ٻوڏ: “ٻڏي جا ٻيڻا” يا انساني الميو؟ امداد علي سومرو
”سائين، درياهه تمام گهڻو مڇريل آهي، جناح بئراج جي پل ائين لڏي رهي آهي، جيئن تيز هوا ۾ وڻ جون ٽاريون لڏنديون آهن ۽ پاڻيءَ جو گوڙ پنج ڪلوميٽرن تائين ٻڌڻ ۾ اچي رهيو آهي، ائين ٿو لڳي ڄڻ هڪ ئي وقت ڪيترائي شينهن گڏجي گجندا هجن.“ ميان والي جي محمد رفيق مون کي ڪالاباغ يا جناح بئراج وٽان سنڌوءَ جي وهڪري ۽ علائقي ۾ ٻوڏ جي صورتحال کان آگاهه ڪندي فون تي ٻڌايو. مون کي يقين نه آيو ته پاڻيءَ جو شور پنجن ڪلوميٽرن تائين ٻڌي سگهجي ٿو، ان ڪري ورائي پڇيم ته، يار ايترو پري تائين پاڻيءَ جو آواز ڪيئن ٻڌجي رهيو آهي؟ ورنديءَ ۾ رفيق چيو ته، ”اوهان کي يقين نٿو اچي پر هتي ماڻهو پڪي تي به پريشان ويٺا آهن ۽ پاڻيءَ جو شورانهن کي سمهڻ نٿو ڏئي، منهنجو گهر دريا کان پنج ڪلوميٽر پري آهي ۽ گهر ويٺي پاڻيءَ جو شور چٽو ٻڌجي رهيو آهي.“ سو ماڻهن ۾ دريا جي دهشت به آهي پر ”ٻڏي جا ٻيڻا“ واري چوڻي به ياد رکڻ گهرجي، جيڪا صدين جي تجربن بعد تخليق ٿي هوندي.
ٻوڏ جي نقصانن کان ڪو به انڪار ناهي، خيبر پختونخواهه م ٻوڏ انساني حياتين جو جيڪو نقصان ڪيو آهي، ان جو ته ڪو تدارڪ نٿو ڪري سگهجي، ان جو جيترو افسوس ڪجي گهٽ آهي، سوين ماڻهن کي دريائن ۽ نئن، ندي نالن ۾ آيل پاڻي لوڙهي ويو، لکين ماڻهو بي گهر ٿي ويا آهن، انهن جو افسوس سڄي ملڪ ۾ هر ڪنهن کي آهي پر اها به حقيقت آهي ته ٻوڏون انساني المين کي ضرور جنم ڏينديون آهن پر ٻوڏون قدرتي عمل آهن، جنهن سان زمينون سيراب ٿينديون آهن، ٻيلا ٻيهر جنم وٺندا آهن، جر ڀرجي ويندو آهي ۽ زير زمين پاڻيءَ جي سطح وڌي ويندي آهي. ڪچي ۽ پڪي ۾ هڪ اهڙي خوشحالي ايندي آهي، جنهن جو اثر سالن تائين برقرار رهندو آهي.مجموعي طور تي زمين جو جيڪو به نظام آهي اهو نوبنو (ريچارج) ٿي ويندو آهي ۽ ٻوڏ ڪجهه ڏينهن جي تڪليف ڏيڻ بعد سالن جا سک ڏئي ويندي آهي. پر ان جو مطلب اهو قطعي نه وٺڻ گهرجي ته سنڌ جي حڪومت، انتظاميه، آبپاشي کاتو ۽ ٻيا لاڳاپيل عملدار ننڊ پيا هجن ۽ اهو سوچين ته ٻوڏ خوشحالي لاءِ اچي رهي آهي. ان صورت ۾ ٻوڏ اچي خوشحالي کان اڳ تباهي ڏئي ويندي. جيڪڏهن اڳواٽ مڪمل بندوبست ڪيا وڃن ته سنڌوءَ ۾ ايندڙ وهڪرو، جيڪو اڄ يا سڀاڻي تائين ڪنهن به وقت گڊو بئراج وٽان گذرندو، سنڌ لاءِ صرف ۽ صرف خوشحالي ئي کڻي ايندو پر جيڪڏهن اڳواٽ ڪي به انتظام نه ڪيا ويا ته پوءِ جيڪو نقصان ٿيندو، اهو بعد ۾ ايندڙ خوشحالي سان به وسري نه سگهندو، ڇاڪاڻ ته سنڌوءَ ۾ ڏهاڪن بعد ايترو پاڻي اچي رهيو آهي. سالن تائين سنڌوءَ جو پيٽ سڪل رهڻ سبب هڪ ته ان ۾ واريءَ دڙا ٺهي ويا آهن. ٻيو وري انهن دريا جي پيٽ ۾ رهائش اختيار ڪري ٻنيون پوکي ڇڏيون آهن. مون کي ان ڏينهن هڪ نجي ٽي وي تي خبر