تاريخ، فلسفو ۽ سياست

مها ٻوڏ 2010 (جيڪي سنڌ سان ٿيو)

ڪتاب ” مها ٻوڏ 2010 (جيڪي سنڌ سان ٿيو) “ اوهان اڳيان حاضر آهي. هن ڪتاب جو ليکڪ عزيز رانجهاڻي آهي. 07 آگسٽ 2010 تي سنڌوءَ جي ساڄي ڪپ تي ٽوڙيءَ واري هنڌ تان سنڌوءَ جي بچاءُ بند کي گهارو ڇا لڳو، ڄڻ سنڌ ۾ قيامت اچي وئي. شير درياهه سنڌو مستيءَ ۾ اچي سنڌ جي ميدانن شهرن ۽ ڳوٺن ۾ ڪاهجي پيو ۽ ٻوڙان ٻوڙ ڪري ڇڏي ۽ ڏسندي ئي ڏسندي بلوچستان جي حدن کان وٺي سنڌي سمونڊ تائين هڪ ٻيو سمونڊ ڪري ڇڏيو. جتي 10 کان وٺي 16 فوٽن تائين ڪيترائي ڏينهن اڌ سنڌ پاڻيءَ هيٺ رهي ۽ اڌ سنڌ جي آبادي سر ۽ مال متاع بچائڻ لاءِ سرگردان رهي ۽ پنهنجي ئي ڌرتيءَ تي صدين کان آباد هي ڌرتي ڌڻي بي گهر ٿي ڪسمپرسيءَ جي حالت ۾ ڪئمپن جي حوالي ٿيا. سنڌوءَ جو پاڻي سندن پويان ائين پئجي ويو جيئن ڪو حمله آور لشڪر اوچتو ڪنهن علائقي ۾ ڪاهجي پوي ۽ ماڻهن ۾ ڀاڄ پئجي وڃي ۽ هو ساهه بچائڻ لاءِ برمنهن ڪندا هجن. ڪٿي جيڪب آباد، ڪشمور، ٺل، شهدادڪوٽ، ڳڙهي خيرو ۽ ڪٿي ڪراچي، سانگهڙ، ٽنڊو باگو، نئون ڪوٽ ۽ حيدرآباد، ساهه بچائڻ لاءِ هي ڌرتي ڌڻي، سنڌ جي هڪ ڪنڊ کي ڇڏي ٻئي ڪنڊ تي وڃي ڪئمپن ۾ پهتا ۽ دربدر ٿي مصيبتن ۽ عذاب ۾ اچي ويا.
Title Cover of book مها ٻوڏ 2010 (جيڪي سنڌ سان ٿيو)

صديءَ جي وڏي ٻوڏ ۽ سنڌ.....دلشاد ڀٽو سينيئر

سنڌ تاريخ جي بدترين ٻوڏ مان گذري رهي آهي. هن وقت تائين 1942ع ۾ ايندڙ ٻوڏ کي سڀ کان وڏي ٻوڏ ليکيو ويندو هو پر هيءَ ٻوڏ 1942ع واري ٻوڏ کان به وڌيڪ شديد آهي. گذريل اڌ صدي ۾ سنڌ اندر جيڪي به ٻوڏيون آيون آهن، انهن جا وهڪرا چند ڏينهن اندر بيراجن وٽان گذري ويندا هئا، پر 3 آگسٽ کان وٺي سنڌ ۾ ايندڙ هن ٻوڏ جو وهڪرو اڃا تائين جاري آهي. ٻوڏ جي وهڪري ۾ لاٿ اچڻ بجاءِ مسلسل واڌ اچي رهي آهي. جڏهن گڊو بيراج وٽ پاڻيءَ جو وهڪرو ساڍا 8 لک ڪيوسڪ هيو، ان وقت پنجاب ۾ ٺهيل تونسا بيراج وٽ پاڻيءَ جو وهڪرو 7 لک ڪيوسڪ هيو. اميد اها هئي ته ساڍا 8 لک ڪيوسڪ پاڻي گذرڻ کان