تاريخ، فلسفو ۽ سياست

مها ٻوڏ 2010 (جيڪي سنڌ سان ٿيو)

ڪتاب ” مها ٻوڏ 2010 (جيڪي سنڌ سان ٿيو) “ اوهان اڳيان حاضر آهي. هن ڪتاب جو ليکڪ عزيز رانجهاڻي آهي. 07 آگسٽ 2010 تي سنڌوءَ جي ساڄي ڪپ تي ٽوڙيءَ واري هنڌ تان سنڌوءَ جي بچاءُ بند کي گهارو ڇا لڳو، ڄڻ سنڌ ۾ قيامت اچي وئي. شير درياهه سنڌو مستيءَ ۾ اچي سنڌ جي ميدانن شهرن ۽ ڳوٺن ۾ ڪاهجي پيو ۽ ٻوڙان ٻوڙ ڪري ڇڏي ۽ ڏسندي ئي ڏسندي بلوچستان جي حدن کان وٺي سنڌي سمونڊ تائين هڪ ٻيو سمونڊ ڪري ڇڏيو. جتي 10 کان وٺي 16 فوٽن تائين ڪيترائي ڏينهن اڌ سنڌ پاڻيءَ هيٺ رهي ۽ اڌ سنڌ جي آبادي سر ۽ مال متاع بچائڻ لاءِ سرگردان رهي ۽ پنهنجي ئي ڌرتيءَ تي صدين کان آباد هي ڌرتي ڌڻي بي گهر ٿي ڪسمپرسيءَ جي حالت ۾ ڪئمپن جي حوالي ٿيا. سنڌوءَ جو پاڻي سندن پويان ائين پئجي ويو جيئن ڪو حمله آور لشڪر اوچتو ڪنهن علائقي ۾ ڪاهجي پوي ۽ ماڻهن ۾ ڀاڄ پئجي وڃي ۽ هو ساهه بچائڻ لاءِ برمنهن ڪندا هجن. ڪٿي جيڪب آباد، ڪشمور، ٺل، شهدادڪوٽ، ڳڙهي خيرو ۽ ڪٿي ڪراچي، سانگهڙ، ٽنڊو باگو، نئون ڪوٽ ۽ حيدرآباد، ساهه بچائڻ لاءِ هي ڌرتي ڌڻي، سنڌ جي هڪ ڪنڊ کي ڇڏي ٻئي ڪنڊ تي وڃي ڪئمپن ۾ پهتا ۽ دربدر ٿي مصيبتن ۽ عذاب ۾ اچي ويا.
Title Cover of book مها ٻوڏ 2010 (جيڪي سنڌ سان ٿيو)

متاثرن تي ٿيندڙ لٺبازي ۽ “نادرا” آڏو بي وس بڻيل سنڌ حڪومت!....اختيار کوکر

ٻوڏ جي نتيجي ۾ سڀ ڪجهه لٽائي ويٺل سنڌ جي ٻوڏ ستايل خاندان لاءِ حڪومت پاران اعلان ڪيل 20 هزار رپيا في خاندان معمولي امدادي رقم حاصل ڪرڻ هن وقت سڀ کان وڏو مسئلو بڻيل آهي. اها امدادي رقم ڏيڻ لاءِ حڪومت ۽ وفاقي اداري ”نادرا“ پاران صوبي جي مختلف علائقن ۾ قائم ڪيل امدادي مرڪز تشدد مرڪزن ۾ تبديل ٿي رهيا آهن، جتي سڄو ڏينهن وطن ڪارڊ حاصل ڪرڻ جي آس ۾ نٽهڻ اس ۾ بيٺل پيرين اگهاڙن ۽ کيسن خالي ماڻهن کي سرڪار جي بي حسيءَ جي ور چڙهي روزانو پوليس جي لٺين جا سٽڪا سهڻا ٿا پون، روزانو اهڙا دردناڪ منظر ٽي وي جي اسڪرين ۽ اخبارن جي پهرين صفحي تي نظر اچن ٿا. ٻوڏ ۾ الهه تلهه چٽ ڪرائي ويٺل لکين ماڻهو هن وقت ايترا مجبو رآهن. جو روزانو لٺيون کائڻ جي باوجود امدادي رقم حاصل ڪرڻ لاءِ وري وري وڃي ”نادرا“ مرڪز