سنڌ ۾ قدرتي آفت جي تباهڪاريءَ پٺيان غير قدرتي فيڪٽرز جو ڪردار….نصير ميمڻ
ٻوڏ جي انتظامڪاري Flood management هڪ الڳ سائنس آهي. جنهن ۾ ٻوڏ جي بهتر اڳڪٿي، سيٽلائيٽ نقشن وسيلي انساني آبادين جي نشاندهي ۽ انتهائي صورتحال ۾ هٿرادو کنڊ وجهڻ لاءِ مناسب ماڳن جي چونڊ ڪئي ويندي آهي. جديد سائنس ان سڄي عمل کي سياسي فيصلا سازيءَ بجاءِ هڪ فني مهارت ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي. اڄڪلهه جي دور ۾ اهو سڀ ڪجهه ڪرڻ ڪا راڪيٽ سائنس ناهي. ان قسم جي ٽيڪنالاجي هاڻي سهولت سان ميسر آهي. بدقسمتيءَ سان هن ٻوڏ کان اڳ ان قسم جي جاچ ۽ گهڻ رخي تياريءَ جا ڪي چٽا آثار نه ٿا نظر اچن. اهو ئي سبب آهي جو هٿرادو کنڊ هڻڻ لاءِ فيصلا سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ بجاءِ سياست طئي ڪيا، نتيجي ۾ سڄي سنڌ ۾ هٿرادو گهارن وسيلي ۽ ٻين طاقتن سبب جيڪا ٻوڏ آئي ان بابت گهڻو ڪري ماڻهن کي ڪو به اڳواٽ اطلاع نه هئو ۽ لکن جي تعداد ۾ ماڻهو مشڪل سان جانيون بچائي گهرن مان نڪري سگهيا آبپاشي کاتو جيڪو هاڻي هنرمند ۽ ايماندار آفيسرن کان لڳ ڀڳ وانجهو ٿي چڪو آهي، ان جي ڪمزور رٿابندي ۽ ناقص فيصلي سازيءَ پڻ علائقا ٻوڙڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، ائين سالن جي جاکوڙ کان پوءِ ماڻهن جا ٺهيل اڀرا سڀرا اجها ۽ مال ملڪيتون لڙهي ويون ۽ هڪ رات وچ ۾ لکن جي انگ ۾ ماڻهو بي يارو مددگار ٿي اجهن بجاءِ رستن تي بيٺل هئا. ۽ کين ڪو به پتو نه هئو ته سندن اڳين منزل ڪهڙي هوندي.فلڊ پلاننگ جيان ڊزاسٽر مئنيجمينٽ به هڪ مڪمڪل سائنس آهي. تباهڪاريءَ ااچڻ کان پوءِ واري انتظامڪاريءَ جا چار اهم مرحلا هوندا آهن، يعني ريسڪيو (بچاءُ) رليف (واهر) ريهيبليٽيشن (بحالي) ۽ ريڪنسٽرڪشن (نئين سر اڏاوت) انهن چئن مرحلن کي گڏائي ڊزاسٽر مئنيجمينٽ چيو ويندو آهي. ريسڪيو توڙي رليف وارن پهرين ٻن مرحلن ۾ اهم ترين فيڪٽر وقتائتي ۽ ٺيڪ ڄاڻ جي فراهمي هوندي آهي. بدقسمتيءَ سان اهو بنيادي عنصر گهڻي ڀاڱي غائب رهيو. ڪنهن کي ڪو به پتو نه ٿي پيو ته هن آفت اچڻ کان پوءِ ماڻهن کي ڪيڏانهن وڃڻو آهي ۽ ڪيئن پهچڻو آهي، اهو ئي ڪارڻ آهي جو غوثپور بند کي کنڊ هڻڻ کان پوءِ صوبائي ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي پاران جاري