پوءِ پاڻي جي وهڪري ۾ لاٿ اچڻ شروع ٿي ويندي پر وهڪري ۾ لاٿ اچڻ بجاءِ 12 ڪلاڪن جي اندر گڊوءَ وٽ وهڪرو ساڍا 10 لک ڪيوسڪ ٿي ويو هي سٽون لکجڻ تائين گڊو وٽ وهڪرو ساڍا 11 لک ڪيوسڪ کان وڌي چڪو آهي. جيڪو وهڪرو 12 لک ڪيوسڪ يا ان کان به وڌيڪ ٿي سگهي ٿو، ڇو ته پنجاب جي سرحدن تي چاچڙان ريگيوليٽر وٽ پاڻيءَ جو آخري وهڪرو 12 لک ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو هيو، جنهن کان پوءِ وهڪرن جو وڌيڪ تفصيل اچڻ بند ٿي ويو آهي. وهڪرن ۾ ايندڙ واڌ جو بنيادي سبب پنجاب جي سرحدن ۾ راجن پور جي پهاڙن مان ايندڙ پاڻي ۽ پنجاب جي ندين مان ايندڙ پاڻي آهي. راجن پور جي پهاڙن کان لهندڙ پاڻي ۽ پنجاب جي ندين جو پاڻي ملي سنڌو درياهه ۾ چاڙهه پئدا ڪري رهيا آهن. راجن پور وٽان ايندڙ پاڻيءَ جو ڪو به باضابطا رڪارڊ ڪونهي. ان پاڻيءَ جو اندازو 2 کان اڍائي لک ڪيوسڪ آهي. جيڪڏهن ان پاڻيءَ يا پنجاب جي ندين مان ايندڙ پاڻيءَ ۾ اضافو ٿو ٿئي ته سنڌ اندر ٻوڏ جو ايندڙ وهڪرو 13 لک ڪيوسڪ يا 13 لکن کان وڌيڪ به ٿي سگهي ٿو، ايڏي وڏي وهڪري کي نه سنڌ جا بند برداشت ڪرڻ جي صلاحيت رکن ٿا. نه سنڌ جا بيراج برداشت ڪري سگهن ٿا. گڊو بيراج شايد ان وهڪري کي برداشت ڪري وڃي پر سکر بيراج ايڏي وڏي وهڪري کي برداشت ڪري نه سگهندو. جيڪڏهن ڪوٽڙي بيراج وٽ وهڪرو 8 لک يا 8 لک ڪيوسڪ کان وڌي ويو ته ڪوٽڙي بيراج کي به خطرو ٿي سگهي ٿو. ان وهڪري جي دٻاءَ جيڪڏهن درياهه جا بند ٽوڙي وڌا ته پوري سنڌ ٻڏندي ۽ ان سان گڏ سنڌ جا شهر به ٻڏندا. ان ڳالهه جو به ڪو اندازو ڪونهي ته سنڌو درياهه ۾ اهي وهڪرا ڪيترو وقت هلندا. ڇو ته سنڌو درياهه ۾ اهي وهڪرا پهاڙن تي ٿيندڙ مون سون جي بارشن سبب آهن. مون سون جي بارشن جي موسم جون کان سيپٽمبر تائين هوندي آهي. ان حساب سان آگسٽ جو پورو مهينو بارشون هلي سگهن ٿيون. بارشن جو سلسلو اڃا جاري آهي. انڪري سنڌو درياهه ۾ چاڙهه به جاري آهي. ڪشمير کان وٺي هماچل پرديش تائين پوري پهاڙي سلسلي ۾ بارشون جاري آهن.
