هن مخلوق جي سار ڪير لهندو؟….مير محمد پرهياڙ
جيستائين ربيع پوکي جو سوال آهي ته اڃا تائين 70 سيڪڙو کان مٿي زمين پاڻي هيٺ آهي. ۽ جنهن سست رفتاري سان پاڻي جي نڪاسي جو عمل هلي رهيو آهي ۽ جيڪو شيڊول آبپاشي کاتي ڏنو آهي. ان مطابق ڊسمبر جي آخر ڌاري مس وڃي پاڻي نڪرندو. مسئلو صرف پاڻي جي نيڪالي جو نه آهي. پر ان زمين جو خشڪ يا سنوت ۾ اچڻ جو به آهي. سنڌو درياءَ جي ساڄي پاسي ڪشمور کان ڪيٽي بندر تائين ساريال مکي فصل آهي. جنهن ڪري زير زمين پاڻي جي ليول هميشه مٿانهين هوندي آهي. پر ٻوڏ جي پاڻي بيهڻ ڪري زمين جو پاڻي ايترو ته مٿي آيو آهي. جو جنوري تائين زمينون خشڪ نه ٿينديون ۽ چيٽ جي پوکيءَ جي مند ڊسمبر جي آخر تائين مشڪل سان هلي ٿي، پر جيڪڏهن ڪٿي پوکي ٿي به وڃي ته مسئلو آهي پاڻيءَ جو، جنهن جي آبپاشي کاتي پاران ڪا به گارنٽي نه هوندي آهي. ڇو ته انهيءَ سڄي علائقي ۾ سواءِ تعلقي دادو ۽ جوهي ۽ منڇر ڍنڍ تي آباد ٿيندڙ علائقن جي ڇهه ماهي (آبڪلاڻ) پاڻي ملي ٿو ۽ بنا پاڻي ڏيڻ جي پيدائش ايتري ته گهٽ ٿئي ٿي. جو پورو خرچ به نه نڪرندو آهي. اهو ئي سبب آهي جو انهن علائقن ۾ آبادگارن جي اڪثريت ساريال جي آخري پاڻي ڏيڻ کان پوءِ سرهه، توريو لوسڻ داليون، مٽر، ڪڻڪ وغيره جو ٻج اڇلائي ڇڏيندا آهن. پوءِ جيڪڏهن سم جو پاڻي شاخن ۾ آيو ته ڏيئي ڇڏيندا. نه ته جيڪو نصيب.
جيڪا صورتحال سامهون اچي ٿي ته ڪشمور کان وٺي شاهبندر تائين ٻوڏ هيٺ آيل علائقن ۾ ربيع جو فصل ورلي ڪٿي ٿيندو ۽ خود اقوام متحده جي اداري ايف اي او FAO جو به اهو رايو آهي. رهيو ايندڙ خريف جو فصل ته ان جا رونبا ايندڙ جون ۾ شروع ٿيندا ۽ لاابارا آڪٽوبر ۾ پوندا انهيءَ جو مطلب اهو ٿيو ته ٻوڏ جي آيل مٿئين علائقن م ايندڙ آڪٽوبر کان اڳ ڪنهن به فصل لهڻ جو آسرو ئي نه رهيو آهي. هڪ خريف جو فصل تباهه ٿيو، ٻيو ربيع جو آسرو نه رهيو ۽ ايندڙ خريف فصل به آڪٽوبر ۾ لهندو. تيستائين هيءَ بدنصيب مخلوق ڪيئن جيئندي؟ دنيا جي ٻين ملڪن ۾ اهري صورتحال ۾ حڪومتون ”ورڪ فار فوڊ“ شروع ڪنديون آهن. پر هتي اڃا تائين ڪا اهڙي چرپر نظر نٿي اچي. غريبن جو مال متاءُ ته اڳ ئي لڙهي ويو. جنهن وٽ مال بچيو ته ڍور ڍڳا وڪڻي پنهنجي ٻچن کي کڻي نڪتا ۽ هاڻي وڃي ٿيندا سيٺين جي حوالي جيڪي انهن کي اٽو چانور ۽ ٻيو سامان وڏن اگهن تي ۽ مٿان وياج وجهي پوءِ ڏيندا. پر ان جي باوجود انهن شين ۾ ايتري ته ملاوٽ هوندي آهي يا غير معياري هونديون آهن جو عام حالتن ۾ ماڻهو جانورن ۽ پکين کي به نه کارائيندا آهن.
