تاريخ، فلسفو ۽ سياست

مها ٻوڏ 2010 (جيڪي سنڌ سان ٿيو)

ڪتاب ” مها ٻوڏ 2010 (جيڪي سنڌ سان ٿيو) “ اوهان اڳيان حاضر آهي. هن ڪتاب جو ليکڪ عزيز رانجهاڻي آهي. 07 آگسٽ 2010 تي سنڌوءَ جي ساڄي ڪپ تي ٽوڙيءَ واري هنڌ تان سنڌوءَ جي بچاءُ بند کي گهارو ڇا لڳو، ڄڻ سنڌ ۾ قيامت اچي وئي. شير درياهه سنڌو مستيءَ ۾ اچي سنڌ جي ميدانن شهرن ۽ ڳوٺن ۾ ڪاهجي پيو ۽ ٻوڙان ٻوڙ ڪري ڇڏي ۽ ڏسندي ئي ڏسندي بلوچستان جي حدن کان وٺي سنڌي سمونڊ تائين هڪ ٻيو سمونڊ ڪري ڇڏيو. جتي 10 کان وٺي 16 فوٽن تائين ڪيترائي ڏينهن اڌ سنڌ پاڻيءَ هيٺ رهي ۽ اڌ سنڌ جي آبادي سر ۽ مال متاع بچائڻ لاءِ سرگردان رهي ۽ پنهنجي ئي ڌرتيءَ تي صدين کان آباد هي ڌرتي ڌڻي بي گهر ٿي ڪسمپرسيءَ جي حالت ۾ ڪئمپن جي حوالي ٿيا. سنڌوءَ جو پاڻي سندن پويان ائين پئجي ويو جيئن ڪو حمله آور لشڪر اوچتو ڪنهن علائقي ۾ ڪاهجي پوي ۽ ماڻهن ۾ ڀاڄ پئجي وڃي ۽ هو ساهه بچائڻ لاءِ برمنهن ڪندا هجن. ڪٿي جيڪب آباد، ڪشمور، ٺل، شهدادڪوٽ، ڳڙهي خيرو ۽ ڪٿي ڪراچي، سانگهڙ، ٽنڊو باگو، نئون ڪوٽ ۽ حيدرآباد، ساهه بچائڻ لاءِ هي ڌرتي ڌڻي، سنڌ جي هڪ ڪنڊ کي ڇڏي ٻئي ڪنڊ تي وڃي ڪئمپن ۾ پهتا ۽ دربدر ٿي مصيبتن ۽ عذاب ۾ اچي ويا.
Title Cover of book مها ٻوڏ 2010 (جيڪي سنڌ سان ٿيو)

گهارن بابت عدالتي ڪميشن جي رپورٽ!....محمد ادريس راجپوت

اٺين ڊسمبر 2010ع تي سنڌ جي وڏي وزير چيف منسٽر هائوس ۾ عدالتي گهارن بابت ڪميشن جي رپورٽ جا تفصيل پڌرا ڪيا. اها رپورٽ ٻن رٽائر ٿيل هائي ڪورٽ جي ججن جيڪي عدالتي ڪميشن جا ميمبر هئا. تن اٽڪل ڏهه ڏينهن اڳ چيف منسٽر صاحب کي پيش ڪئي هئي. انهيءَ رپورٽ بابت چيف منسٽر صاحب ڪجهه ڳالهيون ڪيون ۽ ڪجهه عملدارن جي بدلي ۽ انتظامي عملن جو ذڪر ڪيو انهن تي ڪجهه ڳالهائڻ کان اڳ اچو ته پهرين ڏسون ته ڪميشن کي ڪهڙو ڪم سونپيو ويو. ۽ انهيءَ تي هن ڪهڙي رپورٽ ڏني؟ اها ڪيتري قدر صحيح آهن ۽ چيف منسٽر صاحب جي ڳالهين تي ڪيترو عمل ٿيو آهي؟

