تاريخ، فلسفو ۽ سياست

مها ٻوڏ 2010 (جيڪي سنڌ سان ٿيو)

ڪتاب ” مها ٻوڏ 2010 (جيڪي سنڌ سان ٿيو) “ اوهان اڳيان حاضر آهي. هن ڪتاب جو ليکڪ عزيز رانجهاڻي آهي. 07 آگسٽ 2010 تي سنڌوءَ جي ساڄي ڪپ تي ٽوڙيءَ واري هنڌ تان سنڌوءَ جي بچاءُ بند کي گهارو ڇا لڳو، ڄڻ سنڌ ۾ قيامت اچي وئي. شير درياهه سنڌو مستيءَ ۾ اچي سنڌ جي ميدانن شهرن ۽ ڳوٺن ۾ ڪاهجي پيو ۽ ٻوڙان ٻوڙ ڪري ڇڏي ۽ ڏسندي ئي ڏسندي بلوچستان جي حدن کان وٺي سنڌي سمونڊ تائين هڪ ٻيو سمونڊ ڪري ڇڏيو. جتي 10 کان وٺي 16 فوٽن تائين ڪيترائي ڏينهن اڌ سنڌ پاڻيءَ هيٺ رهي ۽ اڌ سنڌ جي آبادي سر ۽ مال متاع بچائڻ لاءِ سرگردان رهي ۽ پنهنجي ئي ڌرتيءَ تي صدين کان آباد هي ڌرتي ڌڻي بي گهر ٿي ڪسمپرسيءَ جي حالت ۾ ڪئمپن جي حوالي ٿيا. سنڌوءَ جو پاڻي سندن پويان ائين پئجي ويو جيئن ڪو حمله آور لشڪر اوچتو ڪنهن علائقي ۾ ڪاهجي پوي ۽ ماڻهن ۾ ڀاڄ پئجي وڃي ۽ هو ساهه بچائڻ لاءِ برمنهن ڪندا هجن. ڪٿي جيڪب آباد، ڪشمور، ٺل، شهدادڪوٽ، ڳڙهي خيرو ۽ ڪٿي ڪراچي، سانگهڙ، ٽنڊو باگو، نئون ڪوٽ ۽ حيدرآباد، ساهه بچائڻ لاءِ هي ڌرتي ڌڻي، سنڌ جي هڪ ڪنڊ کي ڇڏي ٻئي ڪنڊ تي وڃي ڪئمپن ۾ پهتا ۽ دربدر ٿي مصيبتن ۽ عذاب ۾ اچي ويا.
Title Cover of book مها ٻوڏ 2010 (جيڪي سنڌ سان ٿيو)