ڪيل ابتدائي رپورٽ ۾ اڻايو ويو ته سکر جيڪب آباد روڊ تي هزارين ماڻهو بنا ڇت جي ويٺل آهن، اهڙو ئي منظر سجاول ٻڏڻ کان اڳ ۽ پوءِ ٺٽي ضلعي ۾ نظر آيو. ڪجهه ڏينهن گذرڻ کان پوءِ ڪيمپون ۽ خاص ريل گاڏيون نظر آيون، پر تيستائين آفت سٽيل لکين ماڻهو هڪ بدترين لاوارثيءَ مان بک ۽ بدحاليءَ جو مرحلو اڪري چڪا هئا. ٽي وي اسڪرين تي انهن بي گهر ٿيل ماڻهن جا انٽرويوز ٻڌي صاف اندازو ٿي رهيو هو ته حڪومت ۽ حڪمراني نالي جي ڪا به شيءِ سندن پاسي کان نه گذري هئي. ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته تباهڪاريءَ جو اسڪيل تمام وڏو آهي ۽ اڪيلي سر حڪومت جي پهچ کان ٻاهر آهي. پر تنهن هوندي به جيتريون شيون حڪومتن جي وس ۾ هونديون آهن، اهي به نظر نه ٿي آيون. مثال طور متاثرين کي پاڻيءَ مان نڪرڻ کان پوءِ محفوظ ماڳن تائين پهچائڻ لاءِ ٽرانسپورٽ جو ڪو به جوڳو انتظام نظر نه ٿي آيو، سر بچائي نڪتل ماڻهن کي پبلڪ ٽرانسپورٽ جا غير انساني مالڪ جيئن ٻنهي هٿن سان لٽي رهيا آهن. ان جو حڪومت وٽ ڪو به حل ناهي، جيڪڏهن چونڊن ۽ اهم سياسي جلسن وقت هفتو اڳ کان حڪومت روڊن تي چرندر پرندڙ هر گاڏيءَ کي سرڪاري تحويل ۾ وٺي سرڪاري ڊيوٽين تي لڳائي ڇڏيندي آهي ته پوءِ هن غير معمولي آفت دوران ٽرانسپورٽ ڪنٽرول هيٺ آڻي متاثرين جي واهر لاءِ ڇو نه استعمال ٿي سگهي؟ ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ ڏيڍ سئو کان ٻه سئو رپيا ليٽر پيٽرول وڪامجندو رهيو، پر حڪومت جو ان تي ڪو به ڪنٽرول نظر نه آيو، حڪومت نهايت آسانيءَ سان پي ايس او جي معرفت پيٽرول ۽ ڊيزل جي سپلاءِ تي ڪنٽرول ڪري ٿي سگهي، پر ان قسم جي آپشنز کي ڪنهن شايد ويچار هيٺ ئي نه آندو. جن ضلعن ۾ ڊي سي اوز ۾ ڪجهه اهليت يا ڪمٽمينٽ هئي. انهن پنهنجي طور تي سرڪاري ۽ غير سرڪاري وسيلا ڪتب آڻي ماڻهن جي واهر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. پر ظاهر آهي ته لکن جي انگ ۾ بي گهر ٿيل ماڻهن جي واهر ڪرڻ ڪو چرچو ناهي. حڪومت طرفان ٻوڏ متاثرن جي واهر لاءِ اعلانيل 10 ارب رپيا اعلان ڪئي ڏهاڙا گذرڻ کان پوءِ به ضلعن تائين نه پهتا هئا ۽ ضلعي حڪومتون مختلف مدن ۾ رکيل رقمن ۽ اوڌرن تي ڪم هلائينديون رهيون. حڪومت وٽ ايمرجنسي ۾ بروقت رقمون پهچڻ جو به ڪو فعال نظام نظر نه آيو.
