تاريخ، فلسفو ۽ سياست

مها ٻوڏ 2010 (جيڪي سنڌ سان ٿيو)

ڪتاب ” مها ٻوڏ 2010 (جيڪي سنڌ سان ٿيو) “ اوهان اڳيان حاضر آهي. هن ڪتاب جو ليکڪ عزيز رانجهاڻي آهي. 07 آگسٽ 2010 تي سنڌوءَ جي ساڄي ڪپ تي ٽوڙيءَ واري هنڌ تان سنڌوءَ جي بچاءُ بند کي گهارو ڇا لڳو، ڄڻ سنڌ ۾ قيامت اچي وئي. شير درياهه سنڌو مستيءَ ۾ اچي سنڌ جي ميدانن شهرن ۽ ڳوٺن ۾ ڪاهجي پيو ۽ ٻوڙان ٻوڙ ڪري ڇڏي ۽ ڏسندي ئي ڏسندي بلوچستان جي حدن کان وٺي سنڌي سمونڊ تائين هڪ ٻيو سمونڊ ڪري ڇڏيو. جتي 10 کان وٺي 16 فوٽن تائين ڪيترائي ڏينهن اڌ سنڌ پاڻيءَ هيٺ رهي ۽ اڌ سنڌ جي آبادي سر ۽ مال متاع بچائڻ لاءِ سرگردان رهي ۽ پنهنجي ئي ڌرتيءَ تي صدين کان آباد هي ڌرتي ڌڻي بي گهر ٿي ڪسمپرسيءَ جي حالت ۾ ڪئمپن جي حوالي ٿيا. سنڌوءَ جو پاڻي سندن پويان ائين پئجي ويو جيئن ڪو حمله آور لشڪر اوچتو ڪنهن علائقي ۾ ڪاهجي پوي ۽ ماڻهن ۾ ڀاڄ پئجي وڃي ۽ هو ساهه بچائڻ لاءِ برمنهن ڪندا هجن. ڪٿي جيڪب آباد، ڪشمور، ٺل، شهدادڪوٽ، ڳڙهي خيرو ۽ ڪٿي ڪراچي، سانگهڙ، ٽنڊو باگو، نئون ڪوٽ ۽ حيدرآباد، ساهه بچائڻ لاءِ هي ڌرتي ڌڻي، سنڌ جي هڪ ڪنڊ کي ڇڏي ٻئي ڪنڊ تي وڃي ڪئمپن ۾ پهتا ۽ دربدر ٿي مصيبتن ۽ عذاب ۾ اچي ويا.
Title Cover of book مها ٻوڏ 2010 (جيڪي سنڌ سان ٿيو)

ايندڙ سال واري ٻوڏ ۾ سنڌ ٻڏڻ کان بچي ويندي؟…. محمد ادريس راجپوت

گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل بان ڪي مون جولاءِ ۽ آگسٽ جي مهينن ۾ پاڪستان ۾ برساتن ۽ انهن جي نتيجي ۾ آيل ٻوڏ جي تباهين ڪري انهيءَ کي گڏيل قومن جي تاريخ جي سڀني کان وڏي قدرتي آفت سڏيو آهي. گڏيل قومن جي هڪ اداري Office of Co-ordination for humanitarian Assistance يعني انساني همدرديءَ جي مدد واري رابطي جي آفيس جنهن کي مختصر ڪري او سي ايڇ اي OCHA لکيو وڃي ٿو. پاڪستان ۾ ٿيل نقصان جا انگ اکر گڏ ڪيا آهن. 13 آڪٽوبر 2010ع تائين گڏ ڪيل معلومات هيٺ ٽيبل ۾ ڏنل آهي.
