تاريخ، فلسفو ۽ سياست

مها ٻوڏ 2010 (جيڪي سنڌ سان ٿيو)

ڪتاب ” مها ٻوڏ 2010 (جيڪي سنڌ سان ٿيو) “ اوهان اڳيان حاضر آهي. هن ڪتاب جو ليکڪ عزيز رانجهاڻي آهي. 07 آگسٽ 2010 تي سنڌوءَ جي ساڄي ڪپ تي ٽوڙيءَ واري هنڌ تان سنڌوءَ جي بچاءُ بند کي گهارو ڇا لڳو، ڄڻ سنڌ ۾ قيامت اچي وئي. شير درياهه سنڌو مستيءَ ۾ اچي سنڌ جي ميدانن شهرن ۽ ڳوٺن ۾ ڪاهجي پيو ۽ ٻوڙان ٻوڙ ڪري ڇڏي ۽ ڏسندي ئي ڏسندي بلوچستان جي حدن کان وٺي سنڌي سمونڊ تائين هڪ ٻيو سمونڊ ڪري ڇڏيو. جتي 10 کان وٺي 16 فوٽن تائين ڪيترائي ڏينهن اڌ سنڌ پاڻيءَ هيٺ رهي ۽ اڌ سنڌ جي آبادي سر ۽ مال متاع بچائڻ لاءِ سرگردان رهي ۽ پنهنجي ئي ڌرتيءَ تي صدين کان آباد هي ڌرتي ڌڻي بي گهر ٿي ڪسمپرسيءَ جي حالت ۾ ڪئمپن جي حوالي ٿيا. سنڌوءَ جو پاڻي سندن پويان ائين پئجي ويو جيئن ڪو حمله آور لشڪر اوچتو ڪنهن علائقي ۾ ڪاهجي پوي ۽ ماڻهن ۾ ڀاڄ پئجي وڃي ۽ هو ساهه بچائڻ لاءِ برمنهن ڪندا هجن. ڪٿي جيڪب آباد، ڪشمور، ٺل، شهدادڪوٽ، ڳڙهي خيرو ۽ ڪٿي ڪراچي، سانگهڙ، ٽنڊو باگو، نئون ڪوٽ ۽ حيدرآباد، ساهه بچائڻ لاءِ هي ڌرتي ڌڻي، سنڌ جي هڪ ڪنڊ کي ڇڏي ٻئي ڪنڊ تي وڃي ڪئمپن ۾ پهتا ۽ دربدر ٿي مصيبتن ۽ عذاب ۾ اچي ويا.
Title Cover of book مها ٻوڏ 2010 (جيڪي سنڌ سان ٿيو)

بگ بينگ کان پوءِ واري سنڌ!

افيئر جي گذريل شماري جي تياري کان پوءِ آخري گهڙي ۾ تيار ڪيل ٽائيٽل تي اسان جيڪا مجذوبانه سٽ ”ٽوڙي بند ٽوڙي، سنڌ ڇڏيائون ٻوڙي“ لکي هئي، تنهن لکڻ وقت اسان جي تحت الشعور جي ڪنهن به ڀٽڪيل گليءَ ۾ ان ڀوائتي گمان جو اندازو نه هو ته واقعي به هڪ بند کي ٽوڙي اسان جا وس ڌڻي سڄي سنڌ ايئن دربدر ڪندا، جيئن گذريل مهيني کن کان سنڌ ٿي رهي آهي.
اها قوم، جنهن کي ٽرڙا حڪمران پنهنجي ڳوٺ کان ڏهه ميل جي فاصلي تي پرديس ڪوٺڻ جو مهڻو ڏيندا رهيا ۽ ان مزاج کي سندس ترقي آڏو وڏي رڪاوٽ ڪوٺي، دفاع ۽ ٻين ادارن ۾ سندس اٽي ۾ لوڻ برابر نمائندگي کي پنهنجي تعصب بجاءِ سندس ڪمزوري ڪوٺيندا رهيا، سا قوم غوث پور کان وٺي جاتي تائين، درياهه جي ٻنهي ڪپرن تي لُٽيل قافلن جي بچيل راهگيرن جيان دربدر آهي. سنڌ سندن لاءِ سوڙهي ٿي چڪي آهي.
ٿورو تصور ته ڪيو ته اهي لکين ماڻهو، جن جا ڪچا گهر پاڻيءَ ۾ گم ٿي ويا ۽ جن جا فصل پاڻي ڀيل ڪري ڇڏياسي ڪنهن مٽ مائٽ جي در تي، يا سرڪاري ۽ غير سرڪاري ڪيمپ تي ڪهڙي اذيت جي زندگي گذاريندا هوندا؟ سنڌين جي تاريخ جي اها سڀ کان وڏي لڏپلاڻ آهي. ان لڏپلاڻ جي نتيجي ۾ جيڪا به ڀوڳندا اسان جا ماڻهو ڀوڳيندا، پر هڪ ڳالهه طئي آهي ته سنڌ ان گهڙي کان پوءِ ساڳي نه رهي آهي. هي هڪ تبديل ٿيندڙ سنڌ لاءِ ”بگ بينگ“ جهڙي گهڙي آهي.
صدين کان پنهنجي صوفي مزاج جي اثر هيٺ Status quo کي چهٽيل سنڌ لاءِ هي گهڙي Shock therapy ٿي سگهي ٿي، بشرطيڪه سنڌ کي تبديلي جي گس تي گامزن ڪرڻ جي نيت ۽ همت رکندڙ قوتون هن ٻوڏ سبب دربدر ٿيل سنڌين جي بي وسي ۽ ڪروڌ کي ڪو سياسي ۽ انقلابي دڳ ڏين، سنڌي سماج جي بيٺل پاڻيءَ ۾ هي واقعو پٿر نه، پر هڪ پهاڙ ٿي ڪريو آهي. اهي ماڻهو جيڪي ڪڻڪ جي ماني سان بصر ڀڃي کائڻ تي رب جو شڪر بجا آڻيندا رهيا، تن کي دربدريءَ ۽ ٺوڪرن ۾ مليل گرهه تبديل ڪري رهيو آهي. ڪراچي، حيدرآباد ۽ سکر جي ڪيمپن توڙي واهن ۽ روڊن تي رهيل سنڌي ماروئڙن کي هاڻ ٻيو نه ته اها ضرور خبر پوندي ته گهڻي ويهين سئو آهي ۽ اسان جي خيال ۾ اهو ليکو سکڻ تمام ضروري هو. نه ته، هي درويشن جي ڌرتي، يا جيئن ڌاريا چوندا آهن ته ”سائين لوگون ڪي ڌرتي“ پنهنجي درويشائپ ۾ اڃا الائي ڪيتريون صديون گذاري ڇڏي ها. سنڌ ۾ نڪرندڙ تيل ۽ گئس، اين ايف سي ۾ ڏنل ناڻي ۽ سنڌ جي اقتدار اعليٰ تي غير سنڌين جي مالڪي سان سندن سروڪار ئي نه هو. کين ٿلهو ليکو ڪرڻ ئي نه اچي. ان ليکي نه ڪرڻ ڪري هو هميشه سنڌ جي قومي مفاد کي آڏو رکي نه پر ڪي خاندان ۽ نظريا آڏو رکي فيصلا ڪندا رهيا ۽ حد ته ڏسو، ته اهي پارٽيون جيڪي سندن ووٽ جي مجاوري ڪندي بنگلن ۽ ماڙين جون مالڪ بڻيون، سي ٽرڙائپ ۾ اهو به چونديون رهيون ته اسان جيڪڏهن ڪنهن بجلي جي ٿنڀي کي به اليڪشن جي ٽڪيٽ ڏيون ته اهو ٿنڀو اليڪشن کٽي ويندو ۽ واقعي به اها پارٽي ”ٿنڀا“ ئي سندن نرڙ ۾ هڻندي رهي. ائين نه هجي ها ته ڇو سنڌي ماڻهو ايئن دربدر ٿين ها جو کين ٻوڏ کان بچائڻ يا پاڻي لهڻ کان پوءِ اجها اڏي ڏيڻ ته پري، اهي ”ٿنڀا“ انهن ماڻهن کي ملندڙ امداد ۾ به اکيون وجهيو ويٺا آهن. ماڻهن کي ٻن ويلن بجاءِ هڪ ويلو ملي ٿو ته هڪ ويلو ايندڙ اليڪشن جي خرچ واري اڪائونٽ ۾ منتقل ٿئي ٿو. ڪشمور ضلعي کان هيل پاڻي دادو پهتو آهي، پر انهن ”ٿنڀن“ کي ڪو پتو ڪونهي ته ان پاڻيءَ کي ڪهڙو گس ڏجي جنهن سان اهو پاڻي گهٽ ۾ گهٽ انساني آبادي جو نقصان ڪري مٿان شيرازين جي تڪ کي لوڙهي اتي هيرو ٿيڻ جي چڪر ۾ ٺٽي ضلعي مٿان هڪ غير ضروري ٻوڏ مڙهي وئي آهي. ڪيولين جيان گهرن مان نڪتل اهي ماڻهو هاڻ بدين ۽ مڪلي جي قبرستان ۾ پناهه وٺيو ويٺا آهن، کين سمجهه ۾ نٿو اچي ته مهينو اڳ درياهه ۾ چاڙهه اچڻ کان پوءِ ٻه درياهه جا بند ايئن ڪمزور ڇو ڇڏيا ويا جو پاڻي جي وهڪري جي سٽ ئي سهي نه سگهيا؟ هي ڪا اوچتو آيل قيامت ته ڪا نه هئي؟ اڃا ته سنڌ لاءِ ڌڪ گرم آهي،، ان ڪري سور جو احسا گهٽ آهي، جيئن جيئن ڌڪ ٺرندو کين سور ياد پوندا ويندا. علي واهڻ کي ڪٽ نه ڏيڻ جا سبب سوچيا ويندا، ۽ سرڪاري ڪيمپ ۾ نڌڻڪائپ جي نتيجن تي به ويچاربو ۽ اهي ماڻهو ان ڳالهه تي به سوچڻ لڳندا ته هو جن ”ٿنڀن“ کي ووٽ ڏين ٿا سي سندن ووٽ جي لائق آهن يا نه، ان تبديل ٿيل سنڌ جي سرواڻي ڪنهن جي مقدر ۾ لکجي ٿي. اهو ته وقت ئي ٻڌائي سگهي ٿو. جي تخليق ڪنهن شئي مان ڪجهه نئين ٺهڻ جو نالو آهي ته پوءِ يقين ڄاڻو ته هي به اها ئي گهڙي آهي. تخريب کان پوءِ ئي تعمير ٿئي ٿي. هاڻ ڏسون ته ان تخليق کي ڪهڙي هنرمند جا هٿ نصيب ٿين ٿا.