تاريخ، فلسفو ۽ سياست

مها ٻوڏ 2010 (جيڪي سنڌ سان ٿيو)

ڪتاب ” مها ٻوڏ 2010 (جيڪي سنڌ سان ٿيو) “ اوهان اڳيان حاضر آهي. هن ڪتاب جو ليکڪ عزيز رانجهاڻي آهي. 07 آگسٽ 2010 تي سنڌوءَ جي ساڄي ڪپ تي ٽوڙيءَ واري هنڌ تان سنڌوءَ جي بچاءُ بند کي گهارو ڇا لڳو، ڄڻ سنڌ ۾ قيامت اچي وئي. شير درياهه سنڌو مستيءَ ۾ اچي سنڌ جي ميدانن شهرن ۽ ڳوٺن ۾ ڪاهجي پيو ۽ ٻوڙان ٻوڙ ڪري ڇڏي ۽ ڏسندي ئي ڏسندي بلوچستان جي حدن کان وٺي سنڌي سمونڊ تائين هڪ ٻيو سمونڊ ڪري ڇڏيو. جتي 10 کان وٺي 16 فوٽن تائين ڪيترائي ڏينهن اڌ سنڌ پاڻيءَ هيٺ رهي ۽ اڌ سنڌ جي آبادي سر ۽ مال متاع بچائڻ لاءِ سرگردان رهي ۽ پنهنجي ئي ڌرتيءَ تي صدين کان آباد هي ڌرتي ڌڻي بي گهر ٿي ڪسمپرسيءَ جي حالت ۾ ڪئمپن جي حوالي ٿيا. سنڌوءَ جو پاڻي سندن پويان ائين پئجي ويو جيئن ڪو حمله آور لشڪر اوچتو ڪنهن علائقي ۾ ڪاهجي پوي ۽ ماڻهن ۾ ڀاڄ پئجي وڃي ۽ هو ساهه بچائڻ لاءِ برمنهن ڪندا هجن. ڪٿي جيڪب آباد، ڪشمور، ٺل، شهدادڪوٽ، ڳڙهي خيرو ۽ ڪٿي ڪراچي، سانگهڙ، ٽنڊو باگو، نئون ڪوٽ ۽ حيدرآباد، ساهه بچائڻ لاءِ هي ڌرتي ڌڻي، سنڌ جي هڪ ڪنڊ کي ڇڏي ٻئي ڪنڊ تي وڃي ڪئمپن ۾ پهتا ۽ دربدر ٿي مصيبتن ۽ عذاب ۾ اچي ويا.
Title Cover of book مها ٻوڏ 2010 (جيڪي سنڌ سان ٿيو)