اهڙي تشويشناڪ صورتحال ۾ حڪومت جي ذميواري ٿئي ٿي ته اتي ايندڙ خريف فصل لهڻ تائين مفت راشن ڏي، اها ڪا نئين ڳالهه نه آهي ته تازو سوات آپريشن دوران متاثرن ماڻهن کي واپس پنهنجي گهرن ڏانهن موٽڻ تي صوبائي حڪومت يو اين او جي تعاون سان تقريبن پورو سال مفت راشن ڏنو. سنڌ ۾ آيل ٻوڏ جي تباهڪاري هن صدي جي وڏي ۾ وڏي تباهي آهي. ۽ ساڳي صورتحال بلوچستان جي ٻوڏ متاثرن جي آهي. ان ڪري حڪومت جي ذميواري ٿئي ٿي ته انهن جي لاءِ به راشن جو بندوبست ڪري. جيڪڏهن متاثرن جي سروي صحيح نموني ڪجي ٿي ۽ ورهاست جو سسٽم درست هوندو ته بين الاقوامي ادارا ۽ اين جي اوز به ميدان ۾ اينديون جهڙي نموني انهن سوات متاثرين لاءِ مفت راشن مهيا ڪيو پر اڳتي اهي نه آيا ته متاثرين کي بک کان بچائڻ لاءِ حڪومت ڪجهه ارب رپيا خرچ ڪيا ته ڇا ٿي پوندو؟
ٻيو مسئلو جنهن طرف صدر صاحب جي تازين هدايتن کان پوءِ آبپاشي کاتو جاڳيو آهي. اهو آهي پاڻي جي نيڪال جو جنهن لاءِ سيڪريٽري آبپاشي طرفان هڪ شيڊول آيو آهي. جنهن مطابق ڊسمبر جي آخري ڌاري ٻوڏ هيٺ آيل علائقن مان پاڻي نڪري ويندو الله ڪري ائين ٿئي. پر مون کي نٿو لڳي. هر ڪنهن جي ڪاوڙ آبپاشي کاتي تي آهي ۽ هئڻ به گهرجي. جو انهن جي نااهلي ڪري ايڏي وڏي تباهي آئي آهي. پر ضلعي انتظاميه جنهن جو هيڊ اڳي ڊپٽي ڪمشنر هو ۽ هاڻي ناظم آهي. جنهن جي چارج هينئر ڊي سي او وٽ آهي جو ذڪر ٻوڏ يا ان کان پوءِ جي صورتحال کي منهن ڏيڻ بابت گهٽ آيو آهي. حقيقت هيءَ آهي ته جڏهن حالتون ڪنهن به کاتي جي نااهلي ڪري يا اوچتو قدرتي آفت سبب خراب ٿيون ته پوءِ ضلعي انتظاميه جي هيڊ کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو آهي. پر هن دفعي ائين نه ٿيو ڪجهه ڊي سي اوز صاحبن ڪوشش به ڪئي. پر سياسي دٻاءُ حاوي ٿي ويو، پر ڇا پاڻي جي نيڪال لاءِ به انهن تي دٻاءُ آهي؟ ڇا اهو به دٻاءُ آهي ته پاڻي نه ڪڍو يا سروي صحيح نه ڪريو؟ نه بلڪل نه پوءِ ڪهڙو سبب آهي جو پاڻي جي نيڪال ۾ ايتري سستي ٿي آهي؟ اسان مثال وٺون ٿا خيرپور ناٿن شاهه شهر جو، جيڪو وڌ ۾ وڌ متاثر ٿيو آهي. جتي 14 نومبر تي منهنجو به وڃڻ ٿيو. صورتحال هيءَ آهي ته پاڻي بچاءَ بند جي هيٺين پاسي ماڏو، بگ ٻرڙا، بيگو ديرو کان شروع ٿي جوهي شاخ جو اتريون ڪپ وٺندو وڃي بالي شاهه جو دنگ ڪيو آهي ۽ اتان رائيس ڪئنال جو ڏاکڻيون پاسو وٺندي راوت لغاري کان اولهه طرف نارا ڪئنال جي ٻنهي پاسي پاڻي ئي پاڻي آهي. ان جي نيڪال لاءِ جوهي بئراج تي يوسف نائچ ڳوٺ وچ ۾ پنج پمپنگ مشينون رکيل آهن. جيڪي ٽريڪٽرن تي هلن ٿيون. ۽ جڏهن ٽريڪٽر جون مشينون گرم ٿين ٿيون ته پمپ بند ٿيو وڃن.
