سنڌ جي تباهي: وفاق ڪٿي آهي؟…علي قاضي
ٽوڙي بند ٽٽڻ وقت اسان جي صحافي دوستن جڏهن خبرون ڏئي سنڌ واسين کي خبردار پئي ڪيو ته ان وقت چيو پئي ويو ته، ”ماڻهن کي پريشان نه ڪيو ۽ panic پيدا نه ڪيو،“ ۽ اسان سڀني ڏٺو ته ٽوڙي بند کان ڪاهي ايندڙ ٻوڏ جي پاڻيءَ سبب تباهي ٿيندي رهي ۽ اسان رڳو ڏسندا رهجي وياسين، ته پوءِ اهي دعوائون خبر ناهي ڪيڏانهن ويون، جيڪي حڪمرانن ڪيون پئي ته ڪو مسئلو ناهي.
ٻوڏ ڪٿان اچي پئي؟ ڪيڏانهن ويندي ؟ ڪيترو نقصان ڪندي؟ اهي اندازا ۽ نقشا ڪڍڻ ڏاڍا سولا آهن، پر ٻوڏ وارن علائقن ۾ هزارين خاندان پريشان آهن. هر ڪٽنب جو ٻار گھر ڇڏڻ وقت پنهنجن رانديڪن کي حسرت ڀرين نگاهن سان ڏسندي گھر ڇڏيندو هوندو. هر گهر جو هر ڀاتي پنهنجو سر بچائڻ لاءِ تڙ تڪڙ ۾ نڪرڻ جي ڪوشش ۾ آهي. اهڙي طرح هزارين ماڻهو پريشان آهن ۽ اهڙن علائقن جون هزارين ڪهاڻيون هونديون. اهو سڀڪجهه سرڪار جي ناقص مشينري جي ڪري ٿيو آهي، ڇاڪاڻ جو هِن وقت لڳ ڀڳ سموري سنڌ پريشان آهي. شهدادڪوٽ کان ٺٽي تائين اڃا به خطرا موجود آهن، پوءِ به چيو وڃي ٿو ته خبرون هلائي ماڻهن کي پريشان نه ڪيو وڃي. هن وقت لڳي ٿو ته ٻوڏ متاثرن جو تعداد 40 لکن مان وڌي لڳ ڀڳ 50 لکن تائين پهچي چڪو آهي.
ٽوڙي بند ٽٽڻ کان پوءِ ڪافي نقصان ٿيو آهي، پر اڃا تائين چيو پيو وڃي ته، ”سروي ٿيندي ۽ پوءِ ڏسبو ته ڇا ڪرڻ گهرجي،“ پر اهو ڪنهن به ڄاڻڻ جي ڪوشش ناهي ڪئي ته، اتي ڇا ٿيو؟ ۽ ٽوڙي بند ڇو ٽٽو؟ ڪا خبر نٿي پوي. ٺٽي ۾ به ايئن ئي ٿئي پيو. هتي به خبر نٿي پوي ته سورجاڻي بند جي ٽٽڻ وقت اتي مشينري ۽ عملو ڇو موجود نه هو؟ اتي شرپسندن جي ڪاررواين جون خبرون به آيون آهن. اکين ڏٺا شاهد شاهديون ڏين پيا، ڳوٺاڻا چون پيا ته مشين گهارو هنيو. اهي سڀ ڳالهيون تقاضا ڪن ٿيون ته ان جي ڪا اعتبار جوڳي جاچ ڪرائي وڃي. مون ٻڌو آهي ته ڪنهن مختيارڪار وٽ چار سوزوڪيون آيون، جن مان ٻه ڪو صاحب ڪاهي ويو ۽ ٻيون ٻه اچن پيون. اها حالت آهي سرڪار جي طرفان مهيا ٿيندڙ ٽرانسپورٽ جي سهولت جي. جڏهن ته ٻوڏ هيٺ آيل مختلف جاين تي ٻيڙيون به نه پيون پهچايون وڃن. ان سان مسئلا حل نه ٿيندا. ماڻهن کي ٽرانسپورٽ جي سخت ضرورت آهي ۽ ان ڏس ۾ اهي ڏکيائين کي منهن ڏئي رهيا آهن. ٺٽي ۾ سامهون آيل صورتحال جي جاچ ٿئي ۽ ايم ايس بند کي لڳل گھاري جي ڪري ٿيندڙ تباهي ۽ هن کان اڳ ٿيل تباهي آبپاشي کاتي جي نااهليءَ ڪري ٿي آهي.