ڀاڳان جو اڀاڳ

هي ڳڙهي خيرو جو بروهي خاندان آهي. ڳڙهي خيرو: جنهن جي ٻڏڻ جو ڪو به امڪان نه هو ۽ جيڪب آباد کي بچائڻ لاءِ جيڪا ”ڪٽا ڪٽ“ شروع ٿي. انهن ڪٽن مان پاڻي وڃي ڳڙهي خيرو جو گس ورتو. بروهين جو هي ڪٽنب ٽرڪ ۾ چڙهي سڌو اچي چامشوري پهتو. ڳڙهي خيرو مان موت جي راڪاس کي مات ڪري ڀاڳان پنهنجا سڀ ٻار سيني سان لائي. چند کٽون ۽ هڪ وڏي پيتي ساڻ کنئي هئي. پنهنجي ٻچن کي هن ڪڏهن رئي جي پلاند سان پئي ڍڪيو ته وري ڪڏهن ٽرڪ ۾ ڇانوَ واري پاسي پئي ويهاريو. اهو ڏينهن- رات جو سفر هو، هنن وٽ ڪجهه روڪ رقم هئي. جيڪا هنن گڏ ڪري ٽرڪ واري کي ايڊوانس طور ڏني هئي. هاڻي هو ايترو ته هٿين خالي هئا. جو رستي تي ٻارن کي پيارڻ لاءِ پاڻيءَ کانسواءِ وٽن ڪجهه به نه هو، ڀاڳان کي آسرو هو ته هيءَ ظلم جي رات جهڙي اونداهي رات نيٺ پوري ٿيندي ۽ صبح ٿيندو، ۽ هوءَ پنهنجي ٻارن کي ڪجهه نه ڪجهه ضرور کائڻ لاءِ ڏيندي، پر رستي تي گاڏين جي رش ۽ پاڻي جي ڪري سندن سفر طويل ٿيندي پئي ويو. ڪيترائي ڪلاڪ هو اس ۾ روڊن تي اهڙي حالت ۾ بيٺا رهيا. ٽرڪ ايتري ته ماڻهن سان سٿيل هئي. جو هو لهي چڙهي به نه پئي سگهيا. ٽرڪ ۾ انسان ائين سٿيل هئا. جيئن قربانيءَ جي عيد لاءِ ٽرڪ مٿان رسا ٻڌي انهن ۾ ٻاڪرو مال وجهندا آهن. ڀاڳان جا ٻه ٻار، جن ۾ ٻن سالن جي انيلا کي هوءَ جيتوڻيڪ هنج ۾ لڪائي اس کان ته بچائڻ ۾ ڪامياب وئي هئي پر ان ٽرڪ ۾ سٿيل انسانن جي هجوم ۽ بک، نه ختم ٿيندڙ سفر جي ٿڪاوٽ واري تڪليف انيلا جي سهپ کان گهڻي هئي هن معصوم کي اها ته ڪا به خبر نه هئي ته سندس ماءُ پيءُ مسافريءَ ۾ آهن پر سندس ستن سالن جي ڀاءُ الطاف کي اها ڄاڻ هئي ته هو ”پرديس“ ۾ آهن. تنهنڪري هو خاموش ٿي سفر جي خاتمي جو انتظار ڪري رهيا هئا. سندس وڏي ڀيڻ کيس ٻڌائي رهي هئي ته هتان نڪري اسان جيئن ئي ”پڪي“ تي پهچنداسين ته پهرين ماني کائينداسين ۽ ان مانيءَ جو آسرو هنن کي ايتري ته همت ڏيندو رهيو، جو هو ڏهن ڪلاڪن تائين صبر سان رستي جي خاتمي جو انتظار ڪندو رهيو. رستي تي پيئڻ لاءِ کين صرف پاڻي پئي مليو. ڀاڳان جو هانءُ ان مهل ٻڏڻ ڳو. جڏهن تيز اس ۽ بک، رستي تان ملندڙ پاڻي ڪري ٻن سالن جي انيلا کي تيز بخار ٿي پيو. هوءَ صرف خدا کي ٻاڏائڻ کانسواءِ ڪجهه به نه پئي ڪري سگهي ۽ ٻئي طرف سندس ٻارنهن سالن جي ڌيءَ، جيڪا هن وقت تائين الطاف کي ريجهائي رهي هئي ۽ هن معصوم کي سمجهائي رهي هئي ته هو روئي نه، هو جلد ڪٿي نه ڪٿي پهچي ويندا ۽ سامان لاهڻ کان پهرين هو ماني کائيندا. تنهن ڏٺو ته الطاف جي برداشت جواب ڏيڻ لڳي آهي ۽ ڪيترن ئي ڪلاڪن کان مسلسل پاڻي تي گذارو ڪندڙ الطاف کي الٽيون ۽ دست ٿي پيا آهن. هن پنهنجي ماءُ کي الطاف جي بيماريءَ جو ٻڌايو. هڪ ٽرڪ ۾ سٿيل ڀاڳان هڪ پاسي انيلا کي ويهاريو ته ٻئي پاسي الطاف کي کڻي ڀاڪر ۾ ڀريائين پر اها رات کٽي ڪو نه پئي. هن جي جگر جا ٽڪرا گيسٽرو ۾ مبتلا ٿي ساڻا ٿي پيا هئا. مسافريءَ جي عذاب، مال ملڪيت کي پوئتي ڇڏي اچڻ ۽ دربدريءَ جي اوني، جنهن اڳ ئي ڀاڳان کي ڀاڱان ڪري ڇڏيو هو. ان ڀاڳان جو سڄو وجود ئي ذرا ٿي پيو. جڏهن هن جي پنهنجي ٻانهن تي بي جان ٿيندڙ هن جي ڌيءَ هئي ۽ پٽ هو الطاف جي ڀيڻ. جنهن رات جي خاتمي جي خبر ٻڌائيندي الطاف کي ايترا ڪلاڪ ريجهايو هو، نيٺ ان رات جو صبح ته ٿيو پر جڏهن صبح جو اها ٽرڪ ڄامشورو سنڌ يونيورسٽي ڪالونيءَ جي اسڪول واري ڪئمپ سامهون بيٺي ته ان ڪئمپ ۾ سامان لاهڻ وقت ڀاڳان جيڪو پهريون ڳرو بار پنهنجي هٿن سان لاٿو، سي سندس مرده ٻارن جا جسم هئا. هنن گهر مان، ڳڙهي خيرو جي ٻڏندڙ ڇپرن ۽ لڙهندڙ جهوپي مان جيڪو سڀ کان قيمتي سامان بچايو هو. سو سندس ٻچن جو ساهه هو، پر ان نه ختم ٿيندڙ چوويهه ڪلاڪن جي سفر، جنهن ۾ خبر ناهي اهي ڪيترائي ڀيرا مئا ۽ جيئرا ٿيا ۽ جنهن صبح جي انتظار ۾ هو. جڏهن سڪي تي لٿا ته سامان کان پهرين ان جنهن قيمتي شين کي لاٿو. اهي سندس ٻچن جا لاش هئا. ڪئمپ ۾ پهرين امداد جا کين ملي. اها ماني نه هئي. جنهن جون ڳالهيون ٻڌائيندي ڀاڳان ڪيترائي ڪلاڪ پنهنجي ٻچن کي پئي سنڀاليو پر اهي سندس ٻن ٻارن، ٻن سالن جي انيلا ۽ ستن سالن جي الطاف جا ڪفن هئا. صبح ته ضرور ٿيو پر الطاف جا ڪفن هئا. صبح ته ضرور ٿيو پر الطاف جي زندگيءَ ۾ اهو صبح نه آيو. هي محبوب علي ۽ ڀاڳان جو ڪٽنب هو. جنهن پنهنجي رزق وسيلي لاءِ ”پرديس“ ۾ ڪمائي جو سهارو سلائي مشين به آندي هئي پر ان مشين تي ٻه پئسا ڪمائيندڙ ڪو جوڙو نه پر ڪئمپ تي پهچڻ کان پوءِ جيڪو پهريون سيبو ۽ بخيو ڏنو ويو. سو سندن ٻچن جي ڪفن جو سيبو هو، ۽ پناهه لاءِ مين تي سندن گهر ٺهڻ کان پهرين سندن ٻن ٻارن جون قبرون ٺهيون هيون. ”ڀاڳان“ پنهنجي ڀاڳ اڀاڳ کان بيخبر هڪ کٽ تي بيهوش پئي هئي ۽ سندس ننڍڙي ڌيءَ بروهڪيءَ ۾ صرف ايترو چئي رهي هئي ته ” منهنجا غريب ڀاءُ ۽ ڀيڻ ” پرديسي“ هئا. موڪلائي ويا.