ڪميشن جي جوڙجڪ ۽ مول متا:
عدالتي ڪميشن 20 سيپٽمبر 2010ع تي جوڙي وئي. جنهن ۾ سنڌ هائي ڪورٽ جا ٻه رٽائر ٿيل جج جسٽس زاهد قربان علوي ۽ جسٽس غلام نبي سومرو رکيا ويا. هنن کي ٽن هفتن ۾ رپورٽ ڏيڻ جو چيو ويو. ڪميشن جا ٻه مول متا هن ريت هئا.
(1) سنڌو جي بندن ۾ لڳل گهارن جا سبب معلوم ڪرڻ
(2) اهو معلوم ڪرڻ ته ڇا واسطيدار ادارن انهن کي روڪڻ لاءِ ڪي مناسب اپاءَ ورتا هئا.
اهو ٻڌائيندو هلان ته اها عدالتي ڪميشن رڳو ٽوڙي ۽ مولچند شاهه بندر بندن ۾ لڳل کنڊن بابت هئي. انهيءَ کان علاوه گڊو بيراج جي مٿين ڀر واري کاٻي مارجنل بند ۽ ٺٽي ويجهو پنا-بگهاربند ۾ به کنڊ پيا هئا. جن بابت ڪا انڪوائري نه ڪرائي وئي.

ڪميشن جي تشخيص ( Findings):
(1) کنڊ پوڻ جا سبب:
رڪارڊ ٿيل شهادتن مطابق اهو بلڪل واضع آهي ته ٽوڙي بند کي ڪو هٿرادو کنڊ نه هنيو ويو هو، مٿين ٻڌايل شهادتن مطابق اهو خاطري سان معلوم ٿيو آهي ته ٽوڙي بند ۾ لڳل کنڊ قدرتي هو ۽ قدرتي گڏ ٿيل جزن بند کي ٽوڙيو ساڳي نموني ۾ مولچند شاهه بندر بند کي پيل کنڊ به قدرتي هو ۽ هٿرادو نه هو، اهو به قدرتي هو ۽ ڪيترن جزن Combined elements of nature جي نتيجي ۾ اهو کنڊ پيو. مولچند شاهه بندر بند 18 ميل 3 فرلانگ تي ڪوٽ عالمو وٽ پيل کنڊ کي مجموعي غفلت سان منسوب ڪري سگهجي ٿو. جو بند جي نگراني وارا سڀ همراهه اڳ ۾ ئي ٻڌايل حساس جاين کي ڏسڻ ۾ رڌل هئا.

(2) کنڊن کي روڪڻ بابت ورتل اپاءَ:
رڪارڊ تي آيل شهادتن مطابق مون سون شروع ٿيڻ کان اڳ وفاقي ۽ صوبائي ادارن معياري اپاءَ وٺڻ جو چيو هو. اها ڳالهه واضع آهي ته ڪيتريون گڏجاڻيون ٿيون پر اهو واضع نه ٿي سگهيو ته ڪهڙا اپاءَ ورتا ويا. انهيءَ باري ۾ شهادتن جي گهٽتائي آهي ته بندن کي ڪيترو مضبوط ڪيو ويو، چاهي اهو ٽوڙي بند هجي يا مولچند شاهه بندر بند-اهو سنڌ آبپاشي کاتي جو ڪم آهي ته هر سال بندن جي سار سنڀال لهن. انهن کي ٺيڪ رکن ۽ مضبوط ڪن. انهن ڪمن کي ڪرڻ جو هنن کي اختيار مليل آهي. يعني انهن جي جوابداري آهي. انهيءَ لاءِ هدايت ڏيندڙ مينوئل يعني بند مينوئل ۾ چٽي طرح ڏنل آهي ته هنن کي ڪهڙا قدم کڻڻ گهرجن. انهن قدمن کڻڻ بابت صحيح معلومات نه ملي سگهي. تنهنڪري اسان اهو چوڻ تي مجبور آهيون ته انهيءَ جو سبب آبپاشي کاتي جي گڏيل غفلت آهي. ٽوڙي بند تي آبپاشي کاتي ڪهڙا احتياطي اپاءَ ورتا. انهيءَ بابت معلومات اڻپوري (ناڪافي) آهي ۽ اسان اهو خاطري سان چئي سگهون ٿا ته اتي گڏيل غفلت پڪي طرح ٿي آهي. انهيءَ جي ابتڙ مولچند شاهه بندر ميل 18 ۽ 3 فرلانگ تي ڪوٽ المو وٽ آندل شهادت پوري آهي.

