تاريخ، فلسفو ۽ سياست

مها ٻوڏ 2010 (جيڪي سنڌ سان ٿيو)

ڪتاب ” مها ٻوڏ 2010 (جيڪي سنڌ سان ٿيو) “ اوهان اڳيان حاضر آهي. هن ڪتاب جو ليکڪ عزيز رانجهاڻي آهي. 07 آگسٽ 2010 تي سنڌوءَ جي ساڄي ڪپ تي ٽوڙيءَ واري هنڌ تان سنڌوءَ جي بچاءُ بند کي گهارو ڇا لڳو، ڄڻ سنڌ ۾ قيامت اچي وئي. شير درياهه سنڌو مستيءَ ۾ اچي سنڌ جي ميدانن شهرن ۽ ڳوٺن ۾ ڪاهجي پيو ۽ ٻوڙان ٻوڙ ڪري ڇڏي ۽ ڏسندي ئي ڏسندي بلوچستان جي حدن کان وٺي سنڌي سمونڊ تائين هڪ ٻيو سمونڊ ڪري ڇڏيو. جتي 10 کان وٺي 16 فوٽن تائين ڪيترائي ڏينهن اڌ سنڌ پاڻيءَ هيٺ رهي ۽ اڌ سنڌ جي آبادي سر ۽ مال متاع بچائڻ لاءِ سرگردان رهي ۽ پنهنجي ئي ڌرتيءَ تي صدين کان آباد هي ڌرتي ڌڻي بي گهر ٿي ڪسمپرسيءَ جي حالت ۾ ڪئمپن جي حوالي ٿيا. سنڌوءَ جو پاڻي سندن پويان ائين پئجي ويو جيئن ڪو حمله آور لشڪر اوچتو ڪنهن علائقي ۾ ڪاهجي پوي ۽ ماڻهن ۾ ڀاڄ پئجي وڃي ۽ هو ساهه بچائڻ لاءِ برمنهن ڪندا هجن. ڪٿي جيڪب آباد، ڪشمور، ٺل، شهدادڪوٽ، ڳڙهي خيرو ۽ ڪٿي ڪراچي، سانگهڙ، ٽنڊو باگو، نئون ڪوٽ ۽ حيدرآباد، ساهه بچائڻ لاءِ هي ڌرتي ڌڻي، سنڌ جي هڪ ڪنڊ کي ڇڏي ٻئي ڪنڊ تي وڃي ڪئمپن ۾ پهتا ۽ دربدر ٿي مصيبتن ۽ عذاب ۾ اچي ويا.
Title Cover of book مها ٻوڏ 2010 (جيڪي سنڌ سان ٿيو)

خيرپور ناٿن شاهه: ٻوڏ ۾ ٻڏل هڪ لاوارث شهر جي درد ڪٿا….سهيل ميمڻ

آهي ڪو والي وارث خيرپور ناٿن شاهه جو!؟ اسان اها فقيري صدا ان لاءِ هڻڻ تي مجبور ٿي ويا آهيون جو اسان جو رومانوي شهر ناٿن شاهه جي خيرپور، گذريل ٻاويهه ڏينهن کان اٺ کان ڏهه فٽ پاڻيءَ ۾ ٻڏل آهي ۽ هاڻي ته ان شهر جا گهر ڀورا ڀورا ٿي جهرڻ شروع ٿيا آهن. پر ان شهر جي بچائڻ لاءِ بحاليءَ لاءِ ڪٿان ڪا صدا ٻڌڻ ۾ نٿي اچي. ناٿن شاهه جي خيرپور شهر جو معاملو سڄي سنڌ کان جدا ان ڪري آهي، جو اهو شهر لڳ ڀڳ هڪ مهيني کان ڍنڍ بڻيل آهي. پر ان لاءِ ڪنهن آفيسر، وزير، وزيراعليٰ، وزيراعظم يا صدر تائين ڪنهن هڪ لفظ به نه ڪڍيو آهي ته ٻيلي شهر ڪهڙي مهيني، ڪهڙي تاريخ يا گهڻي مدي تائين ڍنڍ بڻيل رهندو. جنهن کان پوءِ ان کي بحال ڪنداسين ڪو ته وقت، ٽائيم ٽيبل ٻڌايو. ڪو ته پلان ٻڌايو ته فلاڻي ڏينهن کان ڪم شروع ٿيندو پاڻي نيڪال ڪرڻ جو ڪو ته اعلان ڪيو. سکڻو اعلان ئي کڻي ڪيو. ٻڌايو ته سهي ته اهو پاڻي ڪڏهن، ڪيئن، ڪيستائين ۽ ڪهڙي پاسي ڪهڙي طريقي سان ڪڍبو. هروڀرو ئي سهي ڪي اين شاهه جي علائقي ۾ ڪا ته ڪامورڪي چرپر، ڪا مشين جي هلچل، ڪو ڪوڙو ئي سهي، پر واعدو ته ڪيو، سنڌ جي هن سٻاجهڙي ۽ ٻوڏ ۾ زخمي ٿي جهري پيل، تباهه ٿيل شهر لاءِ هڪ اڌ همدردي ۽ ڏک وارو لفظ ته ڪڍو، ان شهر بابت هي چپ ڇو آهي؟ هي مڪمل بليڪ آئوٽ ڇو آهي؟ ڇا خيرپور ناٿن شاهه، ڪنهن عالمي جنگ ۾ تباهه ٿيل دشمن جو ڪو اهڙو شهر آهي. جنهن جو ذڪر ئي گناهه سمجهيو پيو وڃي.؟