در حقيقت تباهڪاريءَ جي تياري تباهڪاريءَ کان اڳ ڪئي ويندي آهي، نه ڪي بربادي ٿيڻ کان پوءِ، ان مقصد لاءِ ملڪ ۾ 2005ع جي زلزلي کان پوءِ نيشنل ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي، پراونشل ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽيز ۽ ڊسٽرڪٽ ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽيز قائم ڪيون ويون هيون، پر انهن جي ادارتي حالت ڪا خاص بهتر نه آهي، قومي سطح جي جڙيل اٿارٽيءَ جو ڪم گهڻو تڻو رابطي وارو آهي. باقي اصل ڪم صوبائي ۽ ضلعي اٿارٽيز جو هوندو آهي. بدقسمتيءَ سان صوبائي ۽ ضلعي سطح تي اهي اٿارٽيز آفتن بابت فني مهارت رکندڙ ماهرن بجاءِ سول بيورو ڪريسي حوالي آهن. جيڪي ٿوري گهڻي انتظامي ڀڄ ڊڪ جا ته شايد ماهر هجن پر آفتن واري صورتحال کي منهن ڏيڻ ۽ انهن حالتن جي انتظامڪاري سندن تربيت يا مهارت جو حصو ناهي. اهو ئي سبب آهي جو انهن اٿارٽيز وٽ ٻوڏ جي آفت کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪا به اڳواٽ رٿابندي يا وسيلا موجود نه هئا ۽ ڦري گهري زميني ۽ آبي فوج کي ٻيڙيون ۽ هيليڪاپٽر آڻي ٻوڏ ۾ ڦاٿل ماڻهن جي ريسڪيو جو ڪم ڪرڻو پيو. ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽيز رڳو نالي ماتر ادارا بڻيل آهن. جن وٽ گهربل انتظامي اختيار، مالي ۽ انساني وسيلن، ڄاڻ ۽ تربيت جي سخت اڻاٺ آهي. ان صورتحال ۾ انهن ادارن اندر جيڪڏهن ڪي چار چڱا آفيسر موجود به هوندا ته اهي به ڪو نتيجو ڏئي نه سگهندا.
حڪومت نه رڳو سرڪاري ادارن ۾ اهليت ۽ ڪمٽمينٽ جي اڻاٺ سبب هن انساني الميي کي منهن نه ڏئي سگهي. پر ساڳي وقت ان جو سياسي ڍانچو به ڪو فعال ڪردار ادا ڪندي نظر نه آيو، صوبي ۽ ملڪ جي وڏي ۾ وڏي پارٽي جنهن کي انهن تباهه حال علائقن جا ماڻهو چئن ڏهاڪن کان ووٽ ڏيندا رهن ٿا، ان جا لکين ورڪر ڪنهن منظم شڪل ۾ متحرڪ نظر نه آيا، اهي سڀ ماڻهو جيڪي چونڊ مهم وقت ڳوٺ ڳوٺ جي هر گهر ۽ گهٽيءَ تائين پهچي ويندا آهن اهي سواءِ انفرادي چرپر جي ڪنهن وڏي هلچل جي شڪل ۾ ڪجهه ڪندي نظر نه آيا، جيتوڻيڪ سياسي ڌريون ڪنهن منظم طريقي سان متحرڪ نه ٿي سگهيون، پر تنهن هوندي به سڄي سنڌ م سياسي ورڪرن، سماجي تنظيمن ۽ شهرن پاران ٻوڏ ستايلن جي واهر لاءِ ڪيل اڳڀرايون نهايت قدر لائق نظر آيون، ٻوڏ دوران پڪي جي علائقن مان ٿيل لڏ پلاڻ ته بندن کي لڳل کنڊن سبب ٿي، پر ڪچي وارن علائقن مان به هڪ اندازي موجب لڳ ڀڳ 20 لک ماڻهو بي گهر ٿيا آهن، اصولي طور تي ڏسجي ته ڪچي جو علائقو دريائي ٻوڏ جي پٽيءَ لاءِ وقف هوندو آهي ۽ ماضيءَ ۾ اتي محدود آبادي هوندي هئي. جيڪا آبڪلاڻي طرز ۾ بندن تي منتقل ٿي ويندي هئي. آبڪلاڻي ڪچي جي ماڻهن لاءِ سرهائي کڻي ايندي هئي. ڇو ته ان کان پٺيان ڪچي ۾ زراعت، چوپائي مال، ماهيگيري ۽ ٻيلن مان ٿيندڙ اپت ۾ واڌ ايندي هئي. جيئن جيئن سنڌ اندر دريائي چاڙهه جو زمانو ختم ٿيندو ويو ۽ ٻهراڙين جي معيشت ڪمزور ٿي ته ڪچي ۾ آباديءَ ۾ اضافو ايندو ويو ۽ اتي پڪي جيان ڳوٺ ٻڌجڻ لڳا. هن ڀيري جڏهن ٻوڏ جي اڳڪٿي ٿي ۽ ڪجهه علائقن ۾ سرڪاري مشينري ڪچي ۾ ماڻهن کي علائقا خالي ڪرڻ جو چيو ته انهن تيستائين نڪرڻ کان انڪار ٿي ڪيو، جيستائين نوبت ٻيڙين تي نڪرڻ جهڙي نه ٿي.
