تاريخ، فلسفو ۽ سياست

مها ٻوڏ 2010 (جيڪي سنڌ سان ٿيو)

ڪتاب ” مها ٻوڏ 2010 (جيڪي سنڌ سان ٿيو) “ اوهان اڳيان حاضر آهي. هن ڪتاب جو ليکڪ عزيز رانجهاڻي آهي. 07 آگسٽ 2010 تي سنڌوءَ جي ساڄي ڪپ تي ٽوڙيءَ واري هنڌ تان سنڌوءَ جي بچاءُ بند کي گهارو ڇا لڳو، ڄڻ سنڌ ۾ قيامت اچي وئي. شير درياهه سنڌو مستيءَ ۾ اچي سنڌ جي ميدانن شهرن ۽ ڳوٺن ۾ ڪاهجي پيو ۽ ٻوڙان ٻوڙ ڪري ڇڏي ۽ ڏسندي ئي ڏسندي بلوچستان جي حدن کان وٺي سنڌي سمونڊ تائين هڪ ٻيو سمونڊ ڪري ڇڏيو. جتي 10 کان وٺي 16 فوٽن تائين ڪيترائي ڏينهن اڌ سنڌ پاڻيءَ هيٺ رهي ۽ اڌ سنڌ جي آبادي سر ۽ مال متاع بچائڻ لاءِ سرگردان رهي ۽ پنهنجي ئي ڌرتيءَ تي صدين کان آباد هي ڌرتي ڌڻي بي گهر ٿي ڪسمپرسيءَ جي حالت ۾ ڪئمپن جي حوالي ٿيا. سنڌوءَ جو پاڻي سندن پويان ائين پئجي ويو جيئن ڪو حمله آور لشڪر اوچتو ڪنهن علائقي ۾ ڪاهجي پوي ۽ ماڻهن ۾ ڀاڄ پئجي وڃي ۽ هو ساهه بچائڻ لاءِ برمنهن ڪندا هجن. ڪٿي جيڪب آباد، ڪشمور، ٺل، شهدادڪوٽ، ڳڙهي خيرو ۽ ڪٿي ڪراچي، سانگهڙ، ٽنڊو باگو، نئون ڪوٽ ۽ حيدرآباد، ساهه بچائڻ لاءِ هي ڌرتي ڌڻي، سنڌ جي هڪ ڪنڊ کي ڇڏي ٻئي ڪنڊ تي وڃي ڪئمپن ۾ پهتا ۽ دربدر ٿي مصيبتن ۽ عذاب ۾ اچي ويا.
Title Cover of book مها ٻوڏ 2010 (جيڪي سنڌ سان ٿيو)

سنڌ کي ڌنڌوڙي نه پر حقيقي هيروز گهرجن….اشفاق آذر

اهو سنجها جو وقت هو، جڏهن راڌڻ کان ڪجهه ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي سيري بند کي روڻ پوڻ شروع ٿي. روڻ پوڻ جو اطلاع ملڻ تي ڪيترائي ماڻهو گڏ ٿي ويا. جن ۾ ڳوٺاڻا به هئا ته ڪي آبپاشي عملدار ۽ سرڪاري ماڻهو هئا. سڀئي ان روڻ کي بند ڪرڻ ۾ جنبي ويا ته جيئن پاڻيءَ کي آبادي ۾ گهڙڻ کان بچائي سگهجي. انهي ڪم ۾ رضا ڪاراڻا طور تي ڳوٺاڻا به آبپاشي عملدارن جو هٿ ونڊائڻ لڳا، جن ۾ 3 ڳوٺاڻا بند جي هيٺئين پاسي بند ٻڌن ۾ مصروف هئا ته ٻئي پاسي پاڻي بند کي کائڻ ۾ مصروف هو، ايتري ۾ اوچتو مٽي جي هڪ ڀڪ ڌماڪي سان انهن ٽنهي ڳوٺاڻن مٿان ڪري پئي. هڪ ڳوٺاڻي کي ته ماڻهن بچائي ورتو، جڏهن ته ٻه ڄڻا انهيءَ ڀڪ ۾ دٻجي ويا. اهي عبدالجبار ملاح ۽ عبدالجبار ڪانڌڙو هئا، جن جا نالا به هڪجهڙا هئا، زندگيون ۽ سندن موت به هڪجهڙو هو، سنجها ٽاڻي پيل انهي روڻ کي ٻئي ڏينهن اسر