منڇر جي ڳنڀير صورتحال!....محمد ادريس راجپوت
ڄامشوري کان وٺي سيوهڻ تائين جو دورو:
سنڌو جو ساڄو پاسو جيڪو ڪوٽڙي بيراج کان سيوهڻ تائين آهي، اهو سڄو ڪچي جو علائقو آهي. سواءِ اٽڪل 12 ميلن جي س-ديهه واري بند جي جيڪو اتي مانجهند ۽ لاکا شهر کي بچائي ٿو. ياد رهي ته سنڌ م ڪچو انهيءَ علائقي کي چئجي ٿو. جتي درياهه کي ڦرڻ گهڙڻ جي آزادي هوندي آهي. يعني درياهه جو پاڻي جتي بنا ڪنهن روڪ جي وهي سگهي ٿو يا اٿلي سگهي ٿو. ڄامشوري کان سيوهڻ تائين درياهه جي ساڄي پاسي جبل يا مٿاهين هجڻ ڪري بند ناهن. اتي ئي مکيه شيون آهن. سڀ کان پهرين ريلوي لائين جيڪا انگريزن ٺاهي هئي. تنهن کان پوءِ انڊس هاءِ وي جيڪو پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ ٺاهيو ويو ۽ ٽيون آر بي او ڊي جنهن جو ڪم هلندڙ آهي. آر بي او ڊي درياهه جي ساڄي پاسي آهي ۽ ڪٿي ريلوي لائين جي ساڄي پاسي پر سدائين انڊس هاءِ وي جي ساڄي پاس آهي. ريلوي لائين ۽ انڊس هاءِ وي مان نين جو پاڻي پاس ڪرڻ لاءِ پليون يا ڪلورٽ آهن. جن وسيلي کيرٿر جبلن تي پوندڙ برسات جو پاڻي درياهه ۾ ڇوڙ ڪري ٿو. پر جڏهن درياهه ۾ ٻوڏ اچي ٿي ته درياهه جو پاڻي انهن پلين هيٺان وهي جبل واري پاسي جي هيٺين زمينن تي ڦهلجي وڃي ٿو. جتي پاڻي لهڻ کان پوءِ ڀليون آباديون ٿين ٿيون. آر بي او ڊي ۾ به نين جو پاڻي درياهه ۾ موڪلڻ لاءِ ڪراسنگ ٺاهيون ويون آهن. تنهنڪري آر بي او ڊي نين جي پاڻيءَ کي درياهه ڏي موڪلڻ يا درياهه جي پاڻي کي جبلن جي هيٺين زمينن ڏي موڪلڻ لاءِ ڪا روڪ ناهي. پر ڪٿي ڪٿي ڪجهه مسئلا آهن. اهو محسوس ڪيو ويو آهي. گهڻيون موريون يا پليون ٺاهڻ بدران گهٽ موريون يا پليون ٺاهڻ گهرجن ته جيئن ڪن ڳوٺن ۽ انڊس هاءِ وي وچ ۾ درياهه جو پاڻي بيهي نه رهي. وري جتي نيون نٿيون اچن. اتي به ڪٿي ڪٿي اهي ٺاهڻ کپن ته جيئن درياهه جو پاڻيءَ ٻئي پاسي وڃي اٿل تي ٿيندڙ ايراضين کي پاڻي ڏئي سگهي. گهڻي ڀاڱي آر بي او ڊي ڪنهن به ڳوٺ ۽ ايراضي کي نقصان نه ڏنو آهي. بلڪه فائدو ڏنو آهي. هينئر جيڪي به ٿورا گهڻا نقصان ٿيا آهن. اهي انهيءَ ڪري ٿيا آهن ته ڪم اڻ پورا آهن. حڪومت طرفان ان منصوبي