تاريخ، فلسفو ۽ سياست

مها ٻوڏ 2010 (جيڪي سنڌ سان ٿيو)

ڪتاب ” مها ٻوڏ 2010 (جيڪي سنڌ سان ٿيو) “ اوهان اڳيان حاضر آهي. هن ڪتاب جو ليکڪ عزيز رانجهاڻي آهي. 07 آگسٽ 2010 تي سنڌوءَ جي ساڄي ڪپ تي ٽوڙيءَ واري هنڌ تان سنڌوءَ جي بچاءُ بند کي گهارو ڇا لڳو، ڄڻ سنڌ ۾ قيامت اچي وئي. شير درياهه سنڌو مستيءَ ۾ اچي سنڌ جي ميدانن شهرن ۽ ڳوٺن ۾ ڪاهجي پيو ۽ ٻوڙان ٻوڙ ڪري ڇڏي ۽ ڏسندي ئي ڏسندي بلوچستان جي حدن کان وٺي سنڌي سمونڊ تائين هڪ ٻيو سمونڊ ڪري ڇڏيو. جتي 10 کان وٺي 16 فوٽن تائين ڪيترائي ڏينهن اڌ سنڌ پاڻيءَ هيٺ رهي ۽ اڌ سنڌ جي آبادي سر ۽ مال متاع بچائڻ لاءِ سرگردان رهي ۽ پنهنجي ئي ڌرتيءَ تي صدين کان آباد هي ڌرتي ڌڻي بي گهر ٿي ڪسمپرسيءَ جي حالت ۾ ڪئمپن جي حوالي ٿيا. سنڌوءَ جو پاڻي سندن پويان ائين پئجي ويو جيئن ڪو حمله آور لشڪر اوچتو ڪنهن علائقي ۾ ڪاهجي پوي ۽ ماڻهن ۾ ڀاڄ پئجي وڃي ۽ هو ساهه بچائڻ لاءِ برمنهن ڪندا هجن. ڪٿي جيڪب آباد، ڪشمور، ٺل، شهدادڪوٽ، ڳڙهي خيرو ۽ ڪٿي ڪراچي، سانگهڙ، ٽنڊو باگو، نئون ڪوٽ ۽ حيدرآباد، ساهه بچائڻ لاءِ هي ڌرتي ڌڻي، سنڌ جي هڪ ڪنڊ کي ڇڏي ٻئي ڪنڊ تي وڃي ڪئمپن ۾ پهتا ۽ دربدر ٿي مصيبتن ۽ عذاب ۾ اچي ويا.
Title Cover of book مها ٻوڏ 2010 (جيڪي سنڌ سان ٿيو)

سنڌ ۾ سپر فلڊ جو پهچڻ…. محمد ادريس راجپوت

مون ڪاوش ۾ هڪ مضمون ”ٻوڏ کي ڪيئن منهن ڏجي؟“ جي عنوان هيٺ لکيو، جيڪو 5 آگسٽ تي ڇپيو آهي. انهيءَ ۾ مون ٻڌايو هو ته سنڌ ۾ گڊو بئراج وٽ وڌ ۾ وڌ پاڻي 8 لک ڪيوسڪ ايندو ۽ سنڌ ۾ سپر فلڊ ايندي، منهنجي اها اڳڪٿي فيل ٿي وئي ۽ 6 آگسٽ تي گڊو بئراج وٽ پاڻيءَ جو وهڪرو 9 لک 62 هزار ڪيوسڪ ٿي ويو. ياد رهي ته 9 لک ڪيوسڪ کان مٿي واري ٻوڏ کي سپر فلڊ چئجي ٿو ۽ ائين چئجي ته سنڌ ۾ سپر فلڊ اچي وئي، اردو جي شاعر چيو آهي ته:
هوئي تاخير تو ڪجهه باعث تاخير بهي تها
