تاريخ، فلسفو ۽ سياست

مها ٻوڏ 2010 (جيڪي سنڌ سان ٿيو)

ڪتاب ” مها ٻوڏ 2010 (جيڪي سنڌ سان ٿيو) “ اوهان اڳيان حاضر آهي. هن ڪتاب جو ليکڪ عزيز رانجهاڻي آهي. 07 آگسٽ 2010 تي سنڌوءَ جي ساڄي ڪپ تي ٽوڙيءَ واري هنڌ تان سنڌوءَ جي بچاءُ بند کي گهارو ڇا لڳو، ڄڻ سنڌ ۾ قيامت اچي وئي. شير درياهه سنڌو مستيءَ ۾ اچي سنڌ جي ميدانن شهرن ۽ ڳوٺن ۾ ڪاهجي پيو ۽ ٻوڙان ٻوڙ ڪري ڇڏي ۽ ڏسندي ئي ڏسندي بلوچستان جي حدن کان وٺي سنڌي سمونڊ تائين هڪ ٻيو سمونڊ ڪري ڇڏيو. جتي 10 کان وٺي 16 فوٽن تائين ڪيترائي ڏينهن اڌ سنڌ پاڻيءَ هيٺ رهي ۽ اڌ سنڌ جي آبادي سر ۽ مال متاع بچائڻ لاءِ سرگردان رهي ۽ پنهنجي ئي ڌرتيءَ تي صدين کان آباد هي ڌرتي ڌڻي بي گهر ٿي ڪسمپرسيءَ جي حالت ۾ ڪئمپن جي حوالي ٿيا. سنڌوءَ جو پاڻي سندن پويان ائين پئجي ويو جيئن ڪو حمله آور لشڪر اوچتو ڪنهن علائقي ۾ ڪاهجي پوي ۽ ماڻهن ۾ ڀاڄ پئجي وڃي ۽ هو ساهه بچائڻ لاءِ برمنهن ڪندا هجن. ڪٿي جيڪب آباد، ڪشمور، ٺل، شهدادڪوٽ، ڳڙهي خيرو ۽ ڪٿي ڪراچي، سانگهڙ، ٽنڊو باگو، نئون ڪوٽ ۽ حيدرآباد، ساهه بچائڻ لاءِ هي ڌرتي ڌڻي، سنڌ جي هڪ ڪنڊ کي ڇڏي ٻئي ڪنڊ تي وڃي ڪئمپن ۾ پهتا ۽ دربدر ٿي مصيبتن ۽ عذاب ۾ اچي ويا.
Title Cover of book مها ٻوڏ 2010 (جيڪي سنڌ سان ٿيو)

ٻوڏ سٽيلن جي بحاليءَ جو اڻانگو سفر….نصير ميمڻ

سنڌ ۾ مهينو گذرڻ جي باوجود ٻوڏ کٽڻ جو نالو ئي نه ٿي وٺي، آگسٽ جي شروع ۾ ٽوڙي بند کي لڳل/ هنيل گهارو ڪنهن راڪاس جيان سنڌوءَ جي ساڄي ڪپ وارن ضلعن کي ڳڙڪائي رهيو آهي. سکر، ڪشمور، جيڪب آباد، شڪارپور ۽ قمبر شهدادڪوٽ کان پوءِ هاڻي ٻوڏ جو بدروح دادو ضلعي ۾ ڪاهي پيو آهي. ٻئي طرف ڪراچيءَ کي ڇڏي باقي سنڌ جي ذري گهٽ اڌ آبادي بي گهر بڻيل آهي ۽ سنڌ جو عوام ٻوڏ جي برباديءَ سان گڏوگڏ هڪ احساساتي ۽ نفسياتي صدمي جو شڪار پڻ بڻيل آهي. سرڪار ۽ سول سوسائٽي جا ادارا ۽ فرد جنهن همت سان هن صورتحال کي ڪنهن حد تائين سڀنالي رهيا آهن. اها غير معمولي ڳالهه آهي. رليف معنيٰ واهر وارو هي مرحلو ٻوڏ ستايلن جي ايڏي