تربيلا ڊيم ٺهڻ کان اڳ سنڌ جي ڪچي ۾ ٽي لک ڪيوسڪ تائين جي ٻوڏ لڳ ڀڳ هر سال ايندي هئي، جڏهن ته پنج لک ڪيوسڪ جي وچولي ٻوڏ هر ڏهن مان ستن سالن لاءِ ايندي هئي، اهو ئي سبب آهي جو ڪچي ۾ ٻوڏ وهڪري وارن پيچرن ۾ مستقل انساني آبادين جو رواج نه هوندو هيو، سنڌوءَ مٿان ڊيم ۽ بئراج ٺهڻ کان پوءِ ننڍي توڙي وچولي ٻوڏ جي ورجاءَ وارن سالن جي وٿي وڌندي وئي ۽ بچاءَ بندن جي وچ ۾ هڪ مخصوص وهڪري واري پٽيءَ کي ڇڏي باقي وسيع ايراضي مستقل طور پاڻيءَ کان وانجهي ٿي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ ڪچي جو علائقو انساني آباديءَ جي لحاظ کان عملي طور پڪي ۾ تبديل ٿيندو ويو، ڪشمور کان ڊيلٽا تائين بچاءَ بندن جي وچ ۾ موجود لڳ ڀڳ 21 لک ايڪڙ ايراضيءَ مان ڇهه لک ايڪڙن جي لڳ ڀڳ ايراضي سنڌو جو خالي ڪيل پيٽ آهي. گذريل ٽن چئن ڏهاڪن دوران ان ايراضي تي انساني آباديءَ جي والار ٿي آهي. ٻيلا ڪٽي آبادي ۽ پوکي ڪرڻ وارا انگ اکر اڃا الڳ آهن. هن ٻوڏ جي دوران جڏهن انهن علائقن ۾ ماڻهن کي گهر خالي ڪرڻ جو چتاءُ ڏنو ويو ته هو اها ڳالهه مڃڻ لاءِ تيار ئي نه هئا ته اتي ڪا ٻوڏ به اچي سگهي ٿي. ٻيو ته اڪثر ماڻهن کي اهو به ڀروسو نه هئو ته سرڪار جي چوڻ تي علائقا خالي ڪرڻ کان پوءِ سرڪار کين ڪو عزت ڀريو ٺڪاڻو فراهم ڪري سگهندي. ساڳي طرح سنڌ مٿان راڄ ڪندڙ بدامنيءَ جي راڪاس سبب کين اها به ڳڻتي هئي ته سندن پٺيان گهرن ۽ مال متاع جو ذمو ڪير کڻندو. پاڻيءَ ۾ چاڙهه اچڻ کان پوءِ آخري وقت تي گهر خالي ڪندڙ انهن لکين ماڻهن کي سنڀالڻ خود هڪ وڏو چئلينج هئو، جنهن کي اڪيلي سر حڪومتي مشينريءَ لاءِ سنڀالڻ ممڪن نه هئو، بهرحال ان سڄي ٽريجڊيءَ کان پوءِ هاڻي اهم ترين مرحلو متاثرن جي بحاليءَ جو آهي. هن وقت اڃا علائقا ٻوڏ هيٺ آهن ۽ مڻهن جو سمورو ڌيان رليف ڏانهن آهي. جيئن جيئن ٻوڏ جو پاڻي لهندو ۽ چوماسي جون برساتون بند ٿينديون ته پوءِ انهن لکين ماڻهن جي بحاليءَ جو ڀوائتو سوال ڪر کڻندو. سون جي تعداد ۾ ڳوٺ پاڻيءَ هيٺ آيل آهن. جن جي بحالي ڪو آسان ڪم ناهي. بحاليءَ جو مقصد ماڻهن جا گهر، ڪاروبار، زراعت، مال مويشي ۽ ٻهراڙين جو انفرااسٽرڪچر بحال ڪرڻ آهي. ٻوڏ سٽيل علائقن جو انفراسٽرڪچر ته هونءَ به برباديءَ واري حال ۾ هئو، هاڻي ته اهو مڪمل طور تباهه ٿي چڪو آهي. گذريل سٺ سالن دوران انهن علائقن ۾ شرم کان ڪنڌ جهڪائيندڙ ترقي مس ٿي هئي. جيڪا هاڻي مڪمل طور لڙهي چڪي آهي. انهن سوين ڳوٺن مان بي گهر ٿيل لکين ماڻهن جي گهڻائيءَ جو گذر سفر زراعت، چوپائي مال ۽ ننڍن ڪاروبارن تي هئو، انهن جي يڪدم بحالي تمام ڏکيو ڪم آهي. سرڪار جا وسيلا سڀني کي سجهن ٿا. جيڪڏهن ٻاهرين ملڪن مان ڪا امداد اچي به وڃي ته سرڪاري مشينري انتهائي حدن کي ڇهندڙ ڪرپشن ۽ بي حسي ٻوڏ متاثرن تائين امداد جو ڪيترو لاڀ پهچڻ ڏيندي، ان جو اندازو به سڀ ڪو لڳائي سگهي ٿو. ميڊيا ۾ اهو رپورٽ ٿي چڪو آهي ته مالي واهر ڪندڙ عالمي ادارا سرڪاري مشينريءَ وسيلي امداد ڏيڻ ۾ ناخوش آهن. سنڌ حڪومت به ساک جي اهڙي ئي بحران جو شڪار آهي ۽ جنهن قسم جي گورننس موجود آهي، ان ۾ بحاليءَ واري امداد جي پٺيان جيڪي مفادن جا ٽڪراءُ ٿيندا، اهي خود هڪ وڏو ڊزاسٽر ثابت ٿي سگهن ٿا. جيڪڏهن بحاليءَ وارو ڪم شفاف طريقي سان مڪمل رٿابنديءَ هيٺ نه ٿيو ته سنڌ جي ٻهراڙين ۾ هڪ ٻيو سماجي ڊزاسٽر جنم وٺي سگهي ٿي. جنهن جو نتيجو خطرناڪ بدامني ۽ غربت جي نتيجي ۾ سامهون اچي سگهي ٿو، ان معاملي ۾ سنڌ سرڪار کي هڪ وڏي چئلينج کي منهن ڏيڻو پوندو ته ٻوڏ متاثرن جا درست انگ اکر ڪٺا ڪري ۽ ٻوڏ جي نقصانن جو صحيح ڪاٿو لڳائي. بدقسمتيءَ سان ٻوڏ جي نقصانن جي انگ اکرن ۾ سنڌ سرڪار کي جيترو سجاڳ رهڻ گهرجي ها. ان جون نشانيون گهٽ نظر اچن ٿيون. مثال طور وفاقي حڪومت جي اداري فيڊرل فلڊ ڪميشن طرفان ٻوڏ متاثرن جي جاري ڪيل انگن اکرن ۾ چٽي هيراڦيريءَ جي باوجود سنڌ سرڪار ان تي ڪو جوڳو رد عمل نه ڏيکاريو آهي. 20 آگسٽ تي فيڊرل فلڊ ڪميشن ٻوڏ متاثرن جي انگن اکرن ۾ پنجاب صوبي اندر متاثرن جو انگ 19 لک ڄاڻايو آهي. جڏهن ته 2 سيپٽمبر جي رپورٽ ۾ اهو تعداد حيرت انگيز طور 80 لک ٻڌايو ويو آهي. جيئن ته ان دوران سموري تباهي سنڌ صوبي اندر ٿي رهي هئي. بدقسمتيءَ سان سنڌ حڪومت جو هينئر تائين ڪو به