سفارشون:
عدالتي ڪميشن جو ڪم رڳو مول متن کي پنهنجيون Findings ڏيڻيون هيون پر هنن ڪافي سفارشون به ڏنيون آهن. جيڪي هن ريت آهن:
• آبپاشي کاتي جو ڪم بندن جي سارسنڀال لهڻ ۽ مضبوط ڪرڻ آهي. جيتوڻيڪ کنڊ تمام گهڻي ٻوڏ سبب پيا، پر جيڪڏهن وقت تي اُپاءَ وٺن ها ته کنڊ نه پون ها. سال 1976ع کان پوءِ 2010ع تائين سپر فلڊ نه آئي هئي. انهيءَ ڪري اهو اطمينان ته ٻوڏ نه ايندي. کنڊ پوڻ جو سبب ٿيو. قوم اهڙو اطمينان برداشت نٿي ڪري سگهي. انهيءَ لاءِ ٽوڙي بند تي هڪ صحتمند مثال قائم ڪرڻ کپي ته جيڪي انهيءَ جي سار سنڀال جا ذميوار آهن. سي استعيفيٰ ڏئي وڃن. اهو هڪ صحيح قدم هوندو. جو اسان هڪ قوم جي حيثيت ۾ اها ذميواري قبول ڪريون جيتوڻيڪ انفرادي طور اسان ان لاءِ ذميوار نه هجون.
• بند مينوئل ڏسڻ سان خبر پوي ٿي ته هي هڪ مڪمل ڪتاب آهي ۽ آبپاشي کاتي وارن کي انهيءَ جي سکيا لاءِ پنهنجن ماڻهن لاءِ ريفريش ڪورس ڪرائڻ کپي جيڪڏهن مينوئل تي عمل ڪيو وڃي ته کنڊ پوڻ جا امڪان تمام گهٽ گهٽجي سگهن ٿا. انهيءَ ۾ ٻوڏ اچڻ کان اڳ اپائن بابت ٻڌايل ڳالهيون چيف انجنيئر کان هيٺين عملي تائين پهچائڻ فائدي ۾ ٿيندو.
• بند مينوئل کي اپڊيٽ ڪرڻ جي ضرورت آهي. اهو ڪم زاهد حسين جوڻيجو ڪري سگهي ٿو. انهيءَ ۾ 75 سال اڳي تارون موڪلڻ، فارم ڀرڻ جا طريقا ڏنل آهن. جيڪو هڪ بيلدار مٿين آفيسرن کي موڪليندو هو. هينئر مواصلات جا ذريعا تمام گهڻا سڌري ويا آهن. تنهنڪري انهيءَ ۾ انهن جو ذڪر ڪرڻ کپي.
• بند جي نين اسڪيمن لاءِ انهن جي هر سال سار سنڀال لاءِ پئسا هڪڙي هنڌان ملڻ کپن One Window Operation ٿيڻ کپي. انهيءَ نموني بندن جي انچارجن کي يڪدم پئسا ملي سگهندا. انهن جي مانيٽرنگ لازمي ٿيڻ کپي. جيڪا فنانس کاتي کي ڪرڻ کپي ۽ جيڪڏهن ڪٿي ڪم صحيح نٿو ٿئي ته اتي وڌيڪ پئسا نه ڏيڻ کپن.
• اهڙا ادارا نه ٺاهڻ کپن جن جا مقصد ته اعليٰ ٻڌايا وڃن پر اهي موجود ادارن جي ڪاپي هجن. سڄي ملڪ ۾ سول ڊفينس جو نظام موجود آهي. انهيءَ کي پٺتي ڌڪيو ويو آهي. اهو گهڻي ڀاڱي جنگ جي وقت استعمال ڪيو ويو آهي. انهيءَ اداري کي چڱي طرح سامان ڏئي استعمال ۾ آندو وڃي. انهيءَ کي انهيءَ ڪم لاءِ پئسا ڏيڻ کپن ته جيئن ٻوڏ واري وقت ۾ ڪم ڪري سگهي. انهيءَ ۾ 100 کان 200 ماڻهن جو وفد هر وقت تياري ۾ هجڻ کپي. جيڪو ڪنهن آفت وقت ڪم ۾ آڻي سگهجي. انهن کي ترڻ اچڻ کپي. ٿڌي ۽ گرم موسم ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ تياري ڪرڻ کپي. اهي سڄي پاڪستان جي بنياد تي هجڻ کپن ۽ جتي ضرورت هجي. اتي پهچي سگهن. انهيءَ ڏس ۾ بواءِ اسڪائوٽ ۽ گرل گائيڊ جو به ذڪر ضروري آهي. هر ڪنهن اسڪول ۾ بواءِ اسڪائوٽ ۽ گرل گائيڊ جا دستا هجڻ کپن.
