ٻوڏن ۾ مهاڻا زندگيون بچائيندڙ مسيحا…عزيز رانجهاڻي
سنڌي مهاڻن جي اهڙي عالمي ڪارنامي سبب اڄ ڏينهن تائين کين ڪڏهن ڪا مڃتا نه ملي آهي، جيڪا افسوس جي ڳالهه آهي. هن مها ٻوڏ ۾ ته واقعي منڇر سميت سنڌ جي درياهي مهاڻن بروقت پنهنجون سون جي تعداد ۾ ٻيڙيون ڪاهي لکين ٻڏندڙ ماڻهن کي ڪڍي رات پيٽ ۾ محفوظ هنڌن تي پهچايو ۽ هي ٻوڏ آپريشن اڃا سوڌو جاري آهي ۽ اڄ به دادو ضلعي جي ڪيترن ئي علائقن ۾ روڊ رستا ۽ ڳوٺ پاڻيءَ جي گهيري ۾ هئڻ سبب ٻيڙي ئي واحد ذريعو آهي، جنهن ۾ ماڻهن ۽ مال جي اچ وڃ ٿئي. هي حقيقت آهي هن وڏي ٻوڏ ۾ سنڌ جي مهاڻن هزارين ماڻهن کي لڙهڻ ۽ مرڻ کان بچايو ۽ پنهنجي جان کي جوکم ۾ وڌي ۽ بغير ڪنهن خان يا سرڪار جي حڪم، ڪنهن دٻدٻي يا لالچ جي پاڻمرادو پنهنجي ديس جي ماڻهن جي حياتين ۽ مال ملڪيتن ۽ چوپائي مال کي بچائڻ لاءِ سنڌو جي زوردار وهڪري ۾ گهڙي پيا ۽ اڄ چار مهينا گذرڻ باوجود هو تاريخ جي سڀ کان وڏي بوٽ ريسڪيو آپريشن کي ڪچي ۽ ڪاڇي ۾ جاري رکندا پيا اچن، هن آپريشن ۾ 5000 ٻيڙين ۽ 40000 کان وڌيڪ مهاڻن حصو ورتو. هي واقعي هڪ غير معمولي ڪارنامو آهي، جيڪو سنڌ جي مهاڻن جي حصي ۾ آيو آهي. هاڻوڪي ٻوڏ ۾ جڏهن اڌ سنڌ پاڻيءَ هيٺ هئي ته تاريخ 2010-8-26 تي دادو شهر ۾ باءِ پاس وٽ آرمي پبلڪ اسڪول سامهون روڊ سائيڊ تي هڪ هوٽل جي کليل ميدان تي اشتياق انصاري سان گڏ ويٺو هئس ته سامهون صندل تي ويٺل ڪي چار نوجوان (شايد ٽرانسپورٽر هجن) پاڻ ۾ ڳالهائي رهيا هئا ته يار هاڻي روڊ ته ويا ٻڏي ۽ بند ٿي ويون. پنهنجون گاڏيون ڇا هاڻي پاڻي ته هلنديون ڇا؟ سو هاڻي واقعي سوچيو ته ڪا گاڏي وڪڻي ڪي ٻيڙيون وٺجن ۽ ٻه ٽي مهينا خيرپور، جوهي ۽ سيوهڻ ۽ ڪاڇي ۾ هلائجن ڇو ته نه ڄاڻ ڪيترا مهينا پاڻي بيٺل رهي ۽ روڊ بند هوندا، پوءِ ڇا پاڻ بک مرنداسين ڇا؟ انهن نوجوان ٽرانسپورٽرن جو فڪر ڪا مذاق نه بلڪه حقيقي فڪر محسوس ٿي رهيو هو. اشتياق انصاري مون ڏي ڏسي چوي ٿو ته پاڻ ٻئي به مشترڪه هڪ ٻيڙي وٺون ته جيئن مصيبت ۾ يا هاڻي اچ وڃ لاءِ ڪم اچي!
بهرحال ڪجهه به هجي، سنڌ ۾ تاريخ جي هن وڏي ٻوڏ نه صرف ٻيڙين جي اهميت کي وڌائي ڇڏيو آهي، پر مهاڻن لاءِ به روزگار جا نوان گس پيدا ڪيا آهن ۽ سندن اهميت ۽ ڪارنامن کي دنيا اڏو آڻي ڇڏيو آهي. سنڌ ۾ مستقبل ۾ ايندڙ ٻوڏن جي خطرن کي نظر ۾ رکندي سنڌ سرڪار، اين جي اوز ۽ عالمي ادارن کي سنڌ جي ملاحن کي همٿائڻ لاءِ کين ڪي انعام ايوارڊ ڏنا وڃن ۽ ڪي پروگرام ڪري کين مان ڏنو وڃي ته جيئن هو مستقبل ۾ ريسڪيو آپريشن به ساڳئي جذبي سان بلڪه اڃا وڌيڪ جاري رکن، جيڪو وقت جي ضرورت آهي، ڇو ته سرڪار ته ايڏي وڏي ريسڪيو آپريشن ڪرڻ جي اهل نه آهي ۽ نه ئي ان وٽ ڪا منصوبابندي آهي.