فائدو حاصل ڪرڻ لاءِ يا پنهنجون ڪيٽيون ۽ زمينون آباد ڪرڻ لاءِ هڪڙا بند ڊاٿا آهن ته ٻيا بند ڏياريا آهن، جنهن ڪري به درياهي ٻوڏ تباهي مچائي آهي.
هن وقت پنجاب وري نوان ڊيم ٺاهڻ جو راڳ آلاپڻ شروع ڪندي انهن موجوده سيلاب کي دليل طور استعمال ڪرڻ شروع ڪيو آهي ته جيڪڏهن ڪالاباغ ڊيم سميت ٻيا ڊيم ٺهيل هجن ها ته ٻوڏ جو هي پاڻي نه ضايع ٿئي ها ۽ نه ايترو نقصان ٿئي ها. ان سلسلي ۾ اسان جو موقف واضح آهي. جيئن ته پنجاب جي حدن ۾ ٺهيل ڊيمن ۾ پاڻي ڀرڻ يا خارج ڪرڻ جو فيصلو سنڌ جي مفادن ۽ ضرورتن مطابق نٿو ٿئي. پنجاب ڪنهن به معاهدي يا واعدي تي قائم نٿو رهي ۽ ڏاڍ مڙسي جي ذريعي سنڌو درياهه جي پاڻي سان هٿ چراند ڪندو، زوري يا چوري ڪندو ٿو رهي. تنهن ڪري سنڌ کان ٻاهر (پنجاب يا پاڪستاني ڪشمير جي جاگرافيائي حدن اندر) ڪو به ڊيم يا ڪينال وغيره جو منصوبو نه ٺاهيو وڃي. جيڪڏهن پاڻي جا ڪي ذخيرا بجلي، زراعت يا ٻين ضرورتن لاءِ ٺاهڻ ضروري آهن ته پوءِ اهي سنڌ اندر ٺهڻ گهرجن ته جيئن انهن تي اختيار به سنڌ جو هجي. موجوده صورتحال جو ٻيو پاسو اهو آهي ته موجوده سيلاب جي ڪري سکر، ڪشمور، جيڪب آباد يا شڪارپور ضلعن ۾ جيڪو وڏي پيماني تي نقصان ٿيو آهي. ان جو سبب بيراج بچائڻ لاءِ درياهه کي هٿرادو ڪٽ هڻڻ آهي. اهي ڪٽ هڻن سان انهن ضلعن جا هزارين ڳوٺ ۽ ڪيترائي شهر ٻڏي ويا آهن. سوين انساني جانيون ضايع ٿيون آهن. هزارين جانور مري ويا آهن ۽ اربين رپين جون ملڪيتون، گهر، زرعي زمينون، روڊ، ريلوي لائينون ۽ بجلي جو نظام تباهه ٿي ويو آهي، چيو پيو وڃي ته ان صورتحال جا ذميوار وفاقي ۽ سنڌ حڪومت جا پنج وزير آهن. جن پنهنجون زمينون شهر بچائڻ لاءِ ٻين کي ٻوڙي ڇڏيو آهي. انهيءَ معاملي جي غير جانبدار جاچ ڪرائڻ لازمي آهي.
سيلاب کان پوءِ سنڌ اندر وڏي پيماني تي، خاص طور تي اتر سنڌ ۾ وڏي تباهي آئي آهي. جيتوڻيڪ سنڌ حڪومت هن وقت تائين ابتدائي طور تي 19 ضلعن کي آفت سٽيل قرار ڏئي ڇڏيو آهي. پر ڪيترو جاني ۽ مالي نقصان ٿيو آهي. ان جو مڪمل سروي نه ٿي سگهيو آهي. سنڌ حڪومت عوامي دٻاءُ تي ٻوڏ سٽيل ماڻهن کي سنڌ جي وڏن شهرن خاص طور تي حيدرآباد ۽ ڪراچي ۾ موڪلڻ جو اعلان ۽ بندوبست ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. ڌاري آبادڪاري جي لحاظ سان موجوده ٻوڏن ۾ هڪڙي ڳالهه اها ٿي آهي ته پنجاب ۽ خيبر پختونخواهه جا زميني رابطا گهٽجي ويا آهن، نه ته پنجاب ۽ خيبر پختونخواهه جا لکين ٻوڏ متاثر به سنڌ ڏانهن رخ ڪن ها. هن دفعي ۽ شايد تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ٻوڏ سبب سنڌ جي متاثر ماڻهن ڪراچي ڏانهن رخ ڪرڻ شروع ڪيو آهي، ان جا بنيادي سبب هي آهن.
(1) ڪراچي ۾ روزگار جا ذريعا وڌيڪ آهن، تنهنڪري ٻوڏ سٽيل ماڻهن کي گذر معاش جي سهولت ڪراچي ۾ وڌيڪ نظر اچي ٿي.