ٻڏل سنڌ جي نقصان جو ڪاٿو ۽ زميني اپت….محمد ادريس راجپوت

شاعر ڪنهن به معاشري جو اهو ماڻهو ٿئي ٿو، جيڪو تمام گهڻو حساس ٿئي ٿو. ان وٽ شين کي ڏسڻ جي نظر تمام ڳوڙهي ٿئي ٿي. شين کي تمام غور ۽ گهري نظر سان ڏسڻ کان پوءِ انهن جو اثر پاڻ تي طاري ڪندو آهي ۽ انهن اثرن جو اظهار پنهنجي شعرن ذريعي ڪري ٿو، اهو اظهار اندرين ڪيفيت ۽ محسوسات جي نتيجي ۾ نڪري ٿو، تنهنڪري تمام گهڻو اثرائتو ٿئي ٿو، جڏهن شاعر تي اها ڪيفيت طاري ٿئي ٿي ته شعر مٿان شعر نڪرن ٿا، جنهن کي ”آمد آمد“ چئجي ٿو، پر جڏهن اها ڪيفيت پيدا نٿي ٿئي ته ڪيترا ڏينهن اهڙا گذري وڃن ٿا، جو هڪ شعر به نٿو نڪري.
جڏهن چنگيز خان هٿان بغداد ۾ عباسين جي حڪومت ختم ٿي ۽ هن بغداد ۾ ماڻهن جو ڪوس ڪرايو ته ايران جي بلبل شيراز يعني شيخ سعدي پنهنجي شعرن ذريعي انهيءَ ظلم، بربريت ۽ بربادي جو نقشو چٽيو. جڏهن انگريزن هٿان هندستان جي مغل سلطنت ختم ٿي ۽ دلي شهر ۾ ڪوس ڪرايو ويو ته شاعر داغ دهلوي انهيءَ بربادي جو ثر پاڻ تي طاري ڪري پنهنجي شعرن ذريعي دنيا کي اهو ظلم ڏيکاريو. اندلس ۾ جڏهن غرناطه شهر ۾ ڪوس ٿيو ۽ اهو شهر برباد ٿيو ته اندلس جي شاعر ابن بوزون انهيءَ بربادي جو نقشو پنهنجي شعرن ذريعي دنيا کي ڏيکاريو. هن سال سنڌو ۾ آيل ٻوڏ جي ڪري پيل کنڊن جي پاڻي سنڌ ۾ جيڪا تباهي آندي آهي. تنهن شاعرن ته ڇا هر ڪنهن طبقي جي ماڻهن کي ڏهڪائي ڇڏيو آهي. انهيءَ صورتحال کي ماڻهن سامهون آڻڻ ۾ ٽيليويزن وارن جيڪو رول ادا ڪيو آهي. تنهن شاعرن ۽ اديبن کي مات ڪري ڇڏيو آهي. خاص طرح ڪي ٽي اين وارن، ته انهيءَ صورتحال جي لائيو ڪوريج ڪري حد ڪري ڇڏي آهي. مان سچ ٿو ٻڌايان ته جڏهن مون هڪ ننڍڙي ڇوڪري، جنهن جي ماءُ گذاري وئي هئي. پيءُ هيپاٽئيٽس جو مريض هو، ٽي يا چار ننڍا ڀائر هئا ۽ ٻوڏ ڪري هو بي گهر ٿيل هئي، روئيندي ڪي ٽي اين تي ان جو نعت ٻڌو ته مان روئي ويٺس ۽ ڪيترو وقت طبيعت خراب رهي. اهڙا ڪيترا منظر هئا. جن هر دردمند ماڻهو کي رئاري ڇڏيو هو.
پر مان هڪ شاعر نه آهيان. هڪ انجنيئر آهيان، في الحال انهن بدحال ۽ ڏتڙيل ماڻهن جي مدد حڪمت ۽ ٻيا ڪيترا فلاحي ادارا ڪري رهيا آهن. جيڪا ناڪافي آهي. اهو ڏکيو وقت الله ڪندو گذري ويندو. مان انهن کي ٻيهر پنهنجن پيرن تي بيٺل ڏسڻ چاهيان ٿو، اهي ٻيهر پنهنجن ماڳن ڏي موٽن، ٻيهر پنهنجي روزگار کي لڳن. ٻيهر ڪيمپن جي مرچ وارن پاروٿن چانورن بدران اڇا چانور کير سان کائن ۽ اهو تڏهن ممڪن ٿيندو، جڏهن اهي ٻيهر پوکي ڪندا. پر اهو ڪڏهن ممڪن ٿي سگهندو، اچو ته ان جو جائزو وٺون.
هن سال مها ٻوڏ ڪري سنڌ ۾ چئن هنڌن تي کنڊ پيا. پهريون 7 آگسٽ تي ٽوڙي بند کي، ٻيو گڊو بيراج جي ليفٽ مارجينل بند کي 8 آگسٽ تي، ٽيون مولچند شاهه بندر کي ڪوٽ آلمو وٽ 24 ۽ 25 آگسٽ جي وچين رات ۾ ۽ چوٿون پنا- بگهار بند کي ٺٽي شهر سامهون 25 ۽ 26 آگسٽ جي وچين رات ۾ اطلاعن مطابق پنا- بگهار وارو گهارو هلندي پاڻيءَ ۾ بند ڪيو ويو. ليفٽ مارجينل بند وارو گهارو به پاڻي لهڻ کان پوءِ بند ڪيو ويو. مولچند شاهه بندر وارو گهارو وزير آبپاشي سيف الله ڌاريجي مطابق 24 سيپٽمبر تي بند ڪيو ويو ۽ ٽوڙي وارو گهارو به ڏينهن ٻن ۾ بند ٿي ويندو.