اسان وٽ سنڌ لاءِ عالمي امداد جون صرف ڳالهيون ٿي رهيون آهن. ٿي سگهي ٿو ته پنجاب ۾ ڪٿي عالمي امداد به پهتي هجي، پر سنڌ لاءِ قيصر بنگالي چوي ٿو ته،” سنڌ جو ساڍا پنج سئو ارب رپين جو نقصان ٿيو آهي،“ پر نقصان ان کان وڌيڪ به ٿي سگهي ٿو، ڇاڪاڻ جو سنڌ سنڌ جو سمورو رائيٽ بينڪ تباهه ٿي ويو آهي ۽ هاڻي ٺٽي جو وارو آهي. هوڏانهن دادو ضلعو ۽ منڇر ڏانهن ايندڙ پاڻي ڪهڙا نتيجا ڏيندو؟ اهو اڃا ڏسڻو آهي. اسان وٽ اهو چيو پيو وڃي ته، ”عالمي ضمير ڪڏهن جاڳندو؟“ پر عالمي ضمير جڏهن جاڳي، ان کان اڳ ۾ڏسجي ته اسلام آباد جو ضمير ڪاڏي ويو؟ وفاق ڪٿي آهي؟ خيبر پختونخوا ۽ پنجاب سميت سڀني کي مدد ملڻ کپي ۽ سرڪار انهن ڏانهن به توجهه ڏئي، پر سنڌ ۾ تمام وڏي تباهي ٿي آهي. ان ڪري سنڌ، وفاقي سرڪار جي وڌيڪ توجهه جي گهرجائو آهي.
اهو ائين آهي جيئن ڪنهن ڊاڪٽر وٽ چار مريض داخل هجن ۽ انهن مان هڪ کي بخار، هڪ کي مٿي ۾ سور، هڪ کي ڪا ٻي تڪليف ۽ هڪ انتهائي نازڪ حالت ۾ هجي، ته ڊاڪٽر ان مريض ڏانهن وڌيڪ توجهه ڏيندو، جنهن جي زندگي وڌيڪ خطري جي ور چڙهيل هوندي. ساڳئي نموني وفاقي سرڪار توڙي سنڌ سرڪار کي سنڌ ۾ ٻوڏ جي تباهين کي روڪڻ ۽ متاثر ماڻهن جي بحاليءَ ڏانهن توجهه ڏيڻ کپي. ڇاڪاڻ جو ٻين صوبن ۾ ته ٻوڏ بند ٿي ويئي آهي، پر اها سنڌ ۾ جاري آهي.
اسان وٽ گولي غلام واري صورتحال هئي. اڄ مس مس سنڌ حڪومت ڊونرس ڪانفرنس سڏائڻ جو اعلان ڪيو آهي. پختونخوا اهڙي ڪانفرنس ڪرائي چڪو آهي. اسان سمجهون ٿا ته سنڌ حڪومت سان ان جي capacity جو مسئلو آهي، پر سنڌ حڪومت کي وفاق جي هدايت جو انتظار ڪرڻ بجاءِ لکين ماڻهن کي آٿت ڏيڻ گهرجي ۽ اڳتي وڌي کين کاڌ خوراڪ ۽ ضرورت جي ٻين شين جو بندوبست ڪري ڏيڻ گهرجي. ماڻهو اهو به صحيح ٿا چون ته، ”آفيسر اي سي ڪمرا ڇڏي ٻاهر نڪرن.“ ائين ٿيڻ ضروري آهي، ڇاڪاڻ جو مسئلو واقعي سنگين آهي، پر اهڙي ڪوشش ٿيندي نظر اچڻ گهرجي، باقي اهو چئي ڇڏڻ ته مريض تمام گهڻا آهن ۽ اسان وٽ ايترا ڊاڪٽر ڪونهن يا لکين ماڻهو آهن، اُنهن کي ماني نٿا کارائي سگهون يا گهارو بند ڪرڻ وس جي ڳالهه ناهي. ائين چئي بس ڪري ويهي رهڻ مناسب ناهي.