(2) جديد مواصلات ۽ آمدرفت جي ذريعن جي ترقي سبب ماڻهن سنڌ جي شهرن ڏانهن رخ ڪيو آهي. نه ته ماضي ۾ آيل ٻوڏن جي نتيجي ۾ ايئن نه ٿيو هو.
(3) گذريل ٽن ڏهاڪن دوران سنڌ جي شهرن خاص طور تي ڪراچي ۾ جيڪي لکين پنجابي، پٺاڻ، افغاني، بنگالي ۽ ٻين قومن جا ماڻهو وڏي تعداد ۾ اچي آباد ٿيا آهن. ان جي نتيجي ۾ سنڌين ۾ اهو احساس پيدا ٿيو آهي ته ڪراچي جو شهر عملي طور سنڌين جو شهر ناهي رهيو، تنهن ڪري وڏي پئماني تي، سنڌين کي ڪراچي ڏانهن رخ رکڻ، آباد ٿيڻ ۽ پنهنجن شهرن جي مالڪي ڪرڻ گهرجي.
(4) سنڌ جي قومپرست جماعتن جو موقف ۽ جدوجهد به اها رهي آهي. تنهنڪري قومپرست ڪارڪنن جي حيثيت ۾ اهو اسان جو فرض آهي ته وڌ کان وڌ سنڌين کي ڪراچي ۾ آباد ڪريون.
(5) ان سان سنڌ جي شهري، لساني ۽ مذهبي جماعتن جي به پرک ٿي ويندي ته اهي دهشتگردي، بدامني يا روزگار سبب ملڪ جي جي ٻين صوبن يا پاڙيسري ملڪن مان ايندڙ ماڻهن کي جتي ڪراچي ۾ برداشت ڪندا آيا آهن ته ڇا اهي سنڌين کي برداشت ڪندا؟ حالانڪه سنڌي ته سنڌ جا مالڪ آهن. اهي هڪ ڳوٺ کان ٻئي ڳوٺ، هڪ ضلعي کان ٻئي ضلعي ۽ هڪ شهر کان ٻئي شهر تائين، جڏهن به ۽ جتي به رهڻ يا آباد ٿيڻ چاهين ته ٿي سگهن ٿا ۽ ان لاءِ سنڌين کي ڪنهن کان اجازت وٺڻ جي ضرورت ڪونهي.
موجوده صورتحال کان پوءِ مستقبل جي حوالي سان اهو ضروري آهي ته: (1) سڄي سنڌ کي آفت سٽيل قرار ڏئي سمورا زرعي قرض ۽ ڍلون معاف ڪيون وڃن (2) جاني ۽ مالي نقصانن جو سرڪار معاوضو ادا ڪري (3) ڊگهي مدت وارا ۽ آسان قسطن ۽ وياجن وارا قرض (زرعي توڙي صنعتي) ڏنا وڃن (4) پرڏيهه مان ٻوڏ سٽيل ماڻهن جي سهائتا لاءِ ملندڙ امداد سان سنڌ کي ان جو جائز حصو ڏنو وڃي ۽ سماجي ۽ معاشي ترقي جو وسيع پروگرام شروع ڪيو وڃي. (5) ڪراچي ۾ سرڪاري زمين تي سنڌين کي پلاٽ ڏنا وڃن ۽ کين سرڪاري خرچ تي گهر ٺهرائي ڏنا وڃن (6) جيڪڏهن حڪومت ذوالفقار آباد جي نالي سان نئون شهر جوڙڻ ۾ سنجيده آهي ته اهو شهر مڪمل طور سنڌين جي حوالي ڪري (7) ڪراچي جي صنعتي (سرڪاري توڙي نجي) ادارن کي پابند ڪيو وڃي ته اهي نوڪريون ترجيحي بنيادن تي ٻوڏ سٽيل سنڌ واسين کي ڏين ۽ ڪل ملازمن جو 90 سيڪڙو سنڌين کي ڏين، ٻي صورت ۾ انهن کي ٽيڪس يا ڪنهن ٻئي قسم جي ڏنل رعايت ختم ڪري اهڙن ڪارخانن کي سنڌ حڪومت جي تحويل ۾ ورتو وڃي (8) جيڪي به وفاقي ادارا آهن. انهن ۾ ڪوٽا ۽ قانون جي ٻين شرطن کي معطل ڪري سنڌين کي 70 سيڪڙو نيون ڀرتيون ڪري نوڪريون ڏنيون وڃن (9) سنڌ اندر ننڍا ننڍا ڊيم ٺاهڻ جي منصوبابندي ڪئي وڃي ته جيئن پاڻي ذخيرو ڪري انساني مفادن لاءِ استعمال ڪري سگهجي. (10) سنڌ حڪومت، جلد ڪل جماعت ڪانفرنس سڏائي ٻوڏ جي سببن، امدادي ڪاررواين ۽ مستقبل جي منصوبن بابت سياسي پارٽين کي اعتماد ۾ وٺي.