تاريخ، فلسفو ۽ سياست

مها ٻوڏ 2010 (جيڪي سنڌ سان ٿيو)

ڪتاب ” مها ٻوڏ 2010 (جيڪي سنڌ سان ٿيو) “ اوهان اڳيان حاضر آهي. هن ڪتاب جو ليکڪ عزيز رانجهاڻي آهي. 07 آگسٽ 2010 تي سنڌوءَ جي ساڄي ڪپ تي ٽوڙيءَ واري هنڌ تان سنڌوءَ جي بچاءُ بند کي گهارو ڇا لڳو، ڄڻ سنڌ ۾ قيامت اچي وئي. شير درياهه سنڌو مستيءَ ۾ اچي سنڌ جي ميدانن شهرن ۽ ڳوٺن ۾ ڪاهجي پيو ۽ ٻوڙان ٻوڙ ڪري ڇڏي ۽ ڏسندي ئي ڏسندي بلوچستان جي حدن کان وٺي سنڌي سمونڊ تائين هڪ ٻيو سمونڊ ڪري ڇڏيو. جتي 10 کان وٺي 16 فوٽن تائين ڪيترائي ڏينهن اڌ سنڌ پاڻيءَ هيٺ رهي ۽ اڌ سنڌ جي آبادي سر ۽ مال متاع بچائڻ لاءِ سرگردان رهي ۽ پنهنجي ئي ڌرتيءَ تي صدين کان آباد هي ڌرتي ڌڻي بي گهر ٿي ڪسمپرسيءَ جي حالت ۾ ڪئمپن جي حوالي ٿيا. سنڌوءَ جو پاڻي سندن پويان ائين پئجي ويو جيئن ڪو حمله آور لشڪر اوچتو ڪنهن علائقي ۾ ڪاهجي پوي ۽ ماڻهن ۾ ڀاڄ پئجي وڃي ۽ هو ساهه بچائڻ لاءِ برمنهن ڪندا هجن. ڪٿي جيڪب آباد، ڪشمور، ٺل، شهدادڪوٽ، ڳڙهي خيرو ۽ ڪٿي ڪراچي، سانگهڙ، ٽنڊو باگو، نئون ڪوٽ ۽ حيدرآباد، ساهه بچائڻ لاءِ هي ڌرتي ڌڻي، سنڌ جي هڪ ڪنڊ کي ڇڏي ٻئي ڪنڊ تي وڃي ڪئمپن ۾ پهتا ۽ دربدر ٿي مصيبتن ۽ عذاب ۾ اچي ويا.
Title Cover of book مها ٻوڏ 2010 (جيڪي سنڌ سان ٿيو)

سنڌ جي سوناميءَ جو ذميوار ڪير آهي؟… مير محمد پرهياڙ

هن ڪهاڻي جي شروعات ڪرڻ کان اڳ لفظ سونامي Tsunami کي سمجهڻ ضروري آهي. جيڪو جاپاني زبان جي ٻن لفظن ٽي ايس يو TSU (هاربر يا ڪنارو) ۽ Nami ويريا ڇولي لفظ ٽي T خاموش آهي. ان ڪري سونامي پڙهيو ويندو آهي. جاپان ۾ هيستائين 195ع دفعا تيز سونامين جي ڪري تمام گهڻا نقصان ٿيا. پر سال 2004ع ۾ انڊونيشيا جي صوبي اَڇ Ache سان لڳندڙ هندي وڏي سمنڊ ۾ زير زمين زلزلو، جنهن جي گهرائي 30 ڪلوميٽر هئي ۽ اهو ايتري شدت سان آيو. جنهن ڪري سامونڊي ڇوليون 50 فوٽن کان به مٿي اٿيون ۽ ان جي ڪري نه صرف انڊونيشيا، بلڪه ٿائيلينڊ، سري لنڪا، هندستان جو تامل ناڊو صوبو مالديپ جي سامونڊي علائقن ۾ 23000 انساني جانيون اجل جو شڪار ٿيون. ان کان علاوه ڀر وارن ملڪن ۾ جهڙوڪ سينگارپور، ملائيشيا ۽ ڪجهه آفريڪي ملڪن تائين ان جو اثر پهتو. انهي واقعي کان پوءِ دنيا ۾ جتي به زلزلو، ٻوڏ يا سامونڊي طوفان جي ڪري تباهي اچي ٿي ته ان کي سونامي چيو وڃي ٿو. دنيا ۾ سال 2004-ع کان اڳ اهڙي قسم جي سونامي پنج دفعا آئي ۽ آخري 1138ع عيسوي ۾ آئي. جنهن ۾ تقريبن اڍائي لک ماڻهو پنهنجون جانيون وڃائي ويٺا.