خيرپور ناٿن شاهه شهر مان پاڻي ڪڍڻ لاءِ باءِ پاس روڊ تي رکيل ڏهه پمپنگ مشين، جيڪي اتي ٽريڪٽر وسيلي هليون پئي. اهي شام جو اکاڙي کڻي ويا. ڇو ته باءِ پاس روڊ کي ٽريفڪ لاءِ کولڻو هو نه ئي آبپاشي کاتي جي عملدارن ۽ نه ئي ضلعي انتظاميه سوچيو ته ڪو نعم البدل حل ڪڍن ڇا ڊي سي او جيڪو هاڻي ضلعي ڪائونسل جو ايڊمنسٽريٽر به آهي ان لاءِ ڪا پابندي آهي ته هو ايمرجنسي تحت پئسا ڪڍرائي شهر جي بچاءَ لاءِ 50 مشينن جو بندوبست ڪري؟ انهيءَ کي به ڇڏيو ضلعي دادو جي ٻهراڙين ۾ واٽر سپلاءِ تقريبن بند آهن. يا وري وڏن شهرن ۾ واٽر سپلاءِ يا ڊرينج لاءِ بند پيل يا خراب مشينون ٺيڪ ڪرائي ڪم هلائي سگهجي ٿو. خرچ ته ساڳيو ٿيندو، ڇو ته ٿوريون مشينون پاڻي ڪڍڻ ۾ مهينا لڳائينديون ۽ گهڻي تعداد ۾ پمپنگ مشينون هفتن ۾ پاڻي ڪڍي وينديون ۽ اهي خريد ڪيل مشينون بعد م ڪٿي ڪم اچي وينديون.
ڪهڙي نه افسوسناڪ صورتحال آهي. جو دادو جيڪو پ پ پ جو قلعو سمجهيو ويندو هو ۽ خيرپور ناٿن شاهه. جنهن کي ايم آر ڊي تحريڪ ۾ شهيدن جو شهر ٿيڻ جو لقب مليو. اتي جا رهواسي ايترا ته ناراض آهن. ڇا ان وقت شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ سنڌ جي شهيد راڻيءَ جو روح تڙپيو نه هوندو؟
ٻوڏ جي متاثر ٻين علائقن ۾ تقريبا ساڳي صورتحال آهي. افسوس ٿو ٿئي ضلعي انتظاميه جي بي حسي ۽ لاپرواهي تي، ٻيو مثال وٺون ڪراچي واهه ۽ ڪوٽري شهر ڏانهن ويندڙ رستي جي وچ واري صورتحال جو. جڏهن حيدرآباد کان ڪراچي وڃبو ته جيئن ئي درياءَ جي پل ڪراس ڪبي ته ڏاکڻي پاسي ڪراچي واهه تائين پاڻي ئي پاڻي نظر ايندو درياهه ۾ پاڻي مهينو اڳ لهي ويو آهي. پر ٻوڏ جو پاڻي وچ ۾ ڦاسي بيهي رهيو آهي. جيڪڏهن انتظاميه ٿوري به ڪوشش وٺي ته ڪراچي واهه م پاڻي جي ليول گهٽ ڪرائي واهه جي ڪپ کي ٽڪا ڏيئي سيمنٽ جا پائيپ رکي يا پمپنگ مشين رکي ڪري پاڻي نيڪال ڪري سگهجي ٿو يا وري نيشنل هاءِ وي کان ڪوٽري ڏانهن ويندڙ رستي کي مناسب جاءِ تي ڪٽ ڏيئي هيٺان پائيپ رکي اڳيان ننڍا چئنل ٺاهي پاڻي درياءَ ۾ نيڪال ڪري سگهجي ٿو. پر ايتري تڪليف ڪير ڪري!؟