• اهو به ڏٺو ويو آهي ته درياهه ۾ ۽ بندن ويجهو حد دخليون آهن. وري درياهه جي وچ ۾ آباديون ٿين ٿيون. اهي يڪدم بند ڪرڻ کپن. حد دخليون ختم ڪجن ۽ زراعت لاءِ ڏنل ليزون رد ڪرڻ کپن. اهي قدم کڻڻ مستقبل جي زيان کي گهٽائڻ لاءِ ضروري آهن. سرڪار کي اهڙي ٽيڪنالاجي ٻاهرين ملڪن کان گهرائڻ کپي. جيڪا ٻوڏ جو مقدار، ان جي رفتار ڪنهن به وقت ڪنهن جاءِ يا بيراج تي ٻڌائي سگهي.
• بند جي ويجهو مڇين جو تلاءُ نه ٺاهڻ ڏنو وڃي. جو انهيءَ ڪري بند کي نقصان پهچي ٿو.
• بيلدار کان وٺي ايس ڊي او تائين کي پابند ڪيو وڃي ته هو پنهنجي حد ۾ بندن جي نگراني ڪري. انهن کي وقت جو پابند ڪجي ۽ هو انهيءَ وقت تائين بند نه ڇڏين. جيستائين ٻيو ماڻهو نه اچي وڃي. بندن تي مقرر عملي کي تجربو هئڻ کپي ۽ ڊيوٽي جو پابند هجڻ کپي. موجود بندن تي اسٽون پچنگ ڪئي وڃي.
• بند مينوئل ۾ انهن بندن جا نالا ڏنل آهن. جتي ماضي ۾ کنڊ پيا. انهن کي پيل کنڊن جا تفصيل باب چوٿين ۾ ڏنل آهن. اها ڳالهه نوٽ ڪرڻ جهڙي آهي ته ٽوڙي بند ۾ 1996ع ۾ به کنڊ پيو هو. ائين ڪرڻ سان عملي کي بندن بابت هدايت ملندي ته جيئن انهن بندن تي خاص ڌيان ڏين. انهيءَ سان گڏ باقي بندن جو اوترو ئي خيال رکڻو پوندو ائين ڪرڻ سان مستقبل ۾ وڏيون مصيبتون ٽري وينديون. ٽوڙي بند جي ٽوپو گرافي ڦرندڙ گهرندڙ آهي. جڏهن ته مولچند شاهه بندر جي ڪوٽ آلمو وٽ هڪ ڪري آهي. ٽوڙي بند ۾ پيل کنڊ سامهون ڪچي ۾ ڄام سونهارو چاچڙ جو ڳوٺ آهي. انهيءَ لاءِ حالتون ٺيڪ ڪرڻ کپن اتي سروي ڪرائي بند جي ويجهو ٺهيل ڳوٺن کي ختم ڪرائڻ کپي. جتي به بند ويجهو يا درياهه ۽ بند وچ ۾ انساني آباديون هن. اهي ختم ڪرائڻ کپن.
• ٻيلي کاتي جون زمينون سياسي بنيادن تي آبادي لاءِ ماڻهن کي ليز تي ڏنيون ويون آهن. انهن کي ختم ڪرڻ کپي ۽ مستقبل ۾ ائين نه ڪيو وڃي. جو وڻ ختم ٿيڻ ڪري زمين ڍري ٿي وڃي ٿي ۽ موسمي ڦير گهير ڪري انهيءَ کي نقصان پهچي ٿو.
• سال 2010ع ۾ سرڪار چونڊيل نمائندن ۽ ڊي ايم جي گروپ وارن کي حرڪت ۾ آندو ته جيئن احتياطي تبديرو وٺن ته ٻوڏ کي منهن ڏئي سگهن. اسان ڏسون ٿا ته جيتوڻيڪ پوريون ڪوششون ڪيون ويون. جنهن ۾ فوج ۽ پوليس به شامل هئي. پر خاص پلان نه هجڻ ڪري اهي بهترين ڪيل ڪوششون ضايع ٿي ويون اين ڊي ايم اي يعني نيشنل ڊزاسٽر مئنيجينٽ اٿارٽي کي هڪ تفصيلي پلان جوڙڻ کپي. جنهن پلان تي عمل ان جي لاءِ لازمي هجي. اهو پلان سڄي پاڪستان لاءِ ٺاهڻ کپي. سول ڊفينس واري عملي کي به چست ڪرڻ کپي. آفتن کي منهن ڏيڻ وارو پروگرام تعليمي ڊفينس وارن کي ضلعن، تعلقن ۽ ديهه سطح تي ڪرڻ کپن.