خيبرپختونخواهه صوبي ۾ نقصان رڳو شديد برساتن ڪري ٿيا. جڏهن ته سنڌ، پنجاب ۽ بلوچستان ۾ گهڻي ڀاڱي نقصان کنڊن/ گهارن جي ڪري ٿيا، پوءِ چاهي اهي کنڊ دريائي بندن ۾ پيا يا دريائي کنڊن کان پوءِ واهن يا سم نالين ۾ پيا يا وڌا ويا. ٻوڏ جو پاڻي جيئن رم اسٽيشن کان هيٺ لٿو ته پهريون کنڊ پنجاب جي تونسا بيراج جي ليفٽ مارجينل بند ۾ پيو. تنهن کان پوءِ 7 آگسٽ تي ٽوڙي بند ۾ پيو. 8 آگسٽ تي گڊو بيراج جي ليفٽ مارجينل بند ۾ پيو، وري جڏهن اهو پاڻي ڪوٽري بيراج کان هيٺ لٿو ته 24 ۽ 26 آگسٽ جي رات ٺٽي ويجهو بند کي فقير جي ڳوٺ وٽ ۽ 25 ۽ 26 آگسٽ جي رات سجاول ويجهو مولچند-شاهبندر بند کي ڪوٽ عالمو وٽ کنڊ پيو. ائين سنڌ ۾ چار کنڊ ۽ پنجاب ۾ هڪ کنڊ لڳو. اچو ته ڏسون ته انهن کنڊن کان پوءِ پنجاب حڪومت ڪهڙو ايڪشن ورتو ۽ سنڌ حڪومت ڇا ڪيو.
پهرين سيپٽمبر 2010ع تي پنجاب جي گهرو کاتي هڪ نوٽيفڪيشن ذريعي ٽن ميمبرن واري هڪ ٽربيونل آف انڪوائري جوڙي، جنهن ۾ هيٺيان ميمبر مقرر ڪيا ويا: 1 جسٽس سيد منصوب علي شاهه (چيئرمين) جسٽس لاهور هاءِ ڪورٽ 2 منصور علي زيدي.
رٽائرڊ سيڪريٽري پنجاب ايريگيشن (ميمبر) 3 عبدالستار شاڪر، ڊين سول انجنيئرنگ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ ۽ ٽيڪناالجي لاهور (ميمبر) انهيءَ ٽربيونل آف انڪوائري جا مول متاءَ هي آهن:
1. To inquire into the causes of breaches at main bunds including Jinnah bbarrage, Taunsa Brrage, Jampur and Mithan kot and to ascertain whether prescribed procedure was followed by I & P Department with regard to the induced breaches.
2. To inquire into the causes of consequent breaches in canal network, Roads, bounds and drains and to furnish detailed report with regard to cases of malfeasance, it any of part of I&P departmanet, other agencies or locals.
3. To fix responsibility on th delinquent(s) in cases of malfeasance.
4. Any other recommendations that the tribunal of the inquiry may deem appropriate to make in the facts and circumstance of the cases.
ترجمو: (1) مکيه بندن (جنهن ۾ جناح بيراج، تونسا بيراج، ڄام پور، مٺن ڪوٽ شامل آهن) ۾ پيل کنڊن جي سببن جي جاچ ڪرڻ ۽ اهو معلوم ڪرڻ ته آبپاشي کاتي وارن انهن کنڊن کي روڪڻ لاءِ مقرر ڪيل اپاءَ ورتا هئا.
(2) انهن کنڊن جي نتيجي ۾ پيل کنڊن جي سببن جي جاچ ڪرڻ، جيڪي آبپاشي نظام، رستن، بندن ۽ سم نالين ۾ پيا. انهيءَ سلسلي ۾ هڪ تفصيلي رپورٽ ڏيڻ، ته اهي آبپاشي کاتي وارن يا ٻين ادارن يا مقامي ماڻهن جي غلطي يا شرارت ڪري ته نه ڏنا هئا.
(3) غلطي يا شرارت ڪرڻ وارن تي ذميواري عائد ڪرڻ
(4) ڪي ٻيون سفارشون، جيڪي ٽربيونل آف انڪوائري ڪيسن جي حقيقتن ۽ حالتن مطابق ڏيڻ مناسب سمجهي.
مٿئين نوٽيفڪيشن ۾ ٽي ڳالهيون نوٽ ڪرڻ جهڙيون آهن. پهرين اها ته ٽربيونل جو جج هڪ حاضر سروس جج آهي. جيڪو لاهور هاءِ ڪورٽ جو جسٽس آهي. ٻي ڳالهه اها ته ان سان ٻه ميمبر فني ماهر آهن ۽ ٽين ڳالهه اها ته مول متن ۾ کنڊن جي جوابداري به رکيل آهي. هاڻي اچون ٿا ته سنڌ تي، سنڌ جي گهرو کاتي انهن کنڊن بابت هڪ جوڊيشل ڪميشن جو نوتيفڪيشن 30 سيپٽمبر تي جاري ڪيو. جنهن ۾ ٻه رٽائر ٿيل هاءِ ڪورٽ سنڌ جا جج، زاهد علوي ۽ غلام نبي سومرو مقرر ڪيا ويا. انهن کي جيڪي مول متاءَ ڏنا ويا، سي هي آهن:
(1) To ascertain the causes in the breaches in river Indus embankments/protective bunds.