پر ڇا سنڌ ۾ سونامي پهريون دفعو آئي آهي؟ جيڪڏهن اسان سنڌ جي تاريخ کڻي ڏسون. تڏهن سنڌ جي عام ماڻهو جي معاشي ۽ سماجي زندگي تي نظر وجهون ته ائين ٿو لڳي ته سونامي ڄڻ ڄائي سنڌ لاءِ آهي. جڏهن آئون سنڌ جو ذڪر ڪريان ٿو ته ان جو مطلب سنڌ جو عام ماڻهو آهي. مهاتما گانڌي چيو هو ته انڊيا غريب آهي. ڇاڪاڻ ته ان جي ٻهراڙي ۾ رهڻ وارا غريب آهن. هن ته اهو 80 سال اڳ چيو هو ۽ هاڻي هندستان جي ٻهراڙي ۾ ڪافي خوشحالي آئي آهي. پر سنڌ جي ٻهراڙي ۾ حالت ويتر خراب آهي. سماجي ۽ اقتصادي ماهرن قوم يا ملڪ جي ترقي جا معيار مقرر ڪيا آهن. مثال طور شهرين جي آمدني، معياري صحت ۽ تعليم، پيئڻ لاءِ صاف پاڻي. صحتمند ڊگهي عمر ۽ ٻيون بنيادي سهولتن جو هجڻ پر انهن سان گڏ تفريح، تحفظ، آزاد سماجي زندگي وارو ماحول ۽ سڀاڻي جي پيٽ پوڄا جو فڪر هئڻ نهايت ضروري آهي پر هتي ته اڪثريت جو حال آهي. ”آڻين ۽ چڙهين“ وارو آهي. جيڪو صدين کان هلندو پيو اچي.
منهنجي نظر ۾ سنڌ ته ڄڻ سونامي جو اصل گهر آهي. جيڪا گهمي ڦري وري هتي اچي ٿي. جيڪڏهن ٿڌي دماغ سان سوچجي ته ويجهڙائي ۾ گذريل ڏهن سالن کان سنڌ جا ڪافي ضلعا پاڻي جي نامناسب ورهاست ۽ برساتن جو گهٽ پوڻ ڪري غربت جو شڪار رهيا آهن. جهڙوڪ جيڪب آباد ضلعي جو ڳڙهي خيرو، قمبر- شهدادڪوٽ جو قبو سعيد خان، وارهه، خيرپور ناٿن شاهه جو مٿيون علائقو، جوهي تعلقي جا ٽي حصا، ٺٽي ضلعي جي جا ٽي ۽ ميرپور بٺورو ۽ سجاول ۽ بدين ضلعي جي گولاڙچي، بدين ۽ ٽنڊي باگي جو تقريبن اڌ حصو، ميرپور مخاص ضلعي جي جهڏي ۽ ڊگهڙي جو ڏاکڻيون حصو، عمرڪوٽ ضلعي جا تقريبن ٽي حصا، ضلعي ٽنڊوالهيار جو هيٺيون پاسو ۽ سانگهڙ ضلعي جا ڏاکڻيا حصا، جيڪي پاڻي جي صحيح ورهاست نه هئڻ سبب تباهه ٿي ويا آهن ۽ برسات گهٽ پوڻ ڪري ٿر، ڪوهستان ۽ ڪاڇي جي رهواسين جي حالت تمام تشويشناڪ رهي آهي. انهيءَ صورتحال کي ذهن ۾ رکي. جيڪڏهن سنڌ جي نقشي تي نظر ڦيرائبي ته باقي چند ضلعا بچن ٿا، جتي زراعت لاءِ پاڻي مهيا ٿي رهيو آهي. پر اتي به ڪجهه علائقن جهڙوڪ، خيرپور جي صوڀو ديرو ۽ ٺري ميرواوهه ۽ حيدرآباد ضلعي جي شيخ ڀرڪيو، ٽنڊو غلام حيدر، ٽنڊو قيصر جي علائقن ۾ پاڻي جي هميشه اڻاٺ رهي آهي.