واري قطار ۾ بيهن ٿا. چند ماڻهو امدادي ڪارڊ حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿين ٿا، جڏهن ته هزارين ماڻهو شام ڌاري مايوسي ۽ نراسائي جو شڪار ٿي هٿين خالي امدادي ڪئمپن ڏانهن واپس ورن ٿا. اها صورتحال انهن جي ٻوڏ وارن زخمن تي لوڻ ٻرڪڻ وارو ڪم ڪري ٿي. صوبي جي ٻوڏ هيٺ آيل اترين علائقن ۾ پاڻي سڪڻ شروع ٿيڻ کان پوءِ امدادي ڪئمپن ۾ ويٺل ماڻهن جو هڪ وڏو تعداد پنهنجي اباڻن ڪکن ڏانهن واپس ورڻ چاهي ٿو، پر انهن جو ڪو به واهر ڪرڻ وارو ڪونهي. حڪومت وٽ انهن کي پنهنجي پيرن تي بيهارڻ لاءِ ارلي رڪوريءَ جو ڪو به منصوبو نظر ڪو نه ٿو اچي. سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته ٻوڏ ستايلن کي امدادي رقم يا امدادي ڪارڊ ڏيڻ ۾ پيدا ٿيل تمام وڏي بدنظمي جو ذميوار ڪير آهي؟ امدادي مرڪز هلائيندڙ سرڪاري انتظاميه لٺين جو شڪار ٿيندڙ ماڻهن کي ان بدنظمي جو ذميوار قرار ڏئي ٿي. جڏهن بک ۽ بدحالي واري انتهائي خراب حالت هجي ۽ هزارين ماڻهو امداد حاصل ڪرڻ لاءِ ڪنهن هنڌ تي گڏ ڪيا وڃن ته انهيءَ هنڌ تي بدنظمي ٿي سگهي ٿي، پر جيڪڏهن ماڻهن لاءِ خدمتون سرانجام ڏيڻ وارو نظام بهتر ۽ تڪڙو هجي ۽ ٿوري وقت اندر گهڻي کان گهڻا ماڻهو اڪلايا وڃن ته امداد وٺندڙ ماڻهن جون قطارون سڌيون ڪرڻ جو ايڏو وڏو مسئلو نه رهندو، پر جيڪڏهن روزانو هزارين ماڻهو سڄو ڏينهن قطار ۾ بيهي خالي هٿين واپس هليا وڃڻ تي مجبور ڪيا وڃن ته پوءِ انهيءَ جي نتيجي ۾ پيدا ٿيندڙ بدنظمي جو ذميوار عام ماڻهو کي قرار ڪيئن ٿو ڏئي سگهجي؟ هاڻي اچو ته ان جو تفصيلي جائزو وٺون ته سنڌ جي ٻوڏ ستايلن سان کين امداد لاءِ رجسٽر ڪرڻ ۽ وطن ڪارڊ ڏيڻ لاءِ مٿين سطح تي ڇا ٿي رهيو آهي؟
عيدالفطر کان پهرين 25 آگسٽ 2010ع تي چيئرمين نيشنل ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي جي صدارت هيٺ اسلام آباد ۾ ٿيل گڏجاڻي ۾ ”نادرا“ جي اختيارين ٻوڏ متاثرين آئي ڊي پيز کي رجسٽر ڪرڻ لاءِ جوڙيل رٿا بابت بريفنگ ڏني، بريفنگ واري انهيءَ دستاويز جي مليل ڪاپي موجب رجسٽريشن جي طئي ڪيل طريقيڪار موجب صوبائي حڪومتون ٻوڏ هيٺ آيل علائقن جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ”نادرا“ کي