لاءِ فنڊ ڏيڻ جي رفتار تمام سست آهي. جيڪا افسوس واري ڳالهه آهي. هي هڪ اهم منصوبو آهي. جنهن جي مڪمل ٿيڻ ڪري ايشيا جي وڏي ۾ وڏي مٺي پاڻيءَ جي ڍنڍ جيڪا واپڊا وارن برباد ڪري ڇڏي آهي. وري پنهنجي اصلي حالت ۾ موٽي ايندي ۽ مقامي ماڻهن جي خراب حالت سڌري ويندي. رستي تي شاهه صاحب سان هن ٻوڏ جي اثرن بابت ڳالهه ٻولهه ٿي. شاهه صاحب ٻڌايو ته هي هڪ تمام وڏي ٻوڏ هئي. جن علائقن ۾ اڳي ڪڏهن به پاڻي نه آيو هو هن سالن اتي به پاڻي آيو. ان ٻوڏ ڪچي ۾ ٺهيل ڳوٺن جيئن انڙپور، ٻڍاپور ۽ ڇڇر وڏا وارن لاءِ تمام ڏکيو ٽائم ڏنو. پر انهن همٿ ۽ گڏجي ڪم ڪري ٻڏڻ کان پاڻ بچائي ورتو. اسان ڇڇر وڏا ڳوٺ ڏٺوسين. جنهن جي چوڌاري ڳوٺاڻن تمام اوچو رنگ بند ڏنو هو، تنهن تي انهن ڏينهن رات پهرو ڏنو ته اهو ڳوٺ ٻڏڻ کان بچي ويو. انهيءَ جي مقابلي ۾ انڙپور ڳوٺ جي چوڌاري رنگ بند ڏنو ويو. پر مڪمل ٻڌي نه هئڻ ڪري ڪن ماڻهن سستي ڪئي ۽ رنگ بند ٽٽڻ ڪري انڙپور ٻڏي ويو، وري ٻڍاپور جي سامهون هڪ زمينداري بند هو، جڏهن اهو بند ٽٽو ته ٻڍاپور وارو رنگ بند به اوچتو پاڻيءَ اچڻ ڪري دٻ جهلي نه سگهيو. ٽٽي ويو ۽ شهر ٻڏي ويو. شاهه صاحب ٻڌايو ته پاڻي ايترو هو جو ننڍن ڳوٺن جو بچڻ محال هو. تنهنڪري هن صاحب انهن ڳوٺن جي ماڻهن کي اڳي چتاءُ ڏئي ڇڏيو هو ۽ انهن کي لڏائڻ ۾ مدد پڻ ڪئي جنهن ڪري انهن ماڻهن جو ڪو نقصان نه ٿيو، گهر ٻڏي ويا. پر ڪچي جا ماڻهو انهن ڳالهين تي هريل آهن. گهر وري ٻيهر ٺاهيندا ۽ وري زندگي شروع ڪندا. رڳو سر سلامت رهن.
منڇر جو دورو:
منڇر جي ليول تيزي سان وڌي رهي آهي. پهرين اها رڳو ٻن ڊيسيمل في ڏينهن سان وڌي رهي هئي. پر ٽوڙي بند وارو پاڻي اتي پهچڻ ڪري انهي جي واڌ في ڏينهن 1.6 فوٽ ٿي وئي. تنهن کان پوءِ هاڻي اها في ڏينهن هڪ فوٽ وڌي رهي آهي. ٻئي پاسي درياهه ۾ لاٿ سست آهي. جيترو پاڻي منڇر ۾ اچي ٿو. انهي کان گهٽ پاڻي منڇر مان نڪري ٿو، منڇر جي سلامتي واري ليول 117 فوٽ آهي. جڏهن ته 14 سيپٽمبر تي اها ليول 120.15 فوٽ ٿي وئي. منڇر کي ٽٽڻ کان بچائڻ لاءِ ٻن شين جي ضرورت آهي. پهرين اها ته ايندڙ پاڻي گهٽجي. ٻي اها ته نڪرندڙ پاڻي ۾ واڌ اچي.