ويل بند ته ڪيو ويو پر انهي روڻ سان گڏ ٻنهي نوجوانن جا ساهه به بند ٿي ويا. سيهڙ وليج جا اهي رهواسي ڳوٺاڻا پورهيو ڪري پنهنجو پيٽ گذر ڪندا هئا. هو نه ته ڪنهن ڀتا خوري کان واقف هئا، نه ئي هنن وٽ ڪي قبضي جا پلاٽ هئا، هي سنڌ جا اهي گمنام سپاهي هئا، جيڪي اڄ تائين انهيءَ بند ۾ دفن آهن. سندن مڙهه ان ڪري نٿا ڪڍيا وڃن ته ان سان بند کي نقصان ٿيندو، ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن ان بند کان پاڻي ٽپيو ته سيهڙ ۽ سرگاڻي سميت انيڪ ڳوٺن ۽ راڌڻ، سعدي موساڻي، ٻيٽو جتوئي، ميهڙ ۽ خبر ناهي ته ڪيترن علائقن کي ٻوڙي ڇڏي. اهي علائقا سنڌ جي انهن گمنام سپاهين جا اڃا تائين ٿورائتا آهن، جن پنهنجي جانين جا نذرانا ڏيئي پاڻي کي اڃان روڪي رکيو آهي! انهي بند مٿان ٻنهي ڄڻن جون عارضي قبرون ٺاهيون ويون آهن. مٽي جي انهن بٺين مٿان روزانو اگربتيون ٻاريون وڃن ٿيون، انهن نوجوانن جي مائٽن ۽ جهور والدين کي پنهنجي پٽن جي قرباني تي فخر آهي، جن پنهنجي جان جي پرواهه نه ڪندي ڪيترن ئي ڳوٺن کي ٻڏڻ کان بچائي ورتو! منهنجي نظر ۾ هي سنڌ جا اهي حقيقي هيروز آهن، جن جا مڙهه جڏهن انهي بند مان ڪڍيا ويندا ته پوري سنڌ کين سلام پيش ڪندي.
هن ٻوڏ جتي درياهه جي بندن سان گڏ اکين جا بند به ڀڃي ڇڏيا آهن، جتي دلين کي روح تائين گهارا پئجي رهيا آهن ۽ جتي ساهه ساهه کي روز روڻيو پون پيون، اتي بدقسمتي سان ڪي اهڙا گروهه به آهن جيڪي انهن ٻوڏ متاثرن جي اهنجن ۽ ايذائن کي ڪيش ڪرائڻ ۾ مصروف آهن. آئون هتي انهن ڌرين جو ذڪر ڪرڻ نٿو چاهيان، جن سنڌ ۽ سنڌين کي ڪڏهن دل سان قبوليو ئي ناهي، جيڪر اهي سنڌ جا سڄڻ هجن ها. سنڌ واسين سان مخلص هجن ها ته صوفين جي هيءَ ڌرتي ڪڏهن دهشتگردي جو منهن نه ڏسي ها، هتي ايئن بي گناهن جو رت وهندي نظر نه اچي ها، هو ڪالهه به پراوا هئا ۽ اڄ به ڌاريا ئي آهن، جيڪڏهن ائين نه هجي ها ته جيئن ڌرتي ڌڻين هنن جي آجيان لاءِ پنهنجي دلين جا در کوليا هئا، تيئن اڄ اهي ڌرتي واسين جي آجيان لاءِ هنن جي اکين جون پنبڙيون وڇايل هجن ها، پر ايئن ڪونهي، ڪالهه جي سچ ۽ اڄ جي حقيقت ۾ وڏو فرق آهي. اڄ جي حقيقت اها آهي ته اڄ اهي ڌرتي واسي پنهنجي ئي ديس ۾ دربدر آهن، جن جي زخمن مٿان پراون سان گڏ ”پنهنجا“ به لوڻ ٻرڪي رهيا آهن.