انهن سمورين بارشن جو پاڻي مختلف ندين وسيلي، سنڌو درياهه ۾ داخل ٿي رهيو آهي. ندين کان علاوه برسات نالا به سمورن پهاڙن جو پاڻي کڻي سنڌو درياهه ۾ شامل ڪري رهيا آهن. راجن پور وٽ برساتي پاڻي نالن جي شڪل ۾ سنڌو درياهه اندر ڪري رهيو آهي ۽ صوبي سرحد ۾ آيل ٻوڏ ۽ بارشن جو پاڻي ڪالاباغ وٽ برساتي نالن جي شڪل م ڪري رهيو آهي. هماچل پرديش ۾ ٿيندڙ بارشن جو پاڻي پنجاب جي ندين وسيلي ۽ ڪشمير ۾ ٿيندڙ بارش جو پاڻي گلگت- بلتستان جي ندين وسيلي سنڌو درياهه ۾ داخل ٿي رهيو آهي، جيستائين بارشن جو سلسلو ختم نٿو ٿئي. ان وقت تائين سنڌو درياهه جي وهڪري ۾ لاٿ جو امڪان ڪونهي. اهو وهڪرو 5 ڏينهن به جاري رهي سگهي ٿو ۽ 15 ڏينهن به جاري رهي سگهي ٿو. ڪوٽڙي بيراج وٽ پهچڻ کان پوءِ سمنڊ ۾ ڪرڻ تائين ٻوڏ جي ان پاڻيءَ کي گهٽ م گهٽ هڪ مهينو لڳي سگهي ٿو. ان حساب سان سنڌ اندر ٻوڏ مهيني تائين جاري رهي سگهي ٿي. هن صديءَ جي بدترين ٻوڏ سنڌ ۾ ڪيتري تباهي آڻيندي ڪا خبر ناهي. سنڌو درياه جا بند انتهائي ڪمزور حالت ۾ آهن. ڇا اهي بند ايڏي وڏي عرصي تائين سنڌو درياهه ۾ ايندڙ ٻوڏ جي وهڪري کي برداشت ڪري سگهندا يا ڦاٽي پوندا؟ سنڌ جي آبپاشي وزير پريس ڪانفرنس ڪندي اهو اعتراف ڪيو آهي ته گذريل 15 سالن کان سنڌو درياهه جي بندن جي ڪا به مرمت نه ٿي آهي. سنڌ حڪومت 15 سالن کان مرمت نه ٿيڻ جي ڳالهه ڪري ٿي. جڏهن ته حقيقت اها آهي ته گذريل 35 سالن کان سنڌو درياهه جي بندن جي ڪا به مرمت نه ٿي آهي. درياهه جي بندن جي مرمت ان وقت ٿي هئي. جڏهن 1973ع ۾ سنڌ اندر وڏي ٻوڏ آئي. ان وقت ذوالفقار علي ڀٽو جي حڪومت هئي. ذوالفقار علي ڀٽو سنڌ اندر بندن جي مرمت جي نگراني ڪشمور کان وٺي ٺٽي تائين هيليڪاپٽر وسيلي پاڻ ڪئي هئي. هن وقت بندن جي نگرانيءَ جو ڪم يا ته چند وزير ڪري رهيا آهن يا اسيمبلي ميمبر ڪري رهيا آهن.
گذريل 15 سالن کان سنڌو درياهه ۾ ڪا ٻوڏ نه اچڻ ڪري تر جي وڏيرن ۽ سردارن سنڌو درياهه مان لفٽر ذريعي پاڻي کڻڻ جي ڪوشش ڪئي. جڏهن لفٽ جي پاڻيءَ مان پورت نه ٿي ته مختلف جاين تان درياهه جا بند ٽوڙي پاڻي کنيو ويو، انهن 14 سالن تائين سنڌو درياهه کي لٽ جو مال سمجهيو ويو ۽ جڏهن ٻوڏ آئي ته حڪمرانن بدحواسيءَ ۾ بندن جي چڪاس ڪئي. خبر پئي ته پاڻي چورائڻ لاءِ ڪئنالن ۽ شاخن جي بندن کي هنڌان هنڌان ٽوڙيو ويو آهي. 15 سالن کان سنڌ جا وڏيرا، مير ۽ سردار درياهه جا بند ٽوڙي پاڻي کڻندا رهيا. پر نه ڪنهن حڪومت ان جو نوٽيس ورتو ۽ نه ئي آبپاشي کاتي جي عملدارن ان عمل خلاف ڪارروائي ڪئي. ان کي چوندا آهن .ننڌڻڪا گهوڙا غيباڻا سوار“ صرف اهو چئي ڇڏڻ سان ته درياهه جا بند هنڌان هنڌان ٽٽل آهن. سنڌ حڪومت جي ذميواري ختم نٿي ٿئي. پر حڪومت جي ذميواري ته اتان کان ئي شروع ٿئي ٿي.
