تاريخ، فلسفو ۽ سياست

مها ٻوڏ 2010 (جيڪي سنڌ سان ٿيو)

ڪتاب ” مها ٻوڏ 2010 (جيڪي سنڌ سان ٿيو) “ اوهان اڳيان حاضر آهي. هن ڪتاب جو ليکڪ عزيز رانجهاڻي آهي. 07 آگسٽ 2010 تي سنڌوءَ جي ساڄي ڪپ تي ٽوڙيءَ واري هنڌ تان سنڌوءَ جي بچاءُ بند کي گهارو ڇا لڳو، ڄڻ سنڌ ۾ قيامت اچي وئي. شير درياهه سنڌو مستيءَ ۾ اچي سنڌ جي ميدانن شهرن ۽ ڳوٺن ۾ ڪاهجي پيو ۽ ٻوڙان ٻوڙ ڪري ڇڏي ۽ ڏسندي ئي ڏسندي بلوچستان جي حدن کان وٺي سنڌي سمونڊ تائين هڪ ٻيو سمونڊ ڪري ڇڏيو. جتي 10 کان وٺي 16 فوٽن تائين ڪيترائي ڏينهن اڌ سنڌ پاڻيءَ هيٺ رهي ۽ اڌ سنڌ جي آبادي سر ۽ مال متاع بچائڻ لاءِ سرگردان رهي ۽ پنهنجي ئي ڌرتيءَ تي صدين کان آباد هي ڌرتي ڌڻي بي گهر ٿي ڪسمپرسيءَ جي حالت ۾ ڪئمپن جي حوالي ٿيا. سنڌوءَ جو پاڻي سندن پويان ائين پئجي ويو جيئن ڪو حمله آور لشڪر اوچتو ڪنهن علائقي ۾ ڪاهجي پوي ۽ ماڻهن ۾ ڀاڄ پئجي وڃي ۽ هو ساهه بچائڻ لاءِ برمنهن ڪندا هجن. ڪٿي جيڪب آباد، ڪشمور، ٺل، شهدادڪوٽ، ڳڙهي خيرو ۽ ڪٿي ڪراچي، سانگهڙ، ٽنڊو باگو، نئون ڪوٽ ۽ حيدرآباد، ساهه بچائڻ لاءِ هي ڌرتي ڌڻي، سنڌ جي هڪ ڪنڊ کي ڇڏي ٻئي ڪنڊ تي وڃي ڪئمپن ۾ پهتا ۽ دربدر ٿي مصيبتن ۽ عذاب ۾ اچي ويا.
Title Cover of book مها ٻوڏ 2010 (جيڪي سنڌ سان ٿيو)

ڪئمپ ڪهاڻي -2

سونا ٻنڊي ٻيلي ۾ آباد ڳوٺ غلام قادر چانڊيو جون اهي عورتون، جن لاءِ دادو شهر ئي ڪل ڪائنات هئي. ۽ جن جي ”ذات“ جي دهشت پوري علائقي ۾ هئي. ان ئي ڳوٺ جا چانڊيا، جيڪي پرو چانڊيي جا ذات ڀائي هئا. هنن کي اها ڪل ئي ڪا نه هئي ته ” پرو چانڊيي“ کانسواءِ به ٻي ڪا قوت ٿي سگهي ٿي. جنهن جي خوف ۾ هو راتو واهه ڳوٺن جا ڳوٺ خالي ٿيندي ڏسندا ۽ اهڙي حالت ٿيندي جو ماڻهو ماڻهوءَ کان ڌار ٿي ويندو هنن ته هوش تڏهن سنڀاليو. جڏهن پراڻي وحدت ڪالونيءَ جي اسڪول ۾ اچي هنن جو لڏو لٿو، درياهه جهڙي دهشت رکندڙ علائقي جي هنن ماڻهن جو لڏو به خاموشيءَ سان لٿو پر ٻار توڙي عورتن ۾ موت جهڙي خاموشي هئي. شام لهي چڪي هئي. سيلاني ٽرسٽ طرفان ماني پهتي. پاسي واري در جا ٻار توڙي وڏا ڊڪي ڊوڙي ماني وٺي رهيا هئا. هنن وٽ بنهه خاموش هئي. ڊڪي ڊوڙي ماني وٺڻ ته پري جي ڳالهه پر ڪنهن ماني وٺي کين پهچائي ته هنن ان کي به هٿ نه پئي لاٿو سڀ عورتون هٿن ۾ وڏي تسبيح کڻي پڙهڻ ۾ مشغول هيون ڪنهن زائفان جو آواز آيو، ”وڏي آواز ۾ ”ناد علي“ پڙهو. موليٰ حسين عليه السلام جي صدقي خير ٿي ويندو الله ۾ آسرو رکو. روئو نه ان حڪم جي تعميل ڪندي ڪنهن ڳوڙها