هن ڀيري جتي هڪڙي پاسي سيهڙ وليج جي عبدالجبار ملاح ۽ عبدالجبار ڪانڌڙو جي بي مثل قرباني جهڙا وقعا آهن ته ٻئي پاسي وري سنڌ جي انهن ”جوڌن“ جا ڪارناما آهن، جيڪي انهن ٻوڏ متاثرن جي دم تي به دمڙي ڪمائڻ چاهين ٿا. ڪراچي اڄڪلهه انهن ڌنڌوڙي ماڻهن لاءِ آئيڊيل شهر بڻيل آهي. جيڪي پنهنجي ڳلي ۾ سنڌ سان سڄڻائپ جو ڪارڊ وجهي گهمائيندا وتن ٿا، پر پردي جي پويان سندن حريس نگاهون فقط قبضي گيري ۽ ڀتا خوري جي داستانن کي جنم ڏينديون رهن ٿيون، بجاءِ ان جي جو هو هن مها مصيبت جي گهڙي ۾ سمورا فرق، سمورا ويڇا، سمورا نظرياتي توڙي سياسي اختلاف هڪ پاسي رکي هڪڙي ئي جذبي سان انهن جي مدد ڪن، هو انهن متاثرن کي به ”غيبي امداد“ سمجهي ايئن استعمال ڪرڻ ۾ چهٽي ويا آهن جيئن ڄورون ڪنهن بيمار جسم کي چنبڙنديون آهن. پاڻ کي عظيم فڪر ۽ فلسفي جا پوئلڳ سڏائيندڙ انهن ماڻهن جي درپرده قصن جي انهن معصومن کي ڪل ئي ڪانهي، جن جي ڪلهي تي بندوق رکي هو هلائي رهيا آهن. پر هي دور ڪو بي خبري جو دور ڪونهي جتي کين هر اره زورائي، هر ٺڳي ۽ هر چور بازاري ڦٻي وڃي. ڪراچي اهو شهر آهي، جنهن ۾ سنڌ جي دل ڌڙڪي ٿي، هن شهر پراون کي ايترو ئي نوازيو آهي، جيترو پنهنجن کي محروم رکيو آهي، تنهنڪري هي شهر جتي لکين پناهگيرن، افغانين، بنگالين، برمين کي پناهه ڏيئي سگهي ٿو ته اتي پنهنجن لاءِ گنجائش نه هجڻ جو ته ڪو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي. انهي ڳالهه کي هڪ ”سياسي حقيقت“ طور مڃرائڻ هر سنڌ واسي جو فرض آهي پر انهي فرض ۾ ”مال ميڙڻ“ واري نيت سان کاٽ هڻن کي ڪو به حقيقي سنڌ واسي ڪيئن ٿو برداشت ڪري سگهي!؟ ڪراچي جي بلال ڪالوني ۾ 5 هزار رپين عيوض ٻوڏ متاثرن ۾ پلاٽ ورهائيندڙ ڪي ڌاريا ته ڪو نه هئا، ليبر ڪالوني ۾ ٻوڏ متاثرن جي نالي ۾ پنهنجن ماڻهن کي ويهاريندڙ به ڪي پراوا ته ڪو نه هئا، خانگي بلڊر جي فليٽن تي قبضا ڪندڙ به ڪي غير ڪو نه هئا!؟ سو قبضا مافيا ۽ لينڊ مافيا جا جيڪي اصطلاح پاڻ فقط ڌارين جي حوالي سان مخصوص ڌرين بابت ٻڌندا پئي آياسين، هاڻي ان ۾ ”پنهنجن“ به هٿ ٻوڙڻ شروع ڪري ڏنا آهن. پر افسوسناڪ ڳالهه اها آهي ته اهو ڌنڌو سياسي پوائنٽ اسڪورنگ بدران انهن مسڪين، مجبور ۽ بي وس ماڻهن جي قيمت تي ٿي رهيو آهي، جيڪي هن شهر کي پنهنجو شهر سمجهي آيل آهن، جن کي جيڪو به ڪلهو ملي ٿو ته هو ان تي پنهنجو ڪنڌ رکي ٻوڏ جي ڀيانڪ يادگيرين جو غم هلڪو ڪن ٿا، هو ٻهراڙي جا راهڪي ڪندڙ ماڻهو جن کي اها خبر ناهي ته هتان جي ”شهري بابوئن“ جو پنهنجو لائيف اسٽائيل ڪهڙو آهي ۽ هو ڪيئن انهن ماڻهن جي اوچتو مالڪيءَ لاءِ نڪري پيا آهن، جن ڪڏهن هنن جي علائقن ۾ پهچي کانئن ڪڏهن حال حوال به ناهن اوريا، اهي ڌنڌوڙي ماڻهو وقت جي سرڪار مٿان پريشر رکڻ، وسنديون جوڙائي کين آباد ڪرڻ، انهن جي کاڌ خوراڪ، ڪپڙي لٽي ۽ ٻين ضرورتن جو خيال رکڻ ۽ انهن جي زخمن تي پها رکڻ بدران جن ڪرتوتن ۾ ملوث آهن، تن کي ڪهڙو نالو ڏيئي سگهجي ٿو؟