وڏي انگ کي اجهو، کاڌو ۽ صحت جون سهولتون فراهم ڪرڻ غير معمولي همت ۽ وسيلن جو گهرجائو آهي. تمام گهڻين ڪمزورين ۽ ڪوتاهين جي باوجود سنڌ جي ماڻهن مجموعي طور امتحان ۽ آزمائش جي هنن ڏکين لمحن جو هڪ زندهه قوم جيان مقابلو ڪيو آهي. جنهن سان سنڌي سماج جي اندروني سگهه بابت ڪيئي اتساهيندڙ تصور پڻ جنم وٺي رهيا آهن. ورهاڱي کان پوءِ سنڌي قوم هن نوعيت جي ڌونڌاڙ کي پهريون ڀيرو منهن ڏئي رهي آهي ۽ اجتماعي آزمائش اڃا تائين ان جي گڏيل حوصلي کي آڻ نه مڃائي سگهي آهي. ان دعويٰ جي دليل ۾ ننڍا وڏا سوين مثال ڏئي سگهجن ٿا. پر رڳو هڪ جوهيءَ جي شهرين جو حوالو ئي ان لاءِ ڪافي آهي جتي شهرين نه رڳو شهر کي بچائڻ لاءِ سمورا آسرا پلي پاڻ اڳڀرائي ڪئي آهي پر نيم بدحواسيءَ واري انتظامي ماحول ۾ شهر اندر ڪا ذري جيتري به انارڪي نه پکڙجي سگهي. رليف بهرحال هڪ عارضي مرحلو آهي. جيڪو ڪنهن نه ڪنهن ريت گذري ويندو. پر اصل ڳنڀير سوال متاثرين جي بحاليءَ جو آهي. سنڌ اندر وڏي وزير چواڻي 16 ضلعا متاثر ٿيا آهن. جن مان 8 شديد متاثر آهن. جن باقي ضلعن ۾ ٻوڏ هاڃا نه ڪيا آهن. اتي ٻوڏ سٽيلن جو هڪ تمام وڏو انگ پهتل آهي. جنهن ڪري زندگيءَ جو ڪارونهوار اتي به رواجي ناهي. ائين مجموعي طور ڏسجي ته سڄي سنڌ ٻوڏ جي اثر هيٺ آهي. اڃا متاثر علائقن مان ٻوڏ جو پاڻي ناهي نڪري سگهيو، تنهن ڪري هڪ ڪروڙ جي لڳ ڀڳ اڻهو ٻوڏ ۾ لڙهي ويل زندگيءَ جي بحاليءَ واري اوکي سفر جي شروعات ناهن ڪري سگهيا. گڏيل مفادن واري ڪائونسل ٻوڏ ستايلن کي گهر اڏڻ لاءِ لک رپيا في گهر ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي. هونءَ ته ان رقم مان اڄ جي دور ۾ ڊٺل گهرن جو ملبو هٽائڻ به مشڪل آهي ۽ اڃان اهو به پتو ناهي ته اهي پئسا حقدارن تائين ڪيئن پهچندا ۽ ان رقم اندر هٿرادو گهارا نه لڳڻ کي ڪيئن يقيني بنايو ويندو. پر هڪ ڳالهه سمجهڻ گهرجي ته متاثرن جي بحالي رڳو هڪ لک رپيا ڏيڻ سان نه ٿي ويندي. ٻوڏ سٽيل علائقن جي مڪمل بحالي هڪ ڊگهو، منجهيل ۽ اوکو ڪم آهي. جنهن ۾ هيٺيان مرحلا اهم آهن.