محترم سائين قائم علي شاهه کي گذرش آهي ته خود سرزمين تي جائزو وٺي ذميوار ۽ نيڪ نيت آفيسرن جي ٽاسڪ فورس ٺاهي انهن کي پاڻي جي نيڪالي جا اختيار ڏي. پوءِ ڏسو ته ڪيئن ٿو پاڻي نڪري وڃي. ٽيون مسئلو آهي امدادي سامان جي اين جي اوز يا امداد ڏيندڙ ادارن پاران ورهاست جو حقيقت هي آهي ته غير ملڪي امدادي ادارن، اين جي اوز ۽ پاڪستان جي وڏن شهرن ۽ خاص طور ڪراچي ۽ حيدرآباد جي سيٺين ٻوڏ جي ڏتڙيلن جي دل کولي مدد ڪئي ۽ هاڻي به ڪرڻ لاءِ تيار آهن. شرط هي آهي ته راشن وغيره حقيقي ماڻهن کي ملي. هينئر صورتحال ڪجهه هن طرح آهي. جو جيڪو آيو، سامان ورهائي هليو ويو. البته ڪٿي ڪٿي ڪئمپون اين جي اوز کي ورهائي ڏنيون ويون آهن. اهو اوستائين ته صحيح هو. جڏهن افراتفري هئي. هاڻي ائين هئڻ گهرجي جو ڪيمپن م رهندڙ يا ڳوٺن ۽ پاڻي وچ ۾ آيل شهرن جي خاص طور ڪچي واري آبادين ۾ ويٺل متاثرين ۾ راشن جي ڪوٽا ۽ ڏينهن مقرر ٿيل هجن ۽ ساڳي طرح مختلف اين جي اوز امدادي ادارن ۽ سرڪار پاران ٻوڏ متاثر علائقا ورهايل هجن ته هر ڪنهن کي ضرورت مطابق راشن ملي ۽ امداد ورهائڻ جي ڪارڪردگي جي به خبر پوي.
لکڻ لاءِ ته ڪافي مواد آهي. پر اهو لکي اجازت ٿو وٺان ته خيرپور ناٿن شاهه جو گل محمد شيخ اڄ به رئيس صحبت خان چانڊيو ۽ هوت خان ٻگهيو کي ياد ڪري روئي ٿو ڏي. جن 1952ع جي ٻوڏ جي پاڻي کي راڄ ڇيڙون ڪري خدا واهه جي ڪپن کي ايترو ته مٿي چاڙهيو ۽ مضبوط ڪيو. جو پاڻي اتي ٽڪرجي بيهي رهيو ۽ خيرپور ناٿن شاهه شهر بچي ويو. پر هينئر ته مشيني دور آهي. پوءِ ائين ڇو نه ٿيو؟ شايد خيرپور ناٿن شاهه وارا ڪنهن آسري تي رهيا. پر جوهي شهر واسين همت ڪئي ۽ انهن 1995ع جي ٻوڏ دوران جڏهن هي ناچيز ڊپٽي ڪمشنر دادو هو ته جوهي شهر کي ٻوڏ کان بچائڻ لاءِ رنگ بند ٺهرايو هو. ان کي مضبوط ڪري شهر کي بچائي ويا. جوهي واسين کي جس هجي. انهيءَ کي چوندا آهن ته اپڻي گهوٽ ته نشا هو وئي. شل ڪا رب کي ٻاجهه پوي.