ان جي ڪاپي اماڻينديون. ”نادرا“ انهن علائقن جي خاندانن جي وڏن (هيڊ آف فيمليز) جي جاري ڪيل قومي سڃاڻپ ڪارڊن جي نمبرن جي تصديق ٿيل لسٽ جاري ڪندو اها لسٽ طئي ٿيل بئنڪ کي ڏني ويندي، جيڪا ان لسٽ ۾ ڏنل سڀني ماڻهن (هيڊ آف فيمليز جا ورچوئل اڪائونٽ کولي انهن جا اي ٽي ايم ڪارڊ (وطن ڪارڊ) تيار ڪندي ۽ جيڪي ”نادرا“ پاران قائم ٿيندڙ مرڪزن ذريعي رجسٽر ٿيل ماڻهن کي جاري ڪيا ويندا. اي ٽي ايم ڪارڊن ذريعي ٻوڏ متاثر امدادي رقمون پنهنجي بئنڪ اڪائونٽ مان ڪڍي سگهندا. انهيءَ گڏجاڻي ۾ شريڪ سنڌ جي نمائندي سڀ کان وڏو اعتراض اهو ڪيو ته سنڌ ۾ خاص ڪري ٻوڏ هيٺ آيل ضلعن ۾ اٽڪل 50 سيڪڙو کان وڌيڪ ماڻهن جا قومي سڃاڻپ ڪارڊ ئي ٺهيل ڪونهن. جڏهن ته ان رجسٽريشن جو بنياد ئي قومي سڃاڻپ ڪارڊن کي بڻايو پيو وڃي. ان جو مطلب اهو ٿيندو ته صوبي جا 50 سيڪڙو کان وڌيڪ ٻوڏ متاثر رجسٽر ئي ڪو نه ٿي سگهندا ۽ کين امدادي رقم نه ملي سگهندي انهيءَ تي ”نادرا“ جي اختيارين پهرين ته سنڌ جي نمائندي جي ان دعويٰ کي رد ڪيو ته سنڌ ۾ 50 سيڪڙو کان وڌيڪ ماڻهن جا قومي سڃاڻپ ڪارڊ ٺاهيل ڪونهن. هنن چيو ته ٻوڏ وارن علائقن ۾ 70 سيڪڙو ماڻهن جا ڪارڊ ٺهيل آهن. باقي رهيل 30 سيڪڙو ماڻهن جا ڪارڊ ٺاهي ڏيڻ لاءِ ”نادرا“ پاران خاص ڪوششون ورتيون وينديون انهيءَ تي پڻ سنڌ جي نمائندي اعتراض ڪيو ۽ چيو ته نادرا جا انگ اکر ٺيڪ ناهن. سنڌ حڪومت پاران ڪيل سروي موجب 50 سيڪڙو کان وڌيڪ ماڻهن جا ڪارڊ ٺهيل ئي ڪونهن. ٻيو ته ٻوڏ هيٺ آيل علائقن جا ماڻهو صوبي جي مختلف علائقن ڏانهن لڏ پلاڻ ڪري ويا آهن. انهن علائقن جي انتظاميه پاران سندن قومي سڃاڻپ ڪارڊ فارمن جي تصديق ڪرڻ ڏکيو ٿيندو. ته پوءِ انهن ماڻهن جا نوان ڪارڊ ڪيئن ٺهي سگهندا. هن اهو پڻ چيو ته اي ٽي ايم ڪارڊ جي چڪر ۾ پوڻ بدران متاثرين کي بئنڪ ذريعي روڪ رقم ڏني وڃي. ان گڏجاڻي ۾ سنڌ جي نمائندي نادرا جي ٻوڏ آئي ڊي پيز جي رجسٽريشن واري پلان کي رد ڪري ڇڏيو ۽ چيو ته سنڌ ۾ انهيءَ پلان تي عمل ڪرڻ سان گهڻا ماڻهو امداد کان رهجي ويندا ۽ حڪومت لاءِ هڪ وڏو سياسي مسئلو پيدا ٿي پوندو. انهي کان پوءِ اهو ٿيو جو سنڌ جي رٿابندي ۽ ترقي واري کاتي جي ڪامورن اسلام آباد ۾ ٿيل انهيءَ گڏجاڻي جي وڏي وزير کي پڻ رپورٽ ڏني ۽ هن پڻ سنڌ حڪومت جي نمائندي پاران گڏجاڻي ۾ اختيار ڪيل موقف کي ٺيڪ قرار ڏنو ۽ سي ايم هائوس جي هدايتن تي اين ڊي ايم اي ۽ نادرا اختيارين کي هڪ خط لکي کين نادرا جي تيار ڪيل رجسٽريشن نظام تي سنڌ جي اعتراضن کان آگاهه ڪيو ويو ۽ تجويز ڏني وئي ته متاثرين کي 20 هزار رپيا واري فوري امداد ڏيڻ لاءِ في الحال سنڌ حڪومت جي روينيو کاتي ۽ امدادي ڪئمپن جي انچارجن ذريعي تيار ٿيندڙن نالن جي لسٽن کي بنياد بڻايو وڃي ۽ متاثرين کي عيد کان پهريان هٿو هٿ روڪ رقم ڏني وڃي. پر سنڌ حڪومت جي ان تجويز کي اهميت نه ملي، جنهن کان پوءِ وزيراعظم جي صدارت هيٺ گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي ٿيل گڏجاڻي ۾ ”نادرا“ واري پلان جي منظوري ڏني وئي ۽ فوري طور تي چئني صوبن ۾ ان تي عمل شروع ڪرڻ جون هدايتون ڏنيون ويون. انهيءَ کان پوءِ ان معاملي تي ”نادرا“ سان ٿيندڙ گڏجاڻين لاءِ صوبائي ڊزاسٽر مئنجيمنيٽ اٿارٽيءَ سنڌ حڪومت جو نمائندو پڻ تبديل ڪري ڇڏيو.
گڏجاڻين لاءِ سنڌ جي نمائندگي ڪندڙ لاڙڪاڻي جو ڊوميسائيل رکندڙ آفيسر بدران صوبائي ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي ۾ مقرر ٿيل پنجاب جو ڊوميسائيل رکندڙ آفيسر کي فوڪل پرسن بڻايو ويو آهي. سنڌ جي بورڊ آف روينيو کاتي 3 سيپٽمبر تي ٻوڏ هيٺ آيل آفت سٽيل ديهن جو پهريون نوٽيفڪيشن جاري ڪيو، جنهن ۾ ڪشمور، جيڪب آباد، شڪارپور، قمبر-شهدادڪوٽ ۽ ٺٽي ضلعي جي ديهن کي شامل ڪيو ويو هو، انهيءَ نوٽيفڪيشن جي بنياد تي نادرا اختيارين انهن علائقن جي اٽڪل چار لک خاندانن جي وڏن جي ٿيل قومي سڃاڻپ ڪارڊن جي بنياد تي رجسٽريشن لسٽ تيار ڪري صوبائي حڪومت کي اماڻي ڏني ۽ اها لسٽ پنهنجي ڪمپيوٽر نظام تي آندي، انهيءَ لسٽ جي بنياد تي صوبي جي ٻوڏ متاثرين کي وطن ڪارڊ ۽ امدادي رقم ڏيڻ جو عمل شروع ڪيو ويو. جنهن کان پوءِ صوبائي روينيو کاتي ٻوڏ هيٺ آيل دادو، ڄامشورو ۽ ٺٽي ضلعي جي وڌيڪ علائقن کي ٻوڏ سٽيل قرار ڏيڻ واري نوٽثيفڪيشن جو حصو بڻايو ۽ اهو نوٽيفڪيشن پڻ نادرا جي حوالي ڪيو، جيئن انهن علائقن جو قومي سڃاڻپ ڪارڊ رکندڙ خاندانن جي وڏن جا نالا پڻ وطن ڪارڊ واري لسٽ ۾ شامل ڪري سگهجن.