اگهيا ته ڪنهن ڳيت ڏئي سڏڪو روڪيو. سڀ ملي ڪري ناد علي پڙهڻ لڳيون. وچ ۾ سيل فون جي رنگ وڳي. ڌڻي ڏنو چانڊيو کي پويان رهجي ويل مردن جي فون هئي. سڀ عورتون ان کي ڦري ويون. خبر مڙئي ڪا خير جي نه هئي. تيز پاڻي جي وهڪري مال ته لوڙهي ڇڏيو پر همراهه ڇتين تي ويٺا هئا. انهن تائين اچي پاڻي پهتو آهي. هو ڪچي جا ويٺل ماڻهو هئا. کين پڪ هئي ته پاڻي ايندو. تنهنڪري هنن سامان ته پڪي ڏانهن موڪليو هو پر جڏهن ڏهن ڏينهن تائين سکر ۾ وڏي ٻوڏ کان پوءِ به پاڻي سندن ڳوٺ جي ڀر واري ڍنڍ ۾ به نه آيو ته هنن ڀانيو ته پاڻي هن واري پنهنجو رستو بدلائيندو يا وري سڀ خبرون ڪوڙيون آهن. سندن وڏڙي ٻڌائي پئي ته ”امان! چيو مان ته نڪري هلون. دير يا سوير پاڻي ايندو ضرور، مال به ڪڍو ته پڪي تي هلي ويهون. پر مڃيائون ئي ڪو نه مرد چون پيا ته توهان ڊڄڻيون آهيو. جي پاڻي آيو به ته گوڏي جيڏو پاڻي ايندو. ايترو ته پنهنجي ڳوٺ جو بند جهلي ويندو. امان اسان جيئن ته ٽي وي پئي ڏيکاري ته هيترا ڳوٺ پيا ٻڏن. پنهنجو ڳوٺ ڪيئن بچندو؟ ته جيئن ته ٽي وي وارا پڪي جا ماڻهو آهن. گوڏي جيتري پڻي تي به پيا هاءِ گهوڙا ڪن. اجايو ڊيڄاري ڳوٺ پيا لڏائين. ويچارن ماڻهن کي پيا بي گهر ڪن. امان اسان گهڻي هاءِ گهوڙا ڪئي ۽ احتياط طور مون ته پنهنجي سلائي مشين به مٿي جاري ۾ لڪائي رکي. پر توکي خبر ناهي ته ڪچي ۾ مائيءَ جو وات مينهن جي رڙ کان به ويل آهي. ڪيترو به ڳالهائي پر ڪير ٻڌندو ئي ڪو نه پوءِ ته اهو ويل ٿي ويو. رات وچ ۾ اهڙو پاڻي پهتو جو مال ۽ سامان ته اتي ئي ڇٽو. بس ٻار کڻي. انهيءَ ڌڻي ڏني سان نڪتاسين. ويهه جا ويهه مرد پويان رهجي ويا آهن.“ هوءَ اڌ عمر جي زائفان ٻڌائي رهي هئي. ”امان، پاڻي ته اسان پهرين به ڏٺو هو، ايندو هو پهرين گوڏي جيڏو پوءِ چيلهه جيترو ٿيندو هو پر هيل ته مٿان پيو وري. اسين هتي اڃا مس پهتا آهيون ته پاڻي ڇت تائين پهچي ويو آهي. هينئر سڀ گهرن جي ڇتين تي ويٺا آهن ۽ گهر ڪچا آهن. اجهو ٿا ڪرن.“ جڏهن اسان ان پوڙهيءَ کان حال احوال پئي ورتا هڪ ٻي اڌڙوٽ آئي ۽ هن چيو ته ”امان اسين رڳو نه ڦاٿا آهيون. پاسي جي ڳوٺن وارا به وڻن تي ويٺا آهن. سرڪار کي ٻڌايو ته انهن جو به ٻڌايو“ ان تي ٻي زائفان چيس: ”اڙي بس، پهرين پنهنجا ته ٻچا ۽ ور بچايون. ٻين کي ڇڏي ڏي.“ ان تي مائيءَ وراڻيو ته ”ائين ڪيئن ڪنداسين سڄي عمر ڏک، سک ۾ گڏ رهياسين. ٻوڏ ۾ انهن کي ڇڏي ڏيون!