(2) To determine whether and protective measures were adopted byu the concerned agencies.
(ترجمو): (1) سنڌو درياهه جي بندن ۾ پيل کنڊن جا سبب معلوم ڪرڻ (2) اهو معلوم ڪرڻ ته ڇا واسطيدار ايجنسين بچاءَءُ جا اپاءَ ورتا هئا.
سنڌ گهرو کاتي واري نوٽيفڪيشن ۾ به ٽي ڳالهيون نوٽ ڪرڻ جهڙيون آهن. پهرين ڳالهه اها ته ، ڪميشن جا جج حاضر سروس ناهن. بلڪه رٽائرڊ آهن. ٻي ڳالهه اها ته انهن سان گڏ ڪي به فني ماڻهو ناهن. ٽئين ڳالهه اها ته مول متن ۾ انهن کنڊن جي ذميواري مقرر ڪرڻ وارو ٽاسڪ مليل ناهي.
هاڻي اچون ٿا رٽائرڊ ۽ حاضر سروس ماڻهن تي، مان پاڻ هڪ رٽائر ٿيل سرڪاري ملازم آهيان. جيڪو پاور ۽ اٿارٽي ڪرسي تي ويٺل هجڻ وقت هوندي آهي. اها رٽائر ٿيڻ کان پوءِ ناهي. انهيءَ ڪري رٽائرڊ ماڻهن کي ”ڇٽل ڪارتوس“ ۽ ”بجلي جي تار، بنا ڪرنٽ“ به چوندا آهن. مان انهيءَ بابت مزيدار حقيقت اوهان کي ٻڌائيندو هلان آبپاشي کاتي جو هڪ ناليوارو سپرنٽينڊنگ انجنيئر رٽائر ٿيڻ کان پوءِ ڪنهن ڪم سان هڪ مختيارڪار سان ملڻ ويو. ڪارڊ اندر موڪليو ويو، پر صاحب نه سڏايو. ڪلاڪ کن کان پوءِ صاحب سڏايو پر دير سان گهرائڻ واري شرمندگي لڪائڻ لاءِ مختيارڪار پنهنجي پٽيوالي کي هيئن مخاطب ٿيو. ”اڙي ڇورا، مون توکي چيو ڪو نه هو ته جڏهن به ڪو يتيم ٻار، رن زال يا رٽائرڊ آفيسر مون سان ملڻ اچي ته ان کي يڪدم اندر وٺي ايندو ڪر، تو صاحب کي ڇو ايترو ترسايو؟“ اهو سپرنٽينڊنگ انجنيئر تنهن کان پوءِ سڀني کي اها ڳالهه مزا وٺي ٻڌائيندو هو ته رٽائر ٿيڻ کان پوءِ هو يتيم ٻار ۽ رن زال جي ڪيٽيگري ۾ اچي ويو هو.