سنڌ جي رٿابندي ۽ ترقي واري صلاحڪار ۽ معاشي ماهر ڊاڪٽر قيصر بنگالي ڪجهه ڏينهن اڳ ڪي ٽي اين نيوز کي ڏنل انٽرويو ۾ چيو ته صوبي اندر ٻوڏ سبب 73 لک ماڻهو يعني 18 لک خاندان متاثر ٿيا آهن. جن مان نادرا پاران وطن ڪارڊ ڏيڻ لاءِ جاري ڪيل لسٽ ۾ صرف چار لک خاندان جي وڏن جا نالا شامل ڪيا ويا آهن. هو چوي ٿو ته 2008ع ۾ هن بينظير انڪم سپورٽ ڪارڊ ڏيڻ واري رٿا جي تياريءَ جي سلسلي ۾ جڏهن جيڪب آباد ضلعي جو سروي ڪيو ته کيس معلوم ٿيو ته ضلعي ۾ صرف 30 سيڪڙو ماڻهن جا قومي سڃاڻپ ڪارڊ ٺهيل آهن ۽ 70 سيڪڙو ماڻهن جا ڪارڊ ٺهيل ئي ناهن. هن جو چوڻ آهي ته نادرا ذريعي سنڌ جي ٻوڏ ستايل ماڻهنکي رجسٽر ڪرڻ ۾ سڀ کان وڏي رڪاوٽ ماڻهن جا قومي سڃاڻپ ڪارڊ ٺهيل نه هجڻ آهي. ان ڪري سنڌ حڪومت نادرا تي زور ڏئي رهي آهي ته جن ٻوڏ ستايلن جا سڃاڻپ ڪارڊ ٺهيل ناهن. انهن کي ڪارڊ ٺاهي ڏنا وڃن. ساڳي وقت سنڌ جو وڏو وزير پڻ چئي چڪو آهي ته صوبي جي ڪچي واري علائقي جي 80 سيڪڙو ماڻهن جا قومي سڃاڻپ ڪارڊ ٺهيل ڪونهن. هن اهو به چيو آهي ته سنڌ حڪومت نادرا وارن کي ٻڌائي ڇڏيو آهي ته صوبائي حڪومت کي انهن پاران امددي ڪارڊ ڏيڻ لاءِ جاري ڪيل نالن جي لسٽن تي اعتبار ناهي. 27 سيپٽمبر 2010ع تي سنڌ جي قائم مقام چيف سيڪريٽري جي صدارت ۾ ان معاملي تي ٿيل گڏجاڻيءَ ۾ پڻ رٿابنديءَ واري صوبائي سيڪريٽري ۽ وڏي وزير جي نياڻي ناهيد شاهه درانيءَ گڏجاڻيءَ ۾ شريڪ نادرا جي نمائندن آڏو اهو ئي مسئلو اٿاريو ته سنڌ جي ٻوڏ هيٺ آيل علائقن جي صرف 40 سيڪڙو ماڻهن جا قومي سڃاڻپ ڪارڊ ٺهيل آهن. ۽ نادرا انهن ماڻهن کي سڃاڻپ ڪارڊ ٺاهي ڏيڻ لاءِ ڪي به جوڳا اپاءَ نه پئي وٺي. ان گڏجاڻيءَ ۾ پڻ نادرا اختيارين تي زور ڏنو ويو ته هو قومي سڃاڻپ ڪارڊ ٺاهي ڏيڻ لاءِ ٻوڏ هيٺ آيل علائقن ۾ اضافي هنگامي مرڪز قائم ڪن. پر ان گڏجاڻيءَ کان پوءِ نادرا جي اتر سنڌ واري جنرل مئنيجر ڪرنل خالد سان جڏهن منهنجي ڳالهه ٻولهه ٿي ۽ ساڳيو سوال مون هن آڏو اٿاريو ته هن سنڌ حڪومت جي دعويٰ کي رد ڪندي چيو ته، سنڌ ۾ ٻوڏ هيٺ آيل علائقن جي 72 سيڪڙو ماڻهن جا قومي سڃاڻپ ڪارڊ ٺهيل آهن. باقي رهيل 28 سيڪڙو ماڻهن کي ڪارڊ ٺاهي ڏيڻ لاءِ نادرا اهڙا ته هنگامي اپاءَ ورتا آهن جو تقريبن 20 سيڪڙو ماڻهن جا ڪارڊ ٺهي ويا آهن. باقي 10 سيڪڙو جا به ڪجهه ڏينهن ۾ ٺهي ويندا. ان ڪري اهو ڪو به مسئلو ئي ناهي. هن چيو ته مسئلو صرف اهو آهي. جو نادرا جنهن بئنڪ کي وطن ڪارڊ فراهم ڪرڻ جو ٺيڪو ڏنو آهي. اها بئنڪ گهربل تعداد ۾ نادرا مرڪزن تي ڪارڊ نٿي پهچائي سگهي. هو چوي ٿو ته اهي ڪارڊ ملائيشيا مان ٺهي ٿا اچن ان ڪري بئنڪ جو به وڏو ڏوهه ناهي. اهڙي طرح سان هو قومي سڃاڻپ ڪارڊ ٺهيل نه هجڻ وارين سنڌ جي وڏي وزير ۽ رٿابنديءَ واري صلاحڪار جي دعوائن کي رد ڪن ٿا.