مٿئين ٻنهي ڳالهين کي نظر ۾ رکندي اسان پهرين جهانگارا روڊ تي مٿي وياسين ۽ برهماڻي ڳوٺ تائين اهو ڏٺوسين ته ڇا منڇر جو پاڻي لال باغ واري پاسي کان سيوهڻ کان هيٺ درياهه ۾ موڪلي سگهجي ٿو. علائقي جي ماڻهن کان پڇا ڪرڻ تي خبر پئي ته وچ ۾ ليول مٿي آهي ۽ جابلو علائقو آهي. ۽ درياهه تائين ڪو رستو موجود ناهي. سروي ڪري اهڙو ڪو منصوبو ٺاهي سگهجي ٿو. پر ترت علاج ڪونهي. ٻيو اهو ڏٺوسين ته ڇا اڙل واهه ۾ گنجائش آه ته وڌيڪ پاڻي کڻي سگهي ته اڙل ٽيل ريگيويلٽر وٽ ريگيوليٽر جي پاسن کي ٽوڙي پاڻي هيٺ پاسي ڪجي؟ پر خبر پئي ته اڙل واهه جو ترو پٿر وارو آهي تنهنڪري هينئر ان کي ويڪرو نٿو ڪري سگهجي. تنهن کان پوءِ اسان اڙل ٽيل ريگيوليٽر تي آياسين. گيجن مان خبر پئي ته ڪراس ڪٽ آف چار ڊيسيمل آهي جيڪو درياهه واري پاسي گيج 15.8 فوٽ ۽ منڇر واري پاسي 16.2 فوٽ آهي. پنج ئي در فل کليل هئا ۽ منهنجي خيال ۾ وڌ ۾ وڌ ڏهه هزار ڪيوسڪ پاڻي اتان نڪرندو هوندو. جڏهن ته زيرو پوائنٽ تي اٽڪل 25 هزار ڪيوسڪ منڇر ۾ اچي پيو. تنهن کان پوءِ اسان اڙل هيڊ ريگيوليٽر تي وياسين. جنهن جا دروازا کليل هئا ۽ اٽڪل ٻه هزار ڪيوسڪ پاڻي درياهه ۾ وڃي پيو. پوءِ اسان منڇر جي آر ڊي 100 تي پهتاسين جنهن کي ”زيرو پوائنٽ“ چون ٿا. منڇر جي ليول 19.15 فوٽ هئي پر ڏٺوسين ته اڃا ساڍا 3 کان 4 فوٽ فري بورڊ هو. سواءِ زيرو پوائنٽ کان ٽي آر ڊي ۾ جتي فري بورڊ گهٽ هو. زيرو پوائنٽ تي ايم اين وي جو پاڻي منڇر ۾ ڇوڙ ڪري ٿو. اتي جيتوڻيڪ پاڻي ۾ تک ڪو نه هو، پر تنهن هوندي به بند کي کائي پيو، اتي لوهي پليٽون اڀيون هڻي کاڌ روڪڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. پر اهي هيٺ لهي ويون. اهو منصوبو رٽائرڊ چيف انجنيئر پير منور جو هو، جيڪو ڪامياب نه ٿي سگهيو. اتي بيٺي ئي بند پڪ ڏني ۽ بند جو ٽڪرو ڪري پيو. اسان محسوس ڪيوسين ته اتي وڏا پٿر وجهي کاڌ کي روڪڻ کپندو هو، وري ٽن آر ڊي ۾ فري بورڊ کي وڌائڻ جي گهرج هئي ۽ هوا جي ڪري کاڌ کي روڪڻ لاءِ مٽي سان ڀري ڳوڻيون رکڻ ضروري هو زيرو پوائنٽ کان اسان ايم اين وي ڊرين مان نڪرندڙ انڊس لنڪ ڏسڻ جو پروگرام ٺاهيو. رستي تي اسان کي زاهد شيخ انجنيئر مليو. جنهن ٻڌايو ته زيرو پوائنٽ تي کاڌ کي روڪڻ لاءِ ٺٽي مان پٿر گهرايو ويو آهي. جيڪو رستي تي آهي. اهو اتي وڌو ويندو. فري بورڊ ۾ ويو واش کي روڪڻ لاءِ بند تي مٽي چاڙهي پئي وڃي ۽ مٽي جون ڳوڻيون ڀري سلوپ تي رکيون پيون وڃن. جڏهن اسان ايم اين وي ڊرين تي اتي پهتاسين جتان انڊس لنڪ نڪري ٿو ۽ ته اتي ڪي ٽي اين جو رپورٽ فيض کوسو اسان کي ملي ويو. جنهن مون کان اتي لائيو انٽرويو ورتو. مان حيران ٿي ويس ته ڪي ٽي اين ايتري پري واري جڳهه تي اهو بندوبست ڪيو هو. اتي مون چيو ته انڊس لنڪ ذريعي اٽڪل پنج هزار ڪيوسڪ پاڻي درياهه ۾ ڇوڙ ڪري سگهجي ها. جيڪڏهن 15 ڏينهن اڳ فيصلو ڪيو وڃي ها. پر اهو