تاريخ، فلسفو ۽ سياست

مها ٻوڏ 2010 (جيڪي سنڌ سان ٿيو)

ڪتاب ” مها ٻوڏ 2010 (جيڪي سنڌ سان ٿيو) “ اوهان اڳيان حاضر آهي. هن ڪتاب جو ليکڪ عزيز رانجهاڻي آهي. 07 آگسٽ 2010 تي سنڌوءَ جي ساڄي ڪپ تي ٽوڙيءَ واري هنڌ تان سنڌوءَ جي بچاءُ بند کي گهارو ڇا لڳو، ڄڻ سنڌ ۾ قيامت اچي وئي. شير درياهه سنڌو مستيءَ ۾ اچي سنڌ جي ميدانن شهرن ۽ ڳوٺن ۾ ڪاهجي پيو ۽ ٻوڙان ٻوڙ ڪري ڇڏي ۽ ڏسندي ئي ڏسندي بلوچستان جي حدن کان وٺي سنڌي سمونڊ تائين هڪ ٻيو سمونڊ ڪري ڇڏيو. جتي 10 کان وٺي 16 فوٽن تائين ڪيترائي ڏينهن اڌ سنڌ پاڻيءَ هيٺ رهي ۽ اڌ سنڌ جي آبادي سر ۽ مال متاع بچائڻ لاءِ سرگردان رهي ۽ پنهنجي ئي ڌرتيءَ تي صدين کان آباد هي ڌرتي ڌڻي بي گهر ٿي ڪسمپرسيءَ جي حالت ۾ ڪئمپن جي حوالي ٿيا. سنڌوءَ جو پاڻي سندن پويان ائين پئجي ويو جيئن ڪو حمله آور لشڪر اوچتو ڪنهن علائقي ۾ ڪاهجي پوي ۽ ماڻهن ۾ ڀاڄ پئجي وڃي ۽ هو ساهه بچائڻ لاءِ برمنهن ڪندا هجن. ڪٿي جيڪب آباد، ڪشمور، ٺل، شهدادڪوٽ، ڳڙهي خيرو ۽ ڪٿي ڪراچي، سانگهڙ، ٽنڊو باگو، نئون ڪوٽ ۽ حيدرآباد، ساهه بچائڻ لاءِ هي ڌرتي ڌڻي، سنڌ جي هڪ ڪنڊ کي ڇڏي ٻئي ڪنڊ تي وڃي ڪئمپن ۾ پهتا ۽ دربدر ٿي مصيبتن ۽ عذاب ۾ اچي ويا.
Title Cover of book مها ٻوڏ 2010 (جيڪي سنڌ سان ٿيو)

ڪئمپ ڪهاڻي -1 ... عرفانه ملاح

ٻوڏ جو پاڻي شهر کي ٻوڙي ئي ٻوڙي. ان کان اڳ ئي مبارڪپور جو حاجي عبدالغفور شهر مان نڪري آيو هو ۽ ٻوڏ کيس ايتري فرصت ضرور ڏني هئي. جو هو هڪ مينهن موٽر سائيڪل ۽ اي سي به ڪڍي سگهيو هو. هن جو سامان ڏسي ئي ٽرڪ ڊرائيور هن جي سامان کي ڍوئڻ جي حامي ڀري هئي. نه ته گهڻي قدر مسڪين حال ماڻهن کي ڏسي ٽرڪن وارا کين کڻن ئي نٿا. جيڪب آباد يا مبارڪپور کان ڪراچيءَ لاءِ ٽرڪ وارا اوترو ئي ڀاڙو اوڳاڙي رهيا هئا جيترو حيدرآباد کان لاهور جو ٿيندو آهي. ٽرڪ جو ڀاڙو 50 کان 60 هزار رپيا! جڏهن سوات ۾ آپريشن هلندڙ هو ته سوات کان ڪراچيءَ تائين جو چوڏهن سئو ميلن جي مفاصلي تي پٺاڻن پنهنجون ٽرڪون مفت هلايون هيون. جيڪي لکين آءِ ڊي پي ايز(IDPS) کڻي ڪراچيءَ پهتيون هيون ۽ سڄي سنڌ ۾ روزگار بند ڪري انهن هوٽلن ۾ دربدر خاندانن کي ترسايو هو پرا فسوس هن ڀيري دريا