سنڌ حڪومت پاران وطن ڪارڊ جي معاملي ۾ نادرا سان فوڪل اداري طور نامزد ڪيل پي ڊي ايم اي سنڌ جي ڊي جي کان راءِ ورتي ته هن پڻ نادرا وارن جي راءِ ورجائي ۽ چيو ته نادرا وارا چون ٿا ته صرف 20 سيڪڙو ماڻهن جا ڪارڊ ناهن ٺهيل، جنهن لاءِ نادرا وارن کي چيو ويو آهي ته هو باقي رهيل ماڻهن کي ڪارڊ ٺاهي ڏين. هن اهو پڻ ٻڌايو ته نادرا وارن سنڌ جي اٽڪل ساڍا 9 لک ٻوڏ ستايل خاندانن جي وڏن جا نالا پنهنجي ڪمپيوٽر نظام تي آڻي ڇڏيا آهن. پر انهن مان وطن ڪارڊ ڏيڻ لاءِ سنڌ ۾ قائم ڪيل 20 مرڪزن ذريعي گذريل 20 ڏينهن دوران صرف 65 هزار 773 ماڻهن کي ڪارڊ ملي سگهيا آهن. انهيءَ عرصي دوران سنڌ جي مرڪزن کي بئنڪ پاران صرف 68 هزار 889 ڪارڊ فراهم ڪيا ويا. سو معلوم اهو ٿو ٿئي ته سنڌ جي ٻوڏ ستايل آئي ڊي پيز کي رجسٽر ڪرڻ ۽ کين وطن ڪارڊ جاري ڪرڻ ۾ جيڪي مسئلا آهن. انهيءَ ۾ سڀ کان وڏو مسئلو اهو آهي جو ٻوڏ هيٺ آيل علائقن جي اڪثر ماڻهن جا قومي سڃاڻپ ڪارڊ ٺهيل ئي ڪونهن پر جيڪڏهن ٺهيل آهن ته گهڻن ماڻهن جا پنهنجي ڪٽنب جا وڏا هجڻ جي باوجود ڪٽنب جي وڏي طور ڪارڊ ٺهيل ناهن. ان ڪري سندن نالا لسٽ ۾ نٿا اچي سگهن. ۽ ماڻهن کي اهڙي ڪا به ڄاڻ ڪونهي ته نادرا پنهنجي ڪمپيوٽر نظام تي جن ماڻهن جا وطن ڪارڊ جاري ڪرڻ لاءِ نالا آندا آهن. انهن ۾ سندن نالو شامل آهي يا نه؟ اڪثر ماڻهو ڊگهي قطار پار ڪري جڏهن ڪارڊ لاءِ ٽوڪن وٺڻ واري دريءَ تي پهچن ٿا ته کين جواب ملي ٿو ته انهن جو نالو نادرا جي ڪمپيوٽر سسٽم ۾ نه آيو آهي. نادرا جي انتظاميه سنڌ حڪومت جي اعليٰ اختيارين جي انهن دعوائن کي رد ڪري رهي آهي ته صوبي جي اڪثر ٻوڏ ستايلن جا قومي سڃاڻپ ڪارڊ ٺهيل ڪونهن ۽ سنڌ حڪومت وٽ پنهنجي دعوائن کي درست ثابت ڪرڻ لاءِ ڪو به هوم ورڪ ٿيل ڪونهي ۽ نه ئي ان ڏس ۾ سندن ڪو باقاعده سروي ٿيل آهي. رٿابنديءَ وارو صلاحڪار هڪ ڳالهه ٿو ڪري ته وڏو وزير ٻي ڳالهه ۽ بي ڊي ايم اي سنڌ جو ايم ڊي وري ٽين ڳالهه ٿو ڪري. سنڌ حڪومت وٽ اهڙا ڪي ٺوس انگ اکر آهن ئي ڪو نه، جن جي بنياد تي هو نادرا جي دعوائن کي رد ڪن. اها حقيقت آهي ته صوبي جي اڪثر علائقن خاص ڪري ڪراچي ۽ ڪاڇي وارن علائقن جي 70 کان 80 سيڪڙو ماڻهن وٽ نوان قومي سڃاڻپ ڪارڊ ڪو نه آهن. پر