کنڊ پوڻ جا سبب معلوم ڪرڻ ۽ اهو ڏسڻ ته مناسب اپاءَ ورتا ويا يا نه. اهو فني ڄاڻ سان تعلق رکي ٿو. انهن جون پيچيدگيون انجنيئر ئي سمجهي سگهن ٿا. پر جوڊيشل ڪميشن ۾ ڪو به فني ماهر ڪونهي. مثال طور، چون ٿا ته ٽوڙي بند اوور ٽاپ ٿيو، جنهن ڪري اهو ٽٽي پيو، تنهن کان پوءِ پويان ٺهيل لوپ بند به ٽٽي پيو، ائين لڳي ٿو ته بند اوور ٽاپ ٿيڻ ڪري ٽٽي پيو، جڏهن بند اوور ٽاپ ٿيو ته آبپاشيءَ وارا ڇا ڪن؟ وري جيڪڏهن لوپ کنڊ واري پاڻيءَ جو دٻاءُ برداشت نه ڪري سگهڻ سبب ٽٽي پيو ته آبپاشي وارا ڇا ڪن؟ هڪ عام ماڻهوءَ لاءِ ته اها ڳالهه ٺيڪ لڳندي. پر بندن جي ٿيوري سان واقف هڪ ماهر انهيءَ جواز کي نه مڃيندو. بند کي اوور ٽاپ ٿيڻ کان بچائڻ جا ٻه طريقا آهن. جيڪي بند مينوئل ۾ ڏنل آهن. انهن تي عمل ڇو نه ڪيو ويو؟ لوپ بند کي مضبوط ڪرڻ لاءِ بند سلوس هلائي ڪمپارٽمينٽ ڀرڻو آهي ته جيئن لوپ بند کي پاڻي لڳي ۽ اهو مضبوط ٿئي. پر هتي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته، ڪمپارٽمينٽ ڇو نه ڀريو ويو؟
اسان اڪثر سٺي حڪمرانيءَ جو لفظ ٻڌندا آهيون. انهيءَ جو ڇا مطلب آهي؟ ٿلهي ليکي انهيءَ جو اهو مطلب آهي ته حڪومت ۽ ان جا ماتحت ادارا ڪنهن نظم نسق مطابق هلن يعني قاعدا قانون هجن ۽ انهن تي عمل ٿئي. اهو ڏسڻ لاءِ ته حڪومت قاعدن قانونن مطابق هلي ٿي. انهيءَ جي مانيٽرنگ ٿيڻ کپي. انهيءَ مانيٽرنگ جي بي بنياد تي احتساب هجڻ کپي. جيڪڏهن ڪو ماڻهو يا ادارو قانون مطابق ڪم نٿو ڪري يا سونپيل جوابداريءَ ۾ ڪوتاهي ڪري ٿو ته ان کي سزا ملڻ کپي ۽ جيڪا حڪمت ائين نٿي ڪري ته ان کي خراب حڪمراني چئجي ٿو.
پنجاب حڪومت تونسا بيراج جي ليفٽ مارجينل بند کي کنڊ لڳڻ کان پوءِ واسطيدار عملدارن کي معطل ڪيو ۽ يڪدم ٽربيونل آف انڪوائري مقرر ڪيو، جنهن جو سربراهه پنجاب هاءِ ڪورٽ جو حاضر سروس جسٽس آهي ۽ ٻه فني ماهر آهن ۽ مول متن ۾ جوابدارن تي ذميواري عائد ڪرڻ جي شق آهي. سنڌ ۾ بندن ۾ چئن هنڌن تي کنڊ لڳا. حڪومت ڪنهن به آفيسر کي معطل نه ڪيو، جوڊيشل ڪميشن دير سان مقرر ڪئي وئي. جنهن ۾ رٽائرڊ جج رکيا ويا ۽ ڪو به فني ماهر نه رکيو ويو ۽ مول متن ۾ جوابداري عائد ڪرڻ جي شق ئي ڪانهي. جوڊيشل ڪميشن جي رپورٽ اسان کي اڳي معلوم آهي ته کنڊ پوڻ جا ڪجه سبب هئا ۽ واسطيدار اداري مناسب اپاءَ نه ورتا. تڏهن ته کنڊ پيا. پر جن جي نااهليءَ جي ڪري سنڌ ۾ ايڏي وڏي بربادي آئي. جو 11 لکن کان مٿي گهر ٻڏي. ڊهي پيا ۽ 72 لک ماڻهو بي گهر ٿيا. جن جي اڪثريت هينئر به ڪئمپن ۾ بي حال آهي ۽ هر ويلي لاءِ مدد جا محتاج آهن. ايڏي تباهي آڻيندڙن کي ڪا به سزا نه ملي. ڇا اهو انصاف آهي؟ ايندڙ سال جيڪڏهن وري ساڳئي نموني جي ٻوڏ آئي ته اهي افيسر ڇو بندن کي بچائيندا؟ ڇو صحيح ڊيوٽي ڏيندا؟ ۽ ڇو سرڪار پاران مليل پئسا پاڻ ۾ ورهائڻ بدران بندن جي سنڀال تي خرچ ڪندا؟
مالڪ کان دعا ٿو گهران ته ايندڙ سال ٻوڏ نه اچي. نه ته وري ساڳئي نموني کنڊ پوندا ۽ سنڌ ۾ برباديءَ جي هڪ نئين باب جو اضافو ٿيندو.