بحاليءَ جي جامع رٿابندي:
هي سڀ کان اهم ۽ ترت شروع ڪرڻ وارو ڪم آهي. جنهن ۾ ڪا به دير نه ڪرڻ گهرجي رٿابنديءَ جي مرحلي ۾حڪومت کي سڀ کان پهرين متاثر علائقن جي مختلف نقصانن جا تفصيلي انگ اکر ڪٺا ڪرڻا پوندا ۽ ان لاءِ مختلف شعبن جهڙوڪ ڪميونيڪشن ريلويز، آبپاسي، صحت، تعليم، زراعت، چوپائي مال، ڪاروبار، ٽائون پلاننگ وغيره جي شعبن تي ٻڌل هڪ ٽيم گهرجي. جيڪا سيٽلائيٽ نقشن وسيلي نقصانن جو ڪاٿو لڳائي سگهي. رٿابنديءَ کي خامين کان آجو ۽ قبولڻ جوڳو بڻائڻ لاءِ بهتر اهو ٿيندو ته ان ڪم ۾ سرڪاري ادارن کان سواءِ ضلعي سطح تي بهتر ساک رکندڙ غير سرڪاري ادارن، چونڊيل عيوضين ۽ فردن کي به شامل ڪيو وڃي. نقصانن جو درست ڪاٿو بحاليءَ جي بهتر رٿابنديءَ جا بنياد رکندو. ساڳي طرح انفرادي سطح تي ماڻهن جي ذاتي ملڪيتن ۽ گذر سفر جي وسيلن جي نقصانن جو به ڪاٿو لڳائڻو پوندو ته جيئن متاثر ڪٽنب جي سماجي ۽ معاشي بحاليءَ لاءِ ڊگهي مدي واري رٿابندي ڪري سگهجي. ان لحاظ کان حڪومت کي ننڍي وچلي ۽ ڊگهي مدي وارا پلان تيار ڪرڻا پوندا جن جي عملدارآمد ۽ ان جي نگرانيءَ لاءِ ادارتي ڍانچو طئي ڪرڻو پوندو، جيئن ٻوڏ متاثر بحاليءَ جي مرحلي تي سرڪاري دفترن ۽ وڏيرن جي اوطاقن جا ڌڪا نه کائيندا رهن. ڪروڙ جي لڳ ڀڳ ماڻهن جي بحاليءَ وارو ڪم جيڪڏهن شفاف ۽ انصاف جي آڌار تي نه ٿيو ته ان جا سياسي ۽ سماجي اثر ٻوڏ کان به خراب ثابت ٿي سگهن ٿا. بحاليءَ واري رٿابنديءَ دوران ٿيل نقصانن جي ڪٿ ڪرڻ لاءِ انهن کي هيٺين ڪيٽيگريز ۾ ورهائڻ گهرجي.
ٻوڏ کان بچاءَ ۽ آبپاسي وارو ڍانچو جهڙوڪ بچاءَ بند، ريگيوليٽر، شاخون، واهن جا ڪپر، رنگ بند وغيره فلڊ مئنيجمينٽ پلان بابت الڳ مضمون ۾ تفصيلي بحث ڪنداسين. انفرادي ملڪيتون ۽ گذر سفر جا وسيلا جهڙوڪ گهر، دڪان، ٻنيون، چوپايو مال، وٿاڻ، گاڏيون، ڪاروباري مرڪز ۽ اوزار، مڇيءَ جا تلاءُ، فصل، گودام وغيره شهري ڍانچو جهڙوڪ گهٽيون، پارڪ اسٽريٽ لائيٽس، صحت ۽ تعليم جا مرڪز، سرڪاري آفيسون، بس اڏا، ريلوي اسٽيشنون، بئنڪون، پوسٽ آفيسون، ٿاڻا، ڪورٽون وغيره
انهن مکيه ڪيٽيگريز هيٺ نقصانن جي ڪاٿي کان پوءِ بحاليءَ جي مڪمل رٿابنديءَ ڪئي وڃي. انهن ۾ ڪجهه ڪم فوري نوعيت جا هوندا ته جيئن زندگيءَ ڏانهن واپسيءَ جو سفر شروع ٿي سگهي. ڪجهه ڪم وچولي مدي وارا هوندا. جيڪي سال ڏيڍ اندر ڪرڻا پوندا ته جيئن اجتماعي ضرورتن جو پورائو ٿي سگهي ۽ ڪجهه ڪم ڊگهي مدي وارا هوندا ته جيئن علائقن جي ترقيءَ جو رڪجي ويل ڦيٿو نئين سر روان ٿي سگهي. نائين سيپٽمبر تائين پراونشل ڊزاسٽر مئنيجينٽ اٿارٽي سنڌ پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب سنڌ اندر ساڍا ست هزار ڳوٺ متاثڙ ٿيا آهن. 72 لک ماڻهو متاثر ٿيا آهن. 72 لک ايڪڙ ايراضي متاثر ٿي آهي. جنهن ۾ لڳ ڀڳ 26 لک ايڪڙ پوکيءَ هيٺ زمين شامل آهي. ساڳي طرح 2 لک 63 هزار ڍور به صايع ٿيا آهن. اسپتالن، اسڪولن، روڊن، رستن ۽ ڪاروبارن جا انگ اکر اڃا سامهون نه آيا آهن. ان پئماني جي بحالي ڪيڏو ڊگهو ۽ اوکو ڪم آهي. ان جو اندازو هر ڪوئي لڳائي سگهي ٿو. بحاليءَ واري ان ڪم ۾ عام شهرين کي پيرن تي ڪهڙيءَ ريت بيهاري سگهجي ٿو ۽ ان لاءِ ڪهڙا اپاءَ تڪڙن بنيادن تي وٺڻ جي ضرورت آهي. ان لاءِ ڪجهه رٿون هيٺ ڏجن ٿيون.
ٻوڏ متاثر علائقن ۽ ماڻهن جي بحالي ٽن کان پنجن سالن جو ڪم آهي. ان ڪم جي سائنسي بنيادن تي رٿابندي، عملدارآمد ۽ نظرداري لاءِ سنڌ سرڪار کي فلڊ ريهبليٽيشن اٿارٽي جهڙو ڪو ادارو قائم ڪري ان جو انتظامي ڍانچو جوڙڻ گهرجي.
ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ ٿيل نقصانن لاءِ ٻوڏ کان اڳ ۽ پوءِ واري سيٽلائيٽ نقشن وسيلي انهن جو ڪاٿو لڳائي اثرائتي رٿابندي ڪئي وڃي. اهو ڪم سائنسي بنيادن تي ڪرڻ گهرجي ۽ ان کي تپيدارن جي رحم ڪرم تي نه ڇڏڻ گهرجي.
شهري ۽ نيم شهري يا ڪچي وارن علائقن ۾ عوامي بحاليءَ جي ڪم جي شروعات جو پهريون اهم ڏاڪو ڪميونيڪيشن نظام جي بحالي آهي. جن علائقن ۾ اونهو پاڻي بيٺل آهي. اتان فوري طور تي پاڻي نيڪال ڪري علائقن ۾ اچ وڃ جي نظام کي بحال ڪيو وڃي. ان سان گڏ ٽٽل رستن، پلين ۽ شاخن جي مورين کي فوري طور تي مرمت ڪري اچ وڃ جهڙو بنائڻ جي ضرورت پوندي ته جيئن ماڻهو پنهنجي گهرن ڏانهن واپسي ممڪن بڻائي سگهن.
ٻوڏ جي ڏهاڙن ۾ سرڪار جي اڳواٽ تياري نه هجڻ سبب ٽرانسپورٽر ۽ پيٽرول پمپن وارن ٻوڏ ستايلن جي جسم تي باقي بچيل کل به ڀاڙن وسيلي لاٿي هئي. حڪومت کي گهرجي ته ٻوڏ ستايلن جي واپسيءَ لاءِ ٽرانسپورٽ جو اڳواٽ مناسب انتظام ڪري.
شهرن ۽ ڳوٺن ڏانهن واپسيءَ کان پوءِ ماڻهن جي پهرين ضرورت روزگار ۽ اجهن جي بحالي هوندي. جيئن ته زرعي معيشت وارن هنن علائقن ۾ ماڻهن جا فصل ۽ ڍور ڍڳا ختم ٿي چڪا آهن. تنهن ڪري اهي ايندڙ ڇهن کان ٻارنهن مهينن تائين هو معاشي محتاجي ۽ مفسليءَ واري حال ۾ هوندا. نيم شهري ڪاروبار به اڻ سڌي طرح زراعت سان واڳيل آهن. تنهنڪري عملي طور انهن بدحال علائقن ۾ بيروزگاريءَ وارو ماحول هوندو، حڪومت کي گهرجي ته سخت متاثر ٿيل علائقن ۾ رهواسين کي ڇهن مهينن لاءِ گهٽ ۾ گهٽ راشن سرڪاري خرچ تي فراهم ڪري ته جيئن ماڻهو اٽي جي ڳڻتيءَ کان آجا ٿي زندگيءَ جي بحاليءَ لاءِ هٿ پير هڻڻ جي قابل ٿي سگهن. هن کان اڳ خيبر پختوانخواهه ۾ دهشتگرديءَ خلاف جنگ جي متاثرين کي به حڪومت فوڊ ٽوڪن جي سهولت وسيلي ساڳي سهولت فراهم ڪندي رهي آهي. تنهن ڪري اهو سنڌ ۾ به ڪرڻ ممڪن آهي.
