پاڻيءَ سان “پاڻي” ٿي ويل شهر کي “نئون” ڪيئن ڪجي؟…ڊاڪٽر ايوب شيخ
ہر چیز کو نسبت اس کے مکان سے ہے
مجنون جو مرگیا، تو جنگل اداس ہے۔
1933ع ۾ خيرپور ناٿن شاهه لاڙڪاڻي ضلعي کان ڌار ڪري دادو ضلعو ٺهڻ جي ڪري ان ۾ تعلقي طور شامل ڪيو ويو هو. اهو اصل ۾ ”سيد ناٿن شاهه“ نالي هڪڙي پير صاحب جي نالي پٺيان آباد شهر آهي جيڪو سيد جڙيل شاهه سان گڏجي موري جي ڀرسان شهردولتپور صفن مان اتي لڏي آيو هو، هاڻي واري ٻوڏ سبب سيد جڙيل شاهه جي مزار پڻ پاڻيءَ جي قبضي ۾ آهي. هن شهر جي سياسي حيثيت ان خوني ڊرامي جي ڪري ”بي بي سي“ هٿان مشهور ٿي هئي. جڏهن 1983ع جي ايم آر ڊي واري هلچل ۾ ضياءَ جي نگهباني ۾ هلندڙ فوجين جلوس ڪڍندڙ ستن ڄڻن کي شهيد ڪري ڇڏيو هو. انهن ۾ نظام نائچ پڻ شامل هيو، جيڪو شام جو پنهنجي ڳوٺ مان کير کڻي اچي شهر ۾ وڪڻندو هو، ۽ شوقيه طور شهر ۾ ٿيندڙ اسٽيج ڊرامن ۾ پڻ اداڪاري ڪندو هو، هي اهو شهر آهي، جنهن جي ٻاهران هڪ ڳوٺ سان ئي سنڌي فلمن جي مشهور اداڪار مشتاق چنگيزي جو تعلق آهي، جيڪو مشتاق چنگيزي سنڌ فلمن جي عروج واري دور ۾ هر سينيما جي زينت بڻجي ويو هو، فائين آرٽس جي شعبي مان راز ناٿن شاهي، وفا ناٿن شاهي اهم ڪردار آهن ان شهر جو هڪڙو اهم ڪردار حاجي جمعا خان شيخ به هيو، جنهن بجلي نه هجڻواري زماني ۾ به ”نثار ٽاڪيز“ وسيلي فلمن وسيلي شهرين کي ٻي دنيا کان واقف ڪرايو هو. ان ئي شهر مان اخبارن جي هاڪر مان شهر جو چيئرمين بڻجندڙ عبدالقادر ٻگهيو به آهي. جنهن ايم آر ڊي تحريڪ شروع ٿيڻ تي چيئرمين شپ تان استعيفيٰ ڏئي جمهوريت لاءِ گرفتاري ڏني هئي. ايم آر ڊي ۽ عبدالقادر ٻگهيو هن شهر جي هڪ وڏي ۽ ”عجب ڪهاڻي“ آهي. جڏهن ته جديد سياست ۾ اڳوڻو وفاقي وزير حاجي ظفر لغاري ۽ هاڻي ايم پي اي عمران لغاري، مختلف تنظيمن جا مشهور سياسي ڪارڪن نواب لغاري، نور نبي راهوجو ۽ ٻيا خيرپور ناٿن مان اڀري نڪتا آهن.