ٻوڏ جو خطرو گذريل ٻن مهينن کان موجود هيو، قدرتي آفتن کي منهن ڏيندڙ اداري طرفان اهو اطلاع ڏنو ويو هو ته هنزه جي علائقن ۾ ٺهندڙ ڊيم جي ٽٽڻ جو خطرو موجود آهي، جيڪڏهن ڊيم ٽٽي ته خطرناڪ ٻوڏ ايندي. گذريل ٻن مهينن کان ٻوڏ جو خطرو موجود هجڻ باوجود سنڌ حڪومت بندن جي مرمت ۾ مجرمانه غفلت ڇو ڪئي؟ اها ڳالهه به ذهن نشين ڪري ڇڏجي ته اڃا ته هنزه نه ٽٽي آهي. هي صرف انهن بارشن جو پاڻي آهي، جيڪو پهاڙن کان هيٺ لهي رهيو آهي. جيڪڏهن بارشن هنزه کي ڦاڙي وڌو ته پوءِ اڃا وڏي تباهي اچي سگهي ٿي. ڇا سنڌ حڪومت ۽ سنڌ جي آبپاسي ماهرن کي اها ڄاڻ نه هئي ته هندستاني ڪشمير جي لداخ واديءَ ۾ جون کان پوندڙ برساتن ۽ ٻوڏن جا وهڪرا سنڌو درياهه تي ڪهڙا اثر ڇڏيندا؟ گذري ڏيڍ مهيني کان لداخ واديءَ ۾ برسات ۽ ٻوڏ هلي رهي آهي. ڇا سنڌ جي آبپاشي ماهرن کي اها ڄاڻ نه آهي ته لداخ وادي ۽ سنڌو درياهه جو پاڻ ۾ ڪهڙو تعلق آهي؟ ڇا انهن کي خبر نه آهي ته سنڌو درياهه لداخ مان گذري ٿو ۽ لداخ ۾ ايندڙ ٻوڏ جو پاڻي سنڌو درياهه ۾ لهندو؟ جڏهن لداخ مان لهندڙ پاڻي گلگت نديءَ کي ڦاڙي وڌو، ان وقت به سنڌ جي آبپاسي عملدارن کي اها ڄاڻ نه پئي ته سنڌ ڏانهن ڪهڙي تباهي اچي رهي آهي. لداخ ته هندستان ۾ آهي، پر گلگت ته پاڪستان ۾ آهي، ڇا آبپاشي کاتي کي پاڪستان جي ندين جي به ڄاڻ ناهي ته گلگت ۽ هنزه سنڌو درياهه ۾ ڇوڙ ڪنديون آهن؟ جيڪڏهن سنڌ جي آبپاسي کاتي کي سنڌو درياهه جي جاگرافيءَ جي ڄاڻ ناهي ته پوءِ سنڌ کي ااهڙي کاتي رکڻ جي ڪهڙي ضرورت؟ ٻوڏ جو پاڻي گذريل هڪ ڏيڍ مهيني کان پهاڙي علائقن ۾ تباهي مچائيندو رهيو، پر سنڌ حڪومت ۽ سنڌ جا آبپاشي عملدار ستل رهيا. انهن کي جاڳ ان وقت ٿي جڏهن پاڻي ڪالاباغ وٽ پهچي ويو. جڏهن تربيلا جا منهن کلي ويا. جڏهن ساڍا 10 لک پاڻي سنڌ ڏانهن وڌڻ لڳو اهو به ان وقت جڏهن موسميات کاتي اطلاع ڏنو ته ٻوڏ جو پاڻي سنڌ ڏانهن وڌي رهيو آهي حفاظتي اپاءَ ورتا وڃن. جيڪڏهن موسميات کاتو اطلاع نه ڏي ها ته سنڌ حڪومت اڃا تحرڪ ۾ نه اچي ها. درياهه جي بندن جي مرمت ان وقت شروع ڪئي وئي. جڏهن پاڻي سر تي پهچي ويو. هاڻي سنڌ جو آبپاشي وزير پريس ڪانفنرس ڪري چوي ٿو ته اسان بي وس آهيون. اسان ڪجهه ڪري نٿا سگهون .