گهارن ڪري ڪهڙا ضلعا ۽ نظام متاثر ٿيا؟
گڊو بيراج جي ليفٽ مارجينل بند کي لڳل گهاري ڪري سنڌ جي ڪا ايراضي متاثر نه ٿي، انهيءَ ڪري سنڌ جي ڪا ايراضي نه ٻڏي، نه وري اتي سنڌ جو ڪو واهه آهي، اتي ڀنگ واري هڪ مشهور مسجد هئي. جنهن جي چئوطرف پاڻي اچي ويو. مون به اها مسجد ڏٺي آهي. ۽ اهڙي سهڻي مسجد اڃا تائين نه ڏٺي آهي. انهيءَ کنڊ واري ٻڏل ايراضي کي پنجاب وارا ڏسن پيا.
ٽوڙي واري کنڊ ڪري سنڌ جا 8 ضلعا متاثر ٿيا، اهي آهن ڪشمور، جيڪب آباد، شڪارپور، سکر، لاڙڪاڻو، قمبر-شهدادڪوٽ، دادو ۽ ڄامشورو، جيڪو نهري نظام متاثر ٿيو، سو آهي بيگاري سنڌ فيڊر، اين ڊبليو ڪينال، رائيس ڪنال ۽ دادو ڪينال، سنڌ جي ڊيزرٽ ڪينال جنهن کي عام طرح شاهي واهه“ سڏيو وڃي ٿو ۽ کير ٿر ڪينال تي رکيل بلوچستان جي ايراضي به متاثر ٿي آهي. وري نور واهه کي ڏنل کنڊن ڪري بلوچستان جو جعفر آباد شهر ۽ ٻيا ڪيترا علائقا ٻڏا آهن.
مولچند شاهه بندر جي 34 ميل 4 فرلانگ تي لڳل کنڊ ڪري ٺٽي ضلعي جا ٺٽو ۽ جاتي تعلقا متاثر ٿيا آهن. انهيءَ کنڊ کان هيٺ ۽ ڀرپاسي ۾ پنڃاري ڪئنال جي هيٺين ايراضي متاثر ٿي آهي. پنا-بگهاربند کي لڳل کنڊ ڪري ٺٽي ضلعي جو تعلقو ٺٽو متاثر ٿيو آهي ۽ نهري نظام ڪلري بگهار فيڊر لوئر متاثر ٿيو آهي. هلندي پاڻيءَ م کنڊ بند ٿيڻ ڪري ڪو گهڻو نقصان نه ٿيو آهي.

گهاري ڪري گهڻي ايراضي ٻڏي آهي؟
سروي ڪرڻ کانسواءِ اهو ٻڌائڻ ڏکيو آهي ته اصل ڪيتري ايراضي ٻڏل آهي. انهيءَ سروي ۾ وقت لڳندو. پر ٿلهي ليکي ڪاٿو لڳايو ويو آهي. بيگاري سنڌ فيڊر جي ساڍا است لک ايڪڙ ايراضي ٻڏي آهي. جڏهن ته ان تي ڪل آبادي لائق ايراضي ڏهه لک ايڪڙ آهي، معنيٰ ته 75 سيڪڙو ايراضي ٻڏي وئي آهي. نارٿ ويسٽ ڪئنال تي ٻه لک ايراضي ٻڏي وئي آهي. جڏهن ته آباديءَ لائق ايراضي نوَ لک 65 هزار ايڪڙ آهي. معنيٰ اٽڪل 20 سيڪڙو ايراضي ٻڏي وئي آهي. رائيس ڪئنال تي اٽڪل اڍائي لک ايراضي ٻڏي وئي آهي. جڏهن ته ان ڪئنال تي آبادي لائق ايراضي پنج لک 20 هزار ايڪڙ آهي. معنيٰ ته ٽڪل 20 سيڪڙو ايراضي ٻڏي وئي آهي. دادو ڪئنال تي اٽڪل ساڍا ٽي لک ايراضي ٻڏي وئي آهي. جڏهن ته ان ڪئنال تي آبادي لائق ايراضي پنج لک 50 هزار ايڪڙ آهي. معنيٰ ته ٽڪل 64 سيڪڙو ايراضي ٻڏي وئي آهي. پنڃاري ڪينال تي اٽڪل ست لک ايراضي ٻڏي وئي آهي. جڏهن ته ان تي ڪُل آبادي لائق ايراضي ست لک 86 هزار ايڪڙ آهي. معنيٰ ته اٽڪل 89 سيڪڙو ايراضي ٻڏي وئي آهي. ڪلري بگهار فيڊر لوئر تي ڪا ايراضي نه ٻڏي آهي، سنڌ م ڪل آبادي لائق ايراضي هڪ ڪروڙ 28 لک ايڪڙ آهي، جنهن مان ڪل ايراضي جيڪا ٻڏي آهي. سا 22 لک 50 هزار ايڪڙ آهي. معنيٰ اٽڪل 17.5 سيڪڙو.