يعني جيڪڏهن مان دير سان پهتس ته انهيءَ جو ڪو سبب به هوندو، هن وڌيڪ پاڻي اچڻ جو ڪهڙو سبب هو؟ درياهن جي وهڪرن جي صورتحال هر ڏينهن مٽجندي رهي ٿي، تنهن ڪري هر ڏينهن پاڻي اچڻ جي اڳڪٿي ڦرندي رهي ٿي، پاڻي جڏهن ڪنهن بيراج کان هلي ٿو ته ٻئي بيراج تائين پهچڻ ۾ وقت ٿو وٺي. رستي تي اهو پاڻي درياهه جي پيٽ ۾ ڦهلجي ٿو ۽ کڏون ۽ کوٻا ڀري ٿو، تنهنڪري ٻئي بيراج تي پهچڻ تي انهيءَ جي شدت گهٽجي وڃي ٿي. وري جيڪڏهن رستي تي ڪو کنڊ پئجي وڃي ٿو ته اهو پاڻي اڃا گهٽجي وڃي ٿو. ان جي ابتڙ وري اها صورتحال ٿئي ٿي ته ڪيتريون نيون رستن تي ملن ٿيون، جيڪڏهن انهن نين جي واٽر شيڊ ۾ مينهن پون ٿا ته اهي نيون ٻن بيراجن جي وچ ۾ ڪافي پاڻي کڻي اچن ٿيون، تنهنڪري ٻي بيراج تي پهچندڙ پاڻي مٿين بيراج کان ايندڙ پاڻي کان وڌي وڃي ٿو. مٿين ڳالهين جي سمجهاڻي لاءِ مان سنڌ مان سکر ۽ ڪوٽڙي بيراج جو مثال ڏيندس. سال 1976ع واري ٻوڏ ۾ سکر بيراج کان چوٽي وارو وهڪرو اٽڪل 12 لک ڪيوسڪ هيو، پر انهيءَ جي نتيجي ۾ ڪوٽڙي تي چوٽيءَ وارو وهڪرو ست لک 91 هزار ڪيوسڪ پهتو يعني 66 سيڪڙو پاڻي پهتو ۽ باقي 34 سيڪڙو رستي تي کڏن کوٻن ڀرڻ رهجي ويو. سال 1956ع ۾ سکر بيراج کان چوٽي وارو وهڪرو 9 لک 79 هزار ڪيوسڪ هليو، پر ڪوٽڙي بيراج تي 9 لک 81 هزار ڪيوسڪ پهتو، يعني ذري گهٽ ساڳيو. حقيقت ۾ ٻه هزار ڪيوسڪ وڌيڪ اهو انهيءَ ڪري ممڪن ٿيو، جو ان سال سن واري نئين وهي آئي جو جبلن تي تمام گهڻا مينهن پيا.
اچو هن سال واري صورتحال تي، گڊو بيراج تي 6 آگسٽ تي 9 لک 62 ڪيوسڪ پاڻي پهتو، اهو اثر آهي ٻه ڏينهن اڳ پنجند ۽ ٽي ڏينهن اڳ هليل تونسا واري پاڻي جو، ڇو ته تونسا کان پاڻي گڊو پهچڻ ۾ ٽي ڏينهن ۽ پنجند کان گڊو پاڻي پهچڻ ۾ ٻه ڏينهن لڳن ٿا. ٽي ڏينهن اڳ يعني 3 آگسٽ تي تونسا جي هيٺين ڀر وهڪرو هو 7 لک 69 هزار ۽ 4 آگسٽ تي پنجند کان هيٺ وهڪرو هو 64 هزار. ٻئي جوڙ ٿا ڪريون ته ڪل ٿئي ٿو 8 لک 31 هزار ڪيوسڪ پر گڊو بيراج تي 6 آگسٽ پاڻي پهتو 9 لک 62 هزار، اهو ڪيئن ممڪن ٿيو؟ وچ مان ڊيرا غازي خان جون نيون وهي آيون، جو انهن جي جبلن تي تمام گهڻا مينهن پيا انسان جو حساب ڪتاب ٻه جوڙ ٻه يعني چار واري نموني ٿئي ٿو، پر الله سائين جو پنهنجو نظام آهي، هو قادر آهي ۽ هو اهو ڪري سگهي ٿو، جيڪو اسان سوچي به نٿا سگهون، وري جيڪڏهن تونسا بيراج جي کاٻي پاسي واري مارجينل بند کي کنڊ نه لڳي ها، جنهن مان اٽڪل ڏيڍ لک ڪيوسڪ پاڻي نڪري ويو ۽ جنهن ڪوٽ ادو جي شهر کي ٻوڙي ڇڏيو ۽ اهو پاڻي هيٺ اسان وٽ اچي ها ته سنڌ م ٻوڏ جي صورتحال اڃا خراب ٿئي ها. هاڻي اچو ته ڏسون ته آبپاسي کاتي وارا ٻوڏ کي ڪيئن منهن پيا ڏين ۽ اڳتي هنن کي ڪيئن محنت ڪرڻ کپي ته ٻوڏ بنا ڪو نقصان ڏيڻ جي سمنڊ ۾ هلي وڃي، گڊو بيراج کان هيٺ ساڄي پاسي ٻه ڳالهيون ٿيون آهن. هڪڙي ته بيگاري جي بند سلوس جو هڪڙو در ڪري پيو. رات جو ٻارهين بجي انهيءَ جي خبر پئي. تنهن وقت کان ئي وٺ وٺان شروع ٿي وئي. پهرين اتان پاڻي جو وهڪرو ڪنٽرول ڪيو ويو. هيٺيون سلوس بند ڪري انهيءَ نقصان ٿيل گيٽ جي جاءِ تي ٻيو گيٽ هنيو ويو. ٻي اها ته ٽوڙي بند جي هڪ ٽڪري ۾ فري بورڊ ڇهن فوٽن بدران هڪ فوٽ بچيو. اتي واري جون ڳوڻين سان 111 حساس جاين جي نشاندهي ڪئي وئي. هونءَ ته سڄا بند حساس آهن، پر انهن جاين تي خاص توجهه ڏيڻ جي ضرورت آهي، گڊو ۽ سکر بيراج جي وچ ۾ قادر بند جتي قادر پور گئس فيلڊ آهي، اتي حساس آهي. اتي پٿر جي پچنگ ۽ ايپرن ٺهيل آهي. اتي کاڌ ٿئي ٿي پئي ۽ صورتحال کي پٿر وجهي ڪنٽرول ڪيو پيو وڃي. ياد رهي ته پنو عاقل وارو فوجي علائقو به انهيءَ ڪري متاثر ٿي سگهي ٿو، جيڪڏهن اتي ڪجهه ٿيو ته وري اچو سکر بيراج تي، جتي مان جڏهن 6 آگسٽ تي پهتس ته وهڪرو 6 لک ڪيوسڪ هو، عبدالعزيز انسپيڪٽر ٽيليفون بيراج مون کي ٻڌايو ته هن مهل تائين سکر بيراج مان پاڻي پاس ڪرڻ ۾ هنن کي ڪا تڪليف نٿي ٿئي. جو واهه گهٽ ڪرڻ ڪري پانڊ ليول گهٽ پئي رکي وڃي ۽ هو بيراج جا گيٽ کولي پاڻي پاس ڪن ٿا. ٻئي پاسي هنن ٻنهي پاسن جا گيٽ به کولي ڇڏيا آهن. هنن جو چوڻ آهي ته ايندڙ سپر فلڊ به بيراج مان بنا ڪنهن خطري جي پاس ٿي ويندو، سکر بيراج ۽ ڪوٽڙي بيراج وچ ۾ ڪيتريون جايون حساس آهن، جيڪي ماضي ۾ ڪو نه هيون ۽ تازو ٺاهيون پيون وڃن. هڪڙي آهي لاڙڪاڻو- خيرپور واري پل جنهن جو ڪم پورو نه ٿيو آهي، جيتوڻيڪ پل ٺهي وئي آهي ۽ انهيءَ تان ٽريفڪ هلي ٿي پئي. اها پل لاڙڪاڻي