جڏهن قومي سڃاڻپ ڪارڊ ٺاهي ڏيڻ وارو وفاقي دارو اوهان جي دعوائن کي رد ڪري رهيو آهي ته ڇا سنڌ حڪومت صوبي جي ٻوڏ ستايلن کي وفاق پاران ملندڙ امداد مان پنهنجو جائز حق ڏيارڻ لاءِ پنهنجي ڪيس جي ڪا تياري ڪري رهي آهي يا هنگامي بنياد تي ڪو اهڙو باقاعده سروي شروع ڪيو ويو آهي، جنهن جي بنياد تي نادرا وارن جي ڪوڙي دعويٰ کي رد ڪري سگهجي؟ جن ٻوڏ ستايلن وٽ قومي سڃاڻپ ڪارڊ ڪونهي. اهي نه صرف هن وقت ملندڙ 20 هزار رپيا في خاندان واري امداد بلڪه بعد ۾ گهرن، مال متاع ۽ فصلن جي معاوضي طور ملندڙ امدادي رقمن کان پڻ محروم رهجي وڃن جا امڪان آهن. سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته ڇا سنڌ جا 60 سيڪڙو ٻوڏ ستايل امداد کان محروم رهجي ويندا ۽ سنڌ حڪومت صرف کيل تماشو ڏسندي رهندي؟ ڇاڪاڻ جو ان معاملي ۾ سنڌ حڪومت هن وقت تائين مڪمل طور تي بي وس بڻيل آهي ۽ صوبي جي اڪثر ٻوڏ ستايلن کي نادرا وارن جي رحم ڪرم تي ڇڏيو ويو آهي، انهن جي مرضي آهي ته ڪيترن ماڻهن کي نوان قومي سڃاڻپ ڪارڊ ٺاهي ڏين. امداد ڏيڻ لاءِ صوبي ۾ ڪيترا مرڪز قائم ڪن. انهن مرڪزن مان روزانو ڪيترا ڪارڊ جاري ڪن.
سنڌ حڪومت جون اعليٰ اختياريون نادرا وارن کي صرف گذارش ڪرڻ ۾ پوريون آهن. ٻيو ته جنهن اداري ۽ جن ڪامورن کي صوبي جي ماڻهن جي نمائندگي ڪرڻ لاءِ نادرا لاءِ فوڪل ادارو ۽ فوڪل پرسن بڻايو ويو آهي. اهي پڻ جيڪڏهن وفاقي اداري جي آفيسرن واري ٻولي ڳالهائين ۽ انهن مان ڪي سنڌ جو ڊوميسائل رکندڙ ئي نه هجن ته پوءِ ڪهڙي اميد رکجي. سنڌ ۾ نادرا پاران وطن ڪارڊ جاري ڪرڻ لاءِ قائم ڪيل مرڪزن تان انتهائي گهٽ ڪارڊ جاري ٿيڻ جو سڀ کان وڏو سبب انهن مرڪزن تي وطن ڪارڊن جي فراهمي جي رفتار انتهائي گهٽ هجڻ آهي. مثال طور 10 هين سيپٽمبر کان 30 سيپٽمبر تائين سنڌ جي مرڪزن تي صرف 68 هزار 889 ڪارڊ پراسز ڪيا ويا. جن مان 65 هزار 773 جاري ٿيا. ان مان به صاف ظاهر ٿئي ٿو ته گهٽ ڪارڊ جاري ٿيڻ جو بنيادي ڪارڻ ڪارڊ حاصل ڪندڙ ماڻهن جي بدنظمي ناهي، بلڪه مرڪزن تي ڪارڊن جي رسد ئي نه ٿيڻ آهي. جيڪڏهن طلب تمام گهڻي هوندي ۽ رسد تمام گهٽ هوندي ته پوءِ قطارون ٽوڙڻ واري بدنظميءَ کان به وڌيڪ خراب صورتحال پيدا ٿي سگهي ٿي. هاڻي ته ائين به