ڪي اين شاهه ۾ بيٺل پاڻي سائو ٿي بدبودار ٿي چڪو آهي. الائي ڪيترا ڍورن جا لاش ان ۾ پيا آهن ۽ ڪجهه انساني لاش پڻ ان ۾ لڙهي پهتا آهن. بيماريون پيدا ٿينديون نه، پر پيدا ٿي چڪيون آهن. شهر جي بجلي بحال آهي ڪو نه، جيڪڏهن آهي به ته ڪنهن لاءِ ۽ ڪٿي، ٽيليفون ته خراب آهي ئي آهي. موبائيل فون جا ٽاور پڻ ڪم ڪرڻ ڇڏي چڪا آهن. معنيٰ موبائيل فون به بند، ڏهه فوٽ گدلي سائي. بيمارين سان ڀرپور پاڻيءَ واري شهر خيرپور ناٿن شاهه جا اٽڪل 60 سيڪڙو گهر، دڪان ڇپرا گدام پٽ پئجي ويا آهن. جيڪي بچيا آهن. اهي به ڪهڙا بچيا. انهن جا بنياد لڏي، جهري ويا آهن. جر وڌي وڃڻ سبب زمين ۾ مٿانهين وارن ڪجهه گهرن ۾ به فرش مان پاڻي پيو ٽمي، پاڻي نڪرندو ڪڏهن، پاڪستان جي ايوان صدر کان وٺي، دادو جي ڊي سي او ۽ خيرپور ناٿن شاهه جي مختيارڪار تائين ڪو ٻڙڪ نه پيو ڪڍي، پاڻي نڪرندو به ته، اهي گهر ڪهڙي قابل هوندا. جيڪي بظاهر اڃا بيٺل آهن انهن گهرن ۾ خيرپور ناٿن شاهه جا ماڻهو پنهنجي معصوم ٻچڙن سان گڏ، بي خوف ڪيئن ننڊ ڪندا، جن بابت خبر ناهي ته ڀتيون ۽ ڇتيون اڄ ڪرن يا سڀاڻي، ٻڌون نه ٿا، ڏٺو به آهي ته شهدادڪوٽ وارن مڙسي ڪري شهر جي ٻاهران پاڻي ٽپايو، جوهيءَ وارن به همت ڪئي. ميهڙ ۾ شهر جي ايڊمنسٽريٽر غفار شيخ جون اوجاڳي ۽ هڻ هڻان سبب ڳاڙهيون اکيون مون پاڻ ڏٺيون. ڀان سيد آباد ۾ روشن ٻرڙو، مولا بخش لغاري، بخشل سيهڙو ۽ سندن سٿ جي ڪم ڪار ڀان بچائڻ ۾ وڏو ڪردا رادا ڪيو، سيد جلال محمدو شاهه جي جوهيءَ کان وٺي ڄامشوري تائين ڏينهن رات جي ڪيل محنت جي شاهدي سندس مخالف به ڏين پيا. سائين ادريس راجپوت کي ساٿ کڻي علائقي جو تفصيلي وزٽ ڪرائي. جلال شاهه جهڙي نموني جتان ماڻهو ڪڍرائڻا آهن. انهن کي ڪڍرائڻ ۽ کين محفوظ هنڌن پهچائڻ ۾ وسان نه گهٽايو ۽ جنهن شهر کي بدن سان بچائڻو آهي. اتي ماڻهو، پئسو، جيڪو شاهه صاحب جو وس پڳو پاڻ ڪيائين. ائين ئي خيرپور ناٿن شاهه جا ماڻهو به ڪن ها، هو به همت وارا ماڻهو آهن. بند ٻڌن ها. مڙسي ڪن ها. پر کين حڪمران موقعو ته ڏين ها. ڪي اين شاهه جي ماڻهن لاءِ ٻوڏ جوهيءَ وانگر يا شهدادڪوٽ وانگر آهستي آهستي نه، پر هڪ اوچتي بم جي صورت ۾ ڇڏڌي وئي. ان وقت انتظامي حڪم تي شهر خالي ڪرڻ واري اعلان کان پوءِ ڇا ماڻهو پنهنجا معصوم ٻار شهر مان ڪڍن ها يا بند ٻڌڻ ڏانهن اچن ها!؟