متاثر علائقن بابت 9 سيپٽمبر تائين پي ڊي ايم اي سنڌ طرفان سامهون آيل انگن اکرن موجب 11 لک گهر مڪمل ۽ جزوي طور متاثر ٿيا آهن ٻيا ڪاروبار جهڙوڪ دڪان، ڪئبنون ۽ بازارون ان کان الڳ آهن. متاثرين جي واپسيءَ کان پوءِ وڏي پيماني تي نئين سر اڏاوت جو ڪم شروع ٿي ويندو. ان ڏس ۾ به ڪم ڪرڻ جي گهرج آهي. زلزلي متاثر علائقن ۾ جڏهن نئين سر اڏاوت شروع ٿي هئي ته حڪومت هڪ اداري ايرا وسيلي اڏاوتن لاءِ نئون ڪوڊ متعارف ڪرايو هيو ته جيئن انهن علائقن ۾ ٻيهر ڪو زلزلو اچي ته نيون اڏاوتون ان کان محفوظ رهن. هاڻي به ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سنڌ اندر فلڊ ريهبلييٽيشن اٿارٽي سنڌ جي مختلف علائقن لاءِ اهڙو اڏاوتي ڪوڊ تيار ڪري جنهن سان ٻيهر تعمير ٿيندڙ وستيون ۽ اڏاوتون مستقبل ۾ ٻوڏ جي اثرن کان محفوظ رهي سگهن يا گهٽ ۾ گهٽ متاثر ٿين اهو ڪوڊ مقامي ماحولياتي جٽاداريءَ کي مدنظر رکي تيار ڪيو وڃي ۽ ان نئين اڏات کي ٽائون پلاننگ جي اصولن آڌار ڪيو وڃي. اهو ڪم ناممڪن ناهي پر تيز رفتاري، بهتر انتظامڪاري، سياسي عدم مداخلت ۽ سياسي توجهه جو گهرجائو آهي. ساڳي طرح نين اڏاوتن کي انرجي، ايفيشنٽ پڻ بڻائڻ جو هي هڪ بهترين موقعو آهي. اڄڪلهه اهڙا اڏاوتي نمونا عام آهن، جن سان انهن گهرن ۾ رهندڙن کي سج جي روشني ۽ تپش وسيلي ٻارڻ ۽ بجليءَ جو استعمال گهٽائڻ ۾ مدد ملي ٿي. سنڌ ۾ يو اين ڊي پي جيف پروگرام اهڙا گهر آزمائشي بنيادن تي ڪاميابيءَ سان متعارف ڪرائي چڪو آهي. ان اداري ۽ ٻين ماهرن جي مدد سان نئين اڏاوت لاءِ ان ماڊل کي عام ڪري عوامي ڀلائيءَ وارو ڪم ڪري سگهجي ٿو.
نئين اڏاوت واري ڪم ۾ هڪ ٻيو چئلينج ايڏي وڏي مقدار ۾ اڏاوتي سامان جي رسد هوندي، تمام گهڻا امڪان آهن ته ايندڙ ڏينهن ۾ سنڌ اندر اڏاوتي سامان جي گهرج ۽ رسد واري فرق سبب اڏاوتي سامان جي بليڪ مارڪيٽنگ شروع ٿي وڃي. سنڌ سرڪار کي ان لاءِ هاڻي کان ئي رٿابندي ڪرڻ گهرجي ۽ يونين ڪائونسل يا تعلقي سطح تي اڏاوتي سامان جي ڪنٽرولڊ پرائيز تي فراهميءَ جا ڊپو قائم ڪرڻ گهرجن. اهو به ممڪن آهي ته ماڻهن کي نئين اڏاوتي ڪوڊ تي آماده ڪرڻ لاءِ انهن ڊيپوز تان رڳو انهن ماڻهن کي سامان ڏيڻ جي اجازت هجي. جيڪي نئين اڏاوتي ڪوڊ هيٺ اڏاوتون ڪري رهيا هجن. ان لاءِ خاص اجازت ناما جاري ڪري سگهجن ٿا. ان سان هڪ طرف عام ماڻهن کي مناسب اگهن تي اڏاوتي سامان ملي سگهندو ته ٻئي طرف نئين اڏاوتي ڪوڊ تي عملدرآمد به آسان ٿي پوندو. فلڊ ريهبليٽيشن اٿارٽي جهڙو ڪو ادارو هاڻي کان ئي انهن ڪمن جي رٿابندي ڪري سگهي ٿو.