ٻڌي حيرت ٿي ته سنڌوءَ مان سکر بئراج وٽان گذرندڙ ڏيڍ لک ڪيوسڪ جي وهڪري سان پاڻي گهرن ۾ داخل ٿي ويو آهي. پهرين مون کي لڳو ته اها خبر ائين ئي هلائي وئي آهي، فوٽيج به هلي پر مون کي يقين نه آيو پر پوءِ پاڻ ان جي تصديق ڪيم ته حيرت ٿي ته سکر بئراج وٽ ماڻهو دريا جي بند اندر جهوپڙيون ۽ ڪچا گهر اڏي ويهي رهيا آهن، جنهن ڪري اتان دريا مان ڏيڍ ٻه لک ڪيوسڪ پاڻي گذرڻ به مسئلو بڻجي ويو آهي، ان ڪري ئي گهرن ۾ پاڻي داخل ٿي ويو آهي ۽ ٻيو سبب اهو معلوم ٿيو ته ڊائون اسٽريم سکر ۾ واريءَ جي دڙن سبب دريا جي وهڪري ۾ رڪاوٽون پيدا ٿي رهيون آهن. ان ڪري پاڻي هيڏانهن هوڏانهن ٽڪر هڻي ڪنارن تي پهچي ويو آهي. يعني سنڌوءَ کي پنهنجي ئي پيٽ مان لنگهه نه مليو ۽ صرف ڏيڍ لک ڪيوسڪ پاڻي بئراج مان گذرڻ کان اڳ گهرن ۾ داخل ٿي ويو، هاڻي جيڪڏهن ان کي ڪير قدرتي آفت چئي ته ان کان وڏو ”داناءُ“ ٻيو ڪو چئبو ڀلا؟ سو اصل مسئلو انتظامن جو آهي، پڪ سان سنڌوءَ جي ڪنڌين جي سالن کان مرمت نه ٿي هوندي. بند ڪمزور هوندا، ماڻهن بندن تان مٽي روڙي ڇڏي هوندي ۽ جيڪڏهن بندن جي ڪمزور حصن تي ڌيان نه ڏنو ويو ته پوءِ ته سنڌوءَ جو 8، 9 لک ڪيوسڪ جو امڪاني وهڪرو نه رڳو ڪچو ٻوڙيندو پر بند ٽوڙي پڪي ۽ مٿانهين وارن شهرن ۾ به داخل ٿي سگهي ٿو.
ڄامشوري بئراج کان وٺي گڊو پل تائين ۽ پوءِ اڳتي لطيف آباد وارن علائقن جي پاسي مان گذرندڙ سنڌوءَ سان واريءَ مافيا جيڪو حشر ڪيو آهي، ان سان سنڌوءَ جا ڪنارا ڪمزور ٿي چڪا آهن. سڄو ڏينهن سوين ٽريڪٽر ٽرالين جي بچاءَ بند لهي دريا جي پيٽ ۾ لهڻ سان سوين جاين تان دريا جي بند ۾ ڪيترن ئي فوٽن جا چرا لڳل آهن، سکر، لاڙڪاڻي، نوشهري فيروز، نوابشاهه، دادو، ڄامشوري، حيدرآباد ۽ ٺٽي ضلعن ۾ به پڪ سان دريا جي ڪنڌين جو ساڳيو حشر ڪيو ويو هوندو ۽ جيڪڏهن بندن ۾ لڳل چرن سبب دريا بي قابو ٿي ٻاهر اچي وڃي ۽ ٻوڏ انساني المين کي جنم ڏئي ته پوءِ ڇا ان کي قدرتي آفت قرار ڏيڻ جائز هوندو؟
هن وقت تائين جي خبرن مطابق، سنڌ حڪومت ٻوڏ جي صورتحال سبب صوبي ۾ ريڊ الرٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي پر اهو ريڊ الرٽ جيڪڏهن بندن تي ڪئمپون قائم ڪري ۽ اربين رپيا فنڊ کائڻ تائين محدود رهيو ته پوءِ سنڌ کي وڏي تباهيءَ کان بچائڻ ممڪن نه هوندو، سنڌ جي آبپاشي کاتي جي تاريخ آهي ته هڪ هڪ بند، هڪ هڪ منصوبي تي ڏهه ڏهه ڀيرا فنڊ کاڌا ويندا آهن، سدائين آبڪلاڻي جي مند ۾ ان قسم جا بند ٻڌڻ جي نالي ۾ پهرين ڪروڙين رپيا وڏن پيٽن ۾ هليا ويندا آهن ۽ پوءِ وري ڪاڳرن ۾ اهو ٻڌايو ويندو آهي ته نئون ٺهيل يا مرمت ڪيل بند ٻوڏ لوڙهي ڇڏيو ۽ وري ٻيهر ان بند جي نالي ۾ ڪروڙين رپيا کاڌا ويندا آهن، آبڪلاڻي يا ٻوڏ سنڌ جي آبپاشي کاتي کي الرٽ ضرور ڪندي آهي پر ان لاءِ نه، ته ڪهڙي ڪهڙي بند کي مضبوط ڪجي، ڪٿي ڪٿي بند کي روڻيون لڳل آهن جيڪي ڀرجن، ڪٿان ڪٿان پاڻي بند کي گهارا هڻي سگهي ٿو، انهن کي اڳواٽ ٻڌو وڃي پر ان لاءِ ته ڪهڙي بند جي نالي ۾ ڪيترو فنڊ کائي سگهجي ٿو ۽ ڪيترا ڀيرا کائي سگهجي ٿو، پٿر جي پيچنگ جي نالي ۾ کائي سگهجي ٿو يا ڪچي بند جي نالي ۾، سو جيڪڏهن صورتحال ائين رهي ته پوءِ پڪ سان سنڌو سنڌ ۾ خوشحاليءَ بدران وڏي انساني الميي جو سبب بڻجي ويندو، سنڌوءَ ۾ ايندڙ وهڪرا سنڌ جي خوشحالي لاءِ هوندا آهن، ڪوٽ مٺڻ بعد سنڌ م داخل ٿيڻ کان وٺي ڊيلٽا وٽ سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪرڻ تائين هر پاسي جڏهن سنڌو خيريت سان گذري وڃي ته پوءِ جيڪا خوشحالي ايندي آهي، اها سالن تائين برقرار رهندي آهي. ان ڪري صرف فوج کي سنڌ جي بندن تي بيهارڻ بدران آبپاشي جي اڪثر ڪرپٽ ۽ راشي عملي مٿان نگران به ويهاريا وڃن ته اهي جنهن جنهن بند جي نالي ۾ اهي فنڊ وٺن ٿا، اهي فنڊ انهن بندن تي استعمال ٿين.
خبرن مطابق، سنڌ حڪومت ٻوڏ جي امڪاني صورتحال کي نظر ۾ رکندي آبڪلاڻي جي نالي ۾ ڪروڙن رپين جا فنڊ جاري ڪيا آهن، سنڌو جي ڪنڌين سان گڏ ان فنڊ جي به نگراني ضروري آهي، ٻي صورت ۾ سنڌوءَ جي بندن سان گڏ اهي ڪروڙين رپيا به سنڌوءَ جي وهڪري ۾ لڙهي وڃي سمنڊ ۾ ڪرندا ۽ پوءِ ڪير به اهو ثابت نه ڪري سگهندو ته ڪنهن بند تي ڪيترو فنڊ لڳو ۽ ڪنهن بند جي آڙ ۾ ڪيترو فنڊ کاڌو ويو. ان بعد ٻيهر اربين رپيا ايندا، جيڪي پڻ بندن تي مٽيءَ جون ٻه ٽي ٽراليون لهرائي کاڌا ويندا نه رڳو سنڌ حڪومت بندن ۽ فنڊن جي نگراني ڪري صوبي کي ٻوڏ جي تباهڪارين کان بچائي، بلڪه حڪومت کي گهرجي ته اها سرڪاري سطح تي ڊيلٽا کان ڪشمور تائين سڄي ڪچي ۾ چيچڪا ڇٽرائي ته جيئن اهي ٻيلا، جيڪي ڪڏهن ڌاڙيلن خلاف آپريشن جي نالي ۾ وڍيا ويا، ته ڪڏهن وري ٻيلي کاتي جي واڍي مافيا جي ور چڙهيا، سي ٻيلا ٻيهر زندهه ٿي سگهن، عام طور تي ته مينهن بعد پاڻ ئي سلا ڦٽندا آهن، ڇاڪاڻ ته وڻن جا ٻج مند ۾ ڇڻي اتي ئي ڪرندا آهن ۽ مينهن پوڻ بعد انهن مان پاڻمرادو ڪروڙين وڻ ڦٽي نڪرندا آهن پر سنڌوءَ جي ٻنهي ڪنارن جي ٻيلن کي ميدانن ۾ تبديل ڪيو ويو. ان ڪري اهو امڪان گهٽ آهي ته ڪچو ٻڏڻ بعد هيل پاڻمرادو سلا ڦٽندا، ان ڪري ضروري آهي ته سنڌوءَ جي ٻنهي ڪنارن تي ٻٻرن، ٽالهين، نمن، ٻيرن، ڪنڊي ۽ ٻين قسمن جي وڻن جا ٻج ڇٽيا وڃن، ان ڪم ۾ سنڌ حڪومت کي هڪ ڏينهن به نه لڳندو. اهو ڪم هيلي ڪاپٽر ذريعي ڪجهه ڪلاڪن اندر ڪري سگهجي ٿو. جيڪڏهن ڪرڻ جي نيت هوندي ته اهو ڪم ٿي ويندو، پوءِ ڪچي مان پاڻي لهڻ بعد هڙيون ٿينديون ۽ اهي وڌي ٻيلا بڻجي وينديون، جيڪي ٻيلا مستقبل ۾ بندن سان گڏ ٻوڏن کان بچاءَ جو وڏو هٿيار ثابت ٿيندا.