واري پاسي ٺاهي وئي آهي ۽ اتي ٻه اسپر ۽ هڪڙو اسٽڊ ٺاهڻو هو. اهو ڪم نيشنل هاءِ وي اٿارٽي کي ڪرڻو آهي. پاڻيءَ جو دٻاءُ لاڙڪاڻي واري پاسي آهي. پل به لاڙڪاڻي واري پاسي ٺاهي وئي. جنهن ڪري لاڙڪاڻي پاسي بندن تي اڃا پريشر وڌندو. مون آبپاشي جي ايس اي عبدالرحمان نظاماڻي سان فون تي رابطو ڪيو. جنهن ٻڌايو ته جيتوڻيڪ نيشنل هاءِ وي اٿارٽي وارن جو ڪم مڪمل ناهي، پر هو پنهنجن خاص بندوبستن سان هن ٻوڏ کي منهن ڏئي ويندا. ٻي آهي آر بي او ڊي اها ڊرين سيوهڻ کان مٿي ڪرمپور ڳوٺ وٽان شروع ٿئي ٿي، ۽ درياهه سان لڳو لڳ ويندي گهارو کوري وسيلي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندي، سيوهڻ کان ڄامشورو تائين اها ڪن هنڌن تي درياهه جي ويجهو اچي وڃي ٿي. جتي ان جي کاٻي بند کي درياهه واري بند طور ٺاهي پٿر جي پچنگ ۽ اپرن ٺاهي وئي آهي. پر هي صفا نئون بند آهي. جنهن کي درياهه جو ٻوڏ وارو پاڻي نه لڳو آهي. گڊو تي سپر فلڊ پاس پئي ٿئي. جنهن جي ڪري انهيءَ هنڌ اٽڪل 6 لک ڪيوسڪ پاڻي ٿيندو. جيڪو ان نئين بند کي لڳندو ۽ نقصان ڏئي سگهي.

ڪوٽڙي بيراج تي گهڻو پاڻي پهچندو؟
گذريل سپر فلڊن جي رڪارڊ مان خبر پئي ٿي ته جيڪو پاڻي گڊو بيراج کان هلي ٿو، ذري گهٽ اوترو ئي يا انهيءَ کان ڪجهه ٿورو گهٽ پاڻي سکر بيراج تي پهچي ٿو. پر ڪوٽڙي بيراج تي اهو ڪافي گهٽ پهچي ٿو، مثال طور سال 1976ع ۾ سکر کان هليو اٽڪل 12 لک ڪيوسڪ، پر ڪوٽڙي تي پهتو اٽڪل 8 لک. سال 1978ع م سکر بيراج کان هليو اٽڪل 11 لک ڪيوسڪ، پر ڪوٽڙي بيراج تي پهتو اٽڪل سوا ست لک ڪيوسڪ، سال 1988ع ۾ سکر بيراج تان هليو اٽڪل 11 لک ڪيوسڪ، پر ڪوٽري بيراج تي پهتو اٽڪل ساڍا ڇهه لک ڪيوسڪ سال 1992ع ۾ سکر بيراج کان هليو اٽڪل پوڻا 11 لک ۽ ڪوٽڙي بيراج تي پهتو اٽڪل پوڻا ست لک ڪيوسڪ هن سال سکر بيراج تان هلندو اٽڪل ساڍا نو لک ۽ جيڪڏهن وچ ۾ نين جو پاڻي نٿو ملي ته ڪوٽڙي بيراج تي پهچندو اٽڪل 6 لک ڪيوسڪ. اهو پاڻي پهچڻ ۾ هفتو کن وٺندو، جيڪڏهن سکر بيراج تي وڏي ٻوڏ 7 آگسٽ تي پهچي ٿي ته ڪوٽڙي تي اها اٽڪل 14 آگسٽ تي پهچندي.