“ اهي عورتون ته اسان کي سرڪار جو ماڻهو سمجهي منٿون ڪرڻ لڳيون ته ڪجهه ڪريو. واهر ڪريو. ڪچا ڪوٺا آهن. رات جو لڙهي ويندا، صبح کان پاڻيءَ ۾ آهن. ڳالهه سمجهه ۾ نه پئي آئي ته آخر ڪنهن کي چئجي؟ ڇا ڪجي؟ ڪنهن دوست چيو ته ڪي ٽي اين جي ٻوڏ سيل ۾ فون ڪريو. مشڪل سان ڪيمپ ۾ نمبر حاصل ڪري اتي انهن کي اطلاع ڏنوسين. ڪي ٽي اين ان وقت ساهه لاءِ تند جو سهارو بڻجي پئي ته. ڳوٺ غلام قادر چانديو ۾ ويهه ماڻهو ڦاٿل آهن ۽ هو گهرن جي ڇتين تي ويٺل آهن. سڀاڻي تائين گهر ڊهي پوندا. انهن عورتن کي دلداري ڏيندي کين پنهنجو سيل نمبر ڏئي واپس آياسين ته رات جو ٻارهين وڳي عورتن مان ڪنهن فون ڪئي ته، ”ادي ٻيڙي ته آئي. هڪ چڪر ڪري پاسي واري ڳوٺ جا ماڻهو ڪڍي وئي. اسان جا اڃا اتي ويٺا آهن.“ هاڻي ڇا ڪجي؟ رات جي هن مهل، هنن عورتن جي بيوسي وئي پئي وڌندي. ”ڇٽڻ“ جو مڙس، جوان پٽ ۽ ڀاءُ گڏ هئا. پر صبح تائين گهر ڊهڻ لڳا. ماڻهو ماڻهوءَ کان ڌار ٿي ويو. هو وڻن تي چڙهي ويا. سندس ڀاءُ جي ڪال آئي ته هو افسانه (مائي) جي پٽ ۽ گهر واري کان وڇڙي ويو آهي ۽ هنن جون موبائلون به بند ٿي ويون آهن. ٻي ڏينهن جي منجهند تائين ڊي سي او دادو جي هيلپ لائين تي فون ڪري انهن ويهن ماڻهن جو اطلاع ڏنوسين ڊي سي او دادو جي عملي چيو ته اسين ٻيڙي موڪليون پيا. رات جا اٺ ٿيا پر ٻيڙي ان ڳوٺ نه پهتي. پاڻي اچي وڻن تائين لڳو. مسلسل ٻن ڏينهن ۽ راتين جي اوجاڳي، بک منٺار چانڊيو، جيڪو افسانه جو ڀاءُ هو. کي بيمار به ڪري وڌو. ”ڇٽڻ“ روئي روئي پئي ٻڌايو ته، ”ادي، هاڻي ته پاڻي ۾ وڻن تي بيهي اسان جي ٻچن جا پير به سڄي پيا آهن. موبائل به جواب ڏيڻ واري اٿن. ڪا واهر ڪريو.“ ڊي سي او دادو جي هيلپ لائين تي ئي وري فون ڪيوسين ته جواب مليو ته سٺ ٻيڙيون هيون. سڀ وڏيرا کڻي ويا آهن. پنهنجا ماڻهو پيا ڪڍن سڀاڻي انهن جو ڊيزل بند ڪنداسين ته پوءِ واپس ڪندا ۽ پوءِ ان علائقي ۾ ٻيڙي موڪلينداسين. اها ٽئين رات هئي. جو هو وڻن تي بکيا ويٺا هئا ته من ڪا واهر ٿئي. ٻئي ڏينهن وري هيلپ لائين تي جواب مليو ته ”اسان ڊيزل بند ڪيو ته هنن اڄ مورو-دادو پل تي احتجاج ڪيو آهي. هاڻي ته وڏيرا پنهنجا ڪتا گهُڙا به پيا ڪڍن“ هتي عورتن ۽ ٻارن جو ساهه ٽنگيل هجي. هنن کي ڪيئن ٻڌائجي ته ان جي ٻچن کان وڌيڪ وڏيرن جا ڪتا آهن! هو هڪ گرهه به وات ۾ نه پيا وجهن. نه ئي سڄي رات مجال آهي جو ڪنهن کي ننڊ اچي افسانه چوڻ لڳي ته ”هنن سان گڏ پيا اوجاڳا ڪريون، اسين ته سڪيءَ تي سنئين پٽ تي آهيو. هو ته وڻن تي ٽنگيل آهن ۽ اڌ پاڻيءَ ۾ آهن. اڄ ٻيڙي نه پهتي ته پاڻ بچائي ڪو نه سگهندا ۽ پاڻيءَ ۾ ڪري پوندا. ”آخرڪار هر وسيلي کان فون گهمايوسين. وڏيرن کان ڪا هڪ ٻيڙي واندي ٿي جو چوٿين رات جو اٺين وڳي ان علائقي ۾ پهتي منٺار چانڊيي سميت ڪجهه ٻيا ماڻهو نڪري آيا. ڇٽڻ جو ڀاءُ ته پهچي ويو پر سندس پٽ هوت ۽ مڙس امير بخش جي ڪا به خبر ڪا نه پئي اها چوٿين رات هئي ۽ افسانه، جنهن پنهنجي ٻچن جي ڏکي ويل ۾ پنهنجي پاسي واري ڳوٺ کي ياد پئي ڪيو ۽ انهن جي به پئي پارت ڪيائين. ان ئي ڇٽڻ جو سڄو ڳوٺ ته نڪري آيو پر سندس جوان پٽ ۽ ور ڪٿي رهجي ويا؟ ڪٿي انهن جا لاش به لڙهندي نظر ڪو نه پئي آيا. جو سمجهي ته پاڻي ۾ ڪري پيا هوندا. منٺار چئي پيو ته اسين مختلف وڻن کي لڙهندي چنبڙي پيا هئاسين ۽ هڪ ٻئي کان پري ٿي وياسين. ٻيڙي واري هيلپ لائين وارن چيو ته. اسان ٽي ڀيرا ساڳئي ڳوٺ ۾ ٻيڙي موڪلي آهي. هر وڻ تي ويٺل ماڻهوءَ کي ته نٿا کڻي سگهون! ڇٽڻ جو جيتوڻيڪ سڄو ڳوٺ بچي ويو هو ۽ ٻيون سڀ عورتون اٿي هلڻ گهمڻ به لڳيون هيون پر هن کي اهائي تسبيح هٿ ۾ هئي. ڪيترن ئي ڏينهن کان پنهنجن مردن سان بک پچائڻ ڪري هوءَ ساڻي ٿي چڪي هئي. مٿان جوان پٽ ۽ مڙس جي گمشدگي کيس بيحال ڪري ڇڏيو هو. ” ڪئمپ ۾ ماڻهو اچن وڃن پيا.“ هوءَ رنجيده ٿي چوڻ لڳي ته، ”خبر ناهي ته مان عدت ۾ به آهيان يا نه“ شام اچي لٿي پر ان ڪئمپ ۾ به شام غريبان اچي لٿي هئي. جهڙي گذريل ڪيترن ئي ڏينهن کان سنڌ مٿان لٿل آهي. هر هند خيما بستيون آهن ۽ اڃيا ۽ بکيا ماڻهو آهن. هڪ آخري ڪوشش طور وري ڊي سي او جي نمبر تي فون ڪئيسين. آسرو گهٽ هو، چوٿون ڏينهن هو، مسلسل اڃ بک تي هوت ۽ امير بخش جن مان هڪ افسانه جو مڙس هو ۽ ٻيو پٽ، سي جيئرا به هجن. ڊي سي او دادوءَ جي نمائندي اسان جي منٿن ڪرڻ تي آخر هڪ دفعو ٻيهر ٻيڙي موڪلڻ جي حامي ڀري پر وري رات ٿي چڪي هئي. هڪ طرف 18 ماڻهو بچي وڃڻ جي خوشي به هئي ته ٻئي طرف ڇٽڻ کي گهر لٽجڻ جو غم، هوت ۽ امير بخش جي نه ملڻ سڀني کي بي انتها اداس ڪري ڇڏيو. هاڻي ته ڇٽڻ کي دلاسي ڏيڻ جي لاءِ به ڪجهه ڪو نه بچيو هو. اسين چپ چاپ هلي آياسون. ٻئي ڏينهن صبح جي ٻارهين وڳي امر سنڌو کي فون ڪيو ۽ هوءَ اوڇنگارون ڏئي روئي رهي هئي. جيڪي ڳوڙها هن چار ڏينهن روڪيا هئا. جيڪي سڏڪا هن نڙيءَ ۾ دفن ڪري ڇڏيا هئا. سي سڀ هن جي آواز ۾ ڀرجي ويا هئا. هن ٻڌايو ته هن جو گهر وارو ۽ پٽ ٻئي زندهه آهن ۽ آخري چڪر واري ٻيڙي نيم بيهوشيءَ واري حالت ۾ ڪنهن وڻ تي ويٺل ٻنهي ڄڻن کي ڪڍي آئي آهي پر هنن جي حالت خراب آهي ۽ هو اسپتال ۾ آهن. ”هن سان گڏ اسان جون به اکيون ڀرجي آيون.