ٻوڏ سڄي سنڌ کي ڌوڏي ڇڏيو آهي. پر خيرپور ناٿن شاهه سان جهڙو حشر ڪيو ويو آهي. اهڙو ڪنهن سان نه ٿيو آهي. شهيدن جو شهر، شهيدن جو شهر چئي. چئي تقريرون ڪري ووٽ وٺندڙن خيرپور ناٿن شاهه کي هاڻي فقط انهن چند شهيدن جو نه، پر پوري خيرپور ناٿن شاهه جي مڪمل عوام جو شهيدن جو شهر ڪري ڇڏيو آهي. قومي اسيمبليءَ جو اجلاس هلي رهيو آهي. پر ڪنهن ”معزز ميمبر“ سنڌ جي ڪنهن ميمبر ٻوڏ بابت هاڪاري نه ته ناڪاري ئي سهي. ڪو لفظ به ڪڍيو آهي. خيرپور ناٿن شاهه جي ايم اين اي طلعت مهيسر جي گهٽ ۾ گهٽ قومي اسيمبليءَ ۾ اها صدا ته بلند ٿيڻ گهرجي ته آهي ڪو والي وارث ڪي اين شاهه جو؟ ان شهر جي ايم پي اي عمران لغاريءَ جي ته حالت اها آهي، جو ٻوڏ وقت به هو شهر مان غائب هو، پر هاڻي جڏهن ان شهر جا لکين ماڻهو دربدر ٿي ڪيمپن ۾ پهتا آهن ته اتي به اهي ماڻهو ان جي شڪل ڏسڻ کان محروم آهن. هو ٻوڏ کي نه روڪي سگهيو. پر بي گهر ٿيلن وٽ ته پهچي سگهي ٿو. نه هو پهتو آهي. نه وري اتان جو ايم اين اي طلعت مهيسر کي ماڻهن اتي ڏٺو آهي. هي ٻئي نمائنده شايد وري ووٽ وٺڻ مهل ان لاوارث شهر جي ماڻهن کي نظر اچن ۽ شهيدن جو واسطو ڏئي هڪ ڀيرو وري شهيدن جي هن شهر جي ماڻهن کان ووٽ وٺڻ ۾ ڪامياب ٿيڻ جي ڪوشش ڪن.
خيرپور ناٿن شاهه شهر کي گڏيل قومن کي خاص اسائنمينٽ تحت Adopt ڪرڻ گهرجي. گڏيل قومن وارا دنيا ۾ آفتن ۾ تباهه ٿيل شهرن جا شهرAdopt ڪري انهن جي بحالي لاءِ سڌي ڪارروائي ڪندا آهن. هيءُ هڪڙو شهر نه پر هڪ لک کان مٿي ماڻهن جي پنجااهه سالن جي محنت ۽ پورهيو آهي، جيڪو هن هٿرادو ٻوڏ جي نذر ٿي ويو آهي. ماڻهن پاران مستقبل لاءِ ڪيل پلان، خواب، خواهشون، جذبا، امنگون سڀ تباهه، برباد ٿي ٻوڏ ۾ ڌوپجي ويا آهن. ان ڪري ان شهر جو ڪيس باقي سنڌ جي علائقن کان جدا ۽ منفرد آهي.
جيترو جدا ۽ منفرد ڪي اين شاهه جي تباهيءَ جو قصو ۽ لاوارثي جو مثال آهي. اوترو ئي ان شهر کان لاتعلق بڻيل اسان جي سياسي ۽ سماجي پارٽين جو رويو آهي. لک کان مٿي انسانن جو پڪ سرو شهر، گندي بدبودار پاڻيءَ جي ڍنڍ بڻيل آهي. پر اسان جون قومپرست پارٽيون به ان لاءِ ڪو منظم، مڪمل، اثر انگيز لائحه عمل نه ڏئي سگهيون آهن. ان شهر جي لاءِ ڪا مرڻ گهڙي تائين بک هڙتال، ڪو شهر جي پاڻي جي نيڪال جي تاريخ ڏيڻ تائين ڪو ڌرڻو، ڪو لانگ مارچ ڪنهن به ڪو اعلان ڇو نه ڪيو آهي؟ اسان جا سياستدان خاص ڪري قومپرست اعلان ته ڪن. اڳواڻي ته ڪن، خيرپور ناٿن شاهي جوان، هزارن جي تعداد ۾ انهن سان گڏ بلڪه اڳيان اڳيان هوندا.
هوڏانهن ورلڊ سنڌي ڪانگريس جي ٽيم، ڊاڪٽر حليم، ڀٽي، صغير شيخ، ڊاڪٽر لکو مل، روبينا شيخ، هدايت ڀٽو، ثريا مخدوم علي، ميمڻ ۽ سنجي ڪمار ۽ ٻين سنڌ ۾ سليابي تباهي وارو معاملو جنيوا ۾ اٿارڻ لاءِ سرگرمي شروع ڪري ڇڏي آهي ۽ ڪي اين ساهه معاملو سندن لسٽ ۾ پهرين نمبر تي آهي.