ٿي رهيو آهي. جو امدادي مرڪزن جا روز روز چڪر ڪاٽي ۽ لٺيون کائي مايوسي ۽ ويڳاڻپ جو شڪار ٿي ڪيترن ئي ٻوڏ متاثرن امدادي مرڪزن جا چڪر ڪاٽڻ پڻ ڇڏي ڏنا آهن ۽ بي سرو سامانيءَ واري حالت م پنهنجي تباهه ٿيل گهرن ڏانهن روانا ٿيڻ شروع ٿي ويا آهن. جيڪڏهن امدادي مرڪزن تان وطن ڪارڊ جاري ٿيڻ جي رفتار اها ئي رهي ته پوءِ يقينن ڪيترائي حقدار روز روز جي تذليل کان مايوس ٿي امدادي رقم حاصل ڪرڻ تان ئي هٿ کڻي ويندا. ڇا امدادي مرڪزن تي امدادي ڪارڊن جي رسد جي رفتار ان ڪري گهٽ رکي وئي آهي؟ ٻي اهم ڳالهه اها آهي ته سڌ حڪومت جي هڪ ذميوار صلاحڪار جو چوڻ آهي ته نادرا صوبي جي صرف چار لک ڪٽنبن جي وڏن جا نالا پنهنجي سسٽم تي آڻي سگهيو آحي. جڏهن ته نادرا جي دعويٰ آهي ته هنن صوبي جي اٽڪل 10 لک خاندانن کي امداد لاءِ پنهنجي نظام تي آندو آهي. سنڌ حڪومت پاران مقرر ڪيل فوڪل اداري پي ڊي ايم اي جو ڊي جي پڻ نادرا وارن جي دعويٰ جي تصديق ڪري ٿو ته پوءِ اهو طئي ٿيڻ گهرجي ته ڪنهن جي دعويٰ درست آهي. ان لاءِ ضروري آهي ته سنڌ حڪومت بنا دير جي نادرا جي ڪمپيوٽر نظام تي آندل صوبي جي ٻوڏ متاثر ڪٽنبن جي وڏن جا نالا پنهنجي ويب سائيٽ تي پڌرا ڪري ۽ انهن نالن جون لسٽون لاڳاپيل امدادي مرڪزن تي پڻ لڳايون وڃن. جيئن نادرا جي دعوائن جي تصديق سان گڏ ماڻهن کي پنهنجي نالن جي تصديق ڪرڻ ۾ پڻ سولائي ٿئي. ان سان ايئن به ٿيندو، جن ماڻهن جا نالا لسٽن ۾ نه اچي سگهيا آهن، اهي امدادي مرڪزن تي اچي رش کي وڌائڻ بدران پنهنجا سڃاڻپ ڪارڊ ٺهرائڻ ۽ پنهنجا نالا لسٽن ۾ شامل ڪرائڻ جي ڪوشش ڪندا. حڪومت فيصلو ڪيو آهي ته نادرا مرڪزن تي پوليس ۽ رينجرز جي نفري وڌائي صورتحال کي ڪنٽرول هيٺ آندو ويندو، چوندا آهن ته ”بکيو گدڙ شينهن سان به وڙهي پوڻ ۾ دير نه لڳائيندو.“ ان ڪري معاملو صرف نفري وڌائڻ سان حل ٿيڻ وارو ناهي. آخر ڀلا پوليس نفري وڌائي پيٽ بکين ماڻهن تي وڌيڪ لٺيون وسائڻ جو سامان گڏ ڪرڻ بدران ڪارڊ جاري ڪندڙ مرڪزن جو تعداد وڌائڻ ۽ انهن مرڪزن تي ڪارڊن جي رسد کي طلب مطابق ڪرڻ ۽ قومي سڃاڻپ ڪارڊن کان محروم ٻوڏ ستايلن کي ڪارڊ ٺاهي ڏئي. سندن نالا امدادي لسٽ ۾ شمل ڪرڻ وارا اپاءَ کڻي مسئلي جي اصل حل ڏانهن ڌيان ڇو نٿو ڏنو وڃي.