جيڪو کاتو انگريزن جي ڏنل بهترين آبپاشي نظام کي سنڀالي نه سگهيو. اهو ڪڏهن به اهل ٿي نٿو سگهي. آبپاشي کاتي جي نااهليءَ جو ٻيو ڪهڙو ثبوت ٿي سگهي ٿو، جو ان طرفان ٻوڏ جي وهڪرن جا ڏنل انگ اکر غلط ثابت ٿي چڪا آهن. جيڪي ماهر ٻوڏ جو صحيح اندازو لڳائي نٿا سگهن. اهي سنڌ کي ٻوڏ کان ڪهڙو بچائي سگهندا؟ جڏهن اليڪٽرانڪ انجنيئر کي آبپاشي جو چيف انجنيئر بڻايو ويندو ته ائين ئي ٿيندو، جيڪو ٿي رهيو آهي. تارن مان اليڪٽرڪ ڪرنٽ ٽپائڻ واري کي ڪهڙي خبر ته بيراج مان پاڻي ڪيئن گذاربو آهي. اسان نوان بند تعمير ڪري نٿا سگهون، پر جيڪڏهن اڳ موجود بندن جو تحفظ به نٿا ڪري سگهون ته پوءِ باقي ڇا ٿا ڪري سگهون؟ اسان جي بيراجن جا دروازا مٽيءَ ۾ پورجي ويا آهن. انهن کي صاف ڪرڻ لاءِ اسان وٽ نه وسيلا آهن نه جديد مشينون آهن. 1932ع ۾ ٺهندڙ سکر بيراج کي لڳ ڀڳ 70 سال پورا ٿيڻ وارا آهن. پنهنجي فطري عمر پوري ڪرڻ کان پوءِ سکر بيراج آخري پساهه کڻي رهي آهي. بيراج جي اسٽرڪچر ۾ ڏار پئجي ويا آهن. ديوارن جا پلستر اکڙي چڪا آهن، بيراج جا 13 دروازا مٽي ۾ پورجي مڪمل طور تي بند ٿي ويا آهن، سکر بئراج جنهن تي سنڌ جي 50 سيڪڙو معيشت جو دارومدار آهي. ان بئراج کي آثار قديمه ۽ فالتو شيءِ سمهجي نظر اندر ڪيو ويو آهي، جيڪڏهن اهو بيراج ٽٽي پيو ته سنڌ قحط جو شڪار ٿي ويندي. سکر بيراج مان 11 لک ڪيوسڪ پاڻي جو گذرڻ ڪنهن معجزي کان گهٽ ناهي. اهو وهڪرو سکر بيراج جي اسٽرڪچر کي نقصان پهچائي سگهي ٿو.
پنجاب ۾ بيراجن کي بچائڻ لاءِ هڪ جديد آبپاشي نظام موجود آهي. جڏهن پنجاب جي درياهن ۾ پاڻيءَ جو وهڪرو بيراج جي گنجائش کان وڌي ويندو آهي ته اضافي پاڻيءَ کي هڪ الڳ چينل ذريعي بيراج جي پاسي کان گذاري ٻيهر درياهه ۾ داخل ڪيو ويندو آهي. جيئن اضافي پاڻيءَ جي دٻاءَ سبب بيراج جي اسٽرڪچر کي نقصان نه پهچي، پر سنڌ ۾ بيراجن کي بچائڻ لاءِ اهڙو ڪو به انتظام ڪونهي. انگريزن جڏهن سکر بيراج ٺاهيو هو ته ان وقت سکر بيراج مان 15 لک ڪيوسڪ پاڻي گذرڻ جي گنجائش موجود هئي. سنڌ ۾ ايندڙ 1976ع واري وڏي ٻوڏ ۾ سکر بيراج وٽان 12 لک ڪيوسڪ پاڻي آساني سان گذري ويو هو، پر اڄ جڏهن سکر بيراج جي گنجائش 15 لک ڪيوسڪ مان گهٽجي صرف 