باقائدي رد عمل ان تي سامهون نه آيو آهي. ساڳي طرح سنڌ جو وڏو وزير جنهن ڏينهن سنڌ اندر متاثرن جو انگ 70 لک ٻڌائي رهيو هو، ساڳي ڏينهن صوبائي ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽيءَ جي رپورٽ ۾ اهو اگ 47 لک ٻڌايو ٿي ويو. انگن اکرن ۾ ايڏي وڇوٽي ملڪي توڙي بين الاقوامي امداد جي معاملي ۾ سنڌ کي نقصان پهچائي سگهي ٿي. سنڌ سرڪار کي گهرجي ته ٻوڏ متاثرن جي بحاليءَ لاءِ جامع رٿابنديءَ جو ڪم به هنگامي بنيادن تي شروع ڪري ۽ ان ڪم لاءِ رڳو سرڪاري مشينريءَ تي ڀاڙڻ بدران سول سوسائٽي جي ساکائتن فردن ۽ ادارن کي گڏ کڻي ڪو اهڙو مڪينزم جوڙي، جنهن سان سنڌ جي ماڻهن ۾ اهو يقين پيدا ٿئي ته بحاليءَ وارو ڪم شفاف طريقي سان ٿيندو، اهو ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته لکين ماڻهن جي بحالي مهينن نه، پر سالن جو ڪم آهي. ساڳي طرح ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ انفرااسٽرڪچر جي بحالي به هڪ ڊگهو پراسيس آهي ان مرحلي کي حڪومت اڪيلي سر منهن نه ڏئي سگهندي ۽ خدشو آهي ته ٻوڏ سٽيل علائقا ٻوڏ لهڻ کان پوءِ هڪ نئين سماجي بحران کي منهن ڏيندا. خاص طور تي فصل تباهه ٿيڻ سبب ڪجهه عرصي اندر خوراڪ جو بحران به ڪر کڻي سگهي ٿو، جنهن سان مهانگائي ۽ بدامنيءَ جي ڀوائتي لهر ڪر کڻي سگهي ٿي.
اهم ترين ڳالهه اها آهي ته هن هيڏي وڏي سانحي مان سنڌ سرڪار ڇا پرائيندي؟ هڪ ڳالهه ذهن نشين ڪرڻ گهرجي ته موسمياتي تبديلين جي ڪري هيءُ خطو ايندڙ سالن ۾ طرح طرح جي قدرتي آفتن کي منهن ڏئي سگهي ٿو. غير معمولي سوڪهڙو، غير معمولي چوماسو ۽ گليشيئرن جو ڳرڻ هن خطي بابت ايندڙ خطرن جي علامت آهن. ساڳي طرح ڏاکڻي سنڌ جي ساحلي پٽيءَ تي سامونڊي طوفانن جي شدت ۾ اضافي جون پڻ اڳڪٿيون آهن. سنڌ سرڪار کي گهرجي ته سنڌ اندر ڊزاسٽر مئنيجمينٽ جي ڪم کي بهتر ادارتي شڪل ڏيڻ لاءِ ڪا منظم حڪمت عملي جوڙي، جنهن ۾ سماج جي مختلف شعبن جي ماهرن کي شامل ڪري ايندڙ سالن ۾ هن قسم جي آفتن کي منهن ڏيڻ لاءِ ڊزاسٽر مئنيجمينٽ جو ڪو ماسٽر پلان جوڙي، اهو ڪم آفتن اچڻ کان پوءِ نه، پر اڳي ڪرڻ جي ضرورت آهي.