اهو نه سمجهيو وڃي ته هيءَ ٻوڏ ڏهه پندرهن ڏينهن هلندي، پوءِ معاملو ٺيڪ ٿي ويندو. اهو صحيح ناهي. انهن ڏهن پندرهن ڏينهن کان پوءِ ٻيون ٻوڏون اينديون. سماجي ۽ معاشي مسئلا ڪَرُ کڻندا. تنهنڪري سنڌ حڪومت کي هاڻي اهو نه ڏسڻ گهرجي ته ڪهڙو وزير ڪنهن جي پرچيءَ تي آيل آهي، چاهي ڪهڙي به پرچيءَ تي آيل هجي، پر هر وزير کي ڪارڪردگي جي بنياد تي پرکيو وڃي ۽ جيڪو ڪم نٿو ڪري، ان کي هٽايو وڃي. ِماڻهن کي معاوضو ڏيڻ ۽ سندن بحالي وارو معاملو به اڃا رهيل آهي. اها ساڳي مشينري ان دوران به ڪم ڪندي، جنهن جا حال هن وقت ڏسون پيا. هن ٻوڏ کان پوءِ جيڪا سنڌ جڙندي، ان سنڌ جا ماڻهو پنهنجو ووٽ ڀوتارکي ڏسي ڪونه ڏيندا، پر ڪارڪردگيءَ جي بنياد تي ووٽ حاصل ڪري سگهبا. اسان جيڪا تبديليءَ جي ڳالهه پئي ڪئي، اُها هاڻي هنن حالتن کي ڏسي ماڻهن کي سمجهڻ گهرجي. ان ڪري ڀوتارن کي اڳتي وڌي مصيبت ۾ ڦاٿل ماڻهن جي مدد ڪرڻ گهرجي. هر ڪيمپ تي وزير جو هجڻ لازمي آهي. ڇاڪاڻ جو مختيارڪار يا ڊي سي او جو محدود اختيار آهي ۽ وزير ڪيمپ تي هوندو ته ميڊيا وارا ۽ ٻيا واسطيدار ان سان ڳالهائي سگھندا ۽ هو موقعي تي مسئلو حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو.
اها ڳالهه به درست آهي ته ٻوڏ قدرتي آفت آهي، جنهن کي نٿو روڪي سگهجي، پر ڪئمپن ۾ ڦهليل بيمارين جي ٻوڏ ته روڪي سگهجي ٿي، جتي به غير سرڪاري طور ماڻهن پنهنجي مدد پاڻ تحت ڪئمپون قائم ڪيون آهن، اتي منظم نموني ڪم ٿئي پيو، پر جتي سرڪاري ڪئمپون قائم ٿيل آهن، اتان دانهون اچي رهيون آهن. آئون ڪراچيءَ جي هڪ ڪئمپ ۾ ويس، اتي زمين تي پيل پٿرن جي ڪري مان انهن پٿرن تان هلي نه پئي سگهيس، ته پوءِ اُتي ٻار، عورتون ۽ مرد ننڊ ڪيئن ڪندا هوندا؟ جنهن زمين تي پنڌ هلي نه سگهجي، جتي پٿر پيل هجن، اتي چادر وجهي ڪيئن آرام ڪري سگهبو؟ هن وقت ماڻهو اهڙين حالتن ۾ زندگي گذاري رهيا آهن، جتي جانور به نه رهي سگهن. سنڌ ۾ آيل ٻوڏ کان محفوظ گهراڻا اڳتي وڌن ۽ ٻوڏ ستايل ماڻهن جي مدد ڪن. جيڪڏهن هڪ گهراڻو هڪ ٻوڏ ستايل گهراڻي جي مدد ڪري ته، اهڙي نموني سمورن ٻوڏ ستايل خاندانن جي سهائتا ٿي سگهي ٿي ۽ سنڌ واسي هڪٻئي سان جڙي سگهن ٿا ۽ کين جڙڻ گهرجي.