صورتحال هيءَ آهي جو هڪ پاسي پاڻيءَ جي اڻاٺ سبب فصل ٿين ئي ڪو نه. پر جيڪڏهن ٿين ته ايترو ته گهٽ، جو پوکي لاءِ ڪيل خرچ به نٿو لهي. ٻئي پاسي ٻهراڙيءَ جو ماڻهو انهيءَ حالت کان بيزار ٿي جڏهن شهرن جو رخ ڪري ٿو ته اتي به روزگار نٿو ملي ڪارخانه جيڪو واحد ذريعو آهن بيروزگاري کي منهن ڏيڻ جا اهي به نه پيا لڳن. هوڏانن لکين انسان هر سال هن دنيا ۾ قدم رکي رهيا آهن. جڏهن روزگار جا ذريعا گهٽجي رهيا آهن پر آبادي ۾ واڌارو ٿيندو رهيو آهي ته پوءِ سونامي نه ايندي ته ٻيو ڇا ايندو. سواءِ سماجي خرابين، بي راهه روي ڏوهه، بک بيماري ۽ مايوسي جي پر انهن حالتن جو ذميوار ڪير آهي؟ اسان يا اهي جن جي هٿ ۾ واڳ آهي؟ يقينن اسان ڇو ته واڳ به ته اسان ئي ڏني آهي.
اها هلندڙ سونامي يا تباهي هن سال پنهنجي انتها تي پهچي ويئي آهي. اسان جا ڪجهه جذباتي شاعر انهيءَ تباهي جي ميار درياهه بادشاهه کي ڏين ٿا ۽ ان کي ڏوراپا به ڏين پيا، جيڪو مناسب نه آهي. ڀلا سهڻيءَ کي درياءَ ٻوڙيو يا ڪچي گهڙي، درياءَ ڪڏهن به تباهي نه آڻيندا آهن. البته جيڪڏهن ان جي صحيح سار سنڀال نه ٿيندي ۽ ان جي وهڪري ۾ رنڊڪ وجهبي ته پوءِ درياهه بادشاهه جڏهن مستي ۾ هوندو ته وڙهندو ۽ جڏهن بند توڙي ٻاهر نڪتو ته پوءِ جيڪڏهن اسان جي ڀوتارن هن کي ڪٿي روڪيو يا ڪٿي غلط دڳ لڳايو ته ان ۾ ڀلا هن جو ڪهڙو ڏوهه؟ ڏسڻو اهو آهي ته درياءُ ناراض ڇو ٿيو؟ انهي باري ۾ ڪافي ڪجهه لکيو ويو آهي. خاص سبب آهن درياءَ جي پيٽ ۾ زميندارن پاران ٻڌل بند، ٻيلن جو ختم ٿيڻ، بندن جي مرمت ۽ مضبوطي تي توجهه نه ڏيڻ ۽ بندن جي صحيح سار سنڀال نه ڪرڻ، هن ٻوڏ دوران ٽنهي بئراجن وٽان مقرر ڪيل ڊيزائين ڊسچارج کان وڌيڪ پاڻي لنگهي ويو، ان مان اهو ثابت ٿيو ته بئراجن کي ڪو به خطرو نه هو ۽ شايد اهو ئي سبب آهي جو بقول محترم ادريس راجپوت جي ته هنن ڪور ڪمانڊر ۽ جنرل آفيسر ڪمانڊنگ جي او سي پنوعاقل کي قائل ڪيو ته سکر بئراج کي ڪو به خطرو نه آهي. ان ڪري علي واهڻ بند کي ڪٽ نه هنيو وڃي.