وجئي ڪمار جو ناٿن شاهه
ان شهر جو هڪڙو ٻيو اهم ترين ڪردار علي حسن کوسو هيو، جيڪو اداڪار دليپ ڪمار جي مهانڊي هجڻ ۽ ان کان متاثر هجڻ سبب فلمن ۾ اچڻ جو شوقين هيو. قسمت کيس بارڊر ٽپائي ايران تائين پهچايو، جتي شاهه ايران جي زماني ۾ هن کي ننڍن ننڍن ڪردارن کان پوءِ فلمي هيرو جو رول مليو، اهو علي حسن کوسو، جيڪو ايراني فلمي انڊسٽري ۾ وجي ڪمار جي نالي سان مشهور هيو، تنهن کي خيرپور ناٿن شاهه جا ماڻهو ”ايراني“ ڪري سڏيندا هئا. ايران جي مهابي هن جي بيگم نصرت ڀٽو سان ملاقات ٿي هئي. 1977ع ۾ جناب ذوالفقار علي ڀٽو جي جمهوري سرڪار ختم ٿيڻ سان هن پنهنجي گهر مٿان ڪارو جهنڊو چاڙهي ڇڏيو هو، جيڪو سندس مرڻ واري ڏينهن لاٿو ويو هو، وجئي ڪمار زندگيءَ جي زبردست ڏينهن ۾ ايران جهڙو حسين ملڪ ۽ اتان جا حسين ماڻهو ڏسي آيو هو، پر ان کي ڀٽي صاحب جي عشق ماري وڌو هو. ان ساڳئي اداڪار وجئي ڪمار کي هڪ ڏينهن مارشل لا اختياري وارن ڦٽڪا هنيا هئا. هن جي ميڙي پونجي ختم ٿي چڪي هئي. هن زندگيءَ ۾ خراب ڏينهن جي شروعات ۽ انتها ڏٺي، هن جو سياسي ۽ سماجي طور ڪو به اوهي واهي نه ٿيو. زندگي جي آخري ڏينهن ۾ هو فلمي هيرو وارو فل سوٽ پائي پنندو هو. ايراني ايڪٽنگ ڪري ٻارن کي وندرائيندو هو، ٻارن جا جلوس ڪڍي ان زماني جي ماڻهن کي شرمائيندو هو، هڪ ڏينهن گڏهه گاڏي تي ڪي شهري ڊاڪٽر جي ڪلينڪ تي کيس کڻائي آيا. هن ڊاڪٽر کي وڌيڪ تڪليف نه ڏني ۽ دوا جي سور کان اڳ زندگي جي سور کان موڪلائي ڇڏيو هو، هن جي ايراني بيگم ”عقي ڪمار“ ايراني انقلاب اچڻ سبب ايران بدران جرمني ۾ پناهه ورتي هئي. هن وجئي ڪمار کي ساڻ هلڻ لاءِ الاهي ٻاڏايو، پر ڦاهي چڙهيل ڀٽي سان سندس عشق جو حساب ڪجهه ٻي نوعيت جو هيو، اڄ ايم آر ڊي شهيدن جي ياد ۾ ٺهيل يادگار به ٻوڏ جو ستايل آهي. جنهن جي ياد ۾ انسانن جي ”خون“ سان گڏ ”پاڻي“ به شامل ٿي ويو آهي.
اهم سوالن جا جواب
ڇا هر سرڪار هر سوال جو جواب ”نه“ ۾ ڏيندي آهي، جواب آهي ته ”نه“ ڇا هن دنيا جي ڪجهه اهم هنگامي مامرن تي سادي فارمولا ڪم جي رهي ٿي ۽ ان سان مسئلا حل ٿين ٿا؟ جواب آهي ته ”نه“ ڇا هر معاملي جو حل ڪنهن وهم، وسوسي وسيلي ختم ٿي سگهي ٿو؟ جواب آهي ته ”نه“ ڇا، هر ڪم ۾ رڳو سرڪار مدد ڪندي آهي؟ جواب آهي ته ”نه“ ڇا رڳو عوام پنهنجي مدد پاڻ ڪندو ته معاملو حل ٿي ويندو؟ جواب آهي ته اهو به ”نه“ ان جو مطلب هي آهي ته سرڪار ۽ عوام، ادارن ۽ شهرن کي گڏجي ڪو نه ڪو ضروري حڪمتون ٺاهڻيون پونديون آهن، تنهن توازن سان مسئلا حل ٿي سگهندا آهن. جيڪڏهن رڳو ”جونءَ پير“ هلبو ته سفر طئي نه ٿيندو، جيڪڏهن ٽپا ڏيئي منزل ويجهي ڪبي ته هڏ گڏ ڀڄڻ جو خطرو موجود آهي. ان ڪري نئون خيرپور ناٿن شاه به سانهن ستيءَ سان پر منظم ۽ مضبوط ارادي ۽ اداري کانسواءِ نه ٺهي سگهندو.