ساڳي طرح ڪچي ۽ پڪي جي علائقن ۾ زراعت جي بحالي عوامي روزگار جي بحاليءَ جو اهم قدم هوندي. مٿان ربيع جي سيزن شروع ٿيڻ واري آهي. حڪومت کي گهرجي ته فوري طور تي ٻوڏ متاثر علائقن ۾ زمينن جي بحاليءَ لاءِ سروي شروع ڪرائي. ان ڏس ۾ پاڻيءَ هيٺ آيل زمينن مان پاڻيءَ جو نيڪال، زمين جي بحالي، ٻج، ڀاڻ ۽ مشينريءَ جي گهرج ٿيندي، حڪومت کي گهرجي ته فلڊ ريهبليٽيشن اٿارٽيءَ وسيلي سنڌ ۾ تعلقي سطح تي زرعي بحالي مرڪز قائم ڪري ننڍن ۽ وچولن زميندارن کي زمينن جي بحالي ۽ ايندڙ فصل جي پوکيءَ جون سهوليتون فراهم ڪري. ان ڏس ۾ آبپاسيءَ جو بنيادي ڍانچو پڻ فوري طور بحال ڪرڻو پوندو ته جيئن ٻوڏ ۾ لڙهي ويل شاخون ۽ واٽر ڪورس فوري طور بحال ڪري ربيع جي فصل جي تياريءَ کي ممڪن بنائي سگهجي. ان سڄي ڪم ۾ ضرورتمند ننڍن ۽ وچولن آبادگارن کي وڏن آبادگارن جي سياسي اثر کان ڪيئن محفوظ ڪري سگهبو. ان ڏس ۾ سرڪار جو گورننس وارو تجربو گهڻو همٿائيندڙ ته ناهي. پر بهرحال ان تي ڀاڙڻ کانسواءِ ڪجهه ڪري به نٿو سگهجي. ان اٿارٽيءَ کي حڪومت جيترو سياسي مداخلت کان پاڪ رکي ڪم هلائڻ ڏيندي اوترو ئي عوام ۽ حڪومت لاءِ بهتر ثابت ٿيندو.
ٻوڏ متاثر علائقن ۾ زرعي ۽ ڪاروباري قرض مڪمل طور معاف ڪرڻ يا انهن جو ڪجهه حصو ملتوي ڪرڻ لاءِ به سوچڻ گهرجي. هن وڏي برباديءَ کان پوءِ عام ماڻهو اهي قرض لاهڻ جهڙا نه رهيا آهن. جيڪڏهن حڪومت وڏن صنعتڪارن، سيٺين ۽ سياسي اڳواڻن جا اربين رپين جا قرض معاف ڪري سگهي ٿي ته پوءِ ايڏي وڏي آفت جي ستايل ماڻهن جا قرض انهن جو معمولي حصو به نه ٿا بڻجن. ساڳي طرح ٽن کان ڇهن مهينن لاءِ انهن علائقن م يوٽيلٽيز جا بل به معاف ڪرڻ گهرجن.
ٻوڏ ستايل ماڻهن ۾ هزارن جي انگ ۾ هنرمند مرد ۽ عورتون پڻ شامل آهن. جيڪي ٿوري گهڻي واهر سان شهري علائقن ۾ روزگار سان لڳي سگهن ٿا. ان ڏس م ٻن رخن کان سوچڻ جي ضرورت آهي. هڪ ته ان قسم جي هنرمند ماڻهن کي عالمي مارڪيٽ ۾ روزگار سان لڳائڻ لاءِ سمنڊ پار پاڪستانين واري وزارت هنگامي بنيادن تي پيڪيج تيار ڪري، بهتر سفارتڪاريءَ وسيلي ماڻهن جي هڪ چڱي موچاري انگ کي پرڏيهه ۾ ورزگار ڏياري هزارين ڪٽنبن کي فوري طور بحال ڪري سگهجي ٿو. هونءَ به پرڏيهه ۾ روزگار جي حوالي سان سنڌ ماضيءَ ۾ نظر انداز ٿيندي رهي آهي. هن موقعي مان فائدو وٺندي ماضيءَ جيان انهن زيادتين جو به ازالو ڪيو وڃي.