کنڊ بابت رپوٽ جو تجربو:
رپوٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ٻئي کنڊ هٿرادو نه هئا ۽ ٻئي کنڊ ”گڏيل غفلت“ جي ڪري پيا (يعني ڪو به ماڻهو اڪيلو سر جوبدار ناهي) منهنجي خيال ۾ چيف انجنيئر کان بيلدار تائين سڀ جوابدار آهن. ڪميشن جا ٻئي ميمبر قانوني ماڻهو آهن ۽ ڪو به فني ماهر انهن سان گڏ نه هو، جيڪو ٻڌائي ته بند اور ٽاپ ٿيڻ جي آبپاشي وارن کي اڳ ۾ ئي خبر رکڻ کپندي هئي. ۽ انهيءَ کي منهن ڏيڻ جا اپاءَ وٺڻ کپندا هئا. وري ٽوڙي بند پٺيان لوپ بند هيو. اهو ڇو نه ڀريو ويو؟ اڃا ٻيو لوپ بند به بي ايس فيڊر جي صورت ۾ هيو. ٽوڙي بند ٽٽڻ جي صورت ۾ لوپ تي ٻوڏ واري پاڻيءَ کي روڪڻ کپندو هو. وري مولچند شاهه بندر تي روڻ پئي. جيڪا وقت سر نه ٻڌي وئي ۽ هوريان هوريان اها کنڊ ۾ تبديل ٿي وئي. اتي به لوپ بند هو. اهو ڇو نه ڀريو ويو؟ فرنٽ کنڊ ٽٽڻ جي صورت ۾ لوپ کي پاڻي روڪڻو هو، منهنجي راءِ ۾ ٻئي کنڊ محڪمي جي نااهلي ڪري پيا ۽ داروغي کان وٺي چيف انجنيئر تائين سڀيئي ان جا ذميوار آهن. ڪميشن کي ذميوار مقرر ڪرڻ ۾ مول متو ڪو نه ڏنو ويو، تنهنڪري هنن ”گڏيل غفلت“ جو اکر استعمال ڪيو آهي.