9 لک ڪيوسڪ رهجي وئي آهي ته اها به پنجاب جي مهرباني آهي. ڇو ته سکر بيراج ۾ وهڪرن جي گنجائش ان وقت گهٽجي وي. جڏهن تربيلا ڊيم جي تعمير ٿي. پنجاب جي آبپاشي ماهرن جو چوڻ هو ته ٻوڏ جو پاڻي سمنڊ ۾ ڪري اجايو زيان ٿي رهيو آهي. ان ڪري ان پاڻي کي ڊيم ٺاهي روڪڻ سان زمينون آباد ڪري سگهجن ٿيون. تربيلا ڊيم جي پاڻي مان زمينون ته پنجاب جون آباد ٿيون، پر سزا سنڌ کي ملي. ٻوڏن جو پاڻي جڏهن درياهن مان گذرندو آهي ته اهو پاڻي بيراجن جي درن ۾ ڦاٿل مٽي کي ڌوئي پاڻ سان گڏ کڻي ويندو آهي. تربيلا ڊيم ٺهڻ کان پوءِ آهستي آهستي مٽي سنڌ جي بيراجن جي دروازن ۾ ڦاسندي وئي ۽ تربيلا ڊيم ٺهڻ کان پوءِ سکر بيراج جا 13 دروازا مٽيءَ ۾ پورجي بند ٿي ويا. جنهن ڪري سکر بيراج جي گنجائش گهٽجي وئي. درياهن ۾ پاڻيءَ جا تيز وهڪرا جڏهن ايندا آهن ته پاڻ سان مٽي به کڻي ايندا آهن. اهي وهڪرا ان مٽيءَ کي لوڙهي وڃي سمنڊ ۾ اڇليندا آهن. تربيلا ٺهڻ کان پوءِ جڏهن ان ۾ پاڻي روڪيو ويو ته درياهه جا اهي وهڪرا گهٽجي ويا . انهن وهڪرن ۾ اها سگهه نه رهي ته مٽيءَ کي ڌڪي سگهن. ان ڪري ڪمزور وهڪرن پاڻ اسان آندل مٽي درياهه جي پيٽ ۾ ڇڏڻ شروع ڪئي. بيراجن وٽ درياهه جي پيٽ ۾ مڙندڙ ان مٽيءَ درياهه جو پيٽ ايترو مٿي ڪري ڇڏيو، جو اتان پاڻي گذرڻ جي گنجائش گهٽجي وئي. 1976ع ۾ سکر بيراج وٽ پاڻي گذرڻ جي گنجائش جيڪڏهن 12 لک ڪيوسڪ تصور ڪجي ته تربيلا ٺهڻ کان پوءِ 3 لک ڪيوسڪ جيتري مٽي درياهه جي پيٽ ۾ جمع ٿيڻ سان هن وقت سکر بيراج جي گنجائش صرف 9 لک ڪيوسڪ رهجي وئي آهي. پاڻيءَ جي وهڪرن جڏهن درياهه جي پيٽ ۾ مٽي اڇلڻ شروع ڪئي ته ان مٽيءَ جي نتيجي ۾ درياهه اندر مختلف جاين تي پيٽ ۾ ٺهندڙ ٻيٽ تربيلا ڊيم جو تحفو آهن. درياهه جي پيٽ ۾ ٻيٽ ٺهڻ سان پاڻي گذرڻ جي گنجائش گهٽجي ويندي آهي ۽ گهٽ پاڻي به وڌيڪ چاڙهه ڏيکاريندو آهي. هڪ طرف درياهه جي اندر ٻيٽ ٺهي رهيا آهن ته ٻئي طرف پلاٽ مافيا ناجائز قبضا ڪري درياهه اندر غيرقانوني تعميرات ڪري رهي آهي. جنهن سبب ٻوڏ جي وقت جڏهن درياهه مان پاڻي گذري ٿو ته ٻوڏ جو پاڻي هڪ طرف بچاءَ بندن تي دٻاءُ وڌائي ٿو ته ٻئي طرف پاڻي گذرڻ وقت بيراجن مٿان دٻاءُ پوي ٿو. سنڌو درياهه جي ڪنارن