ان ڪم جو ٻيو حصو سنڌ ۽ پاڪستان جي وڏن صنعتي مرڪزن ۽ شهري مارڪيٽن ۾ پير رکڻ لاءِ انهن هنرمندن جي واهر وارو ٿي سگهي ٿو ليبر ۽ انڊسٽريز وارن کاتن وسيلي مقامي صنعتن ۾ ٻوڏ ستايل هنرمندن کي اوليتي بنيادن تي روزگار فراهم ڪرڻ لاءِ اسڪيمون جوڙي سگهجن ٿيون ساڳي طرح ڪراچي. حيدرآباد، لاهور، فيصل آباد ۽ ٻين وڏن شهرن ۾ انهن هنرمندن کي رهائش جي بنيادي سهولت فراهم ڪري ننڍا قرض ڏئي خود روزگار لاءِ واهر ڪري سگهجي ٿي. ان قسم جي قرضن لاءِ ورلڊ بئنڪ ۽ ايشيائي ترقياتي بئنڪ کي آسانيءَ سان راضي ڪري سگهجي ٿو، ساڳي طرح نيشنل رورل سپورٽ پروگرام، سنڌ رورل سپورٽ آرگنائيزيشن، پاڪستان پاورٽي ايليويشن فنڊ سرڪاري ۽ خانگي بئنڪ ۽ ٻين اين جي اوز وسيلي هزارين ماڻن کي ان سهولت وسيلي ڇهن مهينن اندر پيرن تي بيهاري کين سماجي بدحالي غربت ۽ ڪرائيم ۾ ڌڪجڻ کان بچائي سگهجي ٿو. جيڪڏهن ڪراچيءَ ۾ سڄي دنيا جا بيروزگار اچي گذر سفر ڪري سگهن ٿا ته سنڌ جي نوجوانن جو اتي اولين حق بڻجي ٿو. ٻوڏ ستايل علائقن ۽ متاثرن جي بحاليءَ جو مرڪز مقامي سطح تي معيشت جي بحالي هجڻ گهرجي ۽ ان ڏس ۾ ڊگهي عرصي وارن خيراتي ۽ امدادي پروگرامن کان پرهيز ڪري اهي رقمون مقامي معيشت جي بحاليءَ ۾ صرف ڪرڻ گهرجن. ان ڏس ۾ عالمي سطح تي ڪيئي ڪامياب ماڊل موجود آهن. جن کي بنياد بنائي معاشي بحاليءَ جي رٿابندي ڪري سگهجي ٿي. هتي آئون حوالي طور 1930ع واري ڏهاڪي دوران آمريڪي گريٽ ڊپريشن مان بحاليءَ واري تجربي جو مختصر حوالو ڏيڻ چاهيندس. ياد رهي ته هي رڳو هڪ حوالو آهي ۽ حڪومت کي سنڌ ۽ متاثر علائقن جي پسمنظر ۾ مقامي زميني حقيقتن کي آڏو رکي ٺهڪندڙ رٿابندي ڪرڻي پوندي. تنهن هوندي به هي ماڊل يا ان جهڙا ٻيا ماڊل تجزئي ۽ رٿابنديءَ لاءِ هڪ ڪارائتو حوالو ٿي سگهن ٿا.