بالڪل صحيح صلاح ڏني ته درياءَ جي بندن جي ٽٽڻ جو ڪو به خطرونه هو، پوءِ درياءَ جو بند ٽوڙي ۽ سرجاڻي وٽان ڇو ٽٽي پيو؟ اهي گهارا هٿرادو هئا يا بند پاڻي جو دباءُ جهلي نه سگهيا؟ انهيءَ تي بحث هلي پيو، پر حالتون ٻڌائين ٿيون ته في الحال انهيءَ حقيقت تان پردو نه لهندو. پر هر شعور رکڻ وارو آبپاشي کاتي جي اعليٰ عملدارن جي بي حسي، نااهلي، بي پرواهي ۽ لاپرواهي کي ڏوهاري قرار ڏيئي ٿو.
بند مينوئل جو چوٿون ايڊيشن سال 2008ع ۾ ڇپيو انهيءَ ڪتاب جي Appendices جي صفحي نمبر 39-36 ۾ درياءَ ۽ جبل کان ايندڙ پاڻي کي روڪڻ لاءِ ايف پي بند، منڇر بند ۽ ٻين بندن جي انهن هنڌن جي نشاندهي ڪيل آهي جن کي ٻوڏ جي پاڻي جي دباءَءُ ڪري ٽٽڻ جو خطرو آهي. جنهن ۾ ٽوڙي ۽ سورجاڻي به آهي. اهو ته پنهنجي جڳهه تي پر ٽوڙي ۽ سرجاڻي بند ته هن کان اڳ به ٽٽا آهن. ٽوڙي، جنهن ۾ هن کان اڳ گهارو 1995ع جي ٻوڏ ۾ پيو ۽ سورجاڻي بند 1988ع جي ٻوڏ ۾ ٽٽي پيو هو.
ساڳئي بند مينوئل جي باب 9 ۾ بندن جي آبڪلاڻي کان گهڻو اڳ سياري ۾ بندن جي مرمت ۽ مضبو جو ڪم شروع ڪرڻُ آهي ۽ باب 10 ۾ آبڪلاڻي دوران بندن جي سار سنڀال، مرمت ۽ ان لاءِ ضروري سامان مشينري، ليبر فورس ۽ طريقن جو ذڪر ٿيل آهي. باب 11 ۾ درياءَ ۾ ٻوڏ جي پاڻي ڪري ٿيندڙ گهارن جي خطرن جا سبب ۽ انهن کي ڪيئن روڪجي جو ذڪر آهي. اهو سڀ ڪجهه لکڻ جو مقصد هي آهي ته آبپاشي کاتي جي هر انجنيئر کي چڱي طرح ڄاڻ آهي يا هئڻ گهرجي ته ڪهڙا بند آهن. جتي پاڻي جو دٻاءُ پوندو ۽ انهن جي ٽٽڻ جو انديشو آهي ۽ درياءَ جي بندن جي ڪيئن سار سنڀال ڪرڻ گهرجي.
ٽوڙي بند کي جڏهن 1995ع ٻوڏ ۾ گهارو پيو پر گهاري جي پاڻي کي بيگاري ڪئنال ، جنهن کي Bs Feeder به چوندا آهن روڪيو ويو اها به هڪ دلچسپ ڪهاڻي آهي. جنهن جو ذڪر جنرل لهراسب جيڪو ان وقت ڪراچي جو ڪور ڪمانڊر هو ڪندي چيو ته ”جنهن وقت ٽوڙي ۾ گهارو پيو، ان وقت وزيراعظم بينظير ڀٽو صاحبه جاپان جي دوري تي هئي ۽ جيئن ئي هن کي خبر پئي ته هن حڪم ڏنو ته ٻوڏ جي پاڻي کي روڪڻ لاءِ بند فوج جي حوالي ڪيو وڃي. فوج ٽوڙي گهاري کي روڪڻ لاءِ بيگاري ڪئنال جي کاٻي ڪپ کي مضبوط ڪرڻ شروع ڪيو ۽ 2 لک مٽي جي ٻورين سان بند کي مضبوط ڪيو ويو ۽ ائين سنڌ سونامي کان بچي ويئي. اهو ياد رکڻ گهرجي ته ان سال به سپر فلڊ هو. گڊو وٽ پاڻي ڏهه لک ڪيوسڪ کان مٿي رڪارڊ ڪيو ويو هو. پر هن دفعي ائين نه ٿيو. حالانڪه پاڻي جو وهڪرو 12 لک کان مٿي ٻڌايو پئي ويو.