ڏسڻ لاءِ ته اهو ممڪن آهي يا نه، درياهه تي ڪرمپور ويجهو اها جاءِ ڏسڻ لاءِ وڃان پيو ته اتي درياهه جي ليول ڪيتري آهي ۽ انڊس لنڪ جو پاڻي درياهه ۾ ڇوڙ ٿي سگهي ٿو يا نه اڃان مان ڪرمپور وٽ درياهه جي ليول جو مقابلو انڊس لنڪ جي ليول سان ڪري بيٺو هئس ته سنڌ جي فنانس منسٽر مراد علي شاهه جي فون آئي ته ڪي ٽي اين وارن پٽي هلائي ڇڏي هئي ته جيڪڏهن 15 ڏينهن اڳ انڊس لنڪ هلائڻ جو فيصلو ڪيو وڃي ها ته اتان پنج هزار ڪيوسڪ پاڻي درياهه م ڇوڙ ٿي سگهي ها. مون شاهه صاحب کي ٻڌايو ته هنن رڳو خبر جو هڪڙو حصو هلايو آهي. مون اهو به چيو هو ته مان اها صورتحال ڏسڻ لاءِ هتان ڪرمپور وڃان پيو ۽ معائني کان پوءِ خبر پئي ته اڃان درياهه جي ليول مٿي آهي ۽ انڊس لنڪ جو پاڻي درياهه م ڇوڙ نٿو ٿي سگهي مراد علي شاهه انهيءَ ڳالهه جو ذڪر رات جو ڪي ٽي اين سان پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ به ڪيو رستي تي موٽندي خبر پئي ته چيف منسٽر پاران ٺاهيل فني ڪاميٽي منڇر ۾ ڇوڙ گهٽائڻ جي خيال کان حمل وٽان ايم اين وي جا دروازا بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ۽ اڙل هيڊ تي ويڪر وڌائي درياهه ۾ ڇوڙ وڌائڻ جو فيصلو ڪيو.
منڇر جي صورتحال ڳنڀير آهي. ان جي ليول خطرناڪ حد کي پهچي وئي آهي. ۽ ان جي بند ٽٽڻ جو خطرو آهي. پوءِ ڇا ڪرڻ گهرجي؟ پاڻي سان ويڙهه. دشمن سان جنگ ڪرڻ وانگر آهي. ڪڏهن به همٿ نه هارڻي آهي. پڇاڙي دم تائين وڙهڻو آهي ۽ پوءِ الله سائين کان مدد گهرڻي آهي. هو بچائڻ وارو آهي. مان تازو مثال ڏيندس سيڊا جي هڪ ايس اي محمد خان نظاماڻي جو. جنهن جي هن ٻوڏ ۾ ٻوڏ سان فل مقابلي ڪرڻ باوجود بند ڀڄي پيو. ٻي ڪا ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي ته هن الله سائين کي ياد ڪيو ۽ بند تي چئن هنڌن تي ٻانگ ڏني. منهنجي خيال م هن ڳنڀير صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ هيٺيون ڳالهيون ڪرڻ گهرجن.
(1) وڏا پٿر وجهي زيرو پوائنٽ تي بند جي کاڌ کي روڪڻ کپي.
(2) زيرو پوائنٽ ويجهو منڇر جي بند کي ٽن آر ڊين ۾ مٿي چاڙهيو وڃي ۽ هوا جي ڇولين واري کاڌ کي روڪڻ لاءِ بند جي سلوپ تي مٽي سان ڀريل ڳوڻيون رکيون وڃن.
(3) منڇر ڍنڍ جي 20 ميلن ۾ فلڊ فائٽنگ زبردست نموني ۾ ڪئي وڃي يعني ڏينهن رات سخت پهرو، آفيسرن ۽ وزير صاحبن طرفان چيڪنگ خاص طرح رات جو ۽ مناسب شين جي بروقت دستيابي.
(4) جتي بند اوور ٽاپ ٿيڻ جو خطرو هجي اتي مٽيءَ سان ڀريل ڳوڻيون رکي اوور ٽاپ ٿيڻ کان بند کي بچايو وڃي.
(5) ڪيتري به سخت ڊيوٽي هجي ۽ صورتحال ڳنڀير هجي همت نه هارڻ گهرجي.
(6) جڏهن صورتحال کي منهن ڏيڻ ۾ ڳالهه سمجهه ۾ نه اچي ته رب سائين کي ٻاڏائي مدد گهرڻ گهرجي.
(7) پنهنجي وسان ته نه گهٽائجي، باقي اڳتي الله جي مرضي جو هڪ شاعر چئي ويو آهي.
شکست و فتح تو قیمت سے ہی ملی اے میر
مقابلا تو دل ِ ناتواں نے خوب کیا!