تي سکر ۽ حيدرآباد سميت ڪيترائي شهر آباد آهن، انهن ٻيٽن ۽ ناجائز تعميرات مان ٻوڏ جي وقت سنڌ جي شهرن کي خطرو ٿي سگهي ٿو، سنڌ کي ٻوڏن کان بچائڻ جو ڪو به انتظام ڪونهي، تربيلا ڊيم، جيڪا ان دعويٰ سان ٺاهي وئي هئي ته سنڌ کي ٻوڏ جي پاڻي کان بچائيندي. پر اها ڊيم خود سنڌ کي ٻوڙڻ جو سبب بڻجي چڪي آهي. هن وقت سنڌ طرف جيڪا ٻوڏ اچي رهي آهي. جيڪڏهن تربيلا ڊيم کي خالي رکيو وڃي ها ته شايد سنڌ ۾ ايڏي شديد ٻوڏ نه اچي ها، پر تربيلا ڊيم کي خالي رکڻ بجاءِ ان کي ڀريو ويو، تربيلا ڊيم کي ان وقت ڀريو ويو، جڏهن سنڌ ۾ پاڻي جي شديد کوٽ هئي. جيتوڻيڪ پاڻي جي کوٽ سبب سنڌ جون زمينون سڪي رهيون هيون ۽ ٻج سڙي رهيا هئا، ٺٽي ۽ بدين جي علائقن ۾ پيئڻ جو پاڻي ڪو نه هيو، پر ان جي باوجود به پنجاب جي آبپاسي ماهرن پاڻي سنڌ ڏانهن موڪلڻ بجاءِ پاڻي کي روڪي تربيلا ڊيم کي ڀريو، جيتوڻيڪ قدرتي آفتن سان منهن ڏيندڙ اداري طرفان اهو چيل هو ته هنزه ڦاٽڻ جي خطري سبب مئي ۽ جون جي مهيني ۾ تربيلا ڊيم ۾ پاڻي جو مقدار گهٽ کان گهٽ رکيو وڃي، پر پوءِ به پنجاب جي آبپاشي ماهرن سمورين سفارشن کي نظر انداز ڪندي تربيلا ڊيم کي چوٽي تائين ڀري ڇڏيو، جنهن جو نتيجو اهو نڪتو ته جڏهن ٻوڏ جو پاڻي آيو ته ان پاڻي کي روڪڻ لاءِ تربيلا ۾ ڪا به گنجائش نه هئي. ٻوڏ جي پاڻي مان صرف 27 هزار ڪيوسڪ پاڻي روڪي باقي سمورو پاڻي سنڌ ڏانهن ڇڏيو ويو. تربيلا کان پوءِ ڪالاباغ جي پهاڙن وٽ صوبي سرحد مان لهندڙ ٻوڏ جو پاڻي شامل ٿيڻ کان پوءِ سنڌو درياهه ۾ پاڻي جي ليول خطرناڪ حد تائين وڌي وئي. تربيلا ۽ ڪالاباغ مارن خارج ٿيندڙ ساڍا 10 لک ڪيوسڪ پاڻي جڏهن پنجند وٽ پهتو ته باقي ڪسر پنجاب جي درياهه پوري ڪئي. باوجود ان جي ته موسميات کاتي اها وارننگ جاري ڪئي هئي ته بارشن پوڻ سبب درياهه ۾ پاڻي جي ليول وڌندي، ان ڪري منگلا ڊيم کي نه ڀريو وڃي، پر پنجاب ان وارننگ کي به نظر انداز ڪري تربيلا سان گڏ منگلا ڊيم کي به ڀري ڇڏيو، جڏهن ٻوڏ آئي ته تربيلا ۽ منگلا ٻنهي ڊيمن مان پاڻي سنڌو درياهه ۾ ڇڏيو ويو. هن وقت پنجاب جي ندين جو سيلابي پاڻي ۽ منگلا ڊيم جو پاڻي جڏهن پنجند وٽ سنڌو درياهه ۾ شامل ٿئي ٿو ته ان سموري پاڻيءَ جو رخ سنڌ طرف آهي.