ڇا ڪالاباغ ڊيم ٺهيل هجي ها ته ٻوڏ جي شدت گهٽجي وڃي؟
پنجاب جي گورنر سلمان تاثير چيو آهي ته جيڪڏهن ڪالاباغ ڊيم ٺهيل هجي ها ته ٻوڏ سبب آيل بربادي ۽ ٿيل نقصان تمام گهڻو گهٽجي وڃي ها. پهرين ڳالهه اها ته ڪالاباغ ڊيم جو ذڪر ڪرڻ بدران جيڪڏهن گورنر صاحب چوي ها ته ”جيڪڏهن ڀاشا ڊيم ٺهيل هجي ته نقصان تمام گهڻو گهٽجي وڃن ها“ ته ساڳي ڳالهه ٿئي ها- پر ڪالاباغ ڊيم جو ذڪر ڪرڻ ضروري آهي. جو پنجاب وارن مطابق هر هڪ خرابي جو علاج ڪالاباغ ڊيم آهي. اها ڳالهه ٻڌائيندو هلان ته پاڻي گڏ ڪرڻ ۽ بجلي پيدا ڪرڻ وارن ڊيمن ۾ ٻوڏن کي گهٽ ڪرڻ جي صلاحيت نالي ماتر يا ڪجهه به نه هوندي آهي. اسان وٽ ڊيم ٻوڏ اچڻ کان اڳ ڀريا وڃن ٿا. ڇو جو ٻوڏ دير سان اچي ٿي جڏهن سانوڻيءَ جون برساتون پون ٿيون ۽ ڪڏهن ڪڏهن سانوڻيءَ جون برساتون فيل ٿيڻ جي صورت ۾ جيڪڏهن ڊيمن ۾ اڳ ۾ پاڻي نٿو ڀريو وڃي ته اهي نه ڀرجي سگهندا. هن سال جو مثال اسان جي سامهون آهي. تربيلا ڊيم ۾ پاڻي جي سطح 1525 فوٽ ٿي وئي. جڏهن پهرين آگسٽ تي سنڌو ۾ چوٽي وارو وهڪرو آيو. انهيءَ ليول تي ڊيم جي سلامتي جي خيال سان ان جي ڏينهن ۾ ليول هڪ يا ٻن فوٽن کان مٿي نٿي وڌائي وڃي. پهرين آگسٽ تي تربيلا ۾ رڳو 26000 ڪيوسڪ پاڻي ذخيرو ڪيو ويو، جڏهن ته چوٽي وارو وهڪرو چار لک 46 هزار ڪيوسڪ هو. 26000 ڪيوسڪ ايتري مقدار ڪونهي جو انهيءَ ڪري ٻوڏ تي خاص فرق پوي، تنهنڪري وڏا ڊيم ٻوڏ جي شدت خاص گهٽائي نٿا سگهن.
وري اچو ڪالاباغ ڊيم جو اثر خيبر پختونخواهه جي شهر نوشهري مٿان پوڻ واري مامري تي، جيڪو هن سال ڪابل درياهه جي ٻوڏ ڪري ٻڏو، جيڪڏهن ڪالاباغ ڊيم ٺهيل هجي ها ته انهيءَ جي 915 فوٽ ليول جو ابتو اثر نوشهره شهر تائين پهتل هجي ها ۽ اهو پاڻي ٻوڏ واري پاڻي کي نيڪال ٿيڻ نه ڏئي ها، جنهن ڪري نوشهره شهر ۾ ڪالاباغ ڊيم ٺهڻ جي صورت ۾ وڌيڪ نقصان ٿئي ها. ڪالاباغ ڊيم ڪا امرت ڌارا دوا ڪونهي، جو هر هڪ بيماري جو علاج ڪري. جڏهن انهي جي ٺهڻ تي ملڪ ۾ اتفاق راءِ ڪونهي ته انهيءَ جو گهڙي گهڙي ذڪر ڇو ٿو ڪيو وڃي؟
سنڌ ۾ هن سال وڏي ٻوڏ آيل آهي. بند مٽيءَ جا ٺهيل آهن ۽ پاڻي مٽي وارن بندن تي صحيح گشت نه هجڻ جي صورت ۾ نقصان پهچائي سگهي ٿو، دعا ٿا ڪريون ته آبپاشي وارا صحيح ڊيوٽي ڏيندا ۽ هن سال ٻوڏ ڪو نقصان ڪرڻ بنا سمنڊ ۾ هلي ويندي. آمين!