ڪميشن جو شفارشون:
پهرين ڳالهه، جيڪا هنن چئي آهي. اها آهي ته ٽوڙي بند تان سڀ ماڻهو از خود استعيفيٰ ڏئي وڃن. از خود ڪير استعيفيٰ ڏيندو؟ ٻيون ڳالهيون سٺي حاڪميت بابت آهن ته بند جي اسٽاف کي ڊيوٽي جو پابند بڻايو وڃي. ڪچي ۾ حد دخليون نه ٿيڻ کپن. ڪچي ۾ ٻيلي کاتي جون زمينون ليز تي نه ڏنيون وڃن. وغيره اهي سڀ ڳالهيون ٺيڪ آهن. پر اسان جي سياسي نظام ۾ ڪنهن به حڪومت پاران انهن تي عمل ڏکيو آهي. مستقبل ۾ انهن کنڊن کان بچڻ جو رڳو هڪڙو طريقو آهي. ۽ اهو آهي احتساب جيڪڏهن سخت سزائون ڏنيون وڃن ته اڳتي اهي خطرا گهڻي ڀاڱي گهٽائي سگهجن ٿا.

چيف منسٽر صاحب جون رپورٽ تي ڪيل ڳالهيون:
چيف منسٽر صاحب رپورٽ پڌري ڪندي هيٺيون ڳالهيون ڪيون:
• چيف انجنيئر گڊو بيراج کي عارضي طور بدلي ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.
• رپورٽ سپريم ڪورٽ کي موڪلي ويندي.
• ٽوڙي بند تي مقرر انجنيئر کان وٺي بيلدار تائين سڀني کي معطل ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.
• معطل ٿيل عملي تي ٻيهر انڪوائري ڪرائي ويندي.
چيف منسٽر صاحب جي ڪجهه ڳالهين تي عمل ٿي ويو آهي ۽ ڪجهه تي عمل ٿئي پيو. مٿين رپورٽ جي پسمنظر ۽ چيف منسٽر جي ڪيل ڳالهين کان پوءِ هيٺان سوال اڀرن ٿا:
• کنڊ ٽوڙي ۽ مولچند شاهه بندر بندن کان علاوه گڊو بيراج جي کاٻي مٿاهين مارجنل بند ۽ ٺٽي ويجهو پنا- بگهاربند تي به پيا ڇا اتي جاچ ڪرڻ جي ضرورت ناهي؟
• جيستائين کنڊ پوڻ جي جوابداري مقرر نه ڪرائي وڃي ۽ جوابدارن تي ايڪشن نه کنيو وڃي. ڇا ايندڙ سال ايندڙ ساڳي نموني جي ٻوڏ ۾ اهي آفيسر بند بچائي سگهندا؟
منهنجي ذاتي راءِ ۾ جيستائين سڀني کنڊن جي انڪوائري انهيءَ مول متي جي بنياد تي نه ڪرائي ويندي ته جوابدار ڪير آهي. ۽ انهن کي سيکت نه ملندي ته کاتي جا عملدار سنجيده نه ٿيندا ۽ ايندڙ ٻوڏ ۾ هن سال کان وڌيڪ کنڊ پوندا ۽ وڌيڪ نقصان ٿيندا. يعني هن سال ته رڳو 11 لک گهر ڊٺا آهن ۽ رڳو 72 لک ماڻهو بي گهر ٿي تنبن ۾ روڊن، بندن تي ترسيل آهن. ٻئي سال انهيءَ کان وڌيڪ گهر ڊهندا ۽ وڌيڪ ماڻهو دربدر ٿيندا. مالڪ شل سنڌ وارن کي انهيءَ آفت کان بچائي.