پاڻي جو سفر صوبي خيبر پختونخواهه کان سنڌ تائين 15 ڏينهن جو هو ۽ ٻي صورتحال، جنهن جي به آبپاشي عملدارن کي چڱي طرح ڄاڻ هئي. ياد رکڻ کپي ها ته خيرپور- لاڙڪاڻو پل جي ٺاهڻ کان پوءِ پاڻي کي سکر بئراج کان هيٺ گذرڻ کان پوءِ ان کي رنڊڪ ٿيندي آهي. ساڳئي طرح ڪچي اندر زميندارن جا ٻڌل بند به پاڻي کي روڪين پيا، لازمي آهي ته جڏهن پاڻي کي رنڊڪ ايندي ته اهو مٿي ڀراءُ ڪندو. اها ڄاڻ هوندي به آبپاسي جا عملدار ڇو خاموش رهيا جيڪڏهن ڪنهن بند کي ڪٽ ڏيڻ جي ضرورت نه هئي ته پوءِ ٽوڙي بند کي شروعات ۾ فوج جي حوالي ڇو نه ڪيو ويو؟ ٽوڙي گهاري جو پاڻي اڃان تائين تباهي مچائي رهيو آهي ۽ هاڻي منڇر به ٽٽي آهي. الله ڪري خير ٿي وڃي. انهيءَ دوران ڪشمور کان خيرپور ناٿن شاهه تائين جيڪا تباهي ٿي. ان تي ڪافي ڪجهه لکيو ويو آهي.
ٽوڙي بند ۾ گهارو 7 آگسٽ تي پيو. ان کان پوءِ 20 ڏينهن جو سفر ڪندي ٻوڏ جو پاڻي وڃي سورجاني بند تي چڙهائي ڪئي ۽ بند کي ٽوڙي گجگوڙ ڪندو سجاول، جاتي کان ٿيندو وڃي سمنڊ ۾ لٿو آهي. مان يقين سان چوان ٿو ته جيڪڏهن هي بند به فوج جي حوالي ڪجي ها ته ڪڏهن به نه ٽٽي ها. پر هتي سوال اٿي ٿو ته آبپاشي کاتي وارن سورجاڻي بند جي مضبوطي لاءِ اپاءَ ڇو نه ورتا؟ ڇا هڪ ميهنو ڪافي نه هو سورجاڻي بند کي مضبوط ڪرڻ لاءِ انهي بندن جي ٽٽڻ جا ڪارڻ ڪهڙا به هجن. پر آبپاشي کاتي جي نااهلي ۽ لاپرواهي جي ڪري اهڙي تباهي ا آئي آهي. جنهن جو حساب ڪتاب ضرور ٿيندو. اڄ نه ته سڀاڻي ضرور . انڊونيشيا ۾ زير زمين زلزلو صرف 8 کان 10 منٽ آيو ۽ ان جي ڪري جيڪا تباهي آئي آهي. ان کي دنيا سونامي جو نالو ڏنو، پر ٻوڏ جيڪا سنڌ اندر ڏيڍ مهيني کان هلي پئي. ۽ جنهن اقتصادي سماجي ۽ نفسياتي تباهي ا آندي آهي. ان کي جيڪڏهن سپر سونامي جو نالو ڏجي ته غلط نه ٿيندو.