سو مجموعي طور تي جيڪڏهن بهترين حڪمت عملي سان سنڌوءَ ۾ ڏهاڪن بعد آيل هن وڏي ٻوڏ کي منهن ڏنو وڃي ته سڄي سنڌ ان جو ڦل سالن تائين کائيندي، مهاڻا خوسحال ٿيندا، ڪچو آباد ٿيندو، تمر جا ٻيلا وڌندا، ڊيلٽا تي لٽ مليل پاڻي سمنڊ کي پٺتي ڌڪي ڇڏيندو، پلو ڄامشوري پل تائين اچي پهچندو، جنهن سان نه رڳو مهاڻن جو روزگار کلندو، بلڪه دريا جي ڪنارن تي ننڍين وڏين هوٽلن تي ڪيترن ئي ڏينهن تائين ڪاروبار هلندو، سو مجموعي طور تي ٻوڏ سنڌ کي خوشحالي ئي ڏئي ويندي.ا ن ڪري مون شروعات سنڌ واسين ۾ ٻوڏ جو خوف ويهارڻ بدران سنڌ واسين کي ايندڙ خوشحاليءَ جون واڌيون ڏئي سنڌوءَ جي آجيان ڪرڻ جي صلاح ڏني آهي. نه رڳو عوام، بلڪه انتظاميه ۽ حڪومت به نعريبازي بدران هڪ بهتر حڪمت عمليءَ سان ٻوڏ کان ٻيڻ وصول ڪري سگهي ٿي. سنڌوءَ جي ڪنڌين، ڪچي ۽ هيٺاهين وارن علائقن ۾ آباد ماڻهو پاڻ ئي پنهنجي جان ۽ مال جي حفاظت لاءِ ڪجهه ڏينهن پڪي ۽ مٿانهين وارن علائقن ڏانهن لڏي وڃن، ڍور، ڍڳا، اناج ۽ بيو قيمتي سامان به محفوظ هنڌ منتقل ڪن. حڪومت صحيح معنيٰ ۾ بندن کي مضبوط ڪري، مجموعي طور تي سڄي سنڌي قوم هڪ اجتماعي سوچ سان ايندڙ ٻوڏ جي صورتحال کي منهن ڏئي ته اڄ يا سڀاڻي تائين گڊو وٽان گذرندڙ 8 کان 9 لک ڪيوسڪ پاڻي ڪچي ۽ ڀرپاسي جي علائقن کي ٻوڙڻ بعد سمنڊ ۾ وڃي پوندو ۽ اهو پاڻيءَ جو دٻاءُ هر بئراج تي ڪجهه ڪلاڪن تائين برقرار رهندو، ان بعد پويان کان ايندڙ وهڪرا اڌ جيترا به نه هوندا، ان ڪري جيڪو پاڻي اچي رهيو آهي، ان کي خيرن سان سمنڊ تائين پهچائڻ لاءِ حڪومت، انتظاميه ۽ عوام ميدان ۾ ڪڏي پئي، ان صورت ۾ ئي سنڌ کي ٻڏي جا ٻيڻا ملي سگهندا ۽ پوءِ سڄي سنڌ سرويچ سجاولي جا ٻول به ڳائڻ ۾ حق بجانب هوندي ته، ”جنت الفردوس آهن ٻئي ڪنڌيون مهراڻ جون.“