جي ڪروڌ جا شڪار ماروئڙا پنهنجا سنڌي هئا. ۽ سندن ٽرانسپورٽر پر ڪي ٻي ٻولي ڳالهائيندڙ نه پر سندن ئي ڌرتيءَ ڄاوا، ساڳي ٻولي ڳالهائيندڙ هئا. پر مصيبت جي هيءَ گهڙي سندن لاءِ ڪمائي ۽ ڌنڌي جي گهڙي ثابت ٿي. ڏهن ڪلاڪن جي سفر کان پوءِ رات جي چئين وڳي ڄامشورو ٽول پلازا وٽ ٽرڪ ڊرائيور کين روڊ تي ئي لاهي ڇڏيو. ٽرڪ ڊرائيور پنجاهه هزار رپيا روڪ رقم کانسواءِ کين اڳتي وٺي وڃڻ لاءِ تيار نه هو، سفيد پوش حاجي عبدالغفور ”پرديس“ ۾ بي يارومدگدار، ڪنهن کي ڇا ٻڌائي ته کيس هن ٽرڪ ڊرائيور لاءِ پورا پئسا کيسي ۾ نه آهن. رات جي چئين وڳي کان منجهند جي ٻين وڳي تائين ڄامشوري جي نامهربان اس جي تپش. اڃ ۽ بک هن جي سفيد پوشيءَ کي نيٺ ٽوڙي وڌو. ننڍا ننڍا ٻار، تيز اس... آسپاس ماڻهن جا هجوم اچي گڏ ٿيا. ڄڻ ٻوڏ سٽيل نه هجن. حاجي عبدالغفور جو خاندان ڪو زولاجيڪل گارڊن ۾ پهتل ڪا نئين مخلوق هجي! نه کانئن ڪو پاڻي. ماني يا نٽهڻ اس ۾ روڊ ڪناري هجڻ جو سبب پڇي رهيو هو. نه ئي کين ڪنهن دلداري ٿي ڏني. ان بي يارو مددگار خاندان وٽ پنجاهه هزار رپيا روڪ رقم نه هئي. تنهنڪري ڊرائيور رات جو چئين وڳي ڌاري کين ان ٽه واٽي تي بيهاري ڇڏيو آسپاس نه دڪان، نه ڪو پاڻي جو آسرو، جيڪب آباد کان حيدرآباد تائين هنن جو پاڻيءَ وارو ڪولر به خالي ٿي ويو هو، چاليهه ڀاتين جي ان ڪٽنب نٽهڻ اس ۾ مال وانگر رسن سان ٻڌجي ٽرڪ ۾ بک تي سفر ان آسري ڪيو هو ته سرڪار جي ڪنهن ڪئمپ ۾ پهچي هو گهٽ ۾ گهٽ ٻه ويلا ماني ته کائي سگهندا. اها ته کين قطعي ڄاڻ نه هئي ته ٽرڪ ڊرائيور روڪ رقم نه هجڻ تي کين رستي تي بيهاري ڇڏيندو. بک ۽ اڃ سبب ٻارن ۽ زائفائن جي حالت خراب هئي. بس حاجي عبدالغفور حوصلو ڪري بيٺو هو. اهو پهريون خاندان هو، جيڪو ڄامشوري جي پهاڙين ۾ لٿو هو. هر ايندڙ ويندڙ کين اچي ڏسي رهيو هو، ماڻهن جي تماشبين نگاهن مبارڪپور جي هن روايتي ٻروچ کي وڌيڪ جهوري وڌو هو، هن جا ننگ ۽ جوان نياڻيون روڊ تي ويٺيون هيون، ڊرائيور کين ڪراچيءَ تائين کڻي وڃڻ لاءِ بنهه تيار نه هو ۽ نه ئي ڄامشورو انتظاميه جي ڪنهن نمائندي جو ساڻن رابطو پيو ٿئي. شابس هجي موٽر وي پوليس وارن جوانن کي. جن هنن کي پاڻي به پياريو ۽ کين ٿورو گهڻو کاڌو