ٻين مهاڀاري لڙائي کان ڏهاڪو کن اڳي آمريڪا ۾ هڪ شديد معاشي بحران ڪر کنيو 1930ع ۾ شروع ٿيل ان بحران ڏهاڪو کن سالن تائين آمريڪا کي ڌونڌاڙيو، تاريخ ۾ ان کي great depression چيو وڃي ٿو ان دوران بين االقوامي واپار اڌ کان وڌيڪ گهٽجي ويو ۽ آمريڪا ۾ بيروزگاريءَ جي شرح 25 سيڪڙو کان وڌي وئي. يعني ڪم ڪرڻ جي سگهه رکندڙ هر چوٿون آمريڪي بيروزگار هيو. صنعت، زراعت بينڪنگ، سميت زندگيءَ جا سمورا شعبا ڊانواڊول ٿي چڪا هئا. ان وقت جي آمريڪي صدر فرينڪلن روزويلٽ جي نالي هيٺ هڪ پلان متعاف ڪرايو. جنهن جو مقصد ايمرجنسي رليف ۽ پبلڪ ورڪس پروگرام وسيلي معاشي بحاليءَ ڪرڻ هيو. ان پروگرام جو سڄو بنياد ان ڳالهه تي هئو ته سرڪاري شعبي هيٺ وڏيون رٿائون شروع ڪيون وڃن. ان سان هڪ طرف روزگار جا وسيلا پيدا ٿيندا ته ٻئي طرف سرڪاري ناڻو ملڪي انفرااسٽرڪچر جي ترقيءَ ۾ استعمال ٿي سگهندو. هي پروگرام خيرات يا امداد بجاءِ ترقيءَ واري رويي تي ٻڌل هئو. آمريڪي، صدر ان دور کي ”زمانه امن جي ايمرجنسي“ قرار ڏنو ۽ وفاقي حڪومت رياستن بجاءِ سنڌو سنئون ان ڪم جي سرواڻي ڪئي. ان مقصد لاءِ صدر روزليٽ ”فيڊرل ايمرجنسي رليف ايڊمنسٽريشن نالي ادارو قائم ڪيو. ان اداري طرفان رياستن کي رقمون فراهم ڪيون ويون. جيڪي گهڻي ڀاڱي ڪم ذريعي واهر طور استعمال ڪيون ويون ۽ ڇهن مهينن اندر چاليهه لک ماڻهن کي ڪم سان لڳايو ويو. پنجن سالن کان پوءِ اهو ڪم رياستن ڏانهن منتقل ڪيو ويو. ان دوران پبلڪ بلڊنگ ايڊمنسٽريشن ۽ پبلڪ روڊس ايڊمنسٽريشن کاتن وسيلي شهرن اندر روڊن، اسڪولن، پلين وغيره جا وڏا پراجيڪٽ شروع ڪيا ويا. نيو ڊيل رٿا مڪمل ٿيڻ کان پوءِ ان تي تمام گهڻي تحقيق پڻ ڪئي وئي آهي. هڪ ريسرچ موجب پبلڪ روڪس ۽ رليف ۾ هڪ ڊالر خرچ ڪرڻ تي ملڪ اندر 85 سينٽ آمدنيءَ ۾ واڌارو ٿيو. ساڳي طرح هڪ ٻي ريسرچ سان تعلق رکندڙ ڏوهن ۾ 1.5 سيڪڙو گهٽتائي آئي. ساڳي طرح ٻارن ۽ مائرن جي موت ۽ خودڪشين تي به وڏو فرق آيو، جيڪو مختلف رسرچ پيپرز ۾ تفصيل سان موجود آهي. آمريڪا جي ڪيترن ئي شهرن ۾ ان دور جا تمام وڏا پراجيڪٽ اڄ به نظر اچن ٿا.
ان يا ان نوعيت جي مختلف ماڊلز کي ذهن ۾ رکندي حڪومت کي ايندڙ پنجن سالن لاءِ ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ سرڪاري شعبي اندر خانگي شعبي ۽ سول سوسائٽي سان گڏ وڏي پيماني تي ترقياتي پروگرام شروع ڪرڻ گهرجي. ان مقصد لاءِ صوبائي سطح تي هڪ پنج سالا ماسٽر پلان تيار ڪرڻ گهرجي. جنهن هيٺ ضلعي سطح جا ترقياتي پلان جوڙڻ گهرجن. ان پلان کي وڌيڪ اثرائتو ۽ شفاف بڻائڻ لاءِ ضلعي سطح تي پلاننگ، ايگزيڪيوشن اينڊ مانيٽرنگ سيل قائم ڪيا وڃن. جن ۾ خانگي شعبي، سول سوسائٽي جي ادارن ۽ عالمي ڊونر ادارن کي به شامل ڪيو وڃي. سنڌ سرڪار کي اها ڳالهه ذهن نشين ڪرڻ گهرجي ته ٻوڏ ستايلن جي بحالي هڪ گهڻ رخو ۽ پيچيده ڪم آهي. جنهن ۾ سوسائٽي جي سمورن شعبن کي گڏ کڻي هلڻ سان ئي گهربل نتيجا حاصل ٿي سگهندا.