منهنجي اندازي موجب سنڌ جي آبپاشي کاتي کي صدي جي هلندڙ ڏهائي ۾ هڪ کرب (100 ارب) نه ته به ان جي لڳ ڀڳ صوبائي ۽ مرڪزي حڪومت، ورلڊ بينڪ توڙي فيڊرل فلڊ ڪميشن وٽان ملي چڪا آهن. جن مان ان کاتي کي شاخن ۽ بندن جي مرمت ، مضبوطي، اونچائي وڌائڻ، اسٽون پچنگ، ريگويليٽرن جي مرمت، تبديلي ۽ سکر بئراج جي اسپيشل مرمت ڪرائڻي هئي. پر انهيءَ باوجود اهو چيو وڃي ٿو ته بند ڪمزور آهن. ڪو آهي جيڪو آبپاشي جي عملدارن کان پڇي ته ايتري رقم خرچ ڪرڻ باوجود به شاخون برسات دوران بند ڇو ٿيون ٿي وڃن يا ڇو ٿا گهارا پون؟ آر بي او ڊي جي تڪميل نه ٿي آهي ته برساتن ۾ انهيءَ سم نالي کي ڪوٽڙي ۽ جهرڪ وچ ۾ گهارا ڇو پيا؟ ٽوڙي ۽ سورجاڻي بند ڇو ٽٽا، منڇر جا بند ڇو ٽٽي رهيا آهن؟
ڇا انهن ڪنسلٽنگ فرمن کان ڪو پڇندو (جيڪي گهڻو ڪري آبپاشي کاتي جي رٽائرڊ ڪامورن جون پنهنجون فرمز آهن يا اهي اهڙين فرمز ۾ ڪم ڪن ٿا) ته انهن ٺيڪيدارن جا بل ڪيئن پاس ڪيا. جن جا ڪم صحيح نه هئا. ڪير آهي. جيڪو اختياري وارن کان پڇي ته سوين اهڙيون انڪوائريون ۽ جاچون. جن ۾ ڪروڙن جا گهپلا ٿيا آهن. اهي ڪيئن ختم ٿيون يا سرد خاني ۾ ڇو هليون ويون؟ ڪيترن ٺيڪيدارن ۽ ڪنسلٽنٽ فرمز کي بليڪ لسٽ ڪيو ويو يا بليڪ لسٽ ٿيل فرمن کي ڪنسلٽنٽ ڪيئن مقرر ڪيو ويو آهي؟ ڪو انهن کان پڇي ته اسسٽنٽ انجنيئرن کي ايگزيڪيوٽو انجنيئر جي چارج تي مهينن جا مهينا ڇو رکيو ويو؟ اهو سڀ ڪجهه لکڻ جو مقصد کاتي کي بدنام ڪرڻو نه آهي. ۽ ائين به نه آهي ته کاتي ۾ صفا ڀينگ لڳي پئي آهي. سٺا انجنيئر به آهن. جيڪي گهٽ ۾ گهٽ ايمرجنسين دوران ڪم ڪن ٿا. بندن کي مضبوط ڪن ٿا. جهن جو مثال ادريس راجپوت ڏنو آهي ته ڪيئن محمد خان نظاماڻي ڊائريڪٽر ليفٽ بئنڪ ڪئنال ۽ هن درياءَ جي بند کي مضبوط ڪري حيدرآباد شهر کي ٻوڏ کان بچايو.
جيڪو ٿيو. اهو ٿيڻو هو، ان جو سبب هي آهي ته 1985ع کان وٺي سنڌ آبپاشي کاتي تي ٺيڪيدارن، ڪنسلٽنٽس ۽ انجنيئرن جي مافيا قابض آهن. ڀلا مافيا کان ٻئي ڪهڙي اميد رکي سگهجي ٿي. پر فڪر ڪرڻو آهي ته ائين نه ٿئي جو ”ٻڏي جا ٻيڻا“ ٻوڏ جي ستايلن بجاءِ انهي مافيا لاءِ ٿين ۽ جنهن انداز ۾ کاتي جي آفيسرن جي نااهلي تي پردو رکيو پيو وڃي. ائين لڳي ٿو ته وري به مزا مافيا جا ٿيندا ائين نه ٿيڻ گهرجي. بلڪه ڪرڻ نه ڏنو وڃي. انهيءَ لاءِ سنڌ جي هر سڄاڻ، سول سوسائٽي ۽ ميڊيا کي پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻ کپي. ٻي صورت ۾ سنڌ کي هٿرادو سوناميون ڪٿي گم نه ڪري ڇڏين.