سنڌ سرڪار جو فرض
سنڌ جو رٿابندي جو ادارو، مڪاني اداري سان گڏجي سڀ کان اڳ شهر جو ”نئون نقشو“ ٺاهي. ان ۾ جديد طرز جون سموريون سهولتون ڏنيون وڃن. سرڪار سمورن سرڪاري ادارن معرفت پاڻي ۽ گندگي جي نيڪال، ڊرينج سسٽم، ٽيليفون، سسٽم، گيس، پاڻي جي فراهمي ۽ شهر اندر ويڪرن روڊن جو پلان ٺاهي. ان تي رٿائون ٺاهي بنا دير ڪم ڪيو وڃي، تعلقي ليول جون سرڪاري اسپتالون، ويم گهر، اسڪول، ڪاليج مختيارڪاري ۽ ٻيون آفيسون ۽ ٿاڻو توڙي عدالتون جوڙائوڻ جو ڪم سرڪار پنهنجي سر تي کڻي. هڪ دفعو اهي رٿائون ٺهي ويون ته شهر جو منهن مهانڊو ظاهر ٿي پوندو. هاڻي عوام کي سهولتون ڏئي انهن جي واپاري مرڪز ۽ شاپنگ سينٽر جون رٿائون ۽ نقشا تيار ڪري انهن کي اهي اڏائڻ ۽ مدد ڪئي وڃي. سرڪار ان ڳالهه تي پڻ سوچ ڪري سگي ٿي ته خيرپور ناٿن شاهه ڀرسان وجئي ڪمار عرف علي حسن کوسي جو ڳوٺ يا گوزو جهڙا وڏا علائقا ”ماڊل وليج“ ٺهرائڻ جون رٿائون تيار ڪرائي.
سرڪار ۽ عوام جو گڏيل فرض
(الف) گهرن اڏائڻ لاءِ قائم هائوس بلڊنگ فنانس کاتي ۽ زرعي قرض ڏيندڙ ”زرعي ترقياتي بئنڪ“ وسيلي آسان قسطن ۽ گهٽ وياج تي شهرين کي سندن حيثيت آهر قرض ڏنا وڃن.
(ب) گهرن جي ٺهڻ لاءِ ڪتب ايندڙ بٺي جي سرن کان ويندي لوهه، سيمينٽ، ڪاٺ، ۽ ٽرانسپورٽ تي ”ٽئڪس فري“ مال ڏنو وڃي.
(ت) شهر جي ميونسپل شهر جي اڏاوت لاءِ ذميدار بنائي وڃي ۽ شهر جو ايم پي اي اهو سڀ ڪجهه عوام کي فراهم ڪرڻ لاءِ ذميدار هجڻ گهرجي. جيڪڏهن سرڪاري امداد ۽ مڪمل سهڪار جي باوجود متاثر علائقن جا چونڊيل عيوضي پنهنجي ذميداري ادا ڪري نه سگهن يا آفيسر صاحبان پنهنجي رواجي ڪاهلي کان پاسو نه ڪن ته بنا دير فيصلا ڪري انهن سمورن مهربانن کي اهڙي وزن کڻڻ کان آجو ڪيو وڃي.
(ث) ملٽي نيشنل ڪمپنين، بينڪن ،ٻين نجي ادارن جهڙوڪ گيس ڪمپنين وغيره کان شهر جي مختلف حصن کي اڏائڻ لاءِ جوڳي مدد ورتي وڃي.
(ٿ) شهر جي بدحال عوام جي نوجوانن کي بنا دير ”بينظير يوٿ ڊولپيمنٽ“ وسيلي هنرمند بنائي کين ڏيساور جي ملڪن ۾ ڪمائڻ لاءِ موڪليو وڃي. هڪ دفعو وجئي ڪمار جي شهر جا ٻوڏ سٽيل دنيا ۾ پهتا ته اهي وڏا وڏا ڪارناما ڪري سگهن ٿا، وڏيون ڪمايون ڪري سگهن ٿا. پنهنجي جسم ۽ دماغ تي لڳل پاڻيءَ جي حملي وارو گهاءُ سيڪي سگهن ٿا. سنڌ جي سرڪار توڙي لاڳاپيل وفاقي کاتا پرڏيهه جي ڪنهن به امداد بدران خيرپور ناٿن شاهه کي نئين سر اڏڻ لاءِ پنهنجن رٿائون ۽ محنتون تيز ڪن عوام کي پڻ گهرجي ته جيڪي به محنت مزدوري ڪري سگهن ٿا. اهي هڪ پاسي پنهنجا گهر اڏين ته ٻئي پاسي پنهنجي گهر جي اڏاوت تي مزوري تي لڳندڙ خرچ بچائين. هيءَ دنيا زبردست آهي. وجئي ڪمار جي جذبي جيئان. اچو ته گڏجي هٿ هٿ ڪري جبلن جهڙيون رڪاوٽون پار ڪرڻ لاءِ پهريان قدم کڻئون.