به ڏنو. موٽر وي وارن به ٽرڪ ڊرائيور کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي پر ڊرائيور کي فون مٿان فون هئي ٽرڪ مالڪ ڊي ايس پي جي جيڪو کيس چئي رهيو ته هاڻي ته ٽرڪ جو ڀاڙو اڃا به وڌي ويو آهي. ماڻهو ستر هزار کان اسي هزار رپيا به ڏيڻ لاءِ تيار آهن. وارو ڪر پئسا اوڳاڙ ۽ واپس اچ سوا ٽي سئو ميلن جي مفاصلي تي ٽرڪون اڌ لک جا ڀاڙا انهن مصيبت ماريلن کان وٺي رهيون آهن. جن جو الله تلهه ته ڇا پر گهرن ۽ قبرستانن جا سنڌا به لڙهي ويا آهن. آخرڪار اس ۾ تڙپندڙ ٻارن ۽ عورتن جا واسطا ڏيڻ کان پوءِ ڊرائيور کين ڄامشورو لمس ڪالونيءَ جي سرڪاري اسڪول تائين پهچائڻ لاءِ راضي ٿي ويو. پر ان کان پهرين ڊرائيور کي ضامن پئي کپيو ته هي ماڻهو اتي پهچي سندس پئسا کيس ترت ڏيندا. حاجي عبدالغفور پنهنجي موٽر سائيڪل ۽ مينهن کيس ڏيڻ لاءِ تيار هو پر ڊرائيور چيو ته صاحب جو حڪم آهي ته ”روڪ رقم“ کانسواءِ ڪجهه به نه وٺ. هو روڊ تي موجود ماڻهن کي منٿون ڪرڻ لڳو ته ڪير موٽر سائيڪل يا مينهن وٺي ۽ کيس روڪ رقم ڏئي. جبل جيڏي مڙس جا هواس ختم ٿيڻ لڳا. رات چئين وڳي کان اچي شام جا چار ٿيا. هن جي همت جواب ڏئي ويٺي. هن ڏٺو پئي ته منهن لڪائي ويٺل هن جون عورتون ٻارن جي رڙين ۽ ڪوڪن جي ڪري بيچين، وائڙيون ۽ پريشان ٿي هر هر اچي سندس ڀر ۾ پئي بيٺيون. ”بابا ڪڏهن هلنداسين؟“ هڪ اڌڙوٽ عمر جي عورت سندن ڀر ۾ اچي کيس ڪجهه چيو. نه سندس موٽر سائيڪل جو پيو خريدار ملي. نه ئي مينهن جو پيو ملهه ٿئي. هو اڳيان وڌي سامهون بيٺل عورتن وٽ آيو ۽ کين چيائين ته. ”امان، منهنجين نياڻين کي پاتل زيور رکو. مون کي پنجاهه هزار رپيا ڏيو ته مان هن ڊرائيور کي ڏيان.“ ان کان پوءِ هن پنهنجي نياڻين ۽ ٻين عورتن کي سڏ ڪيو ۽ کين جلدي پيرن مان ڪڙا لاهڻ لاءِ چيائين ڇوڪرين توڙي ٻين عورتن کي پيرن ۾ ٿلها چانديءَ جا ڪڙا پيل هئا ۽ ڪنن ۾ سونا والا هئا. جڏهن هڪ هڪ ڪري هو وچ رستي تي پنهنجا زيور لاهڻ لڳيون ته سندن پيءُ اوڇنگارون ڏئي روئڻ لڳو، ڄڻ سندس اکين کي ڏنل ٻروچڪي همت ۽ حوصلي وارو ٽوڙي بند ٽٽي پيو هجي. هن جي اکين مان پاڻي جو درياهه ائين ئي وهي رهيو هو. جيئن هن مهل اجڙيل سنڌ جي سيني تان وهي رهيو آهي.