جڏهن کان ٻوڏ متاثرن جي ڪراچي آمد جو سلسلو شروع ٿيو آهي، تڏهن کان توهان ڏسو ته انهن جي آمد آڏو دهشت جا بند ٻڌا پيا وڃن، شهر ۾ ٽارگيٽ ڪلنگ جو سلسلو ان ئي دهشت جي ڪڙي آهي ته جيئن ان کان گهٻرائجي ٻوڏ متاثر پنهنجين اونداهين زندگين ۾ روشنين جي شهر جو اجالو آڻي نه سگهن. ظاهر آهي ته ڪا به ڌر جنهن جا مفاد هن شهر سان وابسته آهن، سا هن مشڪل جي گهڙي ۾ کليل نموني پنهنجا ڪارڊ استعمال نه ڪندي، نه ئي انهن وٽ ايتري جرئت ٿي سگهي ٿي، جو اهي علي الاعلان انهن ٻوڏ متاثرن جي ڪراچي آمد جي مخالفت ڪري سگهن، هو اهڙا ئي هٿڪنڊا استعمال ڪنديون ۽ ايئن ئي اڻ سڌي ريت پنهنجو پيغام واضع ڪرڻ چاهينديون. ان پيچيده صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ بصيرت ۽ فهم جي ضرورت هجي ٿي، ڪردار جي مضبوطي ۽ موقف جي سچائي گهربل هوندي آهي، پنهنجو ڪيس پيش ڪرڻ ۽ ان کي مڃرائڻ جي ڏانءُ جي گهرج هوندي آهي، پر اها سمجهه اسان جي ”سڄڻن“ کي بدقسمتي سان ناهي، جنهن ڪري هڪڙي پاسي ڌرتي ڌڻين جي پنهنجي ئي ديس ۾ عزت سان رهڻ وارو مسئلو هڪ ڀيانڪ خواب ۾ تبديل ٿيندو پيو وڃي. مون پنهنجي گذريل آرٽيڪل ۾ به اها ڳالهه چئي هئي ته ”سنڌ جي سڄاڻ حلقن ۾ اهو سوال گردش ڪري رهيو آهي ته جڏهن هي ڌرتي ٻاهران ايندڙ غيرن کي پناهه ڏيئي سگهي ٿي، کين روزگار ۽ گهر ڏيئي سگهي ٿي ته پوءِ هن ئي ڌرتي جي ماڻهن لاءِ هتي ڪا گنجائش ڇو نه هجڻ گهرجي؟ انهن وڏن شهرن ۾ سرڪاري سرپرستي ۾ ٻوڏ متاثرن جون باقاعده وسنديون قائم ٿيڻ گهرجن، جتي کين گهربل بنيادي سهوليتون فراهم ڪيو وڃن. کين روزگار ڏنو وڃي ته جيئن هو پنهنجا ڪٽنب پالي سگهن. هن ٻوڏ ۾ هاڻ اها تعصب پرستي، ٻه اکيائي ۽ ڌرتي ڌڻين ڏانهن ويڳاڻپ جو رويو به لڙهڻ گهرجي. جنهن سنڌ کي ڪن ڏهاڪن کان وٺي ٻولي جي بنياد تي ورهائي رکيو آهي.... ”آئون اڄ به اها ڳالهه ورجائڻ چاهيان ٿو ته هي وقت هڪ منظم ۽ مربوط حڪمت عملي جوڙڻ جو آهي، نه ڪي ٺلهي شعبدي بازي ۽ نعريبازي جو آهي، نعريبازي ۾ اسان اڳ ئي پنهنجا نسل وڃائي چڪا آهيون. سو هن وقت جيڪي به توتڙيون، بينيون ۽ باجا آهن، تن کي هڪ پاسي رکي اهو سوچڻ جو وقت آهي ته اها سنڌ، جنهن جي پيرن جي هيٺان به پاڻي آهي ۽ اکين ۾ به پاڻي آهي، تنهن کي ٻيهر ڪيئن پنهنجي پيرن تي بيهاري سگهجي ٿو؟ هن وقت جڏهن هڪ انتهائي مشڪل صورتحال درپيش آهي ته اهو وقت حساب ڪتاب ۽ ليکا ڪرڻ جو ناهي، اهو وقت پنهنجون حدون جاچڻ ۽ هڪٻئي ڏانهن آڱريون کڻڻ جو به ناهي، هي وقت ميڊيا کي ”حدود اربع“ سمجهائڻ جو وقت به ناهي ته ميڊيا فقط پنهنجي دائري ۾ رهي فقط رپورٽنگ ڪري، اهو نه ڏسي ته ڪير ڪٿان ڪهڙي بدمعاشي ڪري رهيو آهي، دنيا جي مختلف ملڪن ۾ جتي به جنگيون ۽ قدرتي آفتون اينديون آهن ته ميڊيا رڳو بي حس بڻجي ”اڻ ڌرئي“ هجڻ واري خول ۾ ناهي رهندي، اها پنهنجي قوم ۽ پنهنجي ماڻهن سان گڏ بيهندي آهي، جيڪي ماڻهو انهي نقطي سان اختلاف رکندڙ آهن، سي مهرباني ڪري آمريڪا کان وٺي برطانيا ۽ جاپان کان وٺي چين تائين جي ملڪن جي ميڊيائي ڪردار جو مطالعو ڪن ته کين خبر پئجي ويندي ته آفتن جي گهيري ۾ آيل انهن ملڪن جي ميڊيا اتان جي مصيبت سٽيل ماڻهن جي واهر پئي ڪئي يا ”ڌنڌوڙي“ ماڻهن جو ساٿ پئي ڏنو!؟ شابس آهي انهن ڌرين کي، جيڪي هن ڏکئي وقت ۾ به اخباري خبر جي سنگل، ڊبل ڪالم ۽ اليڪٽرونڪ ميڊيا جي ڪوريج جي فرمائش کان وڌيڪ ان ڳڻتي ۾ آهن ته ميڊيا ذريعي کين جيڪا خبريت ۽ خطرن کان آگاهي ملي رهي آهي تنهن جي آڌار هو انهن ٻوڏ متاثرن جي ڪيئن مدد ڪن، جڏهن ته ٻئي پاسي اهي به آهن، جيڪي فقط انهي ڏک ۾ ڏٻرا ٿي رهيا آهن ته ميڊيا ڪڌا ڪم ڪندڙن کي هيروز ڪري ڇو نه پئي پيش ڪري؟ هي وقت انتهائي ذميواري ۽ فهم جو وقت آهي، هي وقت دردن کي توانائي ۾ بدلائي ڪمزور ۽ ڪنجهندڙ ماڻهن کي سگهارو ڪرڻ جو وقت آهي، کين سندن چهرن تان کسجي ويل مرڪون موٽائي ڏيڻ جو وقت آهي، هن قهري وقت ۾ به جيڪڏهن اسان جا ڪي ناخدا ڀريل ٻيڙي کي ڪن ۾ اڇلائي پنهنجا پاند پسائڻ کان آجا ڪرڻ چاهيندا ته ڇا تاريخ ڪڏهن انهن کي معاف ڪري سگهندي؟
هيءَ اها سنڌ آهي، دريا جنهن جي نئين تاريخ لکي رهيو آهي. هي پاڻي لهي به وڃي، گهارا ۽ روڻيون بند به ڪري وٺجن پر پاڻي جي انهن بي رحم تحريرن سان جيڪي واقعا ۽ داستان جنم وٺي رهيا آهن، تن جو سيمو نه ڄاڻ ڪيترن سالن تائين روح کي پائيندو رهندو، هن وقت اسان کي سيهڙ وليج جي عبدالجبار ملاح ۽ عبدالجبار ڪانڌڙو جهڙن ڪردارن جي ضرورت آهي، سنڌ کي اهڙن هيروز جي ئي ضرورت آهي، جيڪي ڪنهن به مفاد ۽ لالچ کان مٿانهان ٿي فقط پنهنجي ديس جو درد رکن. سنڌ ۾ پاڻي لهڻ کان اڳ ئي جن ماڻهن جي اکين جي حيا ۽ شرم جو پاڻي لهي ويو آهي، سي پنهنجن خسيس مفادن کان مٿڀرو ٿي سوچين ته هو ڇا ڪري رهيا آهن ۽ ڪنهن جي لاءِ ڪري رهيا آهن!؟ سڀاڻي واري سنڌ غيرن ۽ ڌارين کان ته هونئن ئي پڇڻو ڪندي پر ڪٿي ايئن نه ٿئي ته ڪجهه ”پنهنجا“ به انهيءَ قطار ۾ بيٺل نظر اچن.