آبپاشي نظام کي ٿيل نقصان
واهن کي ٽن طرح نقصان ٿي سگهن ٿا. هڪڙو کنڊن ڪري واهن جي بندن کي نقصان، ٻيو ٽريفڪ وارين پلين کي نقصان ۽ ٽيون واهن ۾ پاڻي ڪنٽرول ڪرڻ وارن ريگيوليٽرن کي نقصان بيگاري سنڌ فيڊر جي مين ڪينال کي 200 ميلن ۾ ڊسٽري ۽ مائنرن کي 550 ميلن ۾ ۽ 95 پلين ۽ ريگيوليٽرن کي نقصان پهتو آهي. نارٿ ويسٽ ڪئنال جي مين ڪئنال کي 100 ميلن ۾ ڊسٽري ۽ مائنرن کي 200 ميلن ۾ 30 پلين ۽ ريگيوليٽرن کي نقصان پهتو آهي. رائيس ڪئنال جي ڊسٽري ۽ مائنرن کي 150 ميلن ۾ 15 پلين ۽ ريگيوليٽرن کي نقصان پهتو آهي. دادو ڪئنال جي ڊسٽري مائنرن کي 350 ميلن م 25 پلين ۽ ريگيوليٽرن کي نقصان پهتو آهي. پنڃاري ڪئنال، مين ڪئنال کي 100 ميلن ۾، ڊسٽري ۽ مائنرن کي 650 ميلن م 80 پلين ۽ ريگيوليٽرن کي نقصان پهتو آهي. ڪلري بگهار لوئر کي ڊسٽري ۽ مائنرن کي 200 ميلن ۽ 5 پلين ۽ ريگيوليٽرن کي نقصن پهتو آهي. معنيٰ ته ڪل 2500 ميل ۾ واهن کي ۽ 235 پلين ۽ ريگيوليٽرن کي نقصان پهتو آهي.

بيراجن کي نقصان
گڊو بيراج مان وهڪرو ان جي ڊيزائن کان گهٽ رهيو، پر سکر ۽ ڪوٽري بيراجن تي وهڪرو ڊيزائن کان مٿي پاس ٿيو، ظاهر ۾ ڪنهن به بيراج کي ڪو نقصان نه ٿيو، پر پاڻي اندر جزن کي نقصان جي خبر چڪاس ۽ سائونڊنگ وٺڻ کان پوءِ پوندي، اڳين ٻوڏن ۾ به اهڙا نقصان ٿيا آهن، نڪاسي واري نظام جو نظام چئن ضلعن يعني شڪارپور، قمبر-شهدادڪوٽ، دادو، ٺٽو ۾ 1400 ميل ڊرينن کي نقصان پهتو آهي.