پنجاب ۾ راجن پور ۽ مٺڻ ڪوٽ وٽ بند ٽٽڻ جي باوجود گڊو بيراج وٽ پاڻيءَ جو وهڪرو ساڍا 11 لک ڪيوسڪ آهي، جيڪڏهن اهي بند نه ٽٽن ها ته گڊوءَ وٽ وهڪرو 13 يا 14 لک ڪيوسڪ هجي ها. گڊوءَ وٽ مسلسل ساڍا 11 لک ڪيوسڪ جو وهڪرو ظاهري ڪري ٿو ته پويان اڃا 13 کان 14 لک پاڻي اچي رهيو آهي. ٽوڙي بند ٽٽڻ کان پوءِ اها اميد هئي ته سکر بيراج تي پاڻيءَ جو دٻاءُ گهٽبو، پر ٽوڙي بند جي ٽٽڻ کان پوءِ به سکر بيراج تي پاڻيءَ جو دٻاءُ برقرار آهي. سکر بيراج وٽ پاڻيءَ جي سطح ۾ واڌ ۽ سيپيج سبب پاڻي سکر شهر ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. ٽوڙي بند ٽٽڻ سان سکر بيراج کي ته ڪو فائدو نه ٿيو، البته پنجاب جي درياهن مان ايندڙ پاڻي کي سنڌو درياهه ۾ اچڻ جو رستو ملي ويو. جيڪڏهن راجن پور، مٺڻ ڪوٽ ۽ ٽوڙي بند نه ٽٽن ها ته سنڌو درياهه ۾ موجود پاڻيءَ جو چاڙهه پنجاب جي درياهن مان ايندڙ پاڻيءَ کي قبول ڪرڻ بجاءِ واپس ڌڪي ڇڏي ها. پاڻي واپس ڌڪڻ سان پنجاب جا درياهه ڦاٽي پون ها ۽ پنجاب جا شهر ٻڏن ها. پهرين پنجاب کي ترقي ڏيارڻ لاءِ سنڌ جا وسيلا استعمال ٿيا. هاڻي پنجاب جي شهرن کي بچائڻ لاءِ سنڌ جا شهر ٻڏي رهيا آهن. ٽوڙي بند سان گڏ پنجاب جا مٺڻ ڪوٽ ۽ ڀونگ وارا بند ٽٽڻ کان پوءِ اتان جو پاڻي به سنڌ طرف اچي رهيو آهي. هن وقت سنڌ جي بيراجن تان دٻاءُ گهٽائڻ لاءِ سنڌ جا سڀ ڪينال فل وهايا ويا آهن. سيلاب بيراجن جي وسيلي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پهچي ويو آهي.
انگريز بي وقوف ڪو نه هئا، جو انهن ڪينالن جي بندن تي وڻ پوکرايا هئا. وڻ بندن کي مضبوط ڪندا آهن. پر انگريز جي وڃڻ کان پوءِ انگريز جي سموري نظام کي سبوتاج ڪيو ويو . ڪينالن جا سڀ وڻ ڪپي هڪ هڪ ڪري وڪيا ويا. ڪينال جا ڪمزور بند پاڻيءَ جي دٻاءَ تي ڦاٽندا ۽ سيلاب سنڌ جي ڳوٺن ۽ شهرن ۾ ڪاهي پوندو. ڪينالن جا وڻ آبپاشي عملي جي اهلڪارن تباهه ڪيا ۽ سنڌ جا ٻيلا ملڪ جي حڪمرانن ڪپي ناس ڪيا. ٻيلا ڪپڻ سان درياهه جا بند طاقت وڃائي ويٺا آهن. سنڌ ۾ ڪو به اهڙو هنڌ محفوظ ناهي. جتي ٻوڏ جو خطرو نه هجي، هن وقت تائين سنڌ ٻين کي پناهه ڏني آهي، حڪومت ٻيو ته ڪجهه ڪري نه سگهي. پر ايترو ته ڪري سگهي ٿي ته ڪراچيءَ جي علائقن ۾ ڪيمپون هڻي سنڌ جي متاثر ماڻهن کي پناهه ڏيڻ جو بندوبست ڪري ۽ عالمي ادارن کان مدد طلب ڪري متاثر ماڻهن جي خوراڪ ۽ رهائش جو بندوبست ڪيو وڃي يا حڪومت اڃا ڪراچيءَ ۾ سنڌين کي پناهه ڏيڻ بجاءِ ٻين صوبن جي ماڻهن کي پناهه ڏيندي؟