نقصان جو ڪاٿو
نقصانن جو صحيح ڪاٿو لڳائڻ هن وقت ممڪن ناهي، جو اڃا پاڻي بيٺو آهي. واهن جي بندن تي گهڻي مٽي پوندي. پلين ۽ ريگيوليٽرن کي ڪيترو نقصان ٿيو آهي. بيراجن تي گهڻو نقصان ٿيو آهي. اهي سڀ پاڻي لهڻ کان پوءِ ۽ سروي ڪرڻ کان پوءِ معلوم ٿيندا، پر سڀ ايجنسيون اهو گهرن ٿيون ته گهڻو نقصان ٿيو ته پئسن جو بندوبست ڪري سگهجي. جو اهي سڀ ڪم پنهنجن پئسن سان ڪرڻ ڏکيا آهن ۽ اسان کي لازمي طرح عالمي مالياتي ادارن جهڙوڪ عالمي بئنڪ، ايشيائي ترقياتي بئنڪ وغيره کان مدد وٺڻي پوندي. انهيءَ ڪاٿي لاءِ سراسري جي بنياد تي حساب لڳايو ويو آهي. يعني هڪڙي واهه تي هيتري مٽي پوي ٿي ته سڀني واهن تي انهيءَ حساب سان هيتري مٽي پوندي. جنهن جي قيمت هيتري ٿيندي. وري هڪڙي پل يا ريگيوليٽر تي هيتري نقصان لاءِ هيترا پئسا گهربا ته ساڳي معيار تي باقي رهيل ريگيوليٽرن لاءِ هيترا پئسا گهربا. ظاهر آهي ته صحيح سروي کان پوءِ انهيءَ ڪاٿي ۾ ڪافي فرق اچي سگهي ٿو. تمام رف ڪاٿي مطابق جنهن کي ڌڪو چئي سگهجي ٿو. هيٺيون نقصان ٿيو.
آبپاشي نظام: 50 ارب رپيا.
ڊرينيج نظام: 12 ارب رپيا.
بيراجن کي نقصان: 10 ارب رپيا.
حساب ڪبو ته اها ڪل رقم ٿئي ٿي 80 ارب رپيا.

آبادگارن کي پوکيءَ لاءِ پاڻي ڪڏهن ملي سگهندو؟
ٻوڏ وارن علائقن ۾ربيع جو فصل پوکڻ ڏکيا آهن، جو اڃا پاڻي بيٺو آهي ۽ ڊسمبر جنوري تائين پوکي مشڪل آهي. جڏهن ربيع جا فصل پوکيا ويندا آهن. پاڻي سڪڻ کان پوءِ اپريل ۾ خريف جا فصل پوکي سگهبا، پر هينئر به ڪن علائقن ۾ جتي ٿورو پاڻي بيٺل آهي. ڪجهه ربيع جا فصل پوکي سگهجن ٿا. آبپاشي کاتي وارن کي ڪم ڪرڻ جي ترجيحات اهڙي نموني ۾ مقرر ڪرڻ کپن ته جتي ربيع ممڪن هجي. اتي جلد ڪم ڪرائن ۽ جتي ربيع ممڪن نه هجي اتي ڀلي وڌيڪ ٽائيم وٺن. ڪم ٽن طرح جا آهن. هڪڙو ڪڙن تي مٽي وجهڻ، ٻيو روڊ واريون پليون ۽ ٽيون ريگيوليٽر،
مٽي وجهڻ لاءِ مشينون استعمال ڪيون وڃن. روڊ واريون پلين کي في الحال ڇڏي ڏين. رڳو واٽر وي صاف ڪن ته پاڻي پاس ٿي سگهي. باقي ريگيوليٽرن جو ڪم مکيو آهي. جيڪو ٽائيم وٺندو. هينئر کان ريگيوليٽرن جي سروي ڪرائن ۽ ڊيزائن تيار ڪري ايسٽيمينٽ ٺاهن. في الحال پئسن جي ڳڻتي نه ڪن. هن سال واري اي ڊي پي جا فنڊ استعمال ڪن. تيستائين ٻيا پئسا اچي ويندا.
جيڪڏهن آبپاشي کاتي وارا مڙسي ڪن ۽ حڪومت به انهن جي مدد ڪري ته ڪجهه علائقن کي ربيع ۾ پاڻي ڏئي سگهبو، پر ايندڙ خريف ۾ ته سڀني کي پاڻي ڏيڻو پوندو ته جيئن بي گهر